سماجي زندگيءَ جو پهريون ايڪو: فرد
انساني شخصيت:
انسان الله تعالى جي پيدا ڪيل اڻ ڳڻي مخلوق مان هڪ آهي جنهن کي الله تعالى پنهنجي سموري مخلوقات تي فضيلت ڏني آهي.
وَلَقَدْ کَرَّمْنَا بَنِیۡۤ اٰدَمَ وَحَمَلْنٰہُمْ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ وَرَزَقْنٰہُمۡ مِّنَ الطَّیِّبٰتِ وَفَضَّلْنٰہُمْ عَلٰی کَثِیۡرٍ مِّمَّنْ خَلَقْنَا تَفْضِیۡلًا ﴿۷۰﴾٪ (اسراء-70)
”۽ اسان انسان ذات کي عزت بخشي ۽ ان کي سمنڊن ۽ خشڪين ۾ سواري ڏني ۽ پاڪ رزق عطا ڪيو ۽ پنهنجي ڪيتري ئي مخلوق تي فضيلت ڏني.“
الله تعالى پنهنجي هن تخليق کي ڪيترين ئي وصفن سان نوازيو آهي. انساني شخصيت بنيادي طور تي انهن ئي وصفن جي مجموعي جو نالو آهي. اها انسان جي شعوري ڪيفيت آهي جنهن کي سوچڻ، سمجهڻ، تدبر ڪرڻ جي صلاحيت يا غور و فڪر سان تعبير ڪيو ويو آهي جنهن سان انسان هڪ باشعور مخلوق بڻجي ٿو. انسان جي تڪريم ۾ سمنڊ ۽ خشڪيءَ ۾ سواريءَ جو ذڪر انسان جي تخليقي صلاحيتن جي بدولت انسان جي عظمت ڏانهن اشارو آهي. تنهنڪري حضرت شاه رفيع الدين رح انسان جي وصف هينئن بيان ڪري ٿو:
وما يتفڪر وصنع باالآلات انسان ارضيا
ترجمو: ”جو عقل سان سوچيندو آهي ۽ اوزارن جي مدد سان شيون ٺاهيندو آهي، اُهو هن زمين تي وسندڙ انسان آهي.“ (تڪميل الاذهان ص25)
قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته انساني شخصيت هڪ مستقل ايڪو آهي ۽ هو دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجي عملن جو پاڻ ذميوار آهي:
كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا کَسَبَتْ رَہِیۡنَۃٌ ﴿۳۸﴾ (مدثر 38)
هر نفس پنهنجي ڪسب (عملن) عيوض گروي آهي.
یَوْمَ لَا تَمْلِکُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَیْأاً وَالْأَمْرُ یَوْمَئِذٍ لِلَّهِ ۔ (انفطار-19)
ترجمو: ”جنهن ڏينهن ڪوبه نفس ڪنهن ٻئي نفس جو ڀلو نه ڪري سگهندو، ان ڏينهن فقط الله جو حڪم هوندو.“
انساني نفس:
قرآن حڪيم مطابق انساني شخصيت جو ٻيو حصو انساني نفس/نفس آهي. اهو ٻيو حصو انسان پاران زمين تي پنهنجي خلافتي ڪردار جي ادائگيءَ لاءِ پنهنجي راضپي سان حاصل ڪيل امانت آهي، جنهن تي انسان مڪمل دسترس رکي ٿو. هيءَ امانت انساني نفس کي مڪمل طور متوازن حالت ۾ پئدائش وقت عطا ٿيندي آهي. جيڪو انسان ان امانت کي الله جي حضور ۾ پهچائڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ ان جو توازن بگڙڻ نه ڏنو اهو ڪامياب ۽ سوڀارو هوندو ۽ جنهن ان جي توازن کي بگاڙي ڇڏيو اهو ناڪام ۽ نامراد هوندو. ان توازن جي قائم رهڻ جو بنيادي دارومدار حلال رزق ڪمائڻ ۽ انساني نفعي بخشيءَ تي آهي. انهن ٻنهي ڪمن سان انساني نفس جو توازن برقرار ۽ سگهارو رهندو آهي. جڏهن ته ظلم سان، پوءِ ان جي نوعيت ڪهڙي به قسم جي هجي ان جو توازن بگڙي ويندو آهي. اهو ظلم يعني عدل جي ابتڙ ڪم ڪيترو به معمولي ڇونه هجي ڪنهن نه ڪنهن درجي تي نفس جي توازن تي منفي اثر مرتب ڪندو آهي. اهو توازن جيترو وڌيڪ بگڙندو ان درجي تي نفس جي توازن تي منفي اثر مرتب ڪندو آهي ۽ آخرت ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان اوترا ئي گهٽ ٿيندا ويندا. تنهنڪري ئي قرآن مجيد ۾ مؤمنن کي نفس جي حفاظت جو حڪم ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن انسان صالح ۽ انساني نفع بخشيءَ جا عمل ڪندو رهي ۽ حلال رزق تي ڪاربند رهي ته هڪ منزل اهڙي ايندي آهي جتي انسان پنهنجي رب کان ۽ سندس رب پنهنجي ٻانهي کان راضي ٿي ويندو آهي. هيءَ منزل قرآن جي اصطلاح ۾ ”نفس مطمئنه“ سڏجي ٿي جيڪا انساني زندگيءَ جو آخري مقصد آهي.