ڪھاڻيون

نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪتاب ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ سندس ڪهاڻين جي ٽن مشهور ڪتابن شبنم شبنم ڪنول ڪنول، چوٽيهون در ۽ ڊمي جو گڏيل مجموعو آهي.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 10024
  • 2116
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪافر

جنهن ڏينهن سيتل، اوڏ ۽ سندس گهر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو هو، ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي، پر ٻاهر پڌر ۾ ٻه ٽي صفون بيهجي ويون. هن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي هئي، يا جڏهن ڪو سرندڙ ماڻهو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاهيندو هو. ڳوٺ واري مسيت جي پيش امام مولوي اميد عليءَ به ان ڳالهه جي چڱي مشهوري ڪئي هئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، هن موقعي جو عيدن کان به وڌيڪ مبارڪ هجڻ ثابت ڪيو هئائين. ڳوٺ جا ماڻهو به هرو ڀرو ايترا بي دين ڪونه هئا ۽ جنهن مڙس پڳ جو ور ورايو هو، سو اچي حاضر ٿيو هو. مولوي صاحب پان به هن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو هو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي هرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي ۽ هٿن ۾ جنڊيءَ جي عصا، جنهن جي هيٺين ڇيڙي ۾ لوهي ڪلي لڳل هئي ۽ جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي هئائين، جيئن دين جو جهنڊو کوڙيو هجيس. ان ڏينهن هن جيڪو خطبي جو ڪتاب آندو هو، سو به نئون هو. هو جڏهن آيتون پڙهي سنڌي ابيات جي ان حصي تي پهتو، جتي چئن اصحابن سڳورن جي ثنا هئي:
پهريون يار هو صديق اڪبر
ڀلارو ڀرجهلو صديق اڪبر
رفيق غار هو صديق اڪبر
تنهن جي صفت ڪهڙي ڪريان
ٻيو يار عادل عمر هو
سدائين ڪفار جو قاتل عمر هو
شجاعت ۾ قوي ڪامل عمر هو
تنهن جي صفت ڪهڙي ڪريان
نبي جو دادلو عثمان اعليٰ
جمع قرآن ڪيو عثمان اعليٰ
سخاوت جو صاحب عثمان اعليٰ
تنهن جي صفت ڪهڙي ڪريان
جياريو دين ۽ ايمان حيدر
پيغمبر تان سدا قربان حيدر
خدا واکاڻيو هر آن حيدر
تنهن جي صفت ڪهڙي ڪريان
– ته جماعتين جون اکيون اهڙا سريلا ابيات ٻڌي ٻوٽجي ويون ۽ هر ڪنهن جي دل گهرڻ لڳي ته اهو خطبو هلندو رهي. فرض ۾ به مولوي صاحب ننڍين آيتن بجاءِ سورت الرحمان شروع ڪئي، جنهن ۾ ”فباي آلاءِ ربکما تکذبان“ جي تڪرار نماز ۾ وڌيڪ سواد پيدا ڪري ڇڏيو. نماز کان پوءِ مولوي صاحب ٿوري تقرير ڪئي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي اهڙي مبارڪ موقعي ۾ شريڪ ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين. پوءِ هڪ پنج – وقتي نمازيءَ کي موڪلي سيتل ۽ سندس گهر واريءَ کي گهرايائين، جي غسل ڪرڻ کان پوءِ نون نڪورن ڪپڙن ۾ اوطاق ۾ ويهاريا ويا هئا. جڏهن سيتل مسيت ۾ ويٺو، تڏهن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو: ”بابا، تون ۽ مائي تلي دين محمدي قبول ڪرڻ گهرو ٿا؟“
”ها مولبي صاحب.“
”پنهنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟“
”پنهنجي رجا سان، سائين.“
”تون به مائي ٽلي؟“
”ها سائين.“ هڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو. مولوي صاحب اهو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو: ”ٻڌو ٿا برادران؟“
”ها ٻڌون ٿا.“ گهڻن جماعتين جواب ڏنو.
مولوي صاحب اشهد آڱر ڇت ڏانهن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين: ”اي الله! تون شاهد هججانءِ، اي الله! تون شاهد هججانءِ، اي الله! تون شاهد هججانءِ.“ ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو: ”روزا به رکندين ۽ نماز به پنج وقت باجماعت پڙهندين؟“
”ها سائين، روجا به رکندس ۽ نماز به پڙهندس.“
”سونهاري به شرعي حد تائين رکائيندين.“
”رکائيندس.“ سيتل صدق سان چيو.
