شبنم شبنم، ڪنول ڪنول
”سر، مان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ نه آئي آهيان، پر وارڊ فورڊ جي امپروومينٽ ٻڌائڻ آئي آهيان.“
ڊاڪٽر آفتاب منڍ ۾ اهڙن جوابن ٻڌڻ تي هريل هو. پهرين سٽ سان ڪو جهول ۾ نه ڪرندو آهي. هن همٿ ٻڌي وري کيس چيو هو: ”في الحال انهن ڳالهين کي ڇڏ پال، منهنجي ڳالهه جو جواب ڏي.“
”جي اوهان هن وقت موڊ ۾ نه آهيو ته وڏي ڊاڪٽر کان پڇان؟“ پال جو اهو جواب ٻڌي، ڊاڪٽر آفتاب کي مجبورن پيار جون ڳالهيون ڇڏي بيمار جون ڪرڻيون پيون. هن سياڻپ ڪري هيٺائين وٺي چيو: ”چڱو مئڊم، تون ئي ٻڌاءِ ڪيترو بخار آ کيس؟“
”نارمل سر.“
”ته پوءِ ڊسچارج ڪري ڇڏيوس.“
”اهو ڪيئن سر، هن کي ته پيشاب جي به تڪليف آهي. پورو پاس ئي نه ٿو ٿئي.“
”ڏيکار ڪيس.“
سسٽر پال کيس وارڊ نمبر فور جو فائل ڏيکاريو. سڄي ڏينهن جي ڪوانٽٽي، ڇهه سؤ سي سي هئي ۽ ٽيسٽ ورتي وئي هئي ته ڇهه سؤ سي سي بليڊر ۾ به رهيو پي. ڊاڪٽر فائل تي اڌ اکري ۾ لکندي کيس چيو: ”يوريدو نال پياريوس ڏينهن ۾ ٽي دفعا.“
”بليڊر جو ايڪس ري نه ڪڍرايونس سر؟“
”ڪهڙي تڪڙ آ؟ سڀاڻي امپرومينٽ ٻڌائجانءِ، پوءِ ڏسنداسون.“ ڊاڪٽر وٽان موٽي، ڊيوٽي روم ۾ آئي هئي ته سڄي ڳالهه ٻڌائي هئائين. مان کيس خبردار ڪندي چيو هو: ”پال، پري ڀڄجانءِ، وڏو فلرٽ اٿئي.“
”ها! اڳيون رڪارڊ ڇا اٿس؟“
”رڪارڊ ٽوڙيل اٿس سمورا. هن وقت به ٻن سان ناتا اٿس. زرينه مئٽرنٽي واري ۽ پاڻ واري روزي مهيني، ٻئي پيو ماڊل مٽائيندو آهي.“
”ائون هو ڊاڪٽر عسڪري؟“
”سڀ نور آهن، ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايانءِ.“
”ڪجهه ته ٻڌاءِ، خبر ته پوي.“
”اهو ڊاڪٽر عسڪري وري اهڙو اٿئي جو ڏينهن ڏٺي جو به نٿو مڙي. هڪ ڀيري جو اوچتو سندس آفيس ۾ وڃان ته پارٽيشن پويان سسٽر رضيه جي چپن جي حرارت پيو معلوم ڪري.“
”پوءِ.“
”پوءِ ڇا، مان ته وٺي پوئتي ڀڳس، پر ٿوري دير کان پوءِ گهرائي ليلهائي چيائين سسٽر پليز! ڪنهن کي خبر نه پوي.“
”اها رضيه وري ڪهڙي آ؟“
”ڪانه ڏٺي اٿئي؟ سانوري، عينڪ سان. اڄ ڪلهه نائيٽ ڊيوٽي تي آ.“
”ها، ها.“ پال ياد ڪري چيو.
”بس اها ڳالهه نه پڇ ته هتي ڇا ٿيندو آ؟ سڀ ڊاڪٽر ڪنهن نه ڪنهن نرس پويان اٿئي.“
”پوءِ اها خبر وڏي ڊاڪٽر کي نٿي پوي؟“
”هون، سڀ خبرون هوندس. ڪو اهي ڳالهيون لڪن ٿيون.“
”چئبو ته اهڙا ڪيس جام آهن هتي.“
”ڪيس؟ موسٽ ڪامپليڪيٽيڊ ڪيس چئو.“
”ويري سئڊ.“ پال افسوس ڪندي چيو. ٿوري دير ماٺ ۾ رهي، پوءِ مون کان مشڪندي پڇيائين: ”تنهنجو ڪهڙو حال آ؟“
”مان؟“ مون کان ٽهڪ نڪري ويو. ”مون کي نه رنگ نه روپ، مان ته تو جهڙين سهڻين ڇوڪرين لاءِ بچاءُ آهيان، پر ڪو بچاءُ گهري ته.“
”اهو وري ڪيئن؟“
”ڪو ڊاڪٽر جهلڻ تي نه مڙئي ۽ ڊيگهه ڪرئي ته مون کي ٻڌائجان، ائين ڪنٽرول ۾ اچي ويندو، جيئن انسولين کان پوءِ شگر.“
”هان؟“
”ها، توسان گڏ هونديس ته ڪا نظر نه لڳندءِ، مون کي ائين سمجهه، جيئن سهڻي ٻار کي نظر کان نرڙ يا ڳل تي ڪارنهن جو داغ.“
”توکي ڪير ڪارو چوي، تون ته اندر ۾ کير کان به اڇي آهين.“
”اندر کي ڇڏ، ٻاهر جي ڳالهه ڪر.“
”ٻاهر کي ڇڏ، اندر جي ڳالهه ڪر.“
”خير ان بحث کي ڇڏ، ڇڙي اها ڳالهه ياد ڪجانءِ ته منهنجيون خدمتون تنهنجي بلي آهن.“
”اڳي به تنهنجيون خدمتون ڪنهن جي ڪتب آيون آهن؟“ پال کلندي پڇيو.
