پهرين پهر
هڪ دفعي ته زوفيءَ دل ٻڌي کيس چئي به ڏنو: ”امي! تنهنجا اهي پنج منٽ ته کٽن به ڪونه ٿا.“ هن جو جواب ۾، زوفيءَ ڏانهن خار ۾ گهورڻ ئي ڪافي هو ۽ هو پڇ پائي وٺي ڀڳي هئي ۽ وري ڪي گهڙيون پاڻ اچڻ بدران فريال کي پئي موڪليائين.
اهي آسرا، اهي چهڙون شام جو چئين بجي کان پئي هليون، جڏهن هوءَ ائپرن پائي اچي ميڪ – اپ کي لڳي هئي. پهريون فائونڊيشن ڪريم، وري فيس پائوڊر، وري روج، مسڪارا، آءِ لائينر مڙئي شيشن مٿان شيشون پئي کليون وري بند ٿيون ۽ وري پئي کليون.
هن ان ميلاد جي تياري حقيقت ۾ ته ان ڏينهن کان شروع ڪري ڏني هئي، جنهن ڏينهن هوءَ اوپا جي ميٽنگ ۾ پنهنجي طرفان ڀرپور تياريون ڪري وئي هئي ۽ تڏهن به بيگم ملڪ اڳيان سندس دال نه ڳري سگهي هئي. ان وچ ۾ هوءَ ڪونه ڪو سانگو ڪري ڪراچيءَ جو چڪر به هڻي آئي هئي ۽ اتي هن پنهنجا وار به نئين طرح سيٽ ڪرايا هئا ۽ بيوٽي پارلر جي مسز بيگ جي صلاح سان ميڪ – اپ ۾ روش شيڊ ڇڏي روز ريشل شيڊ جو انتخاب ڪيو هئائين، جيڪو هن جي رنگ تي ٺهڪندڙ به هو. هن ٻٽي ڏينهن سانده بيوٽي پارلر ۾ وڃي – ميڪ اپ به سکيو هو. هن محبوب بخش وارن وٽان ڳولي ڳولي ٻٽي فارين ڪپڙي جا سوٽ به ورتا هئا ۽ پيور پرنٽيڊ شيفون جي ساڙهيءَ جي ڳولا ۾ سپر هاءِ وي وارين جهڳين ۾ به ٿاٻا کاڌا هئا. جنهن وقت اها کيس ملي هئي، هن محسوس ڪيو هو ته ڄڻ سارو جهان کيس ملي ويو هجي. ان کان پوءِ پورا ٻه ڏينهن ته انهن ڪپڙن جي ڊزائن ڳولڻ ۾ صرف ڪيا هئائين ۽ سبڻ کان پوءِ به ٻٽي ڀيرا پائي فل مرر ۾ آڳا پيڇا ڏسي، خاطري ڪئي هئائين. هن هڪ ٻن جوڙن تي شوز ۽ پرس به ورتا هئا. جيولري لاءِ ته هن سمورا دوڪان ڏٺا هئا، پر پرس خالي هئڻ سبب هو ڪو ڳرو جڙائو سيٽ وٺي نه سگهي هئي. تنهن هوندي به اوڌر سوڌر ڪري هڪ هلڪڙو لاڪيٽ، منڊي ۽ ٽاپس جو نورتن سيٽ ورتو هو. موٽڻ کان پوءِ هن ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ جو انتظار شروع ڪري ڏنو هو ۽ ان لاءَ کيس گهڻو ترسڻو نه پيو ۽ جلد ئي کيس بيگم بشير ميلاد جو سڏ ڏنو هو. شام جي چئين بجي کان هن ميڪ اپ شروع ڪري ڏنو هو ٽيبل جو سمورو ٽاپ، شيشون ئي شيشون هو، جي ڪڏهن کليون پئي ته ڪڏهن بند پئي ٿيون.
هن ميڪ – اپ ختم ڪري کليل شيشون بند ڪيون ۽ پوءِ ڊريسنگ گلاس جي ڪڏهن ويجهو وڃي، ڪڏهن پري بيهي اکيون ڦوٽاري، ڪڏهن چنجهيون ڪري، چپ ڀڪوڙي وري کولي پنهنجو اوور آل جائزو ورتو هو. مطمئن ٿي هن پرس کنيو ته فون جي گهنٽي وڳي ۽ زوفيءَ کيس سڏ ڪيو، ”امي بيگم حسين جو فون.“
”ڪمنگ!“ هن سر سان جواب ڏنو ۽ لوڏ سان فون ڏانهن هلڻ لڳي.
