مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

قرآن ڪمزورن کي طاقتور بنائڻ گهري ٿو:

قرآن حڪيم اهو ٻڌايو ته زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي، سو بنا ڪنهن فرق جي سڀني انسانن جي لاءِ آهي. خَلَقَ لَكُمْ مَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا. ”جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي، اهو توهان سڀني لاءِ آهي.“ انسانن جي ڪنهن خاص طبقي لاءِ نه آهي. ان ڪري هر هڪ ماڻهوءَ کي ان جي ضرورت مطابق حصو ملڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو پيداوار جي ذريعن تي قبضو ڪري ويهن ٿا ۽ محتاجن کي انهن جي ضرورت مطابق فائدي وٺڻ جو موقعو نٿا ڏين، اهي الله جي ڏنل نعمتن جو قدر نٿا ڪن. اهي نٿا ڄاڻن ته الله تعالى جي نعمتن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪري، هو بلند درجي تي پهچي سگهن ٿا ۽ انهن نعمتن جي صحيح استعمال نه ڪرڻ ڪري، تباهي جي کڏن ۾ ڪرندا وڃن ٿا. ائين ڪرڻ سان سماج جي هڪ وڏي حصي جي ضرورتن کان انسان ڪهڙي طرح نه انڌو ٿي وڃي ٿو ۽ ان غفلت سبب ڪيترو نه نقصان کڻي ٿو.
سورة مزمل ۾ هن ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته سرنديءَ وارن ماڻهن جو فرض آهي ته ، اهي کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ پنهنجي محتاج ڀائرن جي خبرچار رکن. صرف ڪنهن ضرورتمند کي ٽڪر ڏئي ان جو پيٽ ڀرڻ ڪافي نه آهي پر ان جي بحال ڪاري ڪرڻ يا اهڙو نظام قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون توانايون صرف ڪرڻ جي ضرورت آهي. رسول الله ﷺ جن هڪ ماڻهوءَ کي ڪاٺيون وڪڻي پاڻ ڪمائڻ سيکاريو. محتاجن جي سارسنڀال لهڻ جو اهو به اصولي طرح بهتر طريقو آهي. يعني جنهن شخص وٽ جيتري موڙي هجي، ان جي ذريعي کيس پلاننگ ڪري ڏجي ۽ گذر سفر لاءِ دڳ لائي ڇڏجي ۽ مالي حوالي سان به مسڪينن جي بحالڪاريءَ جو ڪم انهن جي اصل مدد آهي. ته جيئن هو مدد واري موڙيءَ مان ڪنهن اهڙي ڌنڌي/ڪاروبار سان لڳي وڃي جو هو سڀاڻي هيٺيون هٿ نه رهي. باقي جيڪي دائمي محتاج آهن مثلاً: بي واهه عورتون، جهور پوڙها ۽ اکين يا ٻين عضون کان محروم ته اهڙن مستحقن جي دائمي مدد فرض عين آهي. اڄ ڪلهه اسان جي معاشري ۾ جنهن ذليل طريقي سان محتاجن کي ٽڪر ڏنو وڃي ٿو، سو انهن جي تباهه ڪرڻ جو بدترين ذريعو آهي. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته حاجتمندن لاءِ هر جاءِ بيت المال ۽ بحال ڪاريءَ جو نظام هجي، جتي انهن لاءِ اهڙي نموني گذر جو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن سندن انسانيت کي صدمو نه پهچي. جيڪي ماڻهو ڪم ڪري سگهن ٿا، انهن کي ڪم سان لڳايو وڃي، جي ضرورت هجي ته انهن کي ڪم ڪار جا اوزار ۽ وسيلا به مهيا ڪيا وڃن. اها ئي انهن جي صحيح سار سنڀال آهي.
ان انقلاب لاءِ قرآن حڪيم مسڪينن جي اجتماعي تنظيم جو پروگرام پيش ڪري ٿو.
قرآن حڪيم ڪمزور ماڻهن کي انساني اجتماع ۾ حق ڇو ٿو ڏئي؟ يعني هو خوشحال ماڻهن کي ڇو ٿو مجبور ڪري ته اهي پنهنجي ڪمائيءَ مان هڪ حصو محتاجن ۽ مسڪينن لاءِ ضرور ڪڍن، جيڪو انهن (محتاجن) جو ”حق“ قرار ڏنو ويو آهي.
وَفِي أَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِلسَّائِلِ وَالْمَحْرُومِ. (الذاريات-19)
”يعني هي ان شخص جو حق آهي، جنهن جي حالت سوال ڪرڻ تائين پهچي وڃي ۽ جيڪو معاش جي ذريعن کان محروم ٿي ويو هجي.“
ان جو سبب هيءَ آهي ته خدا تعالى انسان جي جوڙجڪ ڪجهه اهڙي رکي آهي جو هو اجتماع ۾ ئي اڳتي وڌي سگهي ٿو. انفرادي زندگيءَ ۾ ان کي پنهنجي لڪيل قوتن کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي ۽ هو جامد (Atrophied) ٿي رهجي وڃي ٿو. فرد جي ان جمود جو اثر، انساني اجتماع جي ٻين فردن تي پاڻ هرتو پوندو رهي ٿو. تنهن ڪري اجتماع (سماج) کي ان نقصانڪار اثر کان بچائڻ لاءِ فردن جي، ادارن جي ذريعي سار سنڀال لهڻ نهايت ضروري آهي. جيڪو معاشرو محتاجن جي پَرگهور نٿو لهي، اهو ختم ٿيڻ گهرجي. اصل ۾ اهڙي معاشري کي ”اجتماع“ چوڻ ئي غلط آهي. اجتماع هڪٻئي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ خاطر جڙندو آهي. جيڪڏهن ”اجتماع“ ماڻهن جي پرگهور نٿو لهي، سندن سرپرستي نٿو ڪري سگهي ته اهو ختم ڪرڻ جي لائق آهي.
محتاجن جي ضرورتن لاءِ قرآن حڪيم زڪواة مقرر ڪئي آهي. هيءَ ڳالهه چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته زڪوات جو موجوده نصاب، ان زماني ۾ مقرر ٿيو هو، جڏهن بيت المال عام ماڻهن جي فائدي لاءِ قائم هو ۽ ان مان ماڻهن جي ڪفالت پوري ٿيندي هئي. جيڪڏهن مسلمانن جي زڪوات جي آمدني ماڻهن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي هجي ته هر هڪ مالدار جو وڌيڪ حصو يا سموري جو سمورو سرمايو کسي ان ڪم ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.