”گهڻو ڪري نه. يا ته مون جهڙيون هيون، جن کي خدمتن جي ضرورت ئي ڪانه هئي، يا وري تو جهڙيون سهڻيون هيون، جن کي وري ڊاڪٽرن جي خدمت جي ضرورت هئي.“ مان به کلندي چيو.
ڏهن ٻارهن ڏينهن کان پوءِ مون کي پاسي تي گهلي چوڻ لڳي: ”هاڻي مان ڇا ڪيان؟“
”ڇو ڪا اهڙي ڳالهه آ ڇا؟“
”نه ته توکي ڇو چوان ها.“
”ڪيس هسٽري ٻڌاءِ.“
”هن ڪيس جي هسٽري هيءَ آهي ته ڊاڪٽر آفتاب منهنجي پچر نٿو ڇڏي. مان جنهن وقت وٽس وڃان ٿي ته مون کي گهوري ٿو ۽ ائين ٿو گهوري جو سندس نظرون هن ٿلهي يونيفارم کان به ٽپي اندر ٿيون نهارن.“
”اکيون ڏسڻ لاءِ ئي آهن مئڊم، زبان جي ڳالهه ڪر.“
.ان ۾ به گهٽ ڪانهي، اها به هر وقت پيار جا ٻول ٿي ٻولي.“
”چئبو ته ڪيس سيريس آهي.“
”نه ته وري ڇا، هو مون کي سسٽر بجاءِ مادام ٿو سڏي.“ پال معصوميت سان چيو.
بي اختيار مون کان کل نڪري وئي. مس مس کل روڪي چيم: ”ڪهڙو بدذوق تو جهڙيءَ کي سسٽر سڏيندو. اهو لفظ ته مون جهڙين ڪارين ڪوجهين لاءِ آهي.“
”وڏي ذلالت آهي!“ پال خار ۽ ڏک جي گڏيل لهجي ۾ چيو. ”ڀلا، هن پرابلم کي ڪيئن حل ڪجي؟“ مان ڳالهه بدلائيندي پڇيو. ”تو ئي ڊاڙ هنئي هئي، تون ئي ٻڌاءِ.“ هوءِ وري چيهي وانگر چهڪڻ لڳي.
”ڇا پڇڻو اٿئي کانئس؟“
”وارڊ اٺين بابت پڇڻو هو. هن کي بلڊ پريشر آهي ۽ ڏينهن ۾ کيس ٽي دفعا سرياسل ڏيندي آهيان، پر اڳهون جو ٽمپريچر ڏسانس ته 103 ڊگريون بخار اٿس. هينئر ڊوز گهٽايان يا اهو ئي ڏيندي رهان؟“
”نسخو ڏيانءِ، يا مان وڃان تنهنجي بدر؟“
”تون وڃ، مان ڪونه وينديس.“
مان سڌو ڊاڪٽر آفتاب وٽ هلي ويس. کيس سڄي حقيقت ٻڌائي هدايت پڇڻ لڳس، پر ڊاڪٽر منهنجي ڳالهه کي ڪو وزن نه ڏنو. رهندو مان کان پڇڻ لڳو: ”اهو ڪيس ته پال جي چارج ۾ آهي، تون ڪيئن آئينءَ سسٽر؟“
”سر، مون کي پال رڪيسٽ ڪيو ته توهان کان پڇان.“
”هوءَ پاڻ ڇو نه آئي؟“
انهن اجاين سوالن تي مون کي خار اچي وئي. اشراف هجي ته ماٺ ڪري چوي ها: ”هينءَ ڪر يا هونءَ ڪر.“ پر هن ته پاڻ کي پاڻ خوار ڪرڻ پئي گهريو، مون کي ڪهڙي ضرورت هئي کيس ڍڪڻ جي، مان به رکڻي ڪانه رکي. ”سچ ٻڌايانو سر؟“
”ها ها.“
”هن کي اوهان مان وڏي شڪايت آهي.“ مون ڦٽاڪي کي باه ڏيندي چيو.
