ڪھاڻيون

نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪتاب ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ سندس ڪهاڻين جي ٽن مشهور ڪتابن شبنم شبنم ڪنول ڪنول، چوٽيهون در ۽ ڊمي جو گڏيل مجموعو آهي.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 10024
  • 2116
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪوڙڪيون

پوءِ حورن جهڙي حوران، ڏتي ڪڍ ائين لڳي ويئي جيئن ڪا ڌالي وڇ پنهنجي ڌنار جي پٺيان.
ڏه سال اڳ ڄڻ ته ڪالهوڪي ڳالهه: شاهي بندر جي ڀر هڪ پنجاهي ساٺيڪو گهرن جو ڳوٺڙو نالو آباد. ڪچا پچا ڪکاوان گهر، وچ ۾ ڪنگرن واري ڪوٽ ۾ اڏيل پيراڻي حويلي، جنهن جو مالڪ ڳوٺ جو وڏيرو به ته مرشد به ۽ وڏڙن کان وٺي دين ۽ دنيا تي پورو قابض. گهٽي جي منڍ ۾ دڪانڙا، جن ۾ سودو اهو ئي لوڻ مرچ کان وڏف وارو. ڳوٺاڻا سڀ هڪ ئي وڻ جا، پر لامون جدا جدا. ڪي سوني جو اولاد سوناڻي ته ڪي گولي جو اولاد گولاڻي، هر ڪنهن پاڙي جو جدا جدا ويڙهو ٻڌل، ڪانو ڪانڳون سان ته ڳيرا ڳيرن سان. پير جي محرابن واري اوطاق ڀرسان ٿورو پٽ، پوءِ پرائمري اسڪول ۽ ان جي ڀرسان بنيادي جمهوريت وارن جي پيلين سرن سان اڏيل ٽن ڪوٺين جي ڊسپينسري. هڪ ڪوٺيءَ ۾ منهنجا ٽپڙ ٽاڙي، ٻي ڪوٺيءَ ۾ تاڪن تي پيل خالي شيشا ۽ برنيون، جن مان ڪي اڌو گابريون ڀريل ۽ انهن ۾ هر مرض تي پوندڙ پوٽيشم پرمئگنيٽ ۽ ٽنڪچر آيوڊين پاريون دوائون، گوريون ڇڙيون ڪونين، ٻيو مٺو نالو رب جو. ٽين ڪوٺيءَ ۾ ڪنهن اوستي ڊکڻ جو آڏ رکي دل کي بهاري ڏيڻ لاءِ آپريشن روم ٺاهيل. شفا ته ان رب جي ذات جي، پر جت وڻ نه اتي ڪانڊيرو به درخت، سو انڌن ۾ ڪو ڪاڻو مان به هوس ۽ ٻن ٽن هفتن ۾ ئي بُند تار وسيلي مون واري هٿ شفا جي چؤطرف هاڪ مچيل هئي. صبوح جي پهر ۾ پري اوري کان ايندڙ اڻ مکيل بيل گاڏيون رينگٽ ڪري اسپتال جي اڱڻ ۾ اينديون هيون ته چڱو ملاکڙو مچي ويندو هو ۽ لڙي منجهند تائين ڇڙو ڏاندن جون ٽاڏيون ۽ وهٽن جون هاهرون پيون ٻڌبيون هيون. ڳوٺ آباد ۾ يا سڏ پنڌ تي، چڱي مٺي کي ڏسڻ لاءِ، عزت شرافت ۽ شرم حياءُ سان اچڻ وڃڻ به ٿيندو هو ۽ گذر گذران ڀلو پيو ٿيندو هو. ڳوٺ جون ڪراڙيون سراڙيون به هڪ ٻه ڀيرو ملاقات ڪري نانيون ماسيون بڻجي چڪيون هيون ۽ مهل ماسي وٽ وڻڇ جي ڀاڄي به آڻينديون نينديون هيون.
ڪجهه ٽاڪ منجهند جو سڀ مريض اڪلائي کٽ تي آهليل هجان، جو انهن قربائتين ڪراڙين مان ماسي مرادان پنهنجي ڇڳل ٽِگلي جتيءَ کي لف لف ڪرائيندي اچي ٺهڪو ڪيو. منهن ون ون، رنگ ڪاراٽيل. سندس دوڏن ۾ پيٺل اکيون، جي مون کي ٿر جي ڪن جاڙن کوهن جيان ڏک ڏينديون هيون، سي پئي سميون ۽ انهن اکين وارڻ بوڪن مان ميرا ڳوڙها لار ڪري دوڏن جي پاڙڇن تي پئي ڪريا ۽ اتان گهنجن واري نيسر وٺي کاڏيءَ کان هيٺ ميري گج کي پئي رجايائون. ماسي مرادان جو اهو حال کان بيحال ڏسي مان ٽپ ڏئي اٿيس. ايندي ئي چيائين: ”ڏاڪدر ابا، ڀيڻين جا هر هر هٿ پير ٺري پارو ٿا ٿي وڃن، ڪا دوا ته ڏي.“
”ڇو ماسي، آهي ته خير؟“
”خير وري ڪهڙو ابا، هن پاڻ واري پير ڪال وڌو آهي. سمو رب ڪين ڪندس.“ ماسي پلؤ کڻي پير کي ٿي پٽين جي آهوڙ ٻڌي.
