رباني انسان بڻجو
)آل عمران -97)
رباني جو مطلب آهي رب وارو، خدا پرست ربوبيت رتي يا خدا رتي زندگي گذاريندڙ. هي لفظ هڪ مومن جي شخصيت ٻڌائڻ لاءِ نهايت صحيح ۽ بامعنى لفظ آهي. قرآن چوي ٿو ته پيغمبر جي دعوت هڪ ئي لفظ ۾ اها هوندي آهي ته ”اي ماڻهؤ! پنهنجو پاڻ کي رباني انسان بڻايو.“ جڏهن ڪتاب، شريعت ۽ پيغمبر جهڙي هستي به انهيءَ ڳالهه جي مجاز نه آهي ته اها ماڻهن کي پنهنجو ٻانهو، مريد ۽ گروهي پيروڪار ڪري هلائي ته پوءِ هن دور جي پيرن ۽ مذهبي اڳواڻن کي پنهنجو گروهي پوئلڳ بنائڻ جو ڪهڙو جواز آهي. قرآن هي حقيقت چٽي ڪري ٻڌائي ڇڏي آهي ته الله وارو ٿيڻ ۽ ان جي موڪليل هدايت جو پوئلڳ ٿيڻ جي تلقين ڪرڻ وارو ئي ڪتاب، حڪم ۽ پيغمبر جي طريقي تي آهي. سڀني ڪتابن جي اها ئي تعليم آهي ۽ سڀني پيغمبرن انهيءَ ڳالهه جي طرف سڏيو آهي ۽ اها ئي حقيقي انساني آزادي پڻ آهي.
انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو پيغمبر جي دعوت قبول ڪندا آهن اهي صرف خدا پرست انسان بڻجي ويندا آهن. ايمان جي نتيجي ۾ منجهن جيڪا شخصيت اڀرندي آهي، اها رباني شخصيت هوندي آهي.
انسان جي لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ صرف ٻه رويا ممڪن آهن. هڪ پنهنجي مرضيءَ تي هلڻ وارو خود رخي رويو ۽ ٻيو الله جي ڏس تي هلڻ وارو خدا رخي رويو. خود رخي رويي جو مطلب آهي پنهنجي خواهشن ۽ مرضيءَ جي پيروي ڪرڻ، پنهنجي خواهشن ۽ مرضيءَ تي هدايت جا ذريعا ۽ رهبر بنائڻ ۽ پنهنجن ذاتي غرضن جي پورائي کي زندگيءَ جي ڪل حاصلات سمجهڻ. اهڙي سوچ جي ماڻهن وٽ زندگيءَ جو ڪوبه ڪارج ۽ نصب العين نه هوندو آهي. سڄي زندگي پيداگيري، پئسي ۽ ملڪيت پٺيان ڊوڙي مري وڃڻ سندن معمول هوندو آهي. پنهنجي پيدا ڪندڙ ۽ پالڻهار الله سان تعلق جو شعور اهڙن ماڻهن وٽ ڪا اهميت نه رکندو آهي. پوءِ جيڪي ماڻهو پنهنجي خالق ۽ پالڻهار سان تعلق جي تڙپ نٿا رکن ۽ الله کي پنهنجو دوست نٿا بڻائين، انهن جو دوست شيطان يا شيطان صفت شخص بڻجي ويندو آهي. انهن جو ذهن هميشہ تخريب ڪاريءَ جي طرف هلندو آهي ۽ اهي سازشن ۽ انتقام جي طريقن تي ڀروسو ڪندا آهن. جڏهن به ڪو معاملو پيش ايندو اٿن ته فوراً سندن ذهن منفي تدبيرن جي طرف مڙي ويندو آهي. اهڙا ماڻهو هميشہ اونداهين ۾ ڀٽڪندا رهندا آهن ۽ کين ڪڏهن به روشني نصيب نه ٿيندي آهي.
ان جي ابتڙ مومن اهو هوندو آهي جنهن جي زندگيءَ جو رخ پوري طرح خدا جي طرف هجي. هُن جي سوچ خدا جي رنگ سان رنگيل هجي ۽ هُن جا جذبا خدا لاءِ متحرڪ هجن ۽ ان جو سڄو ڀروسو خدا جي ذات تي هجي. صرف هڪ خدا جي ذات سندس سڀني سرگرمين جو مرڪز ۽ محور هجي. هُن جو ڳالهائڻ خدا جي عظمت ۽ جلال جي احساس هيٺ هجي. خدا جي پچار ۽ خدا جي طرف ماڻهن کي سڏڻ سندس زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سرمايو هجي. سندس اهڙي زندگيءَ کي قرآن حڪيم ۾ ”خدا رتي زندگي“ سڏيو ويو آهي. صِبۡغَۃَ اللّٰہِ ۚ وَ مَنۡ اَحۡسَنُ مِنَ اللّٰہِ صِبۡغَۃً (البقره١٣٨) ”الله جي رنگ ۾ رنگجڻ (خدا رتي زندگي گذارڻ) ٻڌايو ته خدا رتي زندگيءَ کان وڌيڪ به ڪا ڀلي زندگي ٿي سگهي ٿي ڇا؟ (البقره: 138) اهڙو انسان رباني انسان بڻجي پوندو آهي ۽ هو خدا جي رفاقت ۽ قربتن کي هن دنيا ۾ ئي ماڻي وٺندو آهي ۽ آخرت ۾ به اهڙن ٻانهن جي لاءِ اڻ ڳڻيون نعمتون ۽ سک جو واعدو ڪيل آهي.