بيگم حسين هن جي حجائتي ساهيڙي هئي. عمر ۾ ٿوري هن کان وڏي، پر تجربي ۾ آڙيڪاپ. شاديون، براتيون ۽ پارٽيون هن کان سواءِ نامڪمل هيون. ڪنوارين جا سينگار، سيجون، سندن گوڏي سان گوڏو ڀڃي ويهڻ، کين ڪن ۾ ڳالهيون ڪري کلائڻ، آخر ۾ گهوٽ کي پارتن ۽ صبوح جون خبرون چارون وٺڻ، سندس بلي هوندو هو. هن رسيور کنيو ته بيگم حسين اچي کيس انگن تي کنيو: ”من ڪيترو تڙپائيندينءَ؟ ساڍا ست اچي ٿيا آهن!.“
”بس آيس پئي، ٻيون آيون آهن؟“
”ٻين سان منهنجو ڇا، منهنجو ته تو لاءِ هنيانءُ ٿو ڦاٽي.“
”مسٽر حسين لاءِ هيانءُ ڦاٽندو هوندءِ!“
”ان لاءِ رات جو، هن وقت تو لاءِ.“
”بس بس گهڻو ٿيو.“ هن شرمائجي چيو. بيگم حسين سان سندس پڄڻ جي ڀيڻي ڪونه هئي.
گاڏيءَ ۾ چڙهندي هن کي دل ئي دل ۾ اچي بيگم ملڪ جي هورا کورا لڳي، جا هر پارٽيءَ ۾ کانئس گوءِ کڻي ويندي هئي. شڪل شبيهه، روپ ۾ ته هيءَ به کانئس گهٽ ڪونه هئي، پر بيگم ملڪ به پنهنجي نالي سان هئي. هوءَ هر ڀيري ڪو نه ڪو جدت وارو لباس يا نئون سيٽ پائي، نانگن وانگيان موڙا ڏيندي، ترندي ترڪندي ايندي هئي ته هر ڪنهن جون اکيون وڃي منجهس کپنديون هيون ۽ کيس پيرن کان چوٽي تائين تڪي وري منڍ کان تڪڻ شروع ڪنديون هيون. سڀ، ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سندس چوڌاري ڀونئرن وانگر پيون ڦرنديون هيون. ان وقت هيءَ پنهنجي گروپ سان ٽهڪڙا ڏيندي به اڪيلائي محسوس ڪندي هئي ۽ هن کي پنهنجي ٽهڪ کوکلا لڳندا هئا.
بيگم بشير جو گهر اچي ويو ته اندر گهڙڻ کان اڳ، هن وري به پنهنجو جائزو ورتو. پاڻ ۾ خود اعتمادي پئدا ڪندي وڏي بي نيازيءَ سان موڙا ڏيندي لڏندي لچڪندي، مشڪندي اچي ڊرائينگ روم ۾ پهتي. ميلاد اڃا شروع نه ٿيو هو ۽ پڙهڻ واريون هينئر پئي مسند تي ويٺيون. پنهنجي ويهڻ لاءِ نظرن ئي نظرن ۾ جاءِ ڳوليندي، هن جي نظر اوچتو ئي اوچتو وڃي بيگم ملڪ تي پئي، جنهن کيس ايندو ڏسي، گهڙيءَ لاءِ هن ڏي نهاريو، پر ساڳئي پل ۾ وڏي بي پرواهي سان ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي، ڀرسان ويٺل بيگم لطيف سان ڳالهائڻ لڳي. هن بيگم ملڪ جي اها روش بريءَ طرح محسوس ڪئي ۽ پنهنجيءَ پر به، اهڙي بي پروائي ڏيکارڻ جي ڪئي، پر اوسي پاسي ٻين بيگمات کي وش ڪندي ۽ ماحول جو جائزو وٺندي، قضا تي جو هن ٽيڏي اک سان بيگم ملڪ ڏي ديد ڪئي ته ڪي گهڙيون سندس اکيون منجهس اٽڪي بيهي رهيون. بيگم ملڪ کي پيل ماربل جو سوٽ ته خير ڪجهه به ڪونه هو، جو اهڙو ئي ٻي رنگ جو وٽس به هو. پر سندس سچي جيڊ جو ڳوڙو جڙائو سيٽ ڪا شيءِ هئي! ان سيٽ کي ڏسي هن کي پنهنجي ڳچي وارو لاڪيٽ ڪنهن ميري سٽ جو ٺهيل ڌاڳو لڳو.
