مجاور
”سائين، هڪ موالي آهي محمد شاه نالي، جنهن کي نه ڪو ڪم آهي نه ڪار، اهو کڻي گذران ٺاهيو اٿائين.“ ميان عبدالواحد کيس ٻڌايو.
”صاحب، اتي جوا جي به ٽڪري آهي، اتان به نال اڳاڙيندو آ.“ وفد جي ٻئي ساٿيءَ چيو.
”ڪيترو وقت هلندو آ اهو ناچ گانو؟“
”ائين ڪو وقت ئي مقرر ڪونهي. جنهن وقت وڻين، تنهن وقت شروع ڪن، جنهن وقت وڻين، تنهن وقت بند ڪن.“
”گهڻو ڪري ته اهو ڌمالو سڄي رات به پيو هلندو آ.“
”ٻيو اتي ڇا ٿيندو آهي؟“ ڊي سي کانئن وڌيڪ پڇا ڪئي.
”سائين، ڇا نه ڪندا آهن. جوا اتي هلي، ڀنگون اتي گهوٽجن، چرسن جا دوگاڙا اتي لڳن.“
”صاحب، بس ڳالهه ڪرڻ کان زور آهي.“
”ويري بئڊ...... ويري بئڊ.“
”صاحب، ماڻهو حلال جون ڪمايو ٿا حرام تي وڃائن. مجاور به پيٽ ڀريون پيو پور جا مال کائي.“ ميان عبدالواحد، صاحب کي ٻڌايو.
”صاحب، اسان به ننگن وارا آهيون، پاڙي ۾ اهڙي کشٽ ڪيئن سهون، ننڊ آرام ڦٽل آهي.“
”فوجدار کي دانهن ڏني اٿو؟“ ڊي سي کائن پڇيو.
”ڪئين ڀيرا سائين، پر فوجدار کي اتان منٿليون ٿيون ملن، سو اهو روزگار ڪيئن وڃائي؟“
”هون.“ صاحب ڀڻڪي چپ ڀڪوڙيا.
”صاحب ان راڳ مان وڏي کشٽ ٿي مچي. شهر جا نامي گرامي شودا ٿا اچي رونشي تي مڙن ۽ پوءِ رات جو موٽندي ڪونه ڪو ڏوه ڪيو ٿا وڃن.“
”تازو ته راڳ ۾ جهيڙو به ٿيو هو ۽ ذري گهٽ خونا ريزي ٿي هئي.“ وفد جي هڪ همراه ڳاله کي ٽيڪ ڏني.
”ڇو ٿيو هو اهو جهيڙو؟“
”صاحب انهن شيطاني ڪمن مان وري ٻي ڪهڙي سرهي ٿيندي؟“ ميان عبدالواحد ڳالهه کڻندي چيو.
”چڱو مان ان ڳالهه کي پاڻهي ٿو ڏسان.“ صاحب کين دلجاءِ ڏني.
وفد اٿيو ته ميان عبدالواحد اٿندي اٿندي به ڊي سي صاحب کي چيو: ”صاحب هاڻي ته صوبائي حڪومت به راڳن روپن بند ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو آهي، اوهان به مهرباني ڪجو.“
پوءِ جنهن ڏينهن ڊي سي صاحب ان راڳ روپ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان ڏينهن ميان عبدالواحد ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. آرڊر جي جنسي ڪاپي پئي ايندي ويندي کي ڏيکاريائين ۽ کين چيائين: ”ميان، جي هي ڊي سي هتي آهي ته بدعتن جون پاڙون پٽيل ڏسندؤ. پورو مسلمان آ مسلمان.“
ٻئي سومر تي مڪان ۾ اها بهاري ئي ڪونه هئي. اهي ماڻهن جا ميڙ، اهي ماڻهن جا انبوه الائي ڪاڏي گم ٿي ويا هئا. مڪان ۾ جتي هزارن ماڻهن جي رونق هوندي هئي، اتي هينئر ٻسائيءَ پئي واڪا ڪيا. مڪان ۾ ڪل پنج ڇهه ڄڻا ويٺا هئا، جن مان ٽي چار ته مڪان جا مجاور هئا، جي ماڻهن جي اڳ – پوءِ ۽ ٽانڊو ٽوپي ڪندا هئا. ڀرسان ٻن مجاورن ڀنگ پئي گهوٽي. پر انهن گهوٽن وارين ٻانهن ۾ اهو ست ئي ڪونه هو. ڇڙا ٻه ٽي ڏنڊا اونڌا پاسيرا رهڙي کڻي پاڻي وڌائون. وڏو مجاور محمد شاه به متومٺي تي چاڙهيو فوڪيو ويٺو هو. ڪنهن آئي وئي کانئس ڪجهه پڇيو پئي ته کيس ڇتي ڪتي وانگر پئي چهڙون پاتائين. سڀ چپ ۾ هئا ۽ ڪنهن اکر ڪونه پئي ڪڇيو. پوءِ به محمد شاه پاڻ کليو جو ٽوڪ مان ويٺلن کي چيائين: ”اڙي اهڙا منبر (ميمبر) اٿو ته ان کان به بدحال ٿيندؤ. اڄ محفل بند ٿي، سڀان چوندو ته مڪان ئي پٽي وڃو.“
”فقير انهن خارزين مان وري ٻي ڪهڙي سرهي ٿيندي؟“ ٻئي مجاور چيو.