اوچتو مولوي صاحب جي نظر سيتل جي ڪنن تي پئي، جن ۾ سونيون ڪيوٽيون پيون هيون. مولوي صاحب هڪدم کيس چيو: ”اهي سونيون ڪيوٽيون لاهي مائي کي ڏي. اسلام ۾ مردن کي سون پائڻ حرام آهي.“
سيتل تڙ تڪڙ ۾ ڪيوٽيون لاهي مائي کي ڏنيو، جنهن اهي وٺي رئي جي پلاند ۾ ٻڌيون. مولوي صاحب اڳلو سوال پڇيو:
”جوا نه کيڏندين، دارون نه پيئندين؟“
”نه سائين.“
”مسلمانن وانگر ختنو به ڪرائيندين؟“
”ها سائين.“ سيتل انهيءَ صدق سان چيو.
”جزاڪ الله، جزاڪ الله!“ مولوي صاحب کيس شابس ڏني. وڌيڪ ٻين سوالن پڇڻ جي به ضرورت نه سمجهيائين ۽ کيس چيائين: ”ٿورو سري منهنجي ويجهو اچي ويهه.“
سيتل رڙهي وڃي سندس ڀرسان ويٺو ته مولوي صاحب کيس چيو: ”چؤ لا الــــٰـه.“
سيتل چڱيءَ طرح چئي نه سگهيو ۽ چيائين: ”لائيلا.“
”ائين نه، چؤ لا – الاه.“ مولوي لفظ لفظ هوريان هوريان ائين چيو، جيئن کتابين کي پڙهائيندو هو.
”لا – اِلاه.“ سيتل چيو، هن ڀيري برابر.
”اِ – لل – لاه.“ مولوي صاحب اڳتي وڌيو.
”اِ – لل – لاه.“
”م – حم – در.“
”م – حم – در.“
”رسول الله.“
”رسول الله.“
هاڻي چڱيءَ طرح سڄو ڪلمو ائين پڙه، جيئن مان پڙهان.“
”ها سائين.“
چؤ: ”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“
”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“ سيتل چڱيءَ طرح چئي ويو. سڀ جماعتي هڪ بي دين کي الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيندو ڏسي خوشيءَ ۾ پر ٿي ويا ۽ مولوي صاحب کي مبارڪ ڏئي وري سيتل کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. هڪ ديندار ته تڪبير جو نعرو هنيو، جنهن جو جواب جماعتين ايترو ته زور سان ڏنو، جي ڪي گهڙيون مسيت جي قبائين ڇت ۽ ڀتيون، اهي اکر ورجائينديون رهيون. ان کان پوءِ مائي ٽليءَ کان به ساڳيءَ ريت ڪلمو پڙهايو ويو. ان کي به مبارڪون مليون. پوءِ مولوي صاحب سيتل ڏانهن منهن ڪري چيو:
”اڄ کان تنهنجو اسلامي نالو عبدالله ٿا رکون.“
”ها سائين.“
وري مولوي صاحب ٽليءَ ڏانهن منهن ڪري چيو: ”۽ مائي، تنهنجو نالو فاطمه.“
”ها سائين.“
ڪي جماعتي اٿڻ لڳا ته مولوي صاحب کين هٿ جي اشاري سان جهليو ۽ چيائين: ”ترسو، اڃا هنن جو نڪاح پڙهڻو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي هرڪو پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. مولوي صاحب ٻنهي کان رضا پڇي، آمنت بالله پڙهڻ شروع ڪئي.