”ڇا ٿو ڪري؟“
”ڇا ٻڌايانءِ ابا، جنسي انڌ ٿو ڪري.“
”نيٺ ٻڌاءِ ته سهين.“
”حوران جو زور سان پرڻو ٿو ڪري.“
”ڪهڙي حوران؟“
”حوران مون واري ڏوهٽي، ان ڏينهن جو ڪک ڏناسين.“
”اها جنهن کي واري جو تپ هو؟“
”ها اها ئي ڄائي ڄم کان چنڊي، ان تپ ۾ ئي مري ها ته هي ڏجها ته ڪونه ڏسان ها.“ ائين چئي ماسي مرادان ٻئي چنبا پنهنجي ٻوٿ ۾ زور سان وهائي ڪڍيا. جنگ نار جو ٿورو بيهجي ويو هو سو وري – گڙڪڻ لڳو.
”ماسي ڇو ٿي ويچاريءَ کي پٽين.“ مون کي ڪهڪاءُ اچي ويو.
”ابا، سچ ٿي چوان، اصل کان نصيب ئي کوٽو اٿس. ماڻس کي سور ٿيا ته چنڊ سمورو وتل هو. ويم ڪيائين ته پوءِ مس مس وڃي ڪو ڇٽو. ڇوري سو کرڻ کان الائي ڪيئن بچي وئي.“
مون دل ۾ سوچيو ته جيڪر کيس چوان ته ڳهيلي ماسي، تون ته ڪا وڏي ڀليل آهين. حورن جهڙي حوران کي ته جوڙيندي قدرت پاڻ تي پوءِ لاءِ ڪو لعنتاڻو ڪونه رکيو هو. سنڌوءَ جي انهيءَ سير مان، جتان هينئر ٿو اکين وارن انڌن کي سون لڀي، ان ٽوٻي پاڻ ٽٻيون هڻي، اها سون گاڏڙ ڀوري لٽاشي مٽي ڪڍي هئي ۽ پوءِ ان ۾ ماکيءَ کان مٺي کير واري ڪچي جي پلورڙ اربيليءَ جو کير وجهي، انهن چاڻن مان ڪاريگر سندس بوتو ٺاهيو هو. پوءِ پورا نو مهينا راتين ۽ ڏينهن جا پاڻ ويهي ٽڪ ڪئي هئائين. جڏهن کيس جوڙي راس ڪيائين ته پهريون کيس ڏاڻ ڏسي ئي آٺرجي ويو. ملائڪن هٿن پيرن جون تريون مهٽي سندس هوءِ جاءِ ۾ ڪيو ته پوءِ پياري ماسي جيئن تون پنهنجي وهيءَ جي ٺاهيل ڀلي ٽڪ واري رلهي گهر گهر ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو هنيانءُ ٺاريندي آهين، تيئن هن قادر به پنهنجي هنر ڏيکارڻ لاءِ کيس ڪڪرن جي ڪوئنٽي ۾ کڻي ستن ئي آسمانن جو سير ڪرايو. چنڊ ته کيس ڏسندي ئي ڪاراٽجي ويو ۽ تو چواڻي ڪي پهر وتل رهيو. تارا شرم کان منهن لڪائي هڪ هڪ، ٻه ٻه ٿي بر منهن ڪندا رهيا ۽ باقي ڪي وڃي داڻا بچيا. پوءِ هن سمورو ڍينگو ڍيري ٿيندو ڏسي، اهو ڳڙو آسمان تان لاهي، شاهي بند جي ڀر ۾، زمين جي هن ٽڪر تي، جنهن کي هينئر آباد ٿا چون، تنهن کي برباد ڪرڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان پاڻ وڌو ۽ پاڻ اهو ناٽڪ پٿيري پيو تماشو ڏسي. پر مون اهي ڳالهيون دل ۾ ته گهڻيون سوچيون، پر اهڙو اکر به ڪونه اڪليم. چيم ته ڇڙو ايترو ئي: ”ماسي، ڌيون نيٺ پرايو ڌن آهن، نه موت مهڻو نه شادي طعنو.“
”پر اها خبر اٿئي ته ڪهڙو سدا ملوڪ ٿو موڙ ٻڌي؟“ ماسي اڳيان ڳوڙها دوڏن مان اگهي ٻين لاءِ واه ڪئي.
.نه مون کي ڪهڙي خبر؟“
”کک ڪراڙو، مون کان به ڏه طور وڏو.“
”تون نالو ته کڻ.“
”هو ڏتو ڏٺو ٿئي، ان سان.“
مان ڏتي کي ياد ڪرڻ لاءِ مٿو ويڙهائڻ لڳس، پر مون کي ياد نه آيو. آخر ڏينهن به ڪيترا ٿيا هئا ان ڳوٺڙي ۾، ڇڙا ٻه مهينا. وري ڏتا ۽ ڏنا نالا ته گهر گهر ۾، سو منهنجي دل تي ئي نه پئي چڙهيو. مون لاچار ڏتي مان هٿ ڪڍي ماسيءَ کي چيو: ”خير هوندو ڪو اڌڙوٽ، مون کي ته ياد نٿو پوي.“
ماسيءَ کي ڄڻ ته چوچڙي وٺي ويئي ۽ مڇريل ککر جيان مون کي وٺي وئي. ذري گهٽ رهڙ ڏيندي چيائين: ”اڌڙوٽ هجي ها ته هي روئڻان ڇو روئان ها؟ هو ته آ پورو سٺ، ڪٽن جي چٺ.“
”نه ماسي، ائين ڪيئن هوندو!“
”نور مٺي جو قسم، اڃا به سال ٻه ماريو وڏو هوندو. ڀلا تون پاڻ حساب ڪر نه، جڏهن هوءَ وڏي بيماريءَ پوي.“
”ڪهڙي بيماري؟ هن ملڪ ۾ ته هڪ کان ٻي وڏي بيماري پئي آهي.“
”او جڏهن گهر گهر ماڻهو عام مرن، ڪانڌي هڪ پوري موٽن ته وري ٻيو ڍوئن.“
”ها ها، ڪالرا سال ٽيهن ۾ ٿا ٻڌون.“
”سن جون توکي خبرون، باقي مان ان وقت چڱي ڏڪري آهيان، جو گهڙو پاڻي جو ٿي کڻان ۽ اهو مردار ڏتو ڏاڙهي مڇن سان آهي ۽ لاشا ٿو ڍوئي. هاڻي حساب ڪر.“
”اهو ته ماسي ڏاڏي آدم جو سن چئبو.“ مون حساب ڪري چيو.