”پر انهن کي گوگائي مرچ ڇو ٿا لڳن؟ جي بدعتي آهيون ته اسان آهيون، جي پڇاڻو ٿيندو ته اسان کان ٿيندو.“ محمد شاه خار مان چيو.
”مرشد، حڪم حيدر سان، انهن کان اڳ بشت ۾ هونداسين. هي اسان جي رئي به ڪونه ڏسندا.“
”آمين.“ مجاورن هڪ آواز ٿي چيو.
”پر سائين ڊي سي به ته ڪئي حد آ، مڪانن ۾ هميشه محفلون ٿينديون آهن، ڪو واعظ ڪونه ٿيندا آهن.“ هڪ مجاور وري ڳالهه کي چوريو.
”ميان ڊي سي به ڪو ٺاٺ ملو هوندو؟“ جيسين محمد شاه جواب ڏي، تيسين ٻئي مجاور ڳوٽ ڀڳي.
”نه يار، آهي ته عين الپٽي.“
”پوءِ اهڙو نونڌ ڇو ڪيائين؟“
”بابا، اڄڪلهه حڪومت جي واڳ منبرن کي آهي، جيئن ٿا چون، تيئن ٿو ٿئي.“
”يار، ڪيڏي نه ورونهه لڳي پئي هئي، چار صورتون ڏسندا هئاسين ته زماني جا سور وسري ويندا هئا. اڄ ته هيءَ جاءِ کائڻ ٿي اچي.“ هڪ مجاور ٿڌو شوڪارو ڀري چيو.
هن سومر تي اڃا به وڏي بهاري ٿئي ها. سائينءَ وسائيءَ ۽ بيگم کي به گهرايو هو.“
”شمشاد ۾ وري ڪا گهٽ هئي!“
”شمشاد کي ڪير گهٽ چئي، راڻو هن تي ختم آ.“
ٿورڙيءَ دير لاءِ چپ ٿي وئي. کين شايد شمشاد جا پور اچي ويا. ڳپل مهل کان پوءِ هڪ مجاور صلاح ڪڍي: ”اچو ته يار اسان به ڊي سي ڏي ميل ڪري هلون.“
وڏو مجاور محمد شاه جو هن وقت تائين چپ ڪري ويٺو هو، سو اهو گفتو ٻڌي مڇرجي ويو ۽ ان مجاور کي چيائين: ”مان نوڙ وٽي آيس جو تون به وڃي وٽيندين.“
”سائين، تون ڊي سي ڏي ويو هئين ڇا؟“
”ها ميان، ويو هوس.“
”ٻڌايئي به ڪونه!“
”ڪهڙي تار ڪشي ٻڌايائين، جو ڊاڙ هڻان.“
”نيٺ ڇا چيائين؟“
”پورو ٻڌائين به ڪونه، ائين ئي ٺشائي ڇڏيائين.“
”پر سائين، تون به ته مڙڻ جو ناهين، تو به ته ڳالهايو هوندو.“
”مان ته گهڻا ئي دام وڌا، پر جواب اهو ڏنائين ته: ”ڀنگون ٿا پيو، جوا ٿا کيڏو، اجازت ڪونه ملندي.“
”پوءِ سائين ڇا چيوسين؟“
”هڪ دل ته فقير چيو ته ٽسريون ٻڌايانس ۽ چوانس ته صاحب شراب مان چڪو ڏيندو ڪر، ڀنگ نه پيئنداسين، رمي جي موڪل ڏي ته گهوڙي نه کيڏنداسين، پر بيءَ دل چيو ته ڇڏ محمد شاه.“
”يار، سيد جو به مان نه ڪيائين!“ هڪ مجاور عجب مان چيو.
