ڪھاڻيون

نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪتاب ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ سندس ڪهاڻين جي ٽن مشهور ڪتابن شبنم شبنم ڪنول ڪنول، چوٽيهون در ۽ ڊمي جو گڏيل مجموعو آهي.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 10024
  • 2116
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نسيم کرل جون ڪھاڻيون

اسلام عليڪم

هاسٽل جو شيخائون در لنگهي اندر ٿيس. ڏسان ته جهل جهوٽا، ڇوڪرا منهنجي ڪمري اڳيان ميڙ ڪيو بيٺا هئا. پنهنجا سنگتي به نظر پئي آيا. ناريجو پنهنجي مڇن کي، جيڪي هن تازو پرنسپال شاه صاحب جي ٺهندڙ شهپرن کي ڏسي ريس تي رکيون هيون، موڙي رهيو هو. ٺٽي جو محمد خان پنهنجي سائي سوٽ جي کيسي ۾، جنهن جو رنگ هوبهو مولوي..... جي دستار جهڙو آهي، کٻو هٿ وجهي جنهن ۾ ويچاري کي پنجن جي بجاءِ ڇهه آڱريون آهن، سگريٽ مان دونهان ڪڍي رهيو هو. عبدالرحمان به چشمي پٺيان اکيون پئي مٽڪايون. مان ايترو ميڙ ڏسي انومان ڪڍيو ته پڪ سپريڊنٽ کي منهنجي پارٽنر جي مهمان جي خبر پئجي ويئي آهي ۽ کانئس ٽپڙ ٿو کڻائي. منهنجي منهن تي مشڪ اچي وئي. ڪيو به پارٽنر ڪڪ هو. اهو سڀاڳو ڏينهن گٿل ئي ڪونه هو، جڏهن سندس ڪو مهمان نه آيو هجي. روز شام جو هن جي ڪنهن ڀاءُ، سوٽ، ماسات سان ملاقات ٿيندي هئي. تعارف وقت پارٽنر منهنجي ڏاڍي ساراهه ڪندو هو، جنهن جو روحاني راز يعني ڳجهو مطلب اهو هوندو هو ته پنهنجي کٽ بستري سوڌو سندس مهمان جي حوالي ڪري پاڻ وڃي شيخ سان سمهان. مان ٿلهو ماڻهو سڄي کٽ ته پاڻ والاري ويندو هوس ۽ ويچاري شيخ کي سڄي رات ٻانهيءَ تي سمهڻو پوندو آهي. ”آخر هاسٽل آ ڪن ويرومل جو آشرم.“ صبوح جو شيخ لال پيليون اکيون ڪري مون کي چوندو هو. مان به ڇا ڪيان؟ مان ته پاڻ وڏا پڳڙ ۽ وڏيون وڏيون شلوارون ڏسي ڪڪ ٿي پيو هوس. مهمان وري ته اهڙا سريلا ايندا هئاس، جن کي اها به خبر ڪانه هئي ته پرائو ڏندڻ استعمال نه ڪبو آهي. تنهن ڏهاڙي جي ڳالهه کي ئي وٺو. مامهنس آيو هو، سڳو الائي ويڳو. صبح جو ننڊ مان اٿيو ته ڇوڪرن کي ڳاڙها، پيلا، نيرا ٽٿ برش هڻندو ڏسي، هن کي به شوق جاڳيو. منهنجي خاني ۾ ڪو ڏٺو هئائين. بس نه پڇا نه ڳاڇا، بسم الله ڪري پنهنجي پيلن پيلن ڏندن کي صاف ڪرڻ لڳو. مان ٻئي ڪمري ۾ سمهيل هوس. جيستائين اچان، تيستائين همراه ڏند اڇا ڪري گرڙي پئي ڪئي. باهه وٺي وئي. اهو برش پارٽنر کي ڏنم ته پنهنجي مامي کي ڏي ته کيس ڳوٺ ڪم ايندو. اهڙا ته کوڙ واقعا، ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن؟ گذريل ڳالهين کي ياد ڪرڻ به ٺيڪ ڪونهي. ”اڄ پٽ جي خبر پوندي.“ مان اهو سوچي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳس. جيئن روم جي ويجهو ٿيندو ويس، تيئن منهنجون واڇون ٽڙنديون ويون.