”نه ته وري مان ڪو ڪوڙ پئي ڳالهايو.“
”پوءِ لک لعنت آ ان گهوٽ تي، جيل جيل ٿو ڪري.“
”ڪٿي آ ابا هن ملڪ ۾ راڻي راڻو.“
”پر ماسي، ڪهڙي ملان کي ساه آ جو زوريءَ نڪاح پڙهندو. تون حوران کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏجانءِ ته ڌاڙ ڌاڙ ڪري.“
”ابا، اهو نپٽو آئٽو ملان موسو ئي وٺ جو نه هوندو.“ مان ماسي جو جواب ٻڌي ماٺ ٿي ويس. ڀلا ڳوٺ جي ملان کي ڪهڙو ساه جو پير سان سينو ساهي. ڏينهڪ ئي ٿڙا ٻڌائيس ۽ ٺهيو ٺڪيو پن جو ٽڪر وڃائي ويهي.
ماسي مون کي ماٺ ۾ ڏسي ايلاز ڪرڻ لڳي: ”ابا، تون جيڪر ان پير کي نه سمجهائين، آخر ته ڪامورو آهين، من تنهنجو هو چوڻ وٺي.“
”ماسي، مان ڊاڪٽر ماڻهو، مون کي ڇو ليکيندو. منهنجي هٿن ۾ ڏنڊو ڪي ڪهاڙو.“
”ابا، گلو ته سيتارامي سون آ، پر اها پٽيل پوليس هن تي ڪونه پوندي. سڄو ڏينهن ٿي هن جا ڇيلا ڪڪڙ کائي، هن بيواهي جي ڪير ٻڌندو.“
”ماسي تون پاڻ وڃي ڇو نٿي ڀير ٻه پاڻي ڪرين.“
”نه ابا، مون سان ته اصل چانڊين مگسين وارو وير اٿس.“
”ڇو، تون ته حاويليءَ ۾ ٿانو ٻهاري به ڪندي آهين!“
”ان حوران جي ڳالهه تي ئي ته چپ آ. هن جي مرضي هئي ته اگنا لاءِ حوران به حاويلي ۾ پئي ٿانو ٽپو ڪري، پر مان ائين نه ڪيو. آخر ته ڪنوارو وياءُ هو.“
”تون بلڪل ٺيڪ ڪيو.“
”بس اهو ڏينهن اهو شينهن، ڏتي کي بڇون ڏيڻ شروع ڪيائين.“
”پر ماسي، ان ڏتي کي ڇو ٿي کٽي کڻي، هن جو لهڻو ڪي ليکو؟“
”بس، اٺين پيڙهي اٺ جو ماڪوڙو ماسات، ڏتو وارثي ٿو ڄاڻائي.“
”ڪهڙي مٽي آ ڏتي جي حوران سان؟“
”پڻس جو سوٽي سوٽ ٿئي.“
”وارث ته برابر ٿيو.“
”ڌوڙ جو وارث آ. اڄ جي وارثي آ قرب جي. هن ڪو مرحيات جو منهن ماني ڪيو يا ڪو ختمو صلات ڪڍائي، هن ته رهندو بوتا وجهايا.“
”نه ماسي اهو ڪوڙا ٿئي، مڙئي ماڻهن جا ٺاه.“
”ابا ان ملان موسي ئي ڪتاب پٽيو هو.“
”مڙئي کاڌي جي جاءِ ٺاهيائين.“ مون ماسيءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”نه ابا، وري ڀوپي به ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ته مقام مان بوتو به ڪڍي ڏيکاريو. هوبهو مرحيات جهڙو، سوين سيون ٽنبيل.“ ائين چئي ماسي جي اکين جا ٻوڪا وري ڀرجي ويا ۽ هوءَ ڏتي کي پٽڻ لڳي:
”اڙي ڏتا، شل رب تنهنجو موت به ائين ڪندو ۽ رڳ رڳ ۾ سيون ٽنبيل هوندءِ.“
”پر ڏتي کي ان شاديءَ مان ورندو ڇا؟“ ماسيءَ جي پِٽن کي بند ڪرڻ لاءِ مون وري ڳالهه کنئي.