”هون ميان، هو ٽڪي سسي لڻائڻ وارو آهي.“
”پوءِ يار، هي ميخانو ائين ويران ٿي ويندو.“
ان گفتي تي سڀني جا ڪنڌ ڍرڪي پيا. هرڪو ڏک ۾ پئجي ويو. ڪنهن به ڪونه ڪڇيو. ڪنهن هائو به نه ڪئي، ته ڪنهن نهنڪر به ڪونه ڪئي. اتي هڪ مجاور بُت ڇنڊي اٿيو ۽ زور سان چوڻ لڳو: ”علي علي بول، غم نه هونءِ ڪول.“
ان صدا سڀني مجاورن کي آٿت ڏيئي ڇڏيو. سندن دلين مان بيچيني دور ٿي وئي. سڀني گڏجي وٺي هڪ دنبهو هنيو. پوءِ ڏنڊا ڪونڊا ساوا ٿيا ۽ وري گهرڙ گهوٽ شروع ٿي وئي.
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي هڪ هنگامي ميٽنگ ۾ جڏهن ڊي سي صاحب شهر ۾ ترقي وٺائڻ جي خيال سان اها رٿ پيش ڪئي ته هر سال هن شهر ۾ جشن ملهايو وڃي، تڏهن ميمبرن کان ته بي اختيار واه واه نڪري وئي. گهڻن ميمبرن ته اٿي صاحب جي بيدار مغز جي تعريف ڪئي ۽ شهر جي ترقي لاءِ سندس اني جو شڪريو ادا ڪيو. اها رٿ بحال ٿي وئي.
ان کان پوءِ اي – ڊي – ايم اٿي اها رٿ پيش ڪئي ته ڊي سي جي زير نظر جشن ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جا جشن جو سمورو انتظام ڪري ۽ جمع خرچ جو حساب ڪتاب رکي.
”بحال.... بحال.“ ميمبرن اها رٿ به بحال ڪئي.
ان کان پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر اٿي رٿ پيش ڪئي ته ان جشن لاءِ شهر ۾ هڪ وڏو ميدان مقرر ڪجي ۽ ان ۾ پڪي طرح اسٽال ۽ هال ٺهرايا وڃن. ان رٿ تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڊپٽي ڪليڪٽر مختلف پٽ ڏسي، هڪ سائيٽ مقرر ڪري.
ان کان پوءِ هڪ غير سرڪاري ميمبر رئيس الاهي بخش خان اها رٿ پيش ڪئي ته ان جشن جو نالو هر دلعزيز ڊي سي جي اسم مبارڪ پٺيان مقرر ڪيو وڃي. ميمبرن ته يڪراءِ اها رٿ بحال ڪئي، پر ڊي سي ميمبرن کي گذارش ڪئي ته هيءُ هڪ عوامي جشن آهي ۽ ان جو نالو انتظامي خواه اخلاقي طور سندس نالي پٺيان مقرر ڪرڻ مناسب نه آهي. هن رٿ پيش ڪئي ته جيئن ته اهو جشن بهار ۾ ٿيڻو آهي، ان ڪري ان جو نالو ”جشن بهاران“ رکيو وڃي. گهڻا ميمبر ته ان مسئلي کي ووٽنگ ذريعي حل ڪرڻ لاءِ آتا هئا، پر ڊي سي جي چوڻ موجب کين اها ڳالهه قبول ڪرڻي پئجي وئي ۽ ان جشن جو نالو ”جشن بهاران“ مقرر ٿي ويو.
ان کان پوءِ اڏاوتن تي خرچ ٿيندڙ رقمن لاءِ سوچ ويچار ڪيو ويو ۽ في الحال ان ڪم کي شروع ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل فنڊ مان هڪ لک روپيا منظور ڪيا ويا.
اٿندي اٿندي، ڊي سي پنهنجي اي ڊي ايم کي چيو: ”قريشي، جشن بهاران ڪاميٽي جي لسٽ ٺاهي، مون کان اپروو ڪرائجانءِ.“
“يس سر.“
”ان ڪاميٽي ۾ جملي ڏه ميمبر هجن ۽ ان مان گهٽ ۾ گهٽ پنج ڄڻا عوامي نمائندا هجن.“
”رائيٽ سر.“
اوچتو ڊي سي کي هڪ ڳالهه ٻي به ياد آئي جو کيس چيائين: ”ون ٿنگ مور قريشي، توکي ان جشن لاءِ ٽڪيٽون به ڇپرائڻيون پونديون، جي مختيارڪارن ۽ ميمبرن کي هلائڻ لاءِ ڏينداسون.“
”يس سر، آئي ول ڊو اٽ.“
ڊي سي صاحب وڃي چيمبر ۾ ويٺو ته ٻيا ميمبر به اٿيا ۽ هال کان ٻاهر نڪتا. ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر ميان عبدالواحد به وڃي ڊپٽي ڪليٽر جو پاسو ورتو ۽ کيس چيائين: ”صاحب هڪ سائيٽ منهنجي نظر ۾ به اٿو.“
”ڏسندؤ ته مقرر ئي اها ڪندؤ، شهر جو شهر ۾، ميدان به ڪشادو.“
”گهرجي به اهڙي.“
”پر صاحب مون کي به نه وسارجو ۽ جشن ڪاميٽي تي منهنجي به سفارش ڪجو.“ ميان عبدالواحد وارو هڻي ڇڏيو.