ڊاڪٽر آفتاب ڇرڪ ڀري ڪرسيءَ تان ائين کڙو ٿي ويو، جيئن ڪنهن اوچتو هن جي بٽڪس ۾ پهرئين نمبر جي سئي هنئي هجي. هو وائڙو ٿي ويو ۽ هٻڪي چوڻ لڳو:
”....... مون مان؟ سسٽر اوهان کي غلط فهمي آهي.“
”مون کي ڪانهي، پر پال کي آهي سر. هن ته مٿي شڪايت ڪرڻ پئي گهري، پر مون کيس سمجهايو.“
ڊاڪٽر چپ ڀڪوڙي ماٺ ڪري ويٺو رهيو. مون وري کيس چيو: ”سر، هوءَ اهڙي قسم جي ڇوڪري ڪانهي.“
پر ڊاڪٽر ڪو جواب ڪونه ڏنو وري به مان ئي کانئس پڇيو: ”ڇا چوانس، ڊوز گهٽائي يا نه گهٽائي؟“
اتي ڊاڪٽر ۾ مس مس چرپر ٿي ۽ هڪ مرزيل آواز نڪتو: ”ڏينهن ۾ صرف هڪ گوري ڏيوس، وڌيڪ سڀاڻ رائونڊ کان پوءِ.“ مان خوشيءَ ۾ ٻهڪندي ٻاهر نڪتيس ۽ يڪو سوچيندي آيس ته من جا ميرا ڪيڏا نه ڊڄڻا ٿيندا آهن. ڪو سچو پريمي هجي ها ته هيانءُ ڦاڙي چوي ها: ”ها برابر مان ساڻس پريم ٿو ڪيان ۽ اهو پريم سڀني ڳالهين کان اتم آهي، ان کي بالا عملدار جو به خوف ختم نٿو ڪري سگهي ۽ نه نوڪري مان نڪرڻ جو خيال. وڃي کيس چؤ ته ڀلي جنهن کي وڻيس تنهن کي دانهن ڏئي.“ مان انهن خيالن ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو پال کان به ٽپي ويس جو هن تاڙي وڄائيندي چيو: ”او مئڊم..... او مئڊم!“
”اڙي“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
مان کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ يقين ڏياريم ته يا عمر ڪونه، ته به في الحال ڪي ڏينهن ته ڇٽينءَ. هوءَ خوش ٿي چوڻ لڳي: ”ويل ڊن، چڱيون ٻڌايون سين.“
ٻئي ٽئين ڏينهن پال مون کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر آفتاب ان ٿوري ڊوز ۾ ئي ٺيڪ ٿي ويو هو. هوءَ ڪنهن ڪم سان وٽس وئي ٿي ته اڳي وانگر ڊيگهه ڪرڻ بجاءِ، صرف مطلب جي ڳالهه ڪري، جند پئي ڇڏايائين. سندس گفتگو مان به اها ئي نرمي غائب ٿي وئي هئي ۽ ساڻس ائين پئي ڳالهايائين، جيئن ڪو باس پنهنجي زيردست سان ڳالهائيندو آهي. پر پال کي اڃا هڪڙي شڪايت هئي جو هن چيو: ”باقي هڪڙي ڳالهه.“
”ڪهڙي ڳالهه؟“
”هو مون کي اڃا سسٽر نٿو سڏي.“
”اهو سرطان وانگر لاعلاج مرض آهي، جنهن جو هن ملڪ ۾ ڪو علاج ڪونهي.“ مان کلندي چيو.
”پر ڏس ته، سسٽر ڪيڏو نه پيارو لفظ آهي ۽ ڪيڏي نه وڏي مقصد ڪري اسان لاءِ چونڊيو ويو آهي.“
”ويري ساري، ويري ساري.“
”خير!“ پال قناعت ڪندي چيو: ”نه سڏي ته وڃي ڌوڙ پائي.“
”ٺيڪ آ، وڃي ڌوڙ پائي.“ مان به ٽيڪو ڏيندي چيو.
هن اسپتال ۾ مريضن کي رهائڻ لاءِ کوڙئي ڪمرا آهن، جن ۾ بي داغ سفيد بسترا وڇايل هوندا آهن. اهڙي سهڻي ماحول ۾ ئي مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي ۽ خوش چڱا ڀلا ٿي نڪرندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن مريض کي اسپتال ۾ داخل ٿئي گهڻا ڏينهن ٿي ويندا آهن ته ڪي نه ڪي نرسون يا وارڊ بوائز هڏ ڏوکي ٿي، کين خانگي علاج جي صلاح ڏيندا آهن. خانگي ڊاڪٽر شوق سان به علاج ڪندا آهن ۽ پئسو به گهٽ وٺندا آهن. هيوميوپيٿ ۾ ته آپريشن جي به ضرورت نه پوندي آهي ۽ ٻن ٽن گورين ۾ ئي مريض نوبنو ٿي ويندو آهي. مريض کي يقين ڏيارڻ لاءِ ٻن ٽن مريضن جا مثال به ڏبا آهن. مريض اها سهڻي صلاح مڃي، پنهنجو بيڊ ٻين مريضن لاءِ خالي ڪري ويندو آهي. پوءِ پنهنجي گهر مرندو آهي ته سڪون سان مرندو آهي ۽ ٻين مريضن تي به ڪو اثر نه پوندو آهي. اهڙي طرح هن اسپتال ۾ هزارين مريض علاج ڪرائيندا آهن ۽ جيئرا جاڳندا ڊسچارج ٿيندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي مريض پنهنجي ڊاڪٽرن ۽ نرسن سان به ائين ڌوڪو ڪري ويندا آهن، جيئن وارڊ ڏهين جي مريض ڪيو هو. ان رات سسٽر رضيه جي ڊيوٽي هئي. هوءَ نائين بجي وارو رائونڊ به هڻي آئي. هو خوش، چڱو ڀلو ستو پيو هو. نبض ٺيڪ، بخار ڪونه. ان رائونڊ کان پوءِ هن وچ ۾ ٻيو ڪو رائونڊ نه هنيو. صبح جو پال ڊيوٽي سنڀالي ته مريض بنڊ جيان پيو هو. اهڙو بيگانو موت ڏسي پال جون نيريون اکيون نير ڇڏڻ لڳيون.