”تون پاڻ ڏس نه ابا، حوران ڪلهوڪي ڇوڪري، اڃا مس ٻارهن مهينا به نه ٿيا اٿس سامائي ۽ هي ڏتو چنڊيءَ واڙ جو پڻس کان به وڏو. شادي به جوڙ جنس سان ٺهندي آهي.“
”هو سياڻا جو ڳجهارت چئي ويا آهن ته ”ولايت ۾ گاه ڙي ته من ۾ ساءُ ڙي.“ ته ڪو ڪوڙ نه ٺاهيو اٿئون. سن کان سواءِ شاديءَ ۾ ڪهڙو ساءُ ابا؟“ پيراڻي زماني جي سپورنج زائفان هيڏي وڏي ڳالهه مام ۾ سمجهائي وئي ۽ اها ئي ڳالهه اسان اڄوڪي ٽهي وارا چوڻ گهرون ٿا ته جيستائين ٻٽي ڀيرا جهان ڦهان نه ڪيون، تيستائين اهو پوري طرح مطلب نه سمجهائي سگهون.
مون ماسيءَ مرادان جي ڳالهه کي ووٽ ڏيندي چيو: ”ماسي، ڳالهه ڪئي اٿئي رپئي جا سورهن آنا.“
”وري ابا ڇڙو هڪ سور هجي ته کڻي هڪ ڀيرو سهجي. هتي ته سور مٿان سور ايندا. تنهن کان ٻٽي ڪي گوريون ڏي ته پان به کاوان ته هن چنڊيءَ کي به ڏيان. روز روز جي موت کان اهو هڪ ئي موت چڱو اٿس.“ ماسي وري ڍرڪڻ لڳي.
”ماسي، الله وسايو اٿئي. نادر به نادر آ ته قادر به قادر آ.“
”ابا، الله کان هي الهڙيون زور آهن.“ ڏجهن جي ڏڌل ماسيءَ مون کي سمجهاڻي ڏني.
”نه ماسي، غم نه ڪر. تون الله تي رک.“
”ته ابا تون ڪو هٿ پير هڻ، تون به ته پنهنجو ٻچو آهين.“
مون کي اتي ماسي مرادان ۽ حوران تي قياس اچي ويو ۽ ان ڏٺي وائٺي انڌ تي باه وٺي وئي. مان به آخر وقت جي حڪومت جو ننڍي ڪو وڏو ڪامورو هوس ۽ مون تي فرص هو ته هر بيمار جي دوا دارون ڪيان. شرع شريعت ۾ به اهو پرڻو بي واجبي هو. ڳوٺ جا ملان مولوي ۽ راڄ وارا ته پير جا ٽوڪريل هئا، يا سندس ڪڙتين تي ويٺا هئا، پر مان ته نه هن جو ڪڙمي هئس نه ڪاسبي. اها ته منهنجي هيٺائين هئي جو ڳوٺ جي هڪ ڪنڊ ۾ زبان ۽ ڪنن کي هٿ ڏيو گونگو ٻوڙو بڻيو ماٺ ۾ ويٺو هوس، نه ته ڪٿي ڪامورو ۽ ڪٿي ڏاڏن پڙڏاڏن جو کٽيو کائيندڙ پير، جو الائي پاڻ ڪيترن گونهن ۾ گتل هو. ڇڙو پلو کڻڻ جي دير هئي، پير ڳوليو نه لڀندو. مون ۾ الائي ڪيئن همت اچي وئي ۽ ان اوڙاه ۾ پاڻ ٽپو ڏيندي چيم: ”ماسي، تون هاڻي هڪ ته ڪم ڪجانءِ.“
”ڪهڙو؟“
”ڇڙو حوران هائو نه ڪري ۽ زور سان ڌاڙ ڌاڙ ڪندي رهي، باقي پير جو مان پاڻ پاڻهي هيانءُ ٿو کاوان.“
”پوءِ جو نه مڙن ۽ ڏاڍا ڏاڍ ڪن.“ ماسي مرادان جي اکين مان سيمو پنهنجو پاڻ بند ٿي ويو.
”پوءِ به حوران تنهنجي ٿيندي نه شاهدي اوگاهي ۾.“ مون ماسيءَ کان پڇيو.
”قرآن تي، حرام جو گهٽ ڪري.“
”الائي متان ڏاڪڻ تي چاڙهي ڦرڪو ڪڍي؟“
”ابا ڪمال ٿو ڪرين، ڇوري روئي روئي ڪن ڪيا آهن. ٻه دفعا سرايون وجهي ڏندڻ ڀڳامانس.“
”ماسي، متان سرائي سان ڏند نه ڀڃي وجهينس. رڳو ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻيس ۽ هٿ پير مهٽينس.“
”ها، اهي ته جهد پئي ڪيانس. هاڻي ته رهندو دلجاءِ ڏيندي مانس ته ڀائڙو گهٽ نه ڪندس.“
ڀاءُ ڀيڻ جي ناتي جو رهندو مون تي وڏو بار پئجي ويو. مون ماسيءَ کان پڇيو: ”اهو ته ٻڌائجانءِ ته نڪاح آهي ڪڏهن؟“
”سڀاڻ شام. ماريو ڪاڄ ٿو ڪري، سو پٽ سٽ ۾ لڳو پيو آهي.“
”بس تون مولا تي رک، پاڻهي سولي ڪندو.“
ماسي مرادان ته خوش خوش هلي وئي، مون کي سو ڇڏي هلي وئي ڳڻتين ۾. دل ۾ سو هڪ قسم جي راحت هئي، ڪنهن وڏڙيءَ جي لٺ ٿيڻ جي ۽ ڪنهن ڀيڻ جي ڀاءُ ٿيڻ جي.