”اڃا ٿو کلين کرل!“ ناريجو مون کي ايندو ڏسي مون ڏي وڌي آيو هئو. ”ڇو ڇاهي؟“ ناريجي جي منهن تي گنڀيرتا ڏسي منهنجا مشڪندڙ چپ ڀيڪوڙجي ويا.
”توکي منهنجو نياپو ڪونه پهتو ڇا؟“
”نه“ مون کي پريشاني وٺي وئي.
”تنهنجي ڪمري ۾ ڪاٿي خون ٿي پيو هو.“ ڄڻ ڪنهن مون کي ٻه هٿڙو سوٽو هڻي ڪڍيو. صفا ڍڪر اچي ويا. اوچتو مون کي پارٽنر جي انهن غنڊن دوستن جو خيال آيو، جي اسان جي ڪمري تي قدم رنج فرمائي اسان جي وڏن تي احسان ڪندا هئا. اشرافي نموني ۾ ته ڳالهائڻ ڪونه ايندو هو. گار جو زيپٽ، ڀونڊي جو ٽڙڪو پيو پوندو هو. ”ڀڙوا ڀانن جا“، ”ٿڪ لعنت جا پهاڪا ٻڌانءِ“ منهنجو تڪيو ڪلام هو. مان ڪيترا ڀيرا پارٽنر کي انهن کي نه آڻڻ لاءِ چيو هو، پر هو چوندو هو: ”تون آهين ٻار، اهڙن سان چڱي آهي. دنيا ۾ دوست به آهن دشمن به. ڪنهن آئي ويل مدد ڏيندا.“
”پڪ پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيو هوندن. جهيڙي کان پوءِ چاقن ۽ ڇرن نڪرندي ڪا دير ٿيندي؟ ٽڙڪ، چاڪو سڌو ٿي ويندو. ٺپ ٺپ، پوءِ رت جا ريلا.“ مان سوچيو.
”ڪنهن کي چاقو لڳو؟“ مان ٿوري ويرم رکي ناريجي کان پڇيو. ان ويرم ۾ انهن غنڊن مان هڪ ڪاري حبشي غنڊي کي تڪيو. صلاتون پڙهڻ لڳس، الله ڪري ان کي چاقو لڳا هجن. هو مون کي سڀني جو پيءُ نظر ايندو هو. سندس ڳاڙهيون اکيون اهڙيون ته خوفناڪ ۽ بڇڙيون هونديون هيون جو دل چوندي هئي ته سندس نڙگهٽ تي ننهن ڏيئي سندس اکيون ڪڍي ڇڏيان.
”اسلام عليڪم کي.“ ناريجي جي منهن مان غم جي صاف جهلڪ ظاهر هئي.
”هان!“ منهنجو عجب ۾ وات ڦاٽي ويو. ”ان کي وري ڪيئن ڌڪ لڳا؟“
”مٿئين بلاڪ وارو قلندر پٽيوالو ڏٺو اٿئي نه؟“
”ها“ مون آهستي جواب ڏنو.
”ان کي چوري جي عادت آهي. ڀرسان ڪنهن کي موجود نه ڏسي تنهنجي ڪمري جو ڪلف کولي اندر گهڙي ويو. تنهنجي پيتيءَ جي ڪلف کي سٽ سان ڀڃي ڏوڪڙ ڪڍيائين.“ ايترو چئي ناريجو مون ڏي ڪرڙي نظر سان نهارڻ لڳو. هن کي هميشه مون کان شڪايت هوندي هئي ته مان ميس جي مئنيجري جي لائق نه آهيان، جو مان وڏ – ماڻهپو ڏيکاري ايترا سارا پئسا اتي ڪمري ۾ رکندو آهيان ۽ ڪلف به ٽڪي ٽين پئسي وارا هڻندو آهيان. ”کرل! ياد رکجانءِ منهنجو چوڻ، جيڪڏهن ڪنهن همراه کي وارو اچي ويو ته ٽڪو به نه بچائيندءِ، جو ڀڳڙا ويهي ڦڪين.“ هو هميشه مون کي چوندو هو ۽ ان خونين نگاهن سان نهاري مون کي پنهنجا چيل لفظ ياد ڏياري رهيو هو.
”ٻيلي الله جو نالو اٿئي اڳتي ٻڌاءِ.“ منهنجو بدن پگهر سان شل ٿي ويو. پراون پئسن جي ڳڻتي اچي لڳي.