سڄي ڳالهه ٻڌائي وري سڏڪن ۾ پئجي وئي. مان کيس سمجهايو: ”پال، ايترين ڳالهين تي روئيندينءَ ته سڄي عمر پئي ڳوڙها ڳاڙيندينءَ، موت تي ميار ته ڪونهي.“
”پر سسٽر ههڙو موت جو مرڻ وقت ڪو اکيون نه وٺي ڪو عضوو نه ٺاهي، ڪو قرآن نه پڙهي، ڪو بائبل نه بخشائي. او خداوند! تون رحم ڪر.“ ائين چئي هوءَ نرڙ ۽ ٻنهي ڪلهن کي جهلي صليب ٺاهڻ لڳي.
”رضيه ڪاڏي وئي هئي؟“
”هن ته الائي ڪاٿي پئي ڌوڙ پاتي، پر ڪنهن ٻيءَ به رائونڊ نه هنيو!“
”ٻي پرائي وارڊ جو ڇو هڻي؟“
”پر هتي ائين ڇو آهي؟“
”اهو ضروري آهي، فرض کي چڱيءَ طرح نباهڻ لاءِ.“ مون کيس سمجهايو.
”ڀلا رضيه تي ڪو ائڪشن کڻندا؟“
”ڇو، هن ڪا غلط دوا ڏني؟“
”پر کين رحم ئي ڪونه ايندو اهڙي موت تي؟“
مون سمجهيو ته هوءَ هانءِ جي ڏاڍي ڪونئري هئي ۽ کيس باقاعدي سمجهائڻ جي ضرورت هئي. مان پال کي ڳراٽڙي پائي چيو: ”پال، سياڻي ٿي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. هتي گهڻا مريض شفاياب ٿين ٿا ته ڪجهه مري به وڃن ٿا. هڪ هڪ مردي تي ويهي روئون ته ڪو ڪم ٺهندو؟“
هن ڪو جواب ڏيڻ گهريو، پر مان کيس اشاري سان روڪي وري پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي: ”ڪاسائي روز ٿا جانور ڪهن ۽ ماس وڍين ٽڪين، پر هنن کي سيسراٽي ڪانه ايندي آهي، ڇو ته اهو هنن جو ڌنڌو آهي ۽ موت ۽ حيات هنن لاءِ نارمل ڳالهه آهي.“
مان مثال ڏنو پر پڇتايم پوءِ، جو هن منهنجي مثال جي پڪڙ ڪئي ۽ چيو: ”چئبو ته ڊاڪٽر ۽ ڪاسائي هڪڙي ڳالهه آهن؟“
”مان ته ڇڙو مثال ڏنو، ان کي هروڀرو ڇڪ ته نه!“
پر منهنجي ڳالهه جو مٿس ڪو اثر نه پيو. ڏٺم ته سندس اکيون، سانوڻ جي مند ۾ نديءَ وانگر اٿلي پيون ۽ ڳوڙها جهر جهر ڪري وهڻ لڳا.
