استاد ۽ شاگرد
”نه مان ڪونه.“ ننڍڙي ڇوڪر منهن سڄائيندي نهنڪر ڪئي.
”ڀائو ناهين منهنجو؟“
”آهيان.“
”پو هي ڏينس ته وڃي.“ هن نيرو لفافو سندس معصوم هٿن ۾ ڏنو.
”مون کي ماريندي.“ ننڍڙي ڇوڪر کي ڀؤ ورايو.
”خدا جو قسم ڪونه ماريندي، اٽلو خوش ٿيندي. تون رڳو وڃي هٿ ۾ ڏجانس.“
”نجمه کي ڇو نه ٿو ڏئين ته وڃي ڏئي اچي.“ ننڍڙي عقل ويڙهايو.
”نجمه کي ايترو عقل ڪٿي، تون ته عقلمند آهين نه.“ هن ننڍڙي ڇوڪري کي ”مسڪو“ هنيو. هونئن نه ته سندس سوال تي کيس ڏاڍي خار آئي هئي. پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کان اهڙو خط پهچرائڻ هن کي ڏاڍو ڏکيو پي لڳو.
”ڀلا ڇا لکيو اٿئي هن خط ۾؟“ ننڍڙي ڇوڪر وڃڻ کان اڳ پڇيو.
”سڀ ڪجهه.“ هن جون اکيون سرور ۾ بند ٿي ويون. ”وڏو ٿيندين ته پاڻهيئي ڄاڻ پوندءِ.“ هن کان بي اختيار ٿڌو ساه نڪري ويو.
ننڍڙي قاصد خط پنهنجي ڀيڻ کي پهچايو. سندس ڀيڻ خوشيءَ ۾ ائين ڪر موڙيا، ڄڻ هوءَ لوڪ ڪهاڻين جي انهن شهزادين مان هڪ هئي، جي سالن کان لوهي ڪوٽن ۾ قابو ستل هونديون آهن ۽ ڪنهن بهادر شهزادي جو انتظار ڪنديون آهن، جو اهو طلسم ٽوڙي ان گهري ننڊ مان جاڳائي کين پنهنجو ڪندو آهي. ننڍڙو قاصد صبوح شام چٺيون کڻي ٻنهي پاسن ڏي پهچائڻ لڳو – ائين چٺيون پهچائيندي پهچائيندي جوان ٿي ويو. سندس بکايل اکيون هيڏي هوڏي واجهائي پنهنجي ”استاد“ جي انهيءَ ڀيڻ نجمه ۾ وڃي کتيون جا به گهري ننڊ ۾ ستي، ڪنهن شهزادي جو انتظار ڪري رهي هئي. هڪ ڏينهن هن به سورن جو خط لکي نجمه جي ننڍي ڀاءُ کي ڏئي ساڳيا ايلاز ڪرڻ لڳو.
”ادو آن ني.“ هن کيس ايلاز ڪيو.
…………………
”ڀائو ناهين منهنجو؟“
…………………
”خدا جو قسم ڪونه ماريندي، اٽلو خوش ٿيندي.“
…………………
”سڀ ڪجهه.“ هن جون اکيون سرور ۾ بند ٿي ويون. ”وڏو ٿيندين ته پاڻهيئي ڄاڻ پوندءِ.“
هي ننڍڙو قاصد به پنهنجي معصوم هٿن سان ٽپالون ڍوئيندي، پنهنجي وڏي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن کيس به خبر پوي ته اهڙن خطن ۾، جي نيرن لفافن ۾ بند ڪري، ٿڌا ساه ڀري ايلازن سان ڏبا آهن، ڇا هوندو آهي؟