هوڏانهن ڳوٺ جي ٻاهران اڏيل اوڏن جي پکن ۾ باگهيارو متل هو. زائفن زنين جدا ٽولو ٺاهي پئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاڙا گهوڙا ڪئي ته مرد وري پنهنجي مکيءَ ڦڳڻ مل جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ هئا. مکيءَ ڦڳڻ مل به ڪڏهن ڪڏهن خار ۾ سٿرن تي زور سان هٿ هڻي پئي ان ڳالهه جو ارمان ڪيو. هن کي پهرين پهرين اها خبر پئي هئي ته هن سيتل کي ايلاز منٿون ڪيون هيون، گيتا جا واسطا وڌا هئا ۽ آخر ۾ سڄي پنچائت جي سامهون پنهنجي مکيائپ جو ڪيسري رنگ جو پٽڪو به سندس پيرن تي رکيو هو، پر سيتل کيس کلي ڀلو جواب ڏنو هو ۽ چيو هو: ”مکي، تون کڻي ڇا به ڪرين، مان مذهب ضرور مٽائيندس.“
”پر تون مذهب ڇو ٿو مٽائين؟“
”منهنجي مرضي.“
”نيٺ به؟“
اتي مس مس سيتل کليو هو ۽ چيو هئائين: ”مون کي پنهنجو مذهب نٿو وڻي.“
”گهوڙياري، توکي ڇو نٿو وڻي پنهنجو مذهب؟“
”چڱو مکي، ٻڌاءِ اسين ڪير آهيون؟“
”اسين هندو آهيان.“
”ڀلا هندو لاش چتا تي چاڙهيندا آهن، اسين ڇو پوريندا آهيون؟“
”اها اسان جي رشم آهي.“
”چڱو اسان ڇيلو ڇو حلال ڪري کائيندا آهيون؟“
”اها به اسان جي رشم آهي – ابن ڏاڏن کان.“
”پر اهي ته مسلمانن جون رشمون آهن.“
”انهن جون به آهن ته اسان جون به آهن.“
”پوءِ ڪيئن ٿو چئين ته اسين هندو آهيون؟“
”نه ته ڇا هيون ڙي؟“
”اڌ هندو اڌ مسلمان. ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري.“
مکي ڦڳڻ مل ان سوال ۾ لاجواب ٿي ويو، پر هن ڳالهه بدلائي چيو: ”کڻي ڇا به هجون پر مذهب ڇو بدلايون؟“
”مون کي مسلمانڪو مذهب وڻي ٿو.“
”اسان جو مذهب ڪوڙو آ؟“
”ها ڪوڙو آ.“ سيتل دليريءَ سان چيو هو.
ان ڳالهه تي پنچايت ۾ ويٺل اوڏن جي رت ڦري وئي. موتي ۽ ٻيا ٻٽي ڄڻا ته کيس ٿڪ چنبي هڻڻ لاءِ اڳتي وڌيا، پر مکيءَ هٿ ٻڌي کين جهليو ۽ چيائين: ”پئنچو مارڻ ڪٽڻ مان ڪجهه نه ورندو. هن کي مسلن تاويج پياريا آهن.“
اها ڳالهه سندن دل ۾ ائين کپي وئي، جيئن سندن تکي ڪوڏر آلي زمين ۾ کپي ويندي هئي. مولوي برابر تعويذن لکڻ ۾ مشهور هو ۽ پري پري کان سوالي پنڌ ڪري کانئس تعويذ لکرائي ويندا هئا. اٿي بيٺل اوڏ پنهنجن پنهنجن جاين تي ويهي رهيا ۽ اها ڪاوڙ حقي مان زور سان وزم هڻي لاهڻ لڳا. مکي سڀني کي ماٺ ۾ ڏسي وري سيتل ڏانهن منهن ڪيو ۽ کانئس پڇيو: ”توکي مسلمانڪو مذهب ڇو ٿو وڻي؟“
”مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گڏجي کائن ٿا. اسان هندن ۾ ڪي اوڏ ته ڪي اوت، ڪي برهمڻ ته ڪي کتري.“ مکيءَ کي ڪو جواب نه سجهيو. اها ڳالهه ته برابر هئي ته برهمڻ اڇوتن ۽ اوڏن کي پنهنجي ويجهو به اچڻ نه ڏيندا آهن، هڪ ٿالهي ۾ کارائڻ ته پري رهيو. مسلمان ته اهڙو ڪو ويڇو ئي نه ڪن. اتي مکيءَ ٻي طرح ڍارو اڇليو:
”سيتل، تون مسلو ٿيندين ته پوءِ اسان سان ڪو واسطو ڪونه رهندءِ!“
”ڀلي نه رهي.“
”اسين توکي پاڻ وٽ اچڻ به ڪونه ڏينداسين، ولر وٽ به ڪونه!“
مکيءَ سيتل کي دڙڪو ڏنو. ولر جي گهر واري سيتل جي سڳي ڀيڻ هئي.