هن اسپتال ۾ ڪي مريض اهڙا به داخل ٿيندا آهن، جن پيار جي ڇانو ۾ ڪي گهڙيون ڪونه گهاريون آهن ۽ ڪي اهڙا به ايندا آهن، جي ڪنهن ناڪام پيار جي چوٽ کاڌل هوندا آهن. هن اسپتال ۾ ٻه ٽي ڏينهن رهڻ کان پوءِ کين ڪا نه ڪا ڀوري، سانوري ۽ بانوري نرس وڻڻ لڳندي آهي. هو سندس انتظار ۾ اکيون وڇايو ويٺا هوندا آهن ۽ سندن ڪن پنهنجي نرس جي سهڻن پيرن جي کڙڪي ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا آهن. هو اندر ايندي آهي، سندن ويڻي کي پنهنجي سنهين آڱرين ۾ جهلي پلس ڏسندي آهي، سندن ميرا ڪپڙا بدلائي اڇا اجرا ڪپڙا پارائيندي آهي، سندن مر لڳل جسمن کي گرم پاڻي سان ڌوئي، اجرو ڪندي آهي. ان وچ ۾ هوءَ ساڻن ڳالهيون به ڪندي آهي ۽ رکي رکي هلڪا هلڪا ٽهڪڙا به ڏيندي آهي. پوءِ ان ٿوري گهڻي گهاٽائپ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن مريض کي سندس جدائي ڏکي لڳندي آهي ۽ هو ساڻس پيار ڪرڻ لڳندو آهي. هو ڪو موقعو تاڙي پنهنجيون بيمار ۽ اداس اکيون ڏانهس کڻي، سڪل چپن کي زبان سان آلو ڪري، پنهنجي پيار جو اظهار به ڪندو آهي. وارڊ نمبر 12 ۾ رهندڙ هڪ دل جي مريض به پال کي ڏسي، پنهنجي سرءُ جهڙي پيلي رنگ ۾ بهار جا جهوٽا محسوس ڪيا هئا. هڪڙي ڏينهن جڏهن پال کيس شيو ڪري، اسفنج هڻي، اڇو اجرو ڪيو هو، تڏهن هن کيس چيو هو: ”نرس، تون ڏاڍي سهڻي ۽ مهربان آهين.“
”ٿئنڪس مسٽر نذير.“ پال ان قدرداني تي مرڪي چوڻ لڳي.
”پال، تنهنجي ڪيتري ڊيوٽي آ روز؟“
”اٺ ڪلاڪ.“
”تون ايندي آهين ته مان خوشيءَ سان دوا پيئندو آهيان، پر تون ڪونه هوندي آهين ته دل چوندي آهي ته گوريون وٺڻ بدران لڪائي رکندو وڃان ۽ جڏهن تون اچين ته سڀ تنهنجي هٿن سان وٺان.“
”ائين ته فائدي بدران الٽو نقصان پهچندو.“ پال گهٻراهٽ ڏيکاري چيو.
”واقعي ائين ته مان مري ويندس ۽ مان هاڻي مرڻ نٿو گهران.“
وري هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ شيشي جي ننڍڙي گلاس ۾ هڪ اڇي دوا کڻي کيس پيارڻ وئي ته نذير منهن گهنڊائي چيو:
”اڇاڻ، اڇاڻ! اڇا بسترا، اڇيون گوريون، اڇي دوا ۽ اڇي يونيفارم ڏسي مان ڪڪ ٿي پيو آهيان. تون هن يونيفارم کان سواءِ ٻيو لباس به پائيندي آهين؟“
”ها نذير، مان ساڙهي به پائيندي آهيان.“
”رنگين ساڙهيون؟“
”ها رنگين ساڙهيون – پنڪ، آرينج، ليمن، سڀ رنگ.“ پال ڏانهس دوا جو گلاس وڌائيندي چيو.
”پليز، ڪڏهن ته ڪا رنگين ساڙهي پائي اچ.“ هن هڪ ڳيت ۾ دوا پي چيو.
”ڊيوٽيءَ واري وقت ته ڏاڍو مشڪل آ.“ پال نٽائڻ چاهيو.
”ڀلي ڊيوٽيءَ کان پوءِ ئي، پر مون کي ساڙهي پائي ضرور ڏيکار.“
”ڪوشش ڪنديس، پر پرامز نٿي ڪري سگهان.“
”نه پرامز ڪر.“
”چڱو ڀلا پرامز.“
ستت ئي هڪ شام جو ليمن جارجٽ جي ساڙهي پائي ۽ وڏو ڪارو پرس ٻانهن ۾ وجهي، وڃي سندس سامهون بيٺي. هو کيس ٻئي لباس ۾ ڏسي خوش ٿي ويو ۽ کيس چڱيءَ طرح ڏسڻ لڳو: ”پال، گاڊ ابئو. توکي هي ڪپڙا ڏاڍا ٺهن ٿا. تنهنجي سونهن نکري پئي آهي. توکي هر رنگ ٺهندو.“
”هون!“ پال ائين عجب کائڻ لڳي ڄڻ کيس خبر ئي ڪانه هجي.
”ها ها، توکي هر لباس، هر رنگ ٺهندو.“
”پوءِ ته مان رنگين ڪپڙا پائينديس.“
نذير ڪنڌ هيٺ ڪري ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو ۽ جهٽ کن رکي، چوڻ لڳو: ”پال، هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ؟“
”ٻڌاءِ.“
”پال، مان ڀانيان ٿو ته توسان پيار ٿي ويو اٿم ۽ پيار به روز بروز وڌون وڌ.“
پال ٿورو گهٻرائجي وئي پر يڪدم پاڻ تي قابو پائي چوڻ لڳي:
”ريئلي؟“
”ها پال، اهو ڪوڙ نه اٿئي.“
”اها ته منهنجي خوش قسمتي آهي نذير.“ پال ٿورو سوچي چيو.