اهو ئي ڏينهن، شام جو وقت مان ٻاهر پڌر ۾ ويٺو هجان. ٿورو پرتي مون وارو ڪمپائونڊر خيرو ماني پچائڻ ۾. ڀت جي ٻاهران ڪنهن جو خيري کي سڏ. خيرو ماني تئي تان لاهي در تي ويو ۽ ڪي گهڙيون ٻاهر ڳالهائي ڳالهائي ڪنهن کي ڏاڍيان پيو چوي: ”هل تون ملينس نه، ڊاڪٽر آ مکڻ ماڻهو.“
”ڇاهي خيرا؟“ مون ويٺي ويٺي خيري کان پڇيو.
اتي خيرو جواب ڏيڻ بدران ان ماڻهوءَ کي ٻانهن کان وٺيو اندر آيو ۽ مون کي سفارش ڪندي چيائين: ”سائين هي سوناڻي پاڙي جو چڱو مڙس آ الهڏتو خان. سڀاڻي پنهنجو پرڻو ٿو ڪري، سو سڏ ڏيڻ آيو آ.“
نالو ٻڌندي ئي مون هڪدم همراه ڏانهن ڏٺو، جنهن رضا خوشيءَ سان پئي واڳن ۾ وات وڌو. ڏاڙهي اڇي، پر نئون ڪيس لڳل، عمر کري ساٺيڪو سال، ڪنڌ في الحال ڏڪندڙ نه، پر سال ٻن کان پوءِ جو حشر آنهري جيان اکين آڏو. کيس ڏسندي ئي مون کي الائي ڇو ٿڏي تي ئي هن ئي جهڙي ڪراڙي تي، سچي الائي ڪوڙي مڙهيل ڳالهه ياد اچي وئي، جنهن کي سالن پڄاڻان هڪ اسر جو رڳڙيءَ ۾ ڪو انڌو ڪاڻو ساه پيو. هن تڙ تڪڙ ۾ وڃي جوئڙي جو پاسو ورتو. ورهين جي ٻاڙيل جوڻس ويچاري اهڙي مهر ڏسي ٻه عيدون ڪيون ۽ سندس سڏ ۾ سڏ ڏيڻ جو ڪيائين. ان دم ئي ملان اسر جي بانگ ڏني. زائفان ويچاري پنج وقت نمازڻ، سو حياءَ سببان پوڙهي کي ٿورو ترسڻ لاءِ چيائين. بانگ پوري ٿي ته ڪلمون ورائي زال مڙس کي آءُ ڪئي ته مڙس پاڻ ۾ وڻ تي چڙهڻ جو ڀوتو نه سمجهي مٿان رلهي پائيندي چيو: ”پردو ٿيئي، هاڻي وڃ ان بانگ واري سان سمهه.“ اها ڳالهه ياد ايندي ئي دل ۾ خارون به آيون ته کلون به، ڇو جو ڏتو ان ڪراڙي کان جيڪي سي ٻه رتيون ڪسر ۾ هو، تنهن هوندي به موڙن ٻڌڻ لاءِ حيران پريشان هو. ڪاوڙ پي کانئس پڇيم: ”ڪڏهن ٿو ڪرين وهانءُ؟“
”سڀاڻ شام.“
”ڪٿان ٿو ڪرين؟“ هاسيڪار سوال ڪيم ته ڏسان ته ڪهڙو ٿو جواب ڏي؟
”مڙئي پنهنجي ئي آهي، ساڳيو ٻوڙو ساڳيو ڪانو.“
”پر ميان، اسان ته آهيون پرديسي ماڻهو.“
”ڊاڪٽر صاحب، پوءِ جي ڪنهن تي ميار ڪونهي. باقي چار ڏينهن جيڪي گڏ آهيون، تن ۾ ته اٿڻو ويهڻو پوندو. مرشد جو به اهو ئي امر آهي.“
”چڱو ڀلا جيئن پير صاحب چيو.“ مون به پير سان ڳالهائڻ جو بهانو ڳوليو. ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ته رومالي ڌڪ هڻي ڇڏبو.
الهڏتي ويندي ويندي وري ڪمپائونڊر سان ڦسڪو هنيو ۽ هوريان هوريان ٻاهر وڃڻ لڳو. خيري ڪمپائونڊر کيس در کان ٻاهر ٽپيل ڏسي مون کي هوريان چيو: ”ڏتي کي طاقت جا ڪک ٿا کپن. ڏوڪڙ به دل گهريا ڏيندو.“
”ڇو؟“
خيرو ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳو ۽ اک ڀڃندي چيائين:
”گهوڙو جو نه ڪم ڪندو هوندس. وري شادي به پيرزادي سان ٿو ڪري، ڀل ته پهر ڪو پاڇو دير وٺي.“
”پوءِ ڪنهن زور ڪيو اٿس، ان بي منديءَ شاديءَ تي؟“ مان تکائي سان پڇيو.
