سماجي زندگيءَ جو ٻيو ايڪو: ڪٽنب
اولاد:
هيءُ رشتو انساني فطرت جي گهرائين سان ڳنڍيل آهي، ان جي باوجود انسان ان رشتي کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي تخليقي مقصدن جي پورائي لاءِ پنهنجي ترجيحات جي چونڊ ڪندو رهي. هن رشتي بابت قرآن ۾ چيو ويو آهي ته: هڪ طرف رزق جي کوٽ جي خوف کان اولاد جي قتل تائين تيار ٿي ويندو آهي ۽ ٻئي طرف ان جي محبت ۾ پنهنجي خالق ۽ رب کان ويڳاڻو بڻجي ويندو آهي، تنهنڪري قرآن حڪيم ۾ انسان جو خوف ۽ محبت جي توازن ڏانهن وري وري ڌيان ڇڪرايو ويو آهي. فرمايو ويو:
وَ لَا تَقْتُلُوۡۤا اَوْلَادَكُمْ خَشْیَۃَ اِمْلَاقٍؕ نَحْنُ نَرْزُقُہُمْ وَ اِیِّاكُمۡؕ(الاسراء 31)
”۽ پنهنجي اولاد کي مفلسيءَ جي انديشي سبب قتل نه ڪريو، اسان انهن کي به رزق ڏيون ٿا ۽ توهان کي به.“
جيڪي ماڻهو مسڪينيءَ جي ڊپ کان اولاد جي پئدائش کي روڪين ٿا يا پٽن لاءِ وسيلن بچائڻ جي غرض سان پنهنجي نياڻين کي پيدا ٿيڻ نٿا ڏين يا قتل ڪري ڇڏين ٿا، اُهي ماڻهو انسانيت جا سڀ کان وڏا ڏوهاري آهن. ڪجهه ماڻهو مسيڪينيءَ جي ڊپ کان پنهنجن ٻارن کي ڪم سان لڳائين ٿا ۽ تعليم ۽ تربيت نٿا ڏيارين اهو پڻ قتل جي مترادف آهي.
ٻئي طرف فرمايو ويو آهي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تُلْہِكُمْ اَمْوَالُكُمْ وَ لَاۤ اَوْلَادُكُمْ عَنۡ ذِكْرِ اللہِۚ وَ مَنۡ یَّفْعَلْ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الْخٰسِرُوۡنَ ﴿۹﴾ (المنافقون-9)
”اي ايمان وارؤ! توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد توهان کي الله جي ياد ۽ فرمانبرداريءَ کان غافل نه ڪن ۽ جيڪي ائين ڪندا ته اهي ئي خساري ۾ پوڻ وارا ماڻهو آهن.“
انسان پنهنجي مال کي ٻيڻو ڪرڻ پويان ۽ پنهنجي اولاد جي اڻ کٽ مستقبل سنوارڻ جي چڪر ۾ جائز ناجائز دنياداريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پنهنجو خسارو ڪري ٿو. تنهنڪري اولاد لاءِ فڪرمندي به ايتري ڪرڻي آهي جنهن سان انسان ان چڪر ۾ خدا سان پنهنجو ناتو نه ٽوڙي ويهي. انسان جو پنهنجو الله جي حضور ۾ سرخروئيءَ سان وڃڻ بيحد اهم آهي.
والدين:
انسان جي مٿان پيءُ ماءُ جو احترام ۽ خدمت سڀ کان پهريون حق آهي ۽ ساڻن احسان ڪرڻ جو حڪم آهي.