”سچ؟“
”سچ.“
نذير اهو جواب ٻڌي وڏو ساه کنيو، ڄڻ سندس سيني مان ڪو وڏو بار لهي ويو. هن پال کي پيار سان نهاريندي چيو: ”تون ۽ مان شادي ڪنداسون.“
”ممي جو اعتراض ڪري ته؟“
”مان پاڻهي ممي کي راضي ڪندس. کيس ايلاز به ڪندس ۽ پيرين به پوندس. هوءَ اهڙي نامهربان نه ٿيندي.“
”پوءِ ته ٺيڪ آ، پر هاڻي تون آرام ڪر.“
”نه ته مون کي ننڊ ڪانه ايندي.“ نذير ضد ڪرڻ لڳو.
”تون ننڊ نه ڪندين ته مان توسان عمر نه ڳالهائينديس.“
”چڱو مان ننڊ ڪيان ٿو پر پهريون مون کي ڪس ڪر.“
پال ان خواهش تي گهٻرائجي وئي. پر جلد ئي هن پاڻ سنڀالي نذير جي پيشاني تي پنهنجا چپ رکيا. سندس چپن جي ڇهاءُ سان ئي نذير جون اکيون ٻوٽجي ويون ۽ هن ننڊاکڙي آواز ۾ چيو: ”تون هاڻي ڀلي وڃ، مون کي ننڊ ٿي اچي.“
پال مون کي اهي احوال ڏنا ته مان حيران ٿي ويس. هوءَ مون کي سمجهائيندي چوڻ لڳي: ”ڏس نه، اسان کي مريضن جي ڪيڏي نه خدمت ڪرڻي ٿي پوي. کين ڌوئاريون ٿا، وهنجاريون ٿا، پر سندن فضول وار به صاف ٿا ڪيون. اتي جي دل رکڻ لاءِ کين ڪس به ڏيون ته ڪهڙو عيب، مقصد ته ساڳيو آهي.“
مون ڪجهه ڪين ڪڇيو، مون کي ماٺ ۾ ڏسي چيائين: ”توکي ڳالهه نه وڻي ڇا؟“
مان کيس ڳراٽڙي پائي چيو: ”نه نه، تون بلڪل ٺيڪ ڪيو، پر جي کيس حد کان ٽپندو ڏسين ته مون کي ٻڌائجانءِ.“
”گهڻو ڪري ته تنهنجي ضرورت ڪانه پوندي.“ پال مشڪندي چيو.
هن اسپتال ۾ نرسن جون ٽي شفٽون آهن ۽ پيون بدلبيون آهن. جيڪي نرسون صبح جو ڊيوٽي ڏينديون آهن، سي وري منجهند جو ڏينديون آهن. منجهند واريون ڦري وري رات جو ڏينديون آهن. ڊاڪٽرن جون ڊيوٽيون به ائين پيون ڦرنديون آهن. ڊاڪٽر سڄي رات ڪونه ويهندا آهن، پر ٿورڙي گهڙي ويهي هليا ويندا آهن. گهڻو ڪري سندن ضرورت ڪانه پوندي آهي، پر جي ضرورت پوندي آهي ته کين گهرائي وٺندا آهيون. ان رات جڏهن ڊاڪٽر ناصر مون کي ٻڌائي پڪچر ڏسڻ هليو ويو، تڏهن ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي. سڀ مريض فرنا ستا پيا هئا، پر پال تڏهن به چڙي ويئي ۽ مون کي چيائين: ”تو اهو ڪم چڱو نه ڪيو.“
”پر اها نئين ڳالهه ته ڪونهي. مان کيس ڪهڙو جواب ڏيان ها؟“
”پر جي ڪجهه ٿي پئي ته اسان ٻه ڄڻيون ڇا ڪري سگهنديون سين؟“
”ڪجهه ڪونه ٿيندو، اڍائي ڪلاڪن جي ته ڳالهه آهي.“
”اڍائي ڪلاڪ ته وڏا آهن، هتي ته منٽن ۾ به ڪجهه ٿي سگهي ٿو.“
”اها ته وائي نه ڪڍ، خدا سڀني جو نگهبان آهي.“
خدا جو نالو ٻڌي کيس آٿت اچي ويو ۽ چوڻ لڳي: ”بيشڪ هو سڀني جو نگهبان آهي.“
”چڱو تون هاڻي رائونڊ هڻي آءُ ته مان تنهنجي لاءِ فرسٽ ڪلاس چانهه ٺاهيان، پوءِ گڏجي پيئنداسون.“
”او گڊ!“ هوءَ خوش خوش رائونڊ تي ويئي.
روم کان ٻاهر نڪتي ته ڊگهي ڪاريڊور ۾ سندس هلڻ جو سريلو آواز منهنجي ڪنن ۾ وڄندو رهيو. مان ٻن ڪوپن جو پاڻي اسٽوو تي رکيو، ڪوپ ڌوئي ٽيبل تي رکيم. ڪٽليءَ ۾ پاڻي اٻرڻ لڳو ته ان کي لاهي اڃا رکيو هوم جو ڪاريڊور ۾ اگهاڙي پيرين ڀڄڻ جو آواز آيو. مان ٻاهر نهارڻ لاءِ وڌيس جو هوءَ در وٽ اچي پهتي. کڙڪيءَ کان ٻئي پادر لاهي هٿ ۾ جهليا هئائين، سهڪندي چوڻ لڳي: ”جنهن ڳالهه جو ڀؤ هو، سا نيٺ ٿي.“
”هاڻ خير آهي؟“ منهنجيون وايون بتال ٿي ويون.