”سائين، مڙئي جهانگيلو ماڻهو.“
”نه نه، مون وٽ ڪونهي ڪو ڪک ٻک.“
”سائين ڪشتو ڪيئن نه هوندو، مڙئي هڪ ٻه وزن ئي ڏيوس.“
”اڙي ماڻهو آن ڪن مس – چٽو، مان ڪو يوناني حڪيم آهيان.“
خيري پڇ پائي وٺي کڙي ڪئي ۽ مان ڏتي کي پهرين ملهه ماري، پير سائين پوئين ڪرڻ لاءِ پيرن ۾ بوٽ پاتو. اوطاق جو در ٽپيس ته ڏٺم ته پير کٽ تي آهليو پيو هو. ڪچهري باهڙجي وئي هئي ۽ باقي ڪو پاڇو ٻاروچو ئي پيڙهن ۽ منجين تي ويٺو هو. مون کي ڏسي ڪنهن ڪرسين ۾ هٿ وڌو ته ڪنهن موڙي ۾. هٿ ڏناسون، خوشان خوشي ٿي پير وري آهلي پيو. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون ۽ نيٺ ڏتي جي وهانو تي اچي بيٺيون. مان به اڪيلائي ڏسي ڳالهه کڻي چوري: ”پير صاحب، اڳهون الهڏتو سڏ ڏئي ويو.“
”چڱو ٿيو، تون به اسان جو ڀاءُ آهين. سڀان سڄو ڏينهن وهانءُ هلندو. سدا گلاب چانور ۽ ڦنڊرون، پاڻ لاءِ ته حلواڻ ڪسندو.“
”پر سائين، اسان پرديسي ماڻهو اڄ ڪٿي، سڀان ڪٿي.“
”توتي مبارڪي ڏيڻ جو هروڀرو زور ڪونهي، باقي ان خوشي ۾ ته ضرور اچڻو پوندءِ.“
”خوشي وري ڌوڙ جي. ڪارو اٿس منهن، نيرا اٿس پير. جيڪو ماڻهو هن وقت ئي ٿو ڪشتا گهري، سو مهل تي ڪهڙي غذا ڪندو.“ مان ڏتي جو ڀانڊو ڀڃي وڌو.
پير منهنجي ڳالهه تي ٻڌو ٽهڪ ڏنو ۽ ڪي گهڙيون کلي کلي کيرو ٿي پيو. گهڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو ته مون ۾ ذري گهٽ جوهه وجهي پڇڻ لڳو: ”پوءِ ڏنوس ڊاڪٽر؟“
”مان اهڙا ڪم ئي نه ڪيان.“
چڱو ٿيو، تون اشراف ماڻهو، انهن ڪمن مان تون ڇا ڄاڻين؟“ پير مون کي شابس ڏني. سندس منهن جي سهڻي تختي رهندو ٻهه ٻهه ڪرڻ لڳي.
مان به ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس ۽ کيس ٻڌايم: ”ڪک ٺاهڻ ۾ ته ڪا فارسي ڪونهي، پر اهي ٿنڀا ٿوڻيون به آخر ڪيستائين؟“
”پر ڇڏيو تو ڄٽ کي ڪلهه ماري.“ پير کلندي چوڻ لڳو.
”منهنجو ڪهڙو ڏوه. هيءَ ڪا شادي جي مند اٿس. وري پرڻجي به ٿو ٻارهن ورهين جي ٻالڪي سان.“
”ميان چوزو آ چوزو، ڏتي جي منهن تي ته پوي ئي ڪانه ٿي.“ پير ذري گهٽ گگ ٺاڙيندي چيو.“
”پر سائين، اوهان جهڙي داناءَ هوندي جو اهڙا پرڻا ٿين، آهي ته وڏي ارمان جي ڳالهه.“ مون پير کي پٻي ڏني.
”ميان، هي جهنگ جا ڄٽ، ڪو مڙڻ جا آهن. کين جي سمجهايون ته وري سيٽجي چون ته پنهنجي پراون ۾ ڏئي، پوءِ ڇو ٻيا اٽا ڍويون.“
”پر سائين، ڳالهه ته غلط آهي.“
”غلط به آهي ته وري هڪ لحاظ کان لاچار به اٿن. ڀلا اها جو ٻاهر اٿارن ته ڏتي کي وري ڪٿان سڱ ملي؟“
”ها اهڙي نڌڻڪي ڪٿان ملندس. پر مزو ته تڏهن آ جو اها ڪنوار ئي ٿي انڪار ڪري.“
پير کي مون واري ڳالهه شايد ته نه وڻي، جو مون پئي رنگ ۾ ڀنگ وڌي ۽ ڀت ڪنو ڪيو. هو اٿي ويهي رهيو ۽ ذري گهٽ رهڙ ڏيڻ تي هو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي رومالي ڌڪ هڻندي چيائين: ”ڊاڪٽر، اهي لعنتاڻا شهرين تي اٿئي. هتي ته ٻهراڙيءَ ۾ جيڪو چڱي مڙس ڏنو سو کين قبول.“
پر ڪنوار جو نڪاح وقت قبوليت نه ڪري ته پوءِ نڪاح وري ڪيئن ٿيندو؟“ مون ڌڪ پچائي نڪ پڪو ڪري چيو.
”پر ڪا انڪار به ڪري نه. هتي ته ابن ڏاڏن کان ڪنهن نهنڪر نه ڪئي آ. ٿوري ٽڻ مڻ ڪندي ته پوءِ موچڙي ۾ هٿ، ملان جو ڪم به آنڱوٺي سان، سو کيس لڳي ملندو.“
”نه سائين، هروڀرو موچڙي تي ڪونهي.“
”ميان، موچڙو آ ڇٽيهه لکڻو. اهو ئي ڦڏن کي سڌو ڪندو. ڊاڪٽر، مان ته صلاح ڏيانءِ ته انهن ننگاوتي ڳالهين جي وچ ۾ نه پوندو ڪر. اهي ڳالهيون ڏاڍيون ڏکيون آهن ميان.“ پير مون کي دڙڪي جو دڙڪو به ڏنو ته صلاح جي صلاح به.
