گٽس
”اڙي، تون ڪٿي هئين ايترا ڏانهن؟“ پروفيسر جيلاني کيس ڀاڪر پائي چيو.
”ڳوٺ ويو هوس، هارويسٽ جي سيزن هئي نه.“ هر ڪنهن کي سندس وڏي زمينداري جي خبر هئي، پر تنهن هوندي به هن وري کين ٻڌائڻ مناسب سمجهيو.
”پوءِ اڄ ڪلهه ته کيسا پر هوندا؟“ ڪئپٽن مسعود چيو.
”بلڪل“
”تون ته بنا موڪلائي هليو وئين، پر هتي ته گهڻا ماڻهو تنهنجي ڪاڻ سڪيا پئي.“ ڊاڪٽر سليم لفظ ”ماڻهو“ تي خاص زور ڏيندي چيو. هن ڊاڪٽر ڏانهن نهاريو، جنهن جي منهن تي شرارتي مشڪ هئي. اهو اشارو شاهده برني ڏانهن هو، جنهن سان هن جو ”افيئر“ هو ۽ جا اوچتو ئي اوچتو سندس ڳلي پئجي وئي هئي ۽ هن کي شادي جو زور ڀريو هئائين. هن ڊاڪٽر سليم سان صلاح ڪئي هئي، جنهن وري کيس ٻه ٽي ڏينهن گسائي وڃڻ جي صلاح ڏني هئي. هو پنهنجي نيٽو ٽائون هليو ويو هو.
”اڄ ڪلهه ماڻهو ڪٿي آهن؟“ هن مشڪندي ڊاڪٽر سليم کان پڇيو.
”اتيئي، اوسي پاسي.“
هن نموني سان ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو ته پرڀرو ”هوءَ“ هڪ ڪنڊ ۾ اڪيلي ويٺي هئي ۽ ڏانهس گهور ڪري پئي نهاريائين.
”اڄ ڪلهه هتي وڏي لئي ٿي وئي آهي. ڪافي نوان ميمبر ٿيا آهن. خاص ڪري.......“ پروفيسر جيلاني مشڪندي چيو.
”ڪير آ هوءَ؟ پوري واقفيت ڪراءِ.“ هن جو شوق جاڳي پيو.
”مان ٿو ٻڌايانءِ.“ ڊاڪٽر سليم چوڻ لڳو: ”نالو اٿس پارس نياز احمد، هتان جي نئين ڪليڪٽر جي ڌيءُ، انٽروڊيوس ڪرايانءِ.“
”اها به پڇڻ جي ڳالهه آ پيارا.“
”پر اٿئي انگور کٽا.“ پروفيسر جيلاني، حميد ۽ ناصر ڏانهن نهاريندي چيو، جي شڪي ٿيڻ لڳا.
”جڏهن مان به پڄان تڏهن چئجو، وارو ڪيو، واقفيت ڪرايو.“ شاهده برني جي افيئر کان پوءِ هن کي پاڻ ۾ وڏو ڀروسو ٿي پيو هو.
ڊاڪٽر سليم هال ۾ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو: ”يار، اڳهون هتي ويٺي هئي. شايد هينئر بليئرڊ روم ۾ هجي، اٿ ته اوڏانهن هلون.“
الائي ڇو هن جي دل ۾ ککي ويو ته پارس اها ئي هئي، جنهن سان هو اچڻ وقت ٻاهر دوبدو ٿيو هو ۽ جنهن منهن ۾ سونڍ وجهي ڏانهس گهوريو هو. هو چوڻ لڳو: ”ڀلا انهيءَ لاءِ ته نٿو چوين، جنهن کي اڄ آرينج بنارسي ساڙهي پئي هئي، جنهن جي ڳچي ۾ جيڊ جو وڏو هار پيو هو ۽ جنهن کي ڪارو ڪوٽ شو......“
ڊاڪٽر هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽي کيس گهوريندي چوڻ لڳو: ”اڙي اهائي، اهائي، ڪاٿي ملينس؟“
هن ڪوبه جواب نه ڏنو، پر اکيون ڦرڙائي سينڍ وڄائڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن، هن ڊاڪٽر سليم کان پيرائتي پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن سان ڪنهن جو ”افيئر“ ته ڪونه هليو هو ۽ ڪلب ۾ سندس گهڻو اٿڻ ويهڻ ۽ گهمڻ گهتڻ ڪنهن سان هو. پر ڊاڪٽر کيس ٻڌايو ته خاص طرح ڪنهن سان ڪونه.
”اهڙي مغرور آ ڇا؟“ هن پڇيو.