”خير وري ڪهڙو، نذير وارڊ ٻارهين وارو......“
مون کيس ڳالهه ئي پوري ڪرڻ ڪانه ڏني ۽ تڪڙي وڃي روم ٻارهين وٽ پهتس. ڏٺم ته نذير موت ۽ حيات جي ٻواٽي تي، دم پهر لاءِ بيٺو هو. هن دم جي مريضن وانگر وڏي تڪليف سان پئي ساه کنيو. مان سندس هٿ پير ڇهيا ته برف جهڙا ٿڌا، نبض ڏٺم ته ٻه ڌڪ هڻي ٽيون ڌڪ نه هڻڻ جهڙو پئي هنيائين ۽ اهڙي سست پئي هلي ڄڻ اجهو بيٺي اجهو بيٺي. مون ڪوريمن جي شيشي کڻي ٻٽي ڦڙا مريض جي وات ۾ وڌا ۽ پال کي چيم: ”ڊاڪٽر ضرور اچڻ گهرجي.“
”فون ڪيونس، ڪهڙي سئنيما ۾ هوندو؟“
”الائي.“
”پوءِ...... پوءِ........؟“ هوءَ گهٻرائجي هٻڪڻ لڳي.
”هاڻي ماٺ ڪري ويهي ره.“
”يعني ته.....؟“
”منهنجو مطلب آهي ته ڊاڪٽر ناصر ڄاڻ آيو.“
”ان جي اچڻ ۾ ته اڃا ڏيڍ ڪلاڪ کن آهي، او گاڊ! ائين ڪين ٿيندو!“
هوءَ روئڻهارڪي ٿي ويئي.
مون ڪو جواب ڪونه ڏنو، هن وري روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو:
”ڊاڪٽر آفتاب کي ڇو نه ٿي سڏين؟ هو به ڪمپائونڊ اندر رهندو آهي!“
”هو اچي الائي نه، هن جي ڊيوٽي ڪونهي.“
”ڊيوٽي، ڊيوٽي! واٽ اي نان سنس!“ هن ڪاوڙجي چيو، پر وري منهنجي کاڏي کي جهلي ايلاز ڪري چيائين: ”تون فون ته ڪرينس.“
”مون کي فون ڪرڻ ۾ ڇاهي، پر پال، هو ڪونه ايندو.“
ان سمجهائڻ باوجود هوءَ مون کي ٻانهن کان وٺي ڊيوٽي روم ڏانهن گهلي وئي. مون ڊاڪٽر جو نمبر ڊائل ڪيو. گهنٽي ڳپل مهل وڄندي رهي ۽ پوءِ رسيور کڄيو. مون آواز سڃاڻي چيو: ”ڊاڪٽر، سر، مان ليلا ٿي ڳالهايان ڊيوٽي روم مان. هڪ مريض کي هارٽ اٽئڪ ٿيو آهي، اوهان مهرباني ڪري اچي سگهندؤ؟“
”پر اڄ ته منهنجي ڊيوٽي ڪونهي، ڊاڪٽر ناصر ڪونهي ڇا؟“
”سر، هو پندرهن منٽ اڳ ته هتي هو پر هينئر ته شايد هيٺ لهي ويو آهي، اوهان ئي مهرباني ڪيو.“
”اتي ئي هوندو، کيس ڳولي وٺ.“ هن خار ۾ ٺپ ڪري رسيور رکيو.