پوءِ هر ڪنهن ڏٺو ته محمد شاه جي ميخاني ۽ ان جي ڀر ۾ پيل سرڪاري پلاٽ کي بلڊوزرن سان سڌو ڪيو ويو. ان ميدان جي چوڌاري سهڻي ڀت نڪتي، ان ڀت جي اندر بازار نموني چئن پنجن قطارن ۾ اسٽال ٺهيا ۽ وچ ۾ هڪ وڏو شاهي هال ٺهيو. اڏاوتون ٿي ويون ته جشن ڪاميٽي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو. الائي ڪاٿؤن ڪاٿؤن جون خلقون مڙي آيون. اسٽالن ۾ مال پيا ۽ ٻاهرين رونق لاءِ ڀتين ۽ دوڪانن کي لائيٽون لڳيون. شهر جي شوقين ماڻهن کي به هڪ مشغلو ملي ويو ۽ هرڪو سانجهيءَ ٽاڻي ٽڪيٽ، بتين ۽ لائيٽن جي جهرمر ڏسڻ لاءِ اتي اچڻ لڳا. اتي هرڪا ورونهه هئي. چانهه جا هوٽل هئا، شئن جا دڪان هئا ۽ پان ٻيڙيءَ جون پڙيون هيون. راند جي شوقينن لاءِ به سرڪسون هيون ۽ ڪارنيوال هئا. ان کان سواءِ مختلف رانديون هيون. تنبولا هو ته گولو به هو، جتي هرڻ، هاٿي ۽ گهوڙي تي رپيو رکي پئي اٺ ڪمايا.
پوءِ وري ڪلچرل شو جون تياريون ٿي ويو. عوام ۾ ٽڪيٽون وڪامڻ لڳيون. سڀ کان وڏي ٽڪيٽ پنجاه هئي. ان کان پوءِ پنجويهه هئي ۽ آخر ۾ غريب غربي لاءِ رعايت طور پنج روپيا هئي. شهر ۾ چؤ طرف ان شو جا پڙها اچڻ لڳا ۽ هر هنڌ ان جي چؤپچو ٿيڻ لڳي. عام ماڻهن اهڙو ڳورو نالو اڳ ڪونه ٻڌو هو، سو هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا.
”ميان اهو ڪلچرل شو آهي ڇا؟“
”ڪلچرل شو معنيٰ ثقافتي شو.“
”اها وري ثقافت ڇا آهي؟“
”پاڻ کي خبر ڪونهي، مڙئي ڪا چڱي ڳالهه هوندي.“
”ها هوندي ضرور چڱي ڳالهه، تڏهن پڙها ڏنا اٿن؟“
”ميان هن ڊي سي ته وڻ وڄائي ڇڏيا آهن.“
”ها يار، ههڙو ڊي سي ته تاعمر هت هجي.“
”ڏسو نه شهر کي ڪيڏي نه ٽاٽائي وٺائي اٿائين.“
ان ڪلچرل شو واري ڏينهن ته ماڻهن جا ميلا مچي ويا. سڄو پنڊال ڀرجي ويو، ته به ماڻهن جي پيهه پيهان هئي. عام ماڻهن لاءِ ڪرسيون ئي ڪونه بچيون. انهن ڪرسين تي ڪامورا لائين ويٺي هئي. عام ماڻهو به پوئتي ڪونه موٽيا. پر اڀين پير بيٺا رهيا ۽ هر ڪنهن جون نظرون اسٽيج ڏانهن هيون، جنهن کي وڏو ريشمي پردو لڳل هو.
ڪرسين کان گهڻو گهڻو پوئتي بيٺل ماڻهن مان مڪان جي اڳوڻي مجاور محمد شاه، شمشاد کي ڳائيندو ڏسي زور سان ٽهڪ ڏنو ۽ ڀرسان بيٺل ٻئي مجاور کي ٺونٺ هڻي چيائين: ”فقير، ڏسين ٿو رنگيءَ جا رنگ!“
”ها مرشد، ساڳي شمشاد، ساڳيو ڪلام..... پر اسان ڪهڙي غناهي ڪئي هئي؟“
”ميان پينو پينو کي نه سهندو، مجاور مجاور کي ڪونه. هل ته هلي ڪا ٻي ڪار ڪريون.“