”يار خبي ئي ڪانه ٿي پوي. هر ڪنهن سان ڳالهائي به فضيلت سان ٿي. پر ڪو ڊيگهه رکڻ جي ٿو ڪري ته ونءُ ٿي وڃي.“ اهي ڳالهيون پئي ٿيون ته هوءَ بار ۾ لنگهي آئي ۽ ڪنڊ ۾ خالي ميز تي ويهي رهي. هن ڊاڪٽر سليم کي انٽروڊيوس ڪرائڻ لاءِ ٺونٺ هنئي ۽ ڊاڪٽر سليم هن کي هٿ کان وٺي ان ڪنڊ ڏانهن وڌيو ۽ ويجهو پهچي چوڻ لڳو: ”مس نياز احمد، ليٽ مي انٽروڊيوس، ماءِ ٿڪ فرينڊ مسٽر ذوالفقار علي خان.“
هوءَ اخلاقن اٿي بيٺي ۽ مشڪندي لانڍ سان چيائين: ”پليز...... زڊ ٽو ميٽ يو.“
”پر اسان سنگت ۾ کيس ان ڊگهي نالي بجاءِ زلفي سڏيندا آهيون.“ ڊاڪٽر وري چيو.
ڊاڪٽر سليم ٿوري دير ويهي، بهانو ڪري هليو ويو ته هن کانئس پڇيو: ”ڪجهه پيئندؤ، مس نياز احمد.“
”ڪا خاص ضرورت ته ڪانه آهي.“ هوءَ نٽائڻ لڳي. ”ڪڏهن ڪڏهن ضرورت کان سواءِ به ٻئي جي دل خوش ڪرڻ لاءِ هائو ڪبي آهي.“ هن ڏانهس ٿورو جهڪي مشڪندي چيو. اهي سڀ گر کيس ياد هئا.
”چڱو، مان شيري پيئنديس.“ پارس ڄڻ ته مجبور ٿي چيو.
هن خوش ٿي ويٽر کي اشارو ڪري شيري ۽ سڪسٽي نائين آڻن لاءِ چيو. بيري ٻئي گلاس آڻي اڳيان جهليا ته هن پاڻ وارو جام ٿورو مٿي کڻي چيو: ”ٽو اور فرينڊشپ.“
پارس عجيب بي نيازيءَ سان گلاس کڻي سپ ڪندي چيو: ”ٽو اور اڪوئنٽنس.“ هو ڌڪ پچائي وڏا وڏا ڍڪ ڀرڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ته پارس سندس ڳالهه کي رد ڏئي، ڪلهوڪي سينڍ جو پلؤ ورتو هو. هن کي ياد آيو ته شاهده برني مشڪندي ٻه ٽي قدم اڳتي ٽپي وئي هئي ۽ کيس گهرين نگاهن سان ڏسندي چيو هئائين: ”ٽو اور لو زلفي.“
هڪ ڏينهن هو ڪلب ۾ دير سان پهتو. بار ۾ بليئرڊ روم خالي پيون هيون. هو هڪدم بالر روم ڏانهن ويو. اتي ڏٺائين ته هوءَ ويٺي هئي. سندس ڀرسان ڪو مرد ڪونه ويٺل هو. پر جي ڪو ويٺل هجي ها ته به ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. هن تازو ڊانسنگ اسڪول مان سکيا وٺندي وقت اهي جملي آداب چڱي طرح سکيا هئا. رڳو ويجهو وڃي اخلاق سان چوڻو پئي ها: ”مس نياز احمد سان ڊانس ڪرڻ جي اجازت آهي جناب؟“
”آف ڪورس سر.“ هو مشڪندي اجازت ڏئي ها. اهي بار روم جا آداب هئا.
هو کيس اتي ويٺو ڏسي خوشي ۾ پر ٿي ويو. ڪنهن سان ڊيگهه وڏائڻ ۾ ڊانس هڪ وڏي مددگار هئي. هن سوچي ڇڏيو ته پهرين رائونڊ ۾ ڊانس ڪندي پري رهندو، پر ٻن ٽن رائونڊن کان پوءِ هو چڱيءَ طرح گهاٽا ٿي ويندا ته هن کي قدري ڇڪي پنهنجي ويجهو ڪندو ۽ سندس هٿ جو گهيريو ٿورڙو ٿورڙو تنگ ٿيندو ويندو، تان جو هوءَ سندس سيني تي ڪنڌ رکي ڊانس ڪرڻ لڳندي.
آرڪيسٽرا وڄڻ لڳو ۽ جوڙا ڊانس ڪرڻ لاءِ اٿيا ته هن تڪڙو وڃي ٻئي ٻانهون نوڙائي کيس چيو “May I”.
پر هن سندس وڌايل هٿن جي ڪا پرواه نه ڪندي وڏائيءَ سان چيو