مان رسيور رکي پال ڏي منهن ڪري چيو: ”ڏٺئي، اجايو مون کي خراب ڪيئي.“
”پر هن کي ته ضرور اچڻ گهرجي، هتي ڪنهن جي حياتي جو سوال آهي.“
”مان ته کيس وس ڪيو، ٻيو ڇا ڪيان؟“
”پوءِ مان ٿي پاڻ وڃانس.“
”نه نه، تون نه وڃينس، تو سان چڙيل آ.“
”مان ويندس ۽ کيس ضروري وٺي ايندس.“
هوءَ ڀڄندي هلي وئي. مون سندس لهڻ جو آواز ٻڌو. هن هڪ هڪ وک ۾ ٻه ٻه ڏاڪا پئي ٽپيا، تانجو آخري ڏاڪي ٽپڻ جو وري سنئين سڌي فرش تي ڀڄڻ جو آواز آيو. مان مريض وٽ اچي سندس نبض ڏٺم ته اها ٿوري سڌري هلي هئي. مان وري ڊيوٽي روم ۾ اچي ضروري انجيڪشن، سرنج، بلڊ پريشر انسٽرويومينٽ، اسٽيٿسڪوپ کڻي ٽيبل تي رکيا ۽ وري ڪاريڊور جي پرين ڇيڙي تي پيل آڪسيجن پلانٽ گهلڻ شروع ڪيم. پلانٽ ڪافي ڳورو هو ۽ رهندو ان جي اسٽينڊ جو هڪ ڦيٿو ڀڳل هو، سو مشڪل سان پئي رڙهيو. ان کي مس مس گهلي اچي روم جي ٻاهران بيهاريم. ٿڪ پٽي واچ ڏانهن نهاريم ته پنجويهه منٽ گذري ويا هئا. ڊاڪٽر جو ڪوارٽر ڪمپائونڊ اندر هو ۽ وڌ ۾ وڌ پنجن ڇهن منٽن جو مفاصلو هو. ان حساب سان ته ڳپل وقت گذري ويو هو، پر پهريون ته ڊاڪٽر در ئي نه کوليو هوندو، مس مس کوليو هوندائين، اچڻ کان انڪار ڪيو هوندائين، پر وري سندس ايلازن تي مس مس مڃيو هوندائين. منهن تي پاڻي جو ڇنڊو هڻندو، ڪپڙا بدلائيندو ۽ اتي ته ڳپل دير ٿيڻ لازمي هئي. البته جي هو اچڻ واري نه ڪري ها ته پال جيڪر موٽي به اچي ها. اهي ئي ڳالهيون پئي سوچيم ته فون جي گهنٽي وڳي. رسيور کنيم ته ڊاڪٽر آفتاب جو آواز سڃاتم؛ هن پڇيو: ”مريض جي پلس ڪيئن آ؟“
”هينئر ٿوري سڌريل آ سر.“
”گڊ، چڱو تون کيس سئي هڻ ۽ آڪسيجن ڏي. مان منٽن ۾ ٿو پهچان.“ مان سرنج ڀري مريض کي سئي هنئي ۽ وري آڪسيجن پلانٽ کي چيڪ ڪري، ان جي رٻڙ جي ٽيوب مريض جي نڪ ۾ لنگهائي، ان کي پلاسٽر سان قابو ڪيم. ان ڪم مان واندي ٿي واچ ڏانهن نهاريم ته پال کي وئي پورو ڪلاڪ ٿي ويو هو ۽ اڃا ڊاڪٽر ڪونه آيو هو. مان ڪمري کان ٻاهر نڪري ڪنايو. ڪاريڊور ۾ ڪو آواز ڪونه هو ۽ ڏاڪڻ ۾ اچڻ جو کڙڪو ڪونه هو. ٿوري دير اتي انتظار ڪري، اڳتي وڃي ورانڊي مان ڪمپائونڊ ڏانهن نهاريم ته ڏٺم ڊاڪٽر آفتاب بئگ لوڏيندي، سيٽيون وڄائيندو اچي رهيو هو. سندس پويان ٿورو پرتي ٻيو به پاڇو هو، جو شايد پال جو هو. ڊاڪٽر اچڻ سان مريض جي دل نبض تپاسي ۽ خوش ٿي مون کي شابس ڏيندي چيائين: ”گڊ ورڪ سسٽر.“
پنهنجي ڪم جي تعريف ٻڌي مون کي خوشي ٿي ۽ مان آڪسيجن پلانٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
”آڪسيجن به چيڪ ڪيو نه سر؟“
”بلڪل ٺيڪ آ، هاڻي بتي وسائي ڇڏ.“
”آڪسيجن سڄي رات هلي سر؟“
”نه نه ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ڪڍي ڇڏجانءِ.“
ڊاڪٽر کي ڏاڪڻ وٽ ڇڏي پوئتي موٽيس ته اوچتو منهنجي نظر پال تي پئجي وئي. هوءَ وارڊ نمبر ٻارهين وٽ ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. هن جو منهن پيلو پيلو هو، چپ سڪل سڪل ڄڻ رت هجيس ئي ڪونه – الائي ڇو هوءَ مون کي ان ڪنول جيان لڳي، جنهن جي هيٺان بيٺل سيتل ڍنڍ جو پاڻي سڪي وڃي ۽ اهو لوساٽجي ويو هجي. جيئن کيس ويجهو ڏٺم، تيئن منهنجون اکيون ڪنهن خوف کان ڦوٽارجي ويون. مون کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي پڇڻ لڳي: ”ليلا، نذير بچندو نه؟“ مان محسوس ڪيو ته هن اهو سوال منهنجي ڌيان ڦيرائڻ لاءِ ڪيو هو. مان کيس ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏنو، رهندو کيس ڌونڌاڙي پڇيم: ”ڪر خبر پال، ايتري دير ڇو ڪيئي؟“
هوءَ ٿورو کلي، پر هڪ ڦڪي کل. ذري گهٽ روئڻ جهڙي ۽ چيائين: ”شي شي، ڪنواريون ڇوڪريون اهڙيون ڳالهيون نه پڇنديون آهن.“
”پر تون وئينءَ ڇو؟ تون وئينءَ ڇو؟“ کار ۽ ڏک ۾ پڇيم.
”منهنجي وڃڻ مان ته فائدو پيو نه، اڳتي جنهن وقت فون ڪنداسونس تنهن وقت هليو ايندو. جي اعتبار نه اچئي ته کڻي هاڻي جو هاڻي فون ڪري، ڏس اچي ٿو نه!.“