مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

قرآن جي هدايت ڪنهن جي لاءِ؟

قرآن پنهنجا دروازا صرف انهن ماڻهن لاءِ کوليندو آهي، جيڪي زندگيءَ کي اجايو نٿا سمجهن. جيڪي سمجهن ٿا ته ڪائنات جي هيڏي شاهڪار نظام جي موجودگي ۽ انساني تخليق جي هيڏي ڍنگائتي جوڙجڪ ائين اجائي ناهي، بلڪه انسان جي هڪ وڏي ڪردار ۽ ذميداريءَ جو مظهر آهي. ان ڪري اُهي زندگيءَ جي مقصدن جون خوبيون ڳوليندا وتندا آهن: انهن جي اندر بنيادي طور انسانيت/ماڻهپي جو جوهر موجود آهي. هو پنهنجي ان جوهر کي وڌيڪ نکارڻ جو اُلڪو رکن ٿا. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي الله جي منشا مطابق زندگي گذارڻ چاهين ٿا هيءُ قرآن انهن جي لاءِ هدايت آهي. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ازلي حقيقتن جي ڳولا ۾ بيتاب ۽ سرگردان رهن ٿا، ووجدڪ ضالا فهدى.”اي پيغمبر، اسان توکي سرگردان (حق جو متلاشي) ڏٺو ته هدايت ڏني سين.“
هيءَ هدايت دين جي سچن ساٿارين لاءِ آهي. فَاعْبُدِ اللہَ مُخْلِصًا لَّہُ الدِّیۡنَؕ﴿۲﴾ (الزمر 2) . جيڪي مقصد سان سچا هوندا ۽ دل ۾ درد هوندن، صرف انهن کي ئي قرآن جي خزانن مان موتي ميڙڻ جي اجازت آهي. پنهنجو پاڻ کي هن هدايت مطابق پرٽڻ، ان کي هينئين سان هنڊائڻ ۽ مڪمل وابستگي ۽ دل جي حضور سان ڪوشش ڪرڻ وارا ئي هن خزاني ۾ حصيدار ٿي سگهن ٿا.
ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هن هدايت کي مڪمل وابستگيءَ سان اختيار نٿا ڪن. اهي تلاوت ته ڪن ٿا، پر قرآن جي هدايتن ۽ حڪمن مان لاڀ حاصل نٿا ڪن. اهي احترام جي جذبي تحت هن ڪتاب کي چُمي اکين تي ته رکن ٿا پر اهو پيغام حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿا رهن جيڪو شخصيت کي تبديل ڪري هدايت جي موتين سان مالا مال ڪري ڇڏيندو آهي. بندي کي بشر مان انسان بڻائي ڇڏيندو آهي. ڪي ٻيا ماڻهو خدا جو آواز ته ٻڌيو وٺن پر منجهن اهو عزم، اهو ارادو ۽ اهو حوصلو پيدا ڪونه ٿو ٿئي جيڪو الله جي سڏ جو پڙاڏو ٿيڻ ۽ ان مطابق زندگي گذارڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. ڪي ته وري اهو ڪجهه به وڃايو ويهن جيڪو وٽن هوندو آهي ۽ پوءِ قرآن جا ملهائتا موتي ميڙڻ بدران هدايت جي ٻين درن تان چيلهه چٻي ڪندڙ اهڙو بار کنيو واپس موٽن جيڪو کين هميشه چيڀاٽيندو ۽ چيچلائيندو رهندو آهي. اهو ڪيڏو وڏو الميو ۽ بدنصيبي چئبي جو توهان قرآن ڏانهن اچو ۽ وري هٿين خالي موٽي وڃو! نه اوهان جي روح جي تار ڇِڙِي، نه ڪا دل ۾ لهر اُٿِي، نه زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي آئي. جهڙا آيا هيؤ اهڙا ئي واپس موٽي ويؤ!
قرآن جي تلاوت جي سڀ کان وڏي حق ادائي، ان کي سمجهي پڙهڻ آهي. ان کانپوءِ ٻيو وڏو حق ان کي پاڻ لاءِ راههِ هدايت بنائڻ آهي. ياد رکو ته قرآن حڪيم جيڪو ڪجهه چوي ٿو ان تي عمل لاءِ جيستائين ارادو، عزم ۽ آمادگي پيدا نٿي ٿئي، اوستائين اوهان ان جي تلاوت جو حق ادا نه پيا ڪريو. ان صورت ۾ جيئن اهو چاهي ٿو ان مطابق ظاهري توڙي باطني طرح پنهنجي زندگي، روين ۽ ورتاءَ کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ اوهانجي شخصيت جي ائين تعمير نه ٿي سگهندي، جيئن الله تعالى کي مثالي انسان جي تعمير گهربل آهي.
جيڪڏهن اوهان جي ڪا عملي زندگي ئي ڪانهي ۽ انسانن ۽ سماج جو ڪو ذمو اوهان کنيو ئي ڪونهي. انسانن جي آزادي، وقار ۽ ڀلي جي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن سان سلهاڙيل ئي نه آهيو ته پوءِ توهان قرآن سان پنهنجو عملي تعلق قائم نٿا ڪري سگهو. توهان صرف ٽيبل آڏو ڪرسيءَ تي ويهي قرآن جي مطالعي سان رهنمائي تلاشڻ چاهيو ٿا ته اوهان جي مطالعي ۾ دانشوراڻو اضافو ته ضرور ٿيندو پر خدا کي گهربل هڪ ذميدار انسان طور اوهانجي سُوڌ سنوار ڪانه ٿي سگهندي. اهڙي طرح توهان ڪنهن چوديواريءَ ۾ چند مخصوص مذهبي رسمن جي ادائيگي سان قرآن تي عمل جي حاصلات جو گمان رکو ٿا ته ان صورت ۾ به اوهان قرآن جي تعليمات جي هڪ وڏي حصي کان محروم رهجي ويندؤ.
قرآن جا حڪم، ان جي اخلاقي تعليم، ان جو سماجي شعور، ان جون معاشي هدايتون ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۽ رخن جي باري ۾ ان جا ٻڌايل اصول ۽ قانون ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ اوستائين نٿا اچي سگهن جيستائين هو عملي طرح انهن کي اختيار نٿو ڪري. نه ڪي اهو شخص هيءُ ڪتاب سمجهي سگهي ٿو جنهن پنهنجي انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ ان جي پيرويءَ کان پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو هجي ۽ نه وري اها قوم ان کان آشنا ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اجتماعي ادارا انسانيت جي تعمير لاءِ قرآن جي ڏسيل تعليمات جي برخلاف عمل ڪري رهيا هجن.