”اڳتي ڇا ٻڌايانءِ؟“ ناريجو اندر چيريندڙ لفظ استعمال ڪري رهيو هئو. ”انڌو به سمجهي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته هن چوري پئي ڪئي هوندي، جو هن دستور مطابق تنهنجي ڪمري ۾ جهاتي پاتي هوندي، کيس چوري ڪندي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائين ۽ هن بچاءُ ۾ کيس چاقو هنيا هوندا.“
”قلندر پڪڙيو؟“ دراصل مان اهو پئي پڇڻ گهريو ته پئسا ته ڪونه ويا، مگر ان سوال جو پاڻ ۾ ست نه سمجهي مان هي پڇي ويٺس.
”تون خالي هٿين هجين ۽ ٻئي کي ستن انچن جو ڇرو هجي ته پڪڙي سگهندين؟“ ناريجي خار مان پڇيو.
منهنجو منهن پيلو ٿي ويو. قلندر ڀڄي ويو، معنيٰ ته پئسا به ويا. مون کي ان ٽوٽ جي فڪر اچي ورايو. ناريجو منهنجي فڪر کي سمجهي ويو. منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين:
”پئسا کانئس ويڙهه ۾ ڪري پيا. اهو به شڪر ڪر نه ته ڪيڏي چٽي ڀرڻي پوي ها.“
پئسن جي بچاءَ جو ٻڌي منهنجي منهن تي رت وري آيو. دل کتي قدري فرحت آئي. ڪا ڳالهه ياد ڪري کيس چوڻ لڳس:
”پر يار قلندر ته هن جو مائٽ هئو نه؟“
”مائٽ هئس ته ڪهڙي ڳالهه، ڪيائين ته چوري پئي.“ ناريجو وري تيز ٿي ويو.
منهنجي ڏندن ۾ آڱريون اچي ويون. ڪو ائين نه ڪري. ڀلا مان هن جو ڪير ٿيندو هوس جو هن پنهنجي مائٽ کي چوري ڪندي نه سٺو. پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي به کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر مان ته کيس ليکيندو به نه هئس. هڪ قسم جي ساڻس نفرت ڪندو هوس، هن قلندر کي چوري ڪندي ڏٺو هو. کانئس ڏوڪڙن جو ڳپل حصو وصول ڪري ٿي سگهيو. ڪنهن کي خبر پئي ها؟ ناريجي جو چيل جملو منهنجي دماغ ۾ ڦرڻ لڳو: ”مائٽ هئو ته ڪهڙي ڳالهه، ڪيائين ته چوري پئي.“ ايتري ۾ ناريجي منهنجو هٿ پڪڙي چيو: ”ڇڏ سوچ کي، هلي پئسا سنڀال ۽ اندر انسپيڪٽر به ويٺو آهي، شايد توکان بيان وٺي.“
اندر ڪمري ۾ اچي مان پئسا سنڀاليا. بلڪل پورا نڪتا. انسپيڪٽر به اهڙي قسم جو بيان وٺي هليو ويو. ناريجي کان وڌيڪ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هن کي چاقو جا ٻي ٽي گهرا ڌڪ لڳا آهن، ان ڪري کيس اسپتال اماڻيو اٿن.