وَ وَصَّیۡنَا الْاِنۡسَانَ بِوَالِدَیۡہِ اِحْسٰنًا ؕ حَمَلَتْہُ اُمُّہٗ كُرْہًا وَّ وَضَعَتْہُ كُرْہًاؕ وَ حَمْلُہٗ وَ فِصٰلُہٗ ثَلَاثُوۡنَ شَہۡرًا ؕ حَتّٰۤی اِذَا بَلَغَ اَشُدَّہٗ وَ بَلَغَ اَرْبَعِیۡنَ سَنَۃًۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِیۡۤ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَکَ الَّتِیۡۤ اَنْعَمْتَ عَلَیَّ وَ عَلٰی وَالِدَیَّ وَ اَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰہُ وَ اَصْلِحْ لِیۡ فِیۡ ذُرِّیَّتِیۡۚ اِنِّیۡ تُبْتُ اِلَیۡکَ وَ اِنِّیۡ مِنَ الْمُسْلِمِیۡنَ ﴿۱۵﴾ (الاحقاف-15)
”۽ اسان انسان کي حڪم ڏنو آهي ته پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪري. سندس ماءُ کيس پيٽ ۾ سانڍيو ۽ تڪليف سان ڄڻيو. ۽ سندس ٿڃ ڇڏائڻ ٽيهن مهينن ۾ ٿي. ايستائين جو هُو پختگيءَ کي پهتو ۽ چاليهن ورهين کي پهتو ته چوڻ لڳو ته اي منهنجا رب! مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجي احسان جو شڪر ادا ڪريان جيڪو تو مون تي ڪيو ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيو ۽ هي ته اهو نيڪ عمل ڪريان جنهن سان تون راضي ٿئين. پوءِ منهنجي اولاد کي منهنجي لاءِ نيڪ ڪجانءِ. مان توڏي رجوع ٿيان ٿو ۽ يقيناً مان تنهنجي فرمانبردار ٻانهن مان آهيان.“
هتي هر طرح سان خدمت ڪرڻ جي تاڪيد آهي. هڪ هنڌ فرمايو ويو آهي ته:
وَقَضٰی رَبُّکَ اَلَّا تَعْبُدُوۡۤا اِلَّاۤ اِیَّاہُ وَ بِالْوَالِدَیۡنِ اِحْسَانًاؕ اِمَّا یَبْلُغَنَّ عِنۡدَکَ الْکِبَرَ اَحَدُہُمَاۤ اَوْ کِلٰہُمَا فَلَا تَقُلۡ لَّہُمَاۤ اُفٍّ وَّلَا تَنْہَرْہُمَا وَقُلۡ لَّہُمَا قَوْلًا کَرِیۡمًا ﴿۲۳﴾ وَ اخْفِضْ لَہُمَا جَنَاحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحْمَۃِ وَقُل رَّبِّ ارْحَمْہُمَا کَمَا رَبَّیٰنِیۡ صَغِیۡرًا ﴿۲۴﴾ رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِمَا فِیۡ نُفُوۡسِكُمْؕ اِنۡ تَكُوۡنُوۡا صٰلِحِیۡنَ فَاِنَّہٗ کَانَ لِلۡاَوَّابِیۡنَ غَفُوۡرًا ﴿۲۵﴾ (الاسراء-23-25)
”۽ تنهنجي رب فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته توهان ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان سٺو سلوڪ ڪريو. جيڪڏهن هُو توهان جي آڏو پوڙهائپ کي پهچي وڃن، انهن مان هڪ يا ٻئي، ته کين اُڦ نه چئو ۽ نه کين ڇڙٻ ڏيو ۽ ساڻن احترام سان ڳالهايو ۽ انهن آڏو نرميءَ سان عجز جون ٻانهون جهڪائي ڇڏيو ۽ چئو ته اي رب! انهن ٻنهي تي رحم فرماءِ، جيئن ته انهن مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو. تنهنجو رب خوب ڄاڻي ٿو ته توهان جي دلين ۾ ڇا آهي. جيڪڏهن توهان نيڪ رهندؤ ته هُو (اڳين ڪوتاهين تي) توبهه ڪندڙن کي معاف ڪندڙ آهي.
اقربا:
قرآن حڪيم انسان جي سڦلائتي ۽ اثرائتي عملي زندگيءَ لاءِ عدل ۽ احسان جي روين سان گڏوگڏ اقربا (ويجهن مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين) سان صلئه رحميءَ جو حڪم وڏي اهميت سان واضح ڪيو آهي.