”ڀلي نه اچڻ ڏجو. مان مسلمان ڀائرن سان اٿندس ويهندس. ڀيڻ به مئي سهايم.“
هن مهل تائين مکيءَ ٿڌو پئي ڳالهايو. هن کي پڪ هئي ته سيتل ڪٿي نه ڪٿي کٽي پوندو ۽ سندس دام ۾ ڦاسي پوندو، پر هن جو ڪنهن به ڳالهه کي چخي نه ڪئي ۽ ڀيڻ کي به جيئري ماري ڇڏيائين ته مکيءَ کي جڪ اچي ويا. ٿورو گرم ٿي چيائين: ”ياد ڪجانءِ سيتل، گڏهن کي کڻي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاربو ته به گڏه ئي هوندا، گهوڙا ڪونه ٿيندا.“ پئنچايت جي اٿڻ کان پوءِ مکيءَ ولر کي سمجهايو هو ته سيتل کي پنهنجي منهن پٽڪا ميڙيون ڪري سمجهائيندو رهي، پر سيتل، ولر ۽ ڀيڻ جي ايلازن تي به ڪونه مڙيو ۽ مولوي اميد علي سان ٻڌل موقع موجب، جمع جي ڀلاري ڏينهن، گهر واريءَ کي وٺي سڌو مسيت ۾ ويو ۽ ڪلمو پڙهيائين. پوئتان اوڏن ۾ باگهيارو متل هو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاهي پنهنجي ٻولي ۾ پئي ڌاڙا گهوڙا ڪئي ته مرد پنهنجي مکيءَ جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ هئا. مکي ڦڳڻ مل به ڪڏهن ڪڏهن خار ۾ ٻئي هٿ زور سان سٿرن تي هڻي پئي ان ڳالهه جو ارمان ڪيو.
مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سيتل هڪدم بدلجي ويو. اڳي ٻئي ٽئين ڏينهن ڏاڙهي ڪونه ڪوڙائيندو هو ته آرام ئي ڪونه ايندو هوس، پر پوءِ باقاعدي سونهاري ڇڏي ڏنائين، جا روز بروز وڌندي سندس منهن جي نور کي جرڪائيندي پئي وئي. نماز ۾ ايندو ته مولوي کان به اڳ هو، پر جي دير ٿيندي هيس ته به ايتري جو مولوي بانگ ڏئي اڃا دڪيءَ تان لهندو هو ته سندس هڪ پير مسيت جي در جي چائٺ ٽپندو هو. مسيت جي سيوا، ٻهاري، نکن ويڙهڻ ۽ مٽين ڀرڻ ۾ به سڀني جماعتين کان اڳرو هو. قرآن شريف پڙهڻ ۾ اهڙو شوق رکيائين جو مهيني ڏيڍ ۾ باب نامو پڄائي وڃي سيپارو شروع ڪيائين. پنهنجي گهر ۾ اسر جو ۽ سومهڻي جو وڏي سر سان پيو ذڪر ڪندو هو. مطلب ته خدا کيس اهڙي هدايت ڏني هئي، جو شل ساري جڳ جهان کي ڏئي. مولوي صاحب کي به اڳ ڪنهن بي دين کي مسلمان ڪرڻ جي سعادت نصيب ڪانه ٿي هئي، ان ڪري کيس پنهنجي آخرت جو توشو سمجهي ڏسي ڏسي پيو ٺرندو هو ۽ آئي وئي سان هن جي تعريف ڪندو هو. ”ابا، هي اسان جو عبدالله ڪنهن ڊگهي منزل نه رسي ته مون کي ڏٺي نه کيڪارجو!“
ڪڏهن ڪڏهن مولوي صاحب ڪن بي نمازين کي خدا، رسول ۽ آخرت جا ڀو ڏيندو هو ۽ هن جو مثال ڏئي کين چوندو هو: ”اڙي نماز پڙهو، دور ڪيو، نه ته قيامت جي ڏينهن هي اوڏ توهان کي شڪي ڪندو.“ عبدالله جو نماز، صلوات ۽ درود ۾ شوق ڏسي مولوي صاحب کيس دلداري ڏيندو هو ۽ چوندو هو: ”عبدالله، نه گهٻرائجانءِ. رب سائين تنهنجا سڀ گناه معاف ڪندو. ڀلو ڀلو ڀاڻ ايندو آهي ته ڀلو نه چئبو آهي.“