چوندا آهن ته جي ڪنهن مشهور ماڻهوءَ جو نالو ڪنهن ٻئي تي رکبو اهي ته ان جي خوبين جو گهٽ ۾ گهٽ ڏهون حصو ان نالي جي ڪري منجهس پيدا ٿي ويندو آهي. هن جي مائٽن به شايد ان ڪري سندس نالو ”رانجهو“ رکيو هو ته پٽ وڏي هوندي هير جي رانجهي وانگر عشق ڪمائيندو، ڪو وارث شاهه ان تي گيت لکندو ۽ ماڻهو اهي گيت سوچ سان جهونگاريندا. هير جي رانجهي بابت ته ٻڌو اٿئون ته ڏاڍو سهڻو هئو، پر هي رانجهو؟ توبه الله جي در. اهڙو ته بدشڪل هئو، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي. قد گوگڙو، ڏاڙهي ٻچي، جنهن کي ڪيس لائيندو هو ته ڪاري، جي ميندي هڻندو هو ته ڳاڙهي ڳٽول نظر ايندي هئي. اک ۾ پائيءَ جيترو ڦلو، جنهن لاءِ ويچارو هميشه ڇوڪرن کي اعتبار ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته کيس ان ۾ به ديد آهي. ڇوڪرن ئي ڏٽا ڏيئي اٺ کي مسيت تي چاڙهيو هو. سو هن کان سڄي اک بند ڪرائي کيس بجو ڏئي پڇندا هئا. چوڪيدار گهڻيون ”آڱريون آهن؟“ هڪ مٽ سڄيل ٻئي ۾ کٻ. اهو کٻ به ڏندن ڀڃڻ ڪري ٿيو هوس. ڏندن ڀڃڻ جو قصو به ليلا مجنون، عمر مارئي جي قصي وانگر هاسٽل ۾ پشت به پشت هلندو آيو. ڳالهه ٿي هئين ته سپريڊنٽ جي ڇوڪرن راند پئي کيڏي. راند به ٻي ڪا ڪانه اها نڀاڳي ڪرڪيٽ پئي کيڏيائون. ڪرڪيٽ جو بال جهڙو پٿر. هن کي جو کٽي کڻي ته ڀرسان وڃي ٿو بيهي. ”آءُ گداڙي ٻن ۾“ ٺڪاءُ جو بال لڳس ڏياڙي ۾ ست ڏند اتي جو اتي ڪري پيس. اٺون ڏند وري ڊاڪٽر شريف هاسڪار ڪڍيو هوس، جو هن جي مرضي هئي ته سپريڊنٽ تي ڪيس ڪري کانئس ڏندن جي رقم وٺي. ڊاڪٽر شريف جو ته سپريدنٽ سان ساڙ هو، جو پٽهنس کي هاسٽل ۾ داخلا نه ڏني هئائين، پر هن ته سپريڊنٽ جو نمڪ پئي کاڌو. نمڪ حرامي ڪرڻ تي ڪتي جو به وڙ ڪونهي. ماٺ ڪري ويهي رهيو.
هن جا جڏهن به پئسا کٽندا هئا ته هر هڪ ڇوڪري جي ڪمري تي اچي در کولي منڍي اندر ڪري ڪڙڪيدار آواز ۾ ”اسلام عليڪم“ چوندو هو. ان ”اسلام عليڪم“ ڪيترن ڇوڪرن کان ڇرڪ ڪڍيو هئو. پنهنجي خرچي وٺڻ وقت اها خبر نه پوندي هيس ته روم ۾ رهندڙ ڇوڪرو جاڳي ٿو يا ننڊ پيو آهي؟ هن کي رڳو ”اسلام عليڪم“ چئي خرچي جا ڏوڪڙ وٺڻا هئا. ڄڻ ڪي منجهس لهڻا هئا. ڇوڪرا دل ۾ کيس گاريون ڏئي به خرچي ڏيندا هئا. هن سان سدائين جو ڪم هئو، کيس خرچي نه ڏين ته ڪير جو ٻارهين بجي رات کان پوءِ کين هاسٽل ۾ اچڻ لاءِ گيٽ کولي؟ ڪير کين سؤ سؤ جي پاور جا بلب ٻاريندا ڏسي سهي ۽ سپريڊنٽ کي خبر نه ڏئي. ڪنهن جو مهمان ايندو هئو ته ساڻس رسائي ڪرڻي پوندي هئي. پير علي نواز کيس خرچي نه ڏني ۽ مهمان رهايو ته ان دم سپريڊنٽ کي خبر پئجي وئي. باهه ٿي آيو هڪدم پير کي ٽپڙ کڻڻ لاءِ چيائين. پر پير هو ڪارساز ماڻهو، سو ڀڳو هاسٽل جي سيڪريٽري ڏي. کانئس سفارشي چٺي آندائين ته به کيس ويهه روپيا ڏنڊ ڀرڻو پيو. جي چوڪيدار کي چار آنا کن خرچي ڏئي ها ته ايڏي انداز تي ڳالهه نه پهچي ها.
