پارٽنر
”پارٽنر، جڏهن در بند ڪرين ته ٻين جي ننڊ جو ته خيال ڪندو ڪر!“
پر هن ڄڻ ته منهنجو ڳالهائڻ ٻڌو ئي ڪونه. ماٺ ڪري ڦڻي کڻي، پنهنجي وارن کي پوئتي بيهارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن جي جواب نه ڏيڻ تي ويتر مون کي خار آئي. پنهنجي پاڻ کي پٽڻ لڳم ته ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو هو، جو هن جزا کي پاڻ سان رهايم، هن سان رهڻ کان انڪار ڪيان ها ته وارڊن پاڻهي کيس ٻئي ڪمري ڏي اماڻي ها. دل ۾ پاڻ کي چيم ته ”پٽ، هاڻي ڀوڳ.“
مان جڏهن وهنجي موٽي آيم ته ڏٺم ته هو ڌوٻيءَ کان رڱايل چاڪليٽي سوٽ پائي ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هميشه جي خلاف سندس ڪوٽ جي کيسي مان اڇي رومال جي ڪنڊ به ظاهر پئي ٿي. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اڄ آچر هوندي به ايترو ساجهر ڇو اٿيو آهي ۽ اهڙو ٺٺ ٺانگر ڇو ڪيو اٿئين؟ ان عجب ۾ منهنجي ساجهر واري ڪاوڙ به لهي وئي. ڪجهه کولڻ جي ارادي سان پڇيومانس:
”پارٽنر، خير ته آهي، ڪاڏي پيو وڃين؟“
”کرل صاحب! ڪئين ٿو لڳان؟“ هو منهنجي سوال جو جواب کائي ويو. هن کي پنهنجي سونهن جي ڳڻتي لڳي.
”ڪافي سمارٽ پيو لڳين.“ مون سندس دل رکڻ لاءِ چيومانس، نه ته ڪارو ماڻهو ۽ چاڪليٽي رنگ!
”سچ!“ هن جون واڇون خوشيءَ ۾ ٽڙي ويون.
“You know seldom I steak to alien.”
”ٿئنڪ يو.“ هو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ لڳو.
”پر پارٽنر، وڃين ڪاڏي پيو؟“ مون وري پنهنجو سوال دهرايو.
”پوءِ ٻڌائيندوسانءِ، پهرين هڪ انجام ڪر.“
”چئه.“
”هڪ ٽاءِ ڏي پر ٻڌندين به، پاڻ کي ته ٻڌڻ به ڪانه ايندي آهي.“
”قبول“ مون ”ٽوٽل“ جي هڪ اڌ وراڻي ڏئي، ٽاءِ پيتيءَ مان ڪڍي کيس ٻڌي. ڪو خيال ڪري ٽاءِ پن به هڻي ڇڏي مانس.
”ٿئنڪ يو ويري مچ.“ هو سنهري پن جي زنجيريءَ کي هٿ لائڻ لڳو.
”هاڻي ٻڌائيندين به، ڪن ڪونه.“
”ٻڌايانءِ ٿو.“ هن پنهنجي هنڌ هيٺان ٻه لفافا ڪڍي، مون ڏي وڏائيءَ سان اڇليا ۽ پاڻ کي نيپولين بونا پارٽ وانگر ٻئي هٿ پوئتي، ڪنڌ سيني سان هڻي ٽنگون ٽيڙي بيهي رهيو.
ٻئي لفافا کليل هئا. هڪڙي مان مون خط ڪڍيو. خط واقعي هن لاءِ خوشين جو پيغام هو. خط جو مضمون هن طرح هو:
محترمي ومڪرمي!
اشتهار بعد ٻئي ڏينهن توهان جو خط مليو. مون کي پنهنجي ڌيءَ نور چشمي سعيده خانم سلمها جي شادي جلدي ڪرڻي آهي، جو ان بعد ڪعبة الله شريف ۽ ڪربلا معليٰ وڃڻ جو ارادو اٿم. اوهان براه ڪرم 14 تاريخ اٺين بجي هيٺين ائڊريس تي ايندا. الله ڪندو ته ڀلي ٿي پوندي، وغيره وغيره.
ٻيو ڀاڻس جو خط هو. لکيو هئائينس ته هن لاءِ ٻانهن ڳولي وئي آهي. جي شادي ڪرڻي هجيس ته جلد اچي.