”نه سائين، منهنجو ڇا؟ مون ته چڱائي پئي چئي.“ مون کيس خاطري ڏني.
پير کي ڪنهن ماڻهپي ۾ نه ڏسي مون موڪلايو ۽ اچي پنهنجي اسپتال ڀيڙو ٿيس. پير مان سو ڪنهن چڱي ڳالهه جي اميد رکڻ ڀل هئي، باقي مون کي ڀروسو هو ماسي مرادان تي، جنهن کي مون ٻٽي ڦوهارا ڏئي ڇڏيا هئا ۽ کيس سمجهايو هئم ته ڪنوار ڪائين ڪال هائو نه ڪري، پر ڌاڙ ڌاڙ ڪندي رهي. پوءِ ڏسون ته ڪيئن پير هٿ وٺي ٿو اڪ سان چتڙ کنهي.
ٻي ڏينهن پوياڙي جو پاڇا لڙيا ته مڱڻهارن پيلا ڳاڙها پٽڪا ٽنڊ تي رکي اچي منهن ڪڍيو ۽ مٽان ڦوڪي واڄو شروع ڪيائون. دم ته اصل ڪونه پئي منجهين ۽ ڪا انڌي ڪاڻي ساهي جهڙي کڻي وري پئي رينگٽ ڪيائون. مان اهو سمورو وقت هڪ ڪن ڪيو ويٺو هوس. مون کي الائي ڇو دل ۾ اها اميد هئي ته ماسي مرادان ۽ حوران جي ڌاڙ ڌاڙ ٻڌي پير جو هنيانءُ کاڄي ويندو ۽ پاڻهي اهي ساز بند ڪرائيندو. پوءِ اهي مڱڻهار ٻوٿ ڀيلو ڪري کٿا ويڙهي پنهنجي ٽٽن کي ٽيٻڪ ٽيٻڪ ڪرائي وڃي جوئن کي سلام ڏيندا، پر ائين ڪونه ٿيو. شرنايون جيئن پوءِ تيئن وڌنديون رهيون. ها، ائين ضرور ٿيو ته انهن شرناين ۾، جن جي نالي تي ڇڙن جون دليون ٻڌا ٽپا ڏينديون آهن ۽ سندن وهيءَ جو شهزور ارڏو گهوڙو جنسي ٻن پيرن تي اڀو هوندو آهي، اهو تاثير ٽڪي جو نه رهيو. پر اهي ڄڻ ته ڪنهن معذور ٻليءَ جيان ميڪنديون رهيون. سچي ته رحمت، ڪوڙي تي لعنت، مون ته هنن ئي ڪنن سان انهن شرناين ۾ حوران جا سڏڪا ٻڌا ۽ جنهن وقت ملان ڪوڙو ڪي سچي نڪاح پڙهيو ته پوءِ اهي ريهون ڪرڻ لڳيون. سومهڻي جو گهوٽ لاون لهڻ لاءِ ويو ته پوءِ انهن ساڳين شرناين پار ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ صبوح جو نکيٽي مهل ته پوءِ اهي رهندو اونائڻ لڳيون. شرناين جو اهو روڄ راڙو ته مڱڻهارن جي وڃڻ کان پوءِ به پهر پاڇو منهنجي ڪنن ۾ ٻرندو رهيو ۽ ورندو سارو ڏينهنجي منهنجي دل جو گل مئل رهيو.
ڪنوار ستاوڙي تي ڏينهن اڌ لاءِ پيڪين موٽي ته ماسي مرادان به واندڪائي ڪڍي مون وٽ اچي پهتي. رنگ ڪوري بافتي جهڙو، رت بنهه ڪونه. روئي روئي اکين مان نيمڪ نڪري ويو هوس، باقي خالي ميراڻ ڄن جنگ نار وهي وهي خالي ٿي وڃن ۽ تري ۾ ڇڙي ميري گپ هجي. مون وٽ روئڻ جي ڪيائين، پر سکڻين اکين مان لاچار ڪو هڪ اڌ ڳوڙهو ٿي نڪتو. ٿڌا شوڪارا ڀريندي چيائين: ”ڏاڪدر ابا، ڏٺئي هي ڪوفي وارو ڪيس. ڇوريءَ حوران ڌاڙ ڌاڙ ڪئي، نڪاح وقت ريهون ڪيائين ۽ اهي پار ڪڍيائين جو روئي روئي کڻي دٻا ڀريائين. نکيٽي مهل ته اباڻي گهر جي ٿوڻيءَ کي ڀاڪر وجهي جو چنبڙي ته اصل هٿ ڪونه پٽيائين ۽ پوءِ چئن ڏنڊن ڏوٽن سندس هٿ پٽي ٽنگا ٽولي ڪري وڃي ڏتي جي گهر سٽيس.“
”ها ماسي، مون حوران جا سڏڪا به ٻڌا ته ريهون به.“
”پوءِ ابا ٿيندو ڪو داد فرياد؟“
”تو ۾ ۽ حوران ۾ ڪا ٿوم هوندي ته سڀ ڪاٺ ڪاٺ ٿا ڪن.“
”ابا، تون حوران جي خاطري ڪري ڇڏ. هن کي هن هڏن جي مٺ مان ڇا هٿ ايندو؟ جهڙي وئي هئي، تهڙي ئي موٽي آئي. مئي ۾ آهي به ڇا.“
”اها ڳالهه ته رهندو ڀلؤون ڀلي. هيڪاري ڪيس مضبوط ٿيندو.“
”پر تون به ته ڪو هٿ پير هڻ.“
”تون ماسي رڳو چپ ڪري ويهه، ڏس ڪيئن نه ٿو ممڻ مچي.“
”الله اهو ڏينهن ڏيکاري.“ ماسي ٻئي اشهد آڱريون کڻي مولا کي ٻاڏايو.