هوءَ پوءِ سمورو وقت ان ويسوري ۾ ويٺي رهي. الائي ڪهڙي وقت نعتون پڙهيون ۽ روايتون بيان ٿيون، هن کي ته پنهنجي رئي جي پلو جي به خبر ڪونه هئي، جو هيٺ سرڪي ويو هو. سلام وقت جڏهن سڀ بيگمات اٿيون ته هوءَ پوءِ لاچار سنڌن جي سور جي مريض وانگر مس مس اٿي. ٻيون بيگمات دستور موجب سلام ۾ پنهنجو به سر وٺائڻ لڳيون، پر هن جي وات ۾ ته ڄڻ مڱ پيا هئا. هن کان ته پنهنجي حصي جو تبرڪ وٺڻ به وسري ويو.
ٻاهر ورانڊي پڌر ۾ چانهه ۾ سنيڪس جو انتظام هو. هوءَ به ٻين جي پويان لاچار رڙهندي هلي. بيگم حسين، جا سمورو وقت ٻيءَ ڪنڊ ۾ ويٺي هئي ۽ ميلاد جي ادب کان پنهنجي جاءِ ڇڏي، هن ڏانهن نه پئي آئي، تنهن هينئر واند ڏسي کيس اچي کنڀيو. پر بيگم حسين جا چرچا گهٻا به کيس نه وندرائي سگهيا. ظاهر ۾ ته هوءَ مشڪندي به رهي ته کلندي به رهي، پر تنهن هوندي به هن جا ٽهڪ کوکلا هئا ۽ هن جي مرڪ انهن مريضن وانگر، جي ڪنهن ڪنهن مهل ٻٽي منٽ اکيون پٽي مٿان بيٺل عزيزن کي ڏسي مرڪن. بيگم حسين کيس ائين بي خيالو ڏسي رگهو هنيو: ”من ڪنهن جا پور پيا اٿئي؟“
”توکي ته سدائين مسخري سجهي.“ هن ٿورڙي چڙ مان چيو.
”نيٺ هاڻي کڻي ڦاٽ به کاءُ. مون کان ڪيترو الندينءِ!“
”الا! ڪجهه به ڪونهي.“
ان وقت ته ڪجهه ڪونه ڪڇيائين، پر ميلاد پوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي گهر پهتي ته هوءَ پاڻ جهلي نه سگهي ۽ فون تي بيگم حسين کي چيائين: ”بيگم ملڪ جو جڙائو سيٺ ڏٺئي؟“
”ها، ڪيڏو نه سهڻو هو. ستين اٺين هزارين جو ته واه جو هوندو!“
”نه ته وري! مان ان کان تمام هلڪو چڪايو هو ته ان جي قيمت به پنج هزار هئي.“
”پوءِ اهو سيٽ ڇو نه ورتئي؟“
”اهڙا ڪٿي نصيب. مون وٽ جيولري وري ڪهڙي آهي. هڪ ٽوپس وارو سيٽ ۽ هڪ هي نورتن، جو هينئر ورتو اٿم.“
”پوءِ ڇو نه ٿي مڙس سان انگل ڪرين!“
”نه مائي! اسان کي ته وڏي ڪروڌ کان پوءِ ئي هزار پنجين سوين جي شيءِ ٿي ملي – هي بيگم ملڪ واريون الائي ڪيئن ٿيون مڙسن کي مرضيءَ تي نچائن.“
”مڙس کي نچائڻ نه آيئي ته پوءِ تون ڪهڙي ڪم جي. گهمڻ گهتڻ ۽ پائڻ جي به هيءَ مند اٿئي، يا پوءِ نئين سامائبينءِ!“
”اسان کي ته نٿو اچي.“
”مان سيکاريانءِ!“
”سيکار.“ هن به کلندي جواب ڏنو.