هو خرچي وٺي، پنهنجي ڀڳل ڏندن جو ديدار ڪرائي اتان نڪري وري ڀر واري ڪمري ۾ ويندو هو. ”اها ئي اسلام عليڪم“ ٻڌبي، ٿوري دير چپ، تيستائين ڇوڪرو شايد هن لاءِ ڏوڪڙ ڪڍندو هو. وري ”اسلام عليڪم“ ۽ تنهن بعد هن جو ڇڳل بوٽ جو گيهو. اهي گشت تيستائين پيا هلندا، جيستائين کيس يقين ٿي ويندو هو ته وٽس هفتي کن جي چرس ۽ آفيم جا پئسا گڏ ٿيا آهن. جيڪي ڇوڪرا کيس خرچي ڏيندا هئا، تن کي سو گيٽ کان اندر ايندي يا ٻاهر ويندي سلام ڪندو هو. باقي ٻين کي آڱوٺو. هڪڙن کي سلام ڪري ٻين کي نه، اها به بي عزتي، ان ڪري هن کي خرچي نه ڏيڻ وارا ڇوڪرا به گهڻو ڪري خرچي ڏيڻ شروع ڪندا هئا، جيئن هو کين به سلام ڪري ۽ پئنٽ جي کيسي مان هٿ ڪڍڻ جي تڪليف نه ڪن، پر اتي جو اتي وڏائي سان ڪنڌ ڌوڻين. چون ٿا ته عمر جاگيراڻي به کيس ان ڪري خرچي ڏيڻ شروع ڪئي هئي. هن جي هر وقت ”اسلام عليڪم“ کيس ”اسلام عليڪم“ جي نالي سان مشهور ڪيو ۽ سندس اصلي نالي ”رانجهي“ کي هرڪو وساري ويٺو. ”ڪهڙو پٽيوالو؟“ ”اسلام عليڪم“. ”رات ڪنهن در کوليهءِ؟“ ”ڪئنٽين تان چانهن ڪنهن کان گهرايهءِ؟“ ”اسلام عليڪم آندي.“ ڇوڪرن جي اهڙن قسمن جي گفتن ۾ هن جو نالو مشهور ٿي ويو، تانجو هاسٽل جا ٽي پتيون ڇوڪرا کيس ”اسلام عليڪم“ سان سڃاڻڻ لڳا.
ڪي ڇوڪرا اهڙا به هئا، جن کي هن کان سخت نفرت هئي. پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيندا هئا، جيئن اندر نه اچي. هو دروازو کڙڪائي کڙڪائي پنهنجو بنڊ ڪڍندو هئو، پر مجال جو اڳيان به دروازو کلي. مان به انهن مان هئس. پهريون ته مان به کيس جام خرچيون ڏنيون، پر هن جي هڪ نه ٻئي ڏينهن جي اچڻ ۽ اويل سويل کان لاپرواهيءَ مون کي به دروازو بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. خرچي ڏيڻ جو به ڪهڙو ضرور؟ ڀلي دروازو نه کولي، پوئين شو تي کڻي پڪچر نه ڏسبي. نه مهمان ٽڪائيندو هوس ۽ نه وري اهڙو ڪو ڪم ڪندو هوس، جو هن کان ڊڄجي. هن جي ”اسلام عليڪم“ به مون کي ڪانه گهربي هئي. ڪنن ۾ آڱريون وجهي وجهي مان ٿڪجي پيو هوس.
ٽي چار ڏينهن ٿيا، جو هو اسپتال مان چاق ٿي موٽي آيو آهي. ايترا ڏينهن خاموش هئڻ ڪري منهن گهڻو لهي ويو اٿس. هن جي ڳٽي جو کٻ اڳي کان وڌيڪ نمايان ٿي پيو آهي. ان کي واقعي ڇڳل بوٽ جي گيهي وانگر هرڪو سڃاڻي ٿو. هو ٽيون ڏينهن مون وٽ آيو هو، وري اڄ اچڻ جو وارو اٿس. هي وقت هن جي اچڻ جو آهي. شايد ته هو اچي ٿو. هن جي لٺ جو کڙڪو، هن جي بوٽ جو گيهو مان ٻڌان ٿو. هو هن وقت چاليهين نمبر ڪمري وٽ آهي. اتان ايڪيتاليهين ۾ ايندو ۽ پوءِ مون وٽ. منهنجي ڪمري جو در کليل آهي. مان ان کي اڳي وانگر بند نٿو ڪيان ۽ نه ڪنن ۾ آڱريون وجهڻ لاءِ تيار ٿو ٿيان، پر خاني ڏانهن هٿ وڌائي، هن جي لاءِ اڳيئي روڪڙ ڪڍي مٺ ۾ ٿيو جهليان. مان ائين ٿو سمجهان ڄڻ مون کي هن جي لالچ، هن جي ”اسلام عليڪم“ سان محبت ٿي وئي هجي. مان هن جو قدر سڃاتو آهي. شايد ته هر ڪنهن سڃاتو هجي.