ٻن ٽن ڏينهن ۾ مان ڳوٺ جي ملان، شاهدن، وڪيلن ۽ پير تي گونگين درخواستن جي باه ٻاري ڏني ۽ هڪڙيون اڃا مس مٿي پئي پهتيون ته وري ٻيون پئي ٺوڪيم. سڀني درخواستن ۾ اها ئي ڌاڙا گهوڙا ته ڪيئن ان انقلابي دور ۾ به انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو قصو لڳو پيو هو ۽ زور زبردستي جا نڪاح پئي ٿيا. مهيني ماسي کان پوءِ هڪ اڌ درخواست جي حد واري ٿاڻي تي ڦاٽي، پير اها پهرين ئي لپي ۾ لپي ڇڏي. پر پوءِ ستت ئي ٿهو درخواستن جو مارشل لا هيڊ ڪوارٽر ۾ وڃي پهتو ۽ ان جاچ ۾ مليٽري پوليس جون جيپون ڌوڙ ڌڪاءُ ڪنديون اچي آباد ۾ پهتيون. اڻ ڏٺل وائٺل اٽالو ڏسي پير پهريون ته هارجي ويو، پر ڌڪ سنڀالي بنا دير حوران پيش ڪرائي ڏنائين. ڪوڙو نڪاح پڙهندڙ ملان موسو ۽ شاهد وڪيل به هڪ هڪ ٿي ميڙجي چونڊجي اچي پهتا. ماسي مرادان لاءِ مون گهڻيون ئي ڦارون پاتيون، پر هوءَ ڪو اندر ٻاهر هئي سو ڪين اچي سگهي. شاهدن اوگاهن مان ته ڪجهه ڪونه ٿيڻو هو، پر حوران جو بيان ٿيو ته ان به ترائي ڪڍي ڇڏيا. هوءَ رضا خوشيءَ سان مون وارين درخواستن تي ڪارو ڪنو مليندي ڏتي جي ڪڍ ائين لڳي پئي، جيئن ڪا ڌالي وڇ ڌنار پٺيان.
پير جي ڦرڪندڙ شهپرن، پاريهر جهڙين ڳاڙهين ڳٽول اکين ۽ سڙه جي ڪنڊن جيان ڪانڊاريل لونءَ لونءَ ڏسي مون ترت فيصلو ڪري ڇڏيو ته ڳوٺ آباد ۾ منهنجو داڻو پاڻي پورو ٿي چڪو هو. مون اسپتال پهچي ڊگهيءَ موڪل جي درخواست لکي پنهنجي ٽپڙ پي سهيڙيا ته خيرو ڪمپائونڊر به اچي پهتو. منهن سڄيل، مٽان ڦوڪيل ۽ اکين ۾ ميارن جون ڀريون جو مون کيس ڪو انديو ڪونه ڏنو هو. پرچائڻ لاءِ سندس ڪلهي تي هٿ رکي موڪلاڻي ڪيم ته ڏٺم ته سندس رسامون الائي ڪهڙي ڪاپار هليو ويو. هن شوڪارو ڀري ڀنل دل مان چيو: ”يار ڊاڪٽر توکي ڇڏيندي دل ته ڪانه ٿي چوي، پر تو ڪئي آ پاڻ سان پاڻ.“
”ير هاڻي اهي سکڻيون سيون ته نه هڻ.“
”بس مڙئي قياس کان، نه ته منهنجو ڇا؟“
خيري ڪي گهڙيون ٻڙڪ نه ٻولي، لاشڪ ته مون واري ڳالهه دل جي تارازيءَ ۾ توري پوءِ اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺائين ته ڏٺم ته شڪن گمانن جا پاڇولا ڪک پن ٿيل هئا ۽ وشواس ۾ اعتبار جا ڀانڊا ڀرپور هئا. مون تان ان جبل جيڏي ڇپ جو بار لهي ويو ته سک جو ساه ڀري کانئس پڇي ورتم:
”ڪر ته خبر خيرا، حوران ڏتي جي ڪڍ ڇو لڳي، جو نه ڏهڻ جو نه ڪهڻ جو؟“
”پير ته ڏهڻ ڪهڻ جو آهي نه ڊاڪٽر!“
”هان!“ منهنجا وائيسر ئي ڦري ويا. جهٽ پلڪ سن کائي ڳالهه جو دل ۾ هنڊايم ته رپئي جا چوڏهن آنا هنيانءُ ٺري ويو. رڳو آنو ٻٽو اڻ تڻ رهي ۽ اها لاهڻ لاءِ وري پڇيومانس: ”پوءِ ڏتي کي ڇو پئي پرڻايائين؟“
خيري ڏند ڪڍي ٽهه ٽهه ڪري جواب ڏنو: ”يار تون ته ڪو صفا چٽ آهين. ميان مائي مرادان جو ڪنهن ڦيڻي ڌاڳي ۾ نه آئي ته پوءِ پير اڏي اها ڏتي واري ڪوڙڪي – اها جو تو جهڙي ڪنهن ڏنڊي ڏوٽي سان پرڻجي وڃي ها ته پير ڪيئن ڦٻي ها؟“