”استادي مڃ ته پوءِ!“
”ڪڏهن نه مڃي اٿم، جو اڄ ٿي نئين بيعت ڪرائين.“
”ڀلا تو ڪڏهن ڪن تي هنيو اٿس؟“
”کوڙا ڀيرا – کلندو، ٽائيندو چوندو ته سون کي ڪهڙو سون ٺهندو.“
”منهنجي هڪ ڳالهه ڌيان تي رکي ڇڏ. اها ذات اٿئي، ڏينهن جا شينهن، رات جو جهڙي ٻلي. هو پهاڪو ڪونه ٻڌو اٿئي ته ڏينهن پرائو، رات پنهنجي. سمجهي وئينءَ يا اڃا ڪتاب اڳتي پٽيان.“
هوءَ شرمائجي وئي ۽ ڪو جواب نه ڏنائين.
”من ڪاڏي وئينءَ؟“ بيگم حسين ڪا ورندي نه ٻڌي کانئس پڇيو.
”اتي ئي آهيان، مڙئي پئي تنهنجيون بي حيائيءَ جون ڳالهيون ٻڌان.“
”ڪم به اهڙي بي حيائي ايندئي. شرافت جو زمانو اصل ڪونهئي. متان رلهي ٿي پئين.“
”بس بس ٻڌم، ڏاڍي ڪا تِرڪ تالڻ آهين.“ هن فون بند ڪري ڇڏيو.
جنهن ڏينهن مڙسهنس پهتو، ان ڏينهن آسمان تي بادل ڇانيل هئا ۽ ٿڌيون هيرون پئي گهليون. هن به ٻٽي ڪلاڪ پاڻ کي باٿ روم ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ اتان نڪتي ته ڄڻ بنا ڦيٽ جي سچو سون. جتان پئي لنگهي، اتي ڪي گهڙيون هٻڪار ئي هٻڪار هئي. چپن تي نيچرل رنگ جي لپ اسٽڪ، بيل باٽم پاجامو، سوڙهي قميص، رئو بنهه ڪونه. مڙسهنس هونءَ ئي مٿس اڪن ڇڪن هو ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ هوندي به مٿس ائين جهرندو هو، ڄڻ اڳ نه ڏٺي هجيس. هن کي پنهنجي اڳيان ڪبوتري جيان هلندو ۽ ترندو ڏسي هن جي ڪڍ ڪڍ ڪبوتر جيان ڳٽڪندو رهيو. هوءَ دل ئي دل ۾ خوش خوش ٻاهران ڦوڪيل. هوءَ اڳ اڳ ۾ هو پويان پويان. بيڊ روم ۾، بورچي خاني ۾، ورانڊي ۾ پر ڪٿي وٺ ئي نه. مڙسهنس جون ڳچيون پئي لڳيون ۽ هن جون ڪنتريون. مڙسهنس انت ۾ ٿڪجي سج کي تڪڻ لڳو، جيڪو ڪي پهر هڪ ئي هنڌ بيهي رهيو هو. مڙسهنس کي جڪ باهيون ۽ اها هورا کورا ته اهو ڪا ڪنڊ لڪائي ته هو پنهنجي جبل جي برفاني چوٽي سر ڪري.
اڃا ٻارن کي پوري پڪي ننڊ به نه آئي هئي، جو مڙسهنس باز وانگر جهپڙ هڻي کيس ٻانهن ۾ کنيو ۽ کيس چمندو چشڪندو اچي ٻيءَ ڪنڊ ۾ پيل کٽ تي ليٽايو. سڄي ڏينهن جو ٻاڙيل کانئس پڇڻ لڳو: ”اڄ ڪهڙو نخرو آ، جو سگنل ئي نٿي ڏئين؟“
”الا! اڄ طبيعت خوش ڪونهي.“
مڙسهنس کي اهي لفظ ٻڌي پريشاني وٺي وئي. ابتا سبتا هٿ هڻي ڏٺائين ته سڀ خير هو ۽ ڪا ڳڻتي جهڙي ڳالهه ڪونه هئي. هو چوڻ لڳو: ”آهي ته خير، توکي باقي ڇا ٿيو؟“
”نه ڊارلنگ، اڄ معافي ٿا گهرون.“
ڏهن ڏينهن کان پوءِ آيل مهمان کي اهي لفظ گولي جيان سيني ۾ لنگهي ويا. هن ذري گهٽ روئڻهارڪو ٿي ٿڌو ساه ڀري چيو: ”ڇو؟“
”ٽيون ڏينهن کان طبيعت خراب آ، موڊ ئي آف آهي.“