عبدالله وري ان ڳالهه تي عاجزي سان مولوي صاحب کي عرض ڪندو هو ته هو خدا جي پيارن ٻانهن مان آهي، ان ڪري خدا جي درٻار ۾ عرض ڪري ته سندس اڳيان گناه معاف ٿين، قبر جي عذاب ۾ آساني ٿئي ۽ قيامت موچاري ٿئي. مولوي صاحب هڪدم هٿ کڻي دعا گهرندو هو ۽ پهرين صلوات شريف ۽ ٻٽي آيتون پڙهي وڏي سر ۽ عاجزيءَ سان هيءَ دعا پڙهندو هو:
عرض سڻ عاصين اسان جو مصطفيٰ جي واسطي
هٿ کڻڻ آهي شرم پر وس نه توريءَ واه ٻي
سوال سڻ صديق اڪبر دل صفا جي واسطي
سخت آ سرڪار تنهنجي اسان ڏوهي ٿا ڏڪون
فضل ڪر فاروق اعظم بي ريا جي واسطي
نفس واري جنگ ۾ تون اسان کي فتح بخش
حل ڪر مشڪل اسان جي مشڪل ڪشا جي واسطي
ان وچ ۾ عبدالله هڪ هڪ بند کان پوءِ آمين چوندو ويندو هو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي ڳڙي سندس سونهاري ۾ جذب ٿيندا ويندا هئا.
هڪ ڏينهن ٽپهري جي نماز کان ٿورو اڳ ولر جو پٽ ٻاٻيهو وٽس ڀڄي اچي پهتو ۽ پنهنجي ماءُ جي بيماريءَ ۾ کيس ياد ڪرڻ جو ٻڌايائين. عبدالله کي اڳ ۾ هن هن جي واتان اها خبر پئي هئي، پر مکيءَ ڦڳڻ مل سان ڪيل فيصلي موجب هو ڪونه ويو هو. ڀيڻ جي بيماريءَ جو ٻڌي هن کي جهٻو ته گهڻو آيو، پر ٻاٻيهي کي چيائين: ”مان اوڏانهن ڪونه هلندس، مکي ڪاوڙ ڪندو. تون گاڏي تي هيڏي کڻائي اچينس.“ ٻاٻيهي مامي جو اهو عذر ٻڌي کيس چيو: ”ماما، تون ان ڳالهه جي ڳڻتي نه ڪر. بابي مکي جي پيرن تي پٽڪو رکي تنهنجي ٿوري گهڙي کن لاءِ موڪل ورتي آهي.“
ان موڪل ملڻ کان پوءِ عبدالله کي ٻيو ڪهڙو اعتراض هو. هو ٻاٻيهي سان گڏجي اوڏانهن هليو ويو.
ٽپهريءَ جي نماز تي جو مولوي صاحب عبدالله کي نه ڏٺو ته حيران ٿي ويو ۽ جماعتين کان پڇيائين. هڪ جماعتي جنهن پري کان عبدالله کي ٻاٻيهي سان گڏ ويندي ڏٺو هو، تنهن اها ڳالهه مولوي صاحب کي ٻڌائي. مولوي صاحب پريشان ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”کيس وڃڻ نه گهربو هو. جيتري دير ڪافرن جي صحبت ۾ ويهندو، سندس ايمان ۾ ڪتر پوندي. ڪو وڃي کيس وٺي اچي.“
مولوي صاحب جو حڪم ٻڌي فتح ناريجو اٿيو ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي وڃي اوڏن جي پکن وٽ پهتو. اتي لوڙهي جي ٻاهران بيهي سڏ ڪيائين: ”عبدالله، او عبدالله!“
مکي ڦڳڻ مل جو پکو لوڙهي جي ڀرسان هو. هن ان وقت ٻاهران آيل مزمانن سان چوپڙ راند پئي ڪئي. هو سڏ ٻڌي اٿيو ۽ پکي کان ٻاهر نڪري فتح کان پڇيائين: ”ڇا هي فتح؟“ ”اسان جو عبدالله توهان وٽ آيو آهي، ان کي مولوي ٿو سڏائي.“ مکيءَ کي ان ڳالهه تي ٿوري چڙ آئي. عبدالله جو سندن هڏ، رت، پت مان هو ۽ جو سندن بکن ۾ ڄائو نپنو هو، سو وري فتح وارن جو ٿي ويو هو؛ پنهنجي بيمار ڀيڻ کي ڏسڻ آيو هو ته پوئتان ماڻهو ڀڳو آيو. مکيءَ شوخائيءَ سان پڇيو: ”عبدالله توهان جو آ فتح؟“
”ها، اسان جو آ.“
”توهان هن جا وارث آهيو؟“
”ها، اسان جو مسلمان ڀاءُ آهي، اسين هن جا وارث آهيون.“
ان وچ ۾ عبدالله کي به ڪنهن سڏ جو ٻڌايو ۽ هو ڀيڻ جي پکي مان نڪري اچي وٽن بيهي رهيو. مکيءَ فتح کان پڇيو: ”چڱو فتح، هڪ ڳالهه ٻڌاءِ. سڀان جو هي مري وڃي ته جوڻس کي ته لوڌي ڪڍندؤ نه؟“
”ڇو لوڌي ڪڍنداسونس.“
”توهين مسلمان ساڻس نڪاح ڪندؤ.“
”جي مالڪياڻي راضي هوندي ته ان ۾ ڪو عيب ڪونهي.“
”گريان نه ايندو؟“
”ڇو ايندي گريان مسلمان کان!“
عبدالله مکيءَ کي سوالن جوابن ۾ مئل ڏسي مشڪڻ لڳو. مکي ڦڳڻ مل کيس پاڻ تي کلندو ڏسي، پنهنجي دماغ کي ائين تڦوليو جيئن هو راند ۾ ڪنهن جي ڳوٽ مارڻ لاءِ ڍاري کي گهڻي دير تائين کڙڪائي کڙڪائي گهربل داءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اوچتو هن پڇيو: ”چڱو فتح، جي جوڻس مري وڃي ته کيس پاڻ وٽان پرڻائيندؤ؟“
مکيءَ جو سوال ٻڌي فتح جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سندس اکيون لال ٿي ويون. هڪ خسيس اوڏ کيس گار ڏني هئي، حالانڪ اوڏ کي خبر هئي ته ٻهراڙي ۾ ڪو پنهنجي ذات کان ٻاهر سنڱ نه ڏيندو آهي. ناريجا ناريجن ۾ ڏيندا آهن ته ڪلهوڙا ڪلهوڙن ۾ ڏيندا آهن. فتح ڪاوڙ مان مکيءَ کي دڙڪو ڏيندي چيو: ”مکي، زبان سڀال. اڳتي حرف نه ڪڇجانءِ نه ته.....“ پر مکي هيسجڻ بجاءِ رهندو مرڪڻ لڳو ۽ فتح کي چيائين: ”اهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي جو توهان وٺندؤ باقي ڏيندؤ ڪونه. توهان جي مذهب ۾ ته سڀ مسلمان ڀائر آهن ۽ ڪو ويڇو ئي ڪونهي.“
”اها اسان جي رسم آهي، ابن ڏاڏن کان.“ فتح ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو.
مکي ڦڳڻ مل پنهنجو گهربل داءُ وٺي مرڪيو. عبدالله جي منهن مان رت ڇڏي ويو. هن جا چپ ڏڪڻ لڳا. اکين جي الائي ڪهڙين ڪنڊن مان ڳوڙها نڪتا، جن سندس ماڻڪيون آليون ڪري ڇڏيون. جيسين اهي ڳوڙها ڇپرن ۽ پنبڻين جو بند ڀڃي ڳلن ڏانهن وڌن، هو مکي جي چنبي ۾ چنبو ڏيئي، مسيت ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي اباڻن پکن ڏي موٽيو.
ٻئي ڏينهن عبدالله پئنچايت ۾ ڏنڊ ڀري رکيل ڏاڙهي ڪوڙائي ۽ سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾ پائي، سائو گهاري ۾ وهنجي، پاڻ کي اوڏن جي رسم موجب ”پاڪ“ ڪيو ته هوڏانهن ڳوٺ واري مسيت ۾ ٽپهري جي نماز کان پوءِ، هڪ جماعتيءَ مولوي صاحب کي چيو: ”مولوي صاحب، ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.“
ٻئي چيو: ”سائين گڏه کي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاريو ته ڪو گهوڙا ڪونه ٿي پوندا!“
آخر ۾ مولوي اميد علي پنهنجي سونهاري کي هٿ سان سنواريندي چيو: ”ها ابا! سچ ٿا چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!“