اِنَّ اللہَ یَاۡمُرُ بِالْعَدْلِ وَالۡاِحْسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الْقُرْبٰی (النحل-90)
ترجمو: ”بيشڪ الله حڪم ڏئي ٿو عدل جو ۽ احسان جو ۽ قرابت دارن کي ڏيڻ جو .“
ماڻهو جيئن پنهنجي ٻارن ٻچن جي ضرورت کي ڏسي تڙپي اٿندو آهي ۽ ان کي پورو ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح کيس ٻين عزيز و اقارب ۽ پاڙيسرين جي ضرورتن جو پڻ احساس هئڻ گهرجي. هر هڪ صلاحيت مند شخص پنهنجي مال تي فقط پنهنجو ۽ پنهنجي گهر وارن جو ئي حق نه سمجهي بلڪه پنهنجن مٽن مائٽن جي حقن ادا ڪرڻ کي به پنهنجي ذميداريءَ ۾ شامل ڪري. قرآن انفاق کي ايمان جو لازمي حصو قرار ڏنو آهي ۽ جتي به انفاق جي استعمال ۽ خرچ جو بيان ڪيو ان ۾ پيءُ ماءُ کانپوءِ اقربا (مٽن، ماٽئن، پاڙيسرين) کي شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوءِ يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي خرچ ڪرڻ جو حڪم آهي ۽ اهو پڻ صلئه رحميءَ جي درجي ۾ آهي.
یَسْئَلُوۡنَکَ مَاذَا یُنۡفِقُوۡنَ۬ قُلْ مَاۤ اَنۡفَقْتُمۡ مِّنْ خَیۡرٍ فَلِلْوَالِدَیۡنِ وَالۡاَقْرَبِیۡنَ وَالْیَتٰمٰی وَالْمَسٰکِیۡنِ وَابْنِ السَّبِیۡلِؕ وَمَا تَفْعَلُوۡا مِنْ خَیۡرٍ فَاِنَّ اللہَ بِہٖ عَلِیۡمٌ ﴿۲۱۵﴾ (البقره-215)
”ماڻهو پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون. چئه ته جيڪو مال توهان خرچ ڪريو ته ان ۾ حق آهي توهان جي ماءُ پيءُ جو ۽ مٽن مائٽن جو ۽ يتيمن جو ۽ محتاجن جو ۽ مسافرن جو. اوهان جيڪي به خير جا ڪم ڪيو ٿا الله انهيءَ کي ڄاڻي ٿو. (۽ ان جو صلو ڏئي ٿو.)“
فَاٰتِ ذَا الْقُرْبٰی حَقَّہٗ وَ الْمِسْکِیۡنَ وَابْنَ السَّبِیۡلِؕ ذٰلِکَ خَیۡرٌ لِّلَّذِیۡنَ یُرِیۡدُوۡنَ وَجْہَ اللہِ۫
وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ (الروم-38)
”پوءِ مٽن مائٽن کي سندن حق ڏيو ۽ مسڪين کي ۽ مسافر کي. اهو ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله جو راضپو چاهين ٿا ۽ اُهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن.“
الله تعالى انسانن لاءِ ڪاميابي ۽ سلامتيءَ جو جيڪو محفوظ قلعو ٻڌايو آهي ان جو رستو لازمي طور تي خرچ ڪرڻ جي شاهراهه تان گذرندو آهي. سندس فرمان آهي ته رزق جي ججهائي ملندي ئي ان بنياد تي آهي ته ان ۾ ماءُ پيءُ، يتيمن، مسڪينن، سوالين، محرومن ۽ مسافرن جو حق آهي. جنهن اهو حق ادا ڪيو اهو الله جو راضپو ماڻيندو ۽ ان جي رحمت ۽ برڪت مان پڻ لهڻيدار بڻبو ٿيندو.