مڙسهنس کوري جيان پئي ٻريو. هن سندس موڊ آن ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ سندس مٿان مهرون هڻڻ شروع ڪري ڏنائين، پر اڳيان ڄڻ ته بي جان رٻڙ جي گڏي هئي يا برف جو سنگ. هو چوسيندو رهيو، اها ئي ٿڌاڻ. لاچار هن پڇيو: ”ٽيون ڏينهن نيٺ ٿيو ڇا؟“
هن پهريون ڪو جواب نه ڏنو. نيٺ چپ چپ ٿي سانوڻ مينهن وانگر اٿلي پئي: ”ٽيون ڏينهن مون کي پائڻ لاءِ ڪجهه ئي ڪونه هو. مان ميلاد ۾ اهڙو سمال فيل ڪيو، جو ڪهڙي ڳالهه ڪيان. جڏهن بيگم ملڪ کي سچي جيڊ جو ڳورو جڙائو سيٽ پيل هو!.“
”بيگم ملڪ آهي به ته مل اونر جي گهر واري، مان ڪهڙي مل هنئي آهي!“
”پاڻ کي به جو هيتريون ساريون زمينون آهن، اهي به ته ڪو گهٽ ڪونهن.“
مڙسهنس جي هڪ دل چيو ته کيس نسريون ٻڌائي، پر ٻي دل کيس سمجهايو ته ائين ڪرڻ سان ڪجهه ڪونه ورڻو هو ۽ رهندو رات خراب ڪرڻي هئي. هن کيس ڀاڪر ۾ ڪري چيو: ”جان! سونهن کي سون جي ڪهڙي ضرورت؟ تون منهنجي لاءِ ائين ئي هيرو آن.“
هن به جيئن جو تيئن سندس ويجهو پوندي کيس هر کائيندي چيو: ”پر نيٺ زماني سان به ته منهن ڏيڻو آهي. آيو ويو ته چوندو ته مڙس جو راز ڪونهيس، تڏهن ته ٻسي گهمي.“
مڙسهنس اتي سندس ڳچي ۽ ڪن جي پاڙن کي چمندي چيو: ”پنهنجي حال جي ته خبر اٿئي ته ڏٿ ڏهاڙي سومرا لڳي پئي آ. فارم جي به پاڻ ٿو سنڀال ڪيان ته پوءِ ٿو پيٽ گذران ٿئي. هفتي ڏهن ڏينهن ۾ ڄاڻ فصل لٿو، پهريون تون ۽ پوءِ مان.“
”سچ ٿو چوين يا ڏٽو ٿو هڻين؟“
”جاني تنهنجي سر جو قسم، توکان سواءِ مون کي ڪير پيارو آ.“ مڙسهنس سندس بدن جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿيندي چيو.
هوءَ مڙس جون اهي ڳالهيون ٻڌي کيري ٿي پئي. ٻئي ڀريل بادلن وانگيان وسي پيا ۽ وسندا رهيا.
صبوح جو دير سان هوءَ اٿي – انگ انگ ۾ مٺڙو سور، پر بدن هلڪو هلڪو، اهڙن بادلن جيان جي سڄي رات مينهن وسائي صبوح جو هلڪا ٿي آسمان ۾ ترندا هلندا رهندا آهن. هوءَ وارن مان ڪانٽا ڪڍي، هوريان هوريان چوٽي کولڻ لڳي. اوچتو فون جي گهنٽي وڳي. رسيور کنيائين ته بيگم حسين جو آواز ڪن تي پيس. هن پڇيس: ”من ڪٿي هئينءَ، ٻٽي ڀيرا فون ڪيم.“
”اک ئي هينئر کلي.“ هن جواب ڏنو.
”ڇو ڪو اوجاڳو ڪيئي ڇا؟“
هن شرم کان ڪجهه نه ڪڇيو. اها ڳالهه نٽائيندي ۽ ڪجهه ٻڌائڻ جي خيال سان چيائين: ”ٻي ڳالهه ٻڌ، رات جو وعدو ڪيو اٿئين ته ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ جڙائو سيٽ وٺي ڏيندو.“
”ڪهڙيءَ مهل وعدو ڪيائين، اڳ يا پوءِ؟“
هوءَ چپ، شرم کان منهن ڳاڙهو.
جڏهن ڪي گهڙيون بيگم حسين کي جواب نه مليو ته هن زور سان ٽهڪ ڏيندي چيو: ”من جي اڳ ۾ وعدو ڪيو اٿئين ته پوءِ تو به اهو سيٽ پاتو....... ٻڌو نه اٿئي ته ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.“