هان ته هيءَ ڳالهه آهي جنهن پارٽنر کي صبح جو ساجهر ٺٺ ٺانگر ڪرايو آهي. مون دل ۾ سوچيو ۽ ٽهڪ ڏنو.
”پارٽنر، ڊبل مبارڪون هجني – پر ڪاٿئون شادي ڪندين؟“
”شادي ته ڳوٺان ڪندم، پر دل ٿي چئيم ته هيڏانهن به سٽ هڻي اچان.“
”هائو سائين، ڀلي وڃ. موجون ڪر. منهنجي لاءِ به دعائون گهرج.“
”تنهنجي شاديءَ ۾ هڪ منٽ جي به دير نه ٿئي، پر تون پنهنجي مائٽن ڏي نٿو لکين. چڱو يار! دير ٿي ٿئي.“
“O.K” هو روم مان ٻاهر نڪري ويو. مان به ٻاهر نڪري کيس ويندو ڏسڻ لڳس. هن هڪ هٿ سوٽ جي کيسي ۾ وڌو هو. هن جي چال ۾ هڪ نئين لوڏ هئي. مان روم ۾ واپس اچي بي اختيار کلڻ لڳس.
هن جو نالو ته ٻيو هو، پر سندس طبيعت ۽ ڍنگ جي مطابق اسان کيس ”مومن“ سڏيندا هئاسين. صفا سادو هو. هر روم ۾ هو ڀوڪ ۽ چريي جي نالن سان ياد ڪيو ويندو هو. شاديءَ جي چيڙ ته مٿس مقدم هئي. پنهنجي روم مان جان نڪرندو هو ته ڇوڪرا مٿس کلندا ۽ ٽوڪون ڪندا هئا.
”اچو مومن صاحب“ هڪ چوندو.
”شاديءَ جو ڪڏهن خيال اٿو؟“
”هاڻي هي ويچارو ڇا شادي ڪندو؟ ڪنوارو رهي سڙي ويو آهي.“ ٽيون چوندو ۽ پوءِ ڪو هن جو چڙڻ ڏسي. کين ڳالهائيندو، رعب ڏيکاريندو.
”توهان بد تهذيب آهيو. توهان جو ٻين جي پرائيويٽ معاملن ۾ ڇا وڃي؟“
هاڻي هن کي ڪير سمجهائي ته ”اڙي چريا، جي اهي تنهنجا ”پرائيويٽ“ معاملا آهن ته ٻين کي ٻڌائين ڇو ٿو؟“ هن جي اها عادت هئي ته جي ڪو ڇوڪرو ساڻس ٿورو گهرو ٿيندو هو ته ان کي پنهنجا گهرو معاملا، پنهنجا ناڪام عشق ۽ ٻيون حرڪتون مطلب ته ”الف“ کان ”ي“ تائين ٻڌائيندو هو، جنهن ۾ اهو به سور سليندو هو ته سندس عمر پنجٽيهه ورهيه کن ٿي آهي، پر شادي ڪانه ٿي ٿئي. هاسٽل جي ڇوڪرن کان الله امان ڏي. اهڙيون ڳالهيون ڪٿي ٿا رکن، ان وقت ئي مرچ مصالا گڏي پيا هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا. تانجو سڀني ڇوڪرن کي خبر پئجي ويندي هئي. هن کي چيڙائڻ جو هڪ ٻيو به سبب هو. اهو هو سندس مهانڊو. خدا ”مومن“ جي صورت ٺاهڻ ۾ انتهائي ڪنجوسي ڪئي هئي. قد بندرو، نڪ چنر (بينو) مٿو لوٽيءَ وانگر، وات ننڍو، پر چپ ٿلها، رنگ جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪارا ماڻهو به گهڻا، پر ”مومن“ جهڙو به ڪو پئدا ٿئي. منهنجو سنگتي شيخ صاحب مون وٽ آيو. مون موهن جي دڙي بابت هڪ مضمون لکيو هو. کيس ڏنم ته پڙهي. هو اڃا پڙهي رهيو هو ته ”مومن“ آفيس کان واپس آيو. ڪمري ۾ اچي ڪپڙا بدلائي کٽ تي ويٺو. هن کي مضمون پڙهندي ڏسي پڇيائين: ”پارٽنر، ڇا پيو پڙهين؟“
”کرل صاحب جو لکيل مضمون پيو پڙهان.“
”عنوان ڇا اٿس؟“ مومن ٿورو رعب سان پڇيو.
”موهن جو دڙو.“
”پارٽنر ”موهن جي دڙي“ جي تهذيب ۾ ڪا ساڳي ڳالهه آهي؟“ هن کي اچي بحث جو شوق جاڳيو.
هائو گهڻيئي ڳالهيون ساڳيون نه آهن.“
”مثلا“ مومن مغروريءَ مان ڪنڌ مٿي کنيو.
”هڪ سائنسدان موهن جي دڙي جي لڌل هڏائن پڃرن مان اندازو ٿو لڳائي ته اهي ماڻهو رنگ جا ڪارا، نڪ جا بينا ۽ بدصورت هئا.“
”ته پوءِ؟“ مومن اڃا نه سمجهيو.
”تون به انهن جهڙو ئي آهين.“ شيخ صاحب کلندي چيو. ”مومن“ صفا چڙي ويو. جهلڻ ۾ نه پي آيو، رڙ ڪري چوڻ لڳو:
”موهن جي دڙي جا ماڻهو ڪافر هئا، انهن سان منهنجي ڀيٽ ٿو ڪرين، پارٽنر توکي شرم نٿو اچي.“
مان وچ ۾ پيس ۽ مس مس ”مومن“ کي ٺاريم. ڀؤ پي ٿيم ته متان وارڊن کي دانهن نه ڏي. اهڙي قسم جون جهڙپون ڪڏهن ڪڏهن اسان ٻنهي ۾ به ٿينديون هيون. هڪ دفعي ته هن مون سان ٻه ڏينهن نه ڳالهايو. هن کي گهڻو ڪري سيريئس انگريزي فلمون وڻنديون هيون، جن جو ترجمو سنڌي اخبارن ۾ ”پيرس جي مستاني“، ”خوبصورت پريون“ يا اهڙي قسم جا ٻيا نالا ٿيندو آهي. هڪ دفعي هو اهڙي قسم جي فلم ڏسي آيو. اچي روم ۾ تعريف شروع ڪيائين. مون کي چيائين ته: ”پارٽنر، ڏسي آءُ، نه ته هلي وئي ته پڇتائيندين.“ مان به فلم ڏسڻ جو شوقين آهيان، سو منهنجي دل به هرکي. مان ڏسڻ هليو ويس. عريان ناچ، عريان جسم ٽيرو مٽيرو، ڏاڍو بور ٿيس. روم ۾ پير رکيم ته مومن پڪچر بابت پڇيو، مان ته ڀريو آيو هوس، سو کيس ٽوڪيندي چيم:
”پارٽنر، اهڙي پڪچر ڏسڻ لاءِ صلاح ڏئي ٻين کي اهو ڇو ٿو جتائين ته توکي شاديءَ جي ضرورت آهي.“
”ڪنهن کي آ شادي جي ضرورت؟“
”اهو جيڪو وهي وهانوي جا ناول پڙهندو آهي.“
صفا باه ٿي ويو. مون ”وهي وهانوي“ جي ناولن جو ذڪر ڪري مٿس ڄڻ ٽهڪندڙ تيل وڌو.
”پارٽنر، تو بنا اجازت منهنجي ٽيبل تان ڇو ڪتاب کنيو؟ توکي ڪهڙو حق آهي؟“
مون کيس ڪو جواب نه ڏنو. ٻه ٽي ڏينهن منهن سڄايو ويٺو رهيو، ٽئين ڏينهن هن کي منهنجي هڪ ڪتاب جي ضرورت پئي، مجبورن گهرڻو پيس. مون به ڏنومانس. ان ڏي وٺ کان پوءِ وري اڳي جيان ٿي وياسين، ڄڻ جهيڙو ئي ڪونه ٿيو هو.
هو منهنجو ڪلاسي هو ته به هن سان ايتري واقفيت ڪانه هئي، جو هو نوڪريءَ ۾ هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاليج ايندو هو. هڪ ٻئي جي نالي جي خبر به انٽر آرٽس جي امتحان جي ويري ۾ پئي. منهنجو سيٽ نمبر ناظم آباد لڳو هو، سو روز صبوح جو ساجهر بس تي وڃڻو پوندو هوم. هڪ ڏينهن مون جيئن بس ۾ قدم رکيو ته ڏٺم ته هو به اتي ويٺو هو. سندس ڀرسان سيٽ خالي هئي، ان ڪري مان اتي وڃي ويٺس. ڪنڊيڪٽر آيو. جيسين مان پئسا ڪڍان، تنهن کان اڳ هن ٻن ٽڪيٽن جا پيسا ڪڍيا ۽ منهنجي به ٽڪيٽ ورتي. رستي ۾ هڪ ٻئي جي نالن جي خبر به پئجي وئي. وڌيڪ خير سلا. ان واقفيت کان هن هاسٽل ۾ داخلا وٺڻ جي وقت دوستيءَ جو روپ ڏنو. جڏهن هن هاسٽل ۾ داخلا ورتي ته وارڊن کانئس پڇيو ته جي ڪو سندس دوست هن هاسٽل ۾ رهندڙ هجي ته ان جي ڪمري ۾ کيس جاءِ ڏئي. هن کي منهنجي هت رهڻ جي ڪا خبر هئي، سو هن جهٽ منهنجو نالو ڏنو. ”الاٽمنٽ چٽ“ وٺي مون وٽ آيو، ڏاڍي بيتڪلفيءَ سان ڀاڪر پائي خوشخبري ٻڌايائين ته هو مون سان گڏ رهندو. ڏٽيون ملائڻ لڳو ته گڏ رهي بي – اي جي تياري ڪنداسين. منهنجو اندر سڙي ويو، پر ساڻس انڪار نه ڪري سگهيس. شام جو ئي هو پنهنجو سامان کڻي آيو. ٻه پراڻيون ٽرنڪون، نوڙيءَ سان ٻڌل ميرو بسترو، هڪ ڇلي جنهن ۾ ڪونرو، گلاس، پراڻيون شيشيون جن ۾ الاجي ڇا جو ڇا پيل هو، ٻه جوڙيون کٿل بوٽ ۽ پلاسٽڪ جو پراڻو ٿيلهو، جنهن جون وڍيون ڇڄڻ بعد نوڙيءَ سان ڳنڍيون ويون هيون ۽ ان ۾ ڌوٻيءَ وٽ وڃڻ وقت ڪپڙا ۽ ڪاليج وڃڻ وقت ڪتاب، نوٽ بڪ ۽ ڦڻي وجهندو هو. ڦڻيءَ جا ٻٽي ڏندا ڀڳل هئا، پر تڏهن به نهايت پابندي ۽ آب تاب سان ڇوڪرين جي ڪامن روم جي اڳيان لنگهڻ وقت وارن کي ڏني ويندي هئي.
مان اڃا گهل ۾ هوس ته دروازي بند ٿيڻ جو آواز آيو، بتي ٻري. مون اکيون کوليون ته هو بيٺو هو. سندس حالت ڏسي مان ڊڄي ويس. اکيون ڳاڙهيون، وار منهن تي ڪريل، ڪپڙن جي استري چٽ. مون ڏي ڀرپور نگاهن سان نهاري، هن پاڻ کي پنهنجي کٽ تي اڇلايو.
”آئين پارٽنر.“ مون دل جهلي کانئس پڇيو.
هن ڪو جواب ڪونه ڏنو. چپ ڪيو ليٽيو رهيو. مان سمجهي ويس ته کيس جواب ڏنو ويو آهي.
”پارٽنر – پرواهه ڇو ٿو ڪرين؟ هنن سڱ نه ڏنو ته وڃي ڌوڙ پائين. تنهنجي ڀاءَ تنهنجي شاديءَ جو بندوبست ڪري رکيو آهي. هڪ ڏينهن ويندين ته ٻئي ڏينهن تنهنجي شادي ٿيندي.“
”ڪير ٿو چوي ته انڪار ڪيو آهي؟“ هن رڙ ڪري چيو.
”پر تو اهڙا حال ڇو ڪيا آهن؟“
”ٻڌايانءِ!“ هن آهستي چيو، ”مان هن سان هن هفتي شادي ٿو ڪيان.“
”ٺيڪ ڪيئي، ان ۾ ڏک ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”هوءَ پنگلي آهي.“ هن جي لهجي ۾ ٿوري مايوسي هئي.
”هان“ مون کان رڙ نڪري وئي. من کان وڌيڪ هڪ اکر به نه نڪتو. ٿورو سانت ۾ رهي ان بعد هن آهستي مون کي سڏ ڪيو. ”پارٽنر“
”هون“ مان اڃا پنهنجي حالت سڌاري نه سگهيو هوس.
”هڪ ڳالهه پڇانءِ.“
”پڇ“ مون آهستي جواب ڏنو.
”تون جو منهنجي جاءِ تي هجين ها ته ڇا ڪرين ها؟“
مان سندس سوال ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويس. جواب ظاهر هو، پر مون ۾ ايتري همت ڪانه هئي جو کيس جواب ڏيان، گهڻي دير کان پوءِ کانئس پڇيم:
”پر توکي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو آهي، جو ان سان شادي ٿو ڪرين؟“ مون رڙ ڪري ڏاڍيان چيو، ڄڻ منهنجي پنهنجي شادي ان پنگليءَ سان ٿيندي هجي.
”ڪاوڙ نه ڪر پارٽنر، ٻڌ! خيال ڪر ته هو پنگلي آهي، هن جا مائٽ به ايترا شاهوڪار ڪونهن جو کيس جهجهو ڏاج ڏئي کيس ڪنهن شاهوڪار سان پرڻائين ۽ ان حالت ۾ جي مون جهڙو بدصورت ماڻهو به کيس قبول نه ڪري ته ٻيو ڪير ساڻس شادي ڪندو؟ تون نه ڪندين ته ٻيو ڪو ڪندو؟“
سندس جواب ٻڌڻ کان بعد مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ منهنجا عضوا چرڻ پرڻ کان بيڪار ٿي ويا آهن، منهنجي زبان تارونءَ سان چنبڙي پئي هجي. مون کان هڪ اکر به نه اڪليو.
هن ساهي کڻي مون ڏي منهن ڪري چيو:
”پارٽنر، تون سڀاڻي ڪاليج نه وڃج.“
”ڇو؟“ مون هن ڏي نهاريو.
”سڀاڻي ٻئي ڪنهن سستي فليٽ جي جانچ ڪنداسين ۽ تنهن کان سواءِ هن موقعي لاءِ مون ٻٽي ڏوڪڙ به جمع ڪيا آهن. ڪجهه خريداري به ڪيون. هن لاءِ پنهنجو لٽو ڪپڙو به خريد ڪرڻو آهي. گهر لاءِ ضروري شيون مثلا اسٽو (Stove)، ڇو ته چلهه تي ماني وغيره پچائڻ ۾ کيس تڪليف ٿيندي.“
مان هن فرشتي کي تڪيندو رهيس. هن ڳالهه جو سلسلو جاري رکيو: ”پارٽنر، تون منهنجو دوست به آهين، ڀاءُ به آهين، ڄاڃي به تون ئي آهي، منهنجو Bestman به تون ئي ٿيندين.“ ڪو خيال ڪري هن پڇيو: ”پارٽنر، توهان ۾ انر جي رسم آهي ڪن نه؟“
”آهي“
”ته ٺيڪ، پوءِ تون اسان وٽ رهج. آچر جي شام جو ته ضرور پيو اچجانءِ. اسان ٻئي رات جي مانيءَ تي تنهنجو انتظار پيا ڪنداسين. آچر جي رات جو ته هت ماني بند هوندي آهي نه، تون هوٽل تي ماني کائيندو آهين، پر منهنجي شاديءَ بعد تون مون وٽ ماني کائيندين.“ هن کلندي چيو. هن جي کل ۾ هزار سور هزار درد لڪيل هئا. مون کيس ڪو جواب نه ڏنو. هن بوٽ لاهي پنهنجا ڪارا ۽ ميرا پير کٽ تي سڌا ڪيا، هو ڇت کي تڪڻ لڳو. ان وقت الاجي ڇو منهنجي دل چاهيو ته انهن ڇوڪرن کي جيڪي مٿس چٿرون ۽ ٽوڪون ڪندا هئا، تن کي ڳچيءَ کان پڪڙي سندس قدمن ۾ ڪيري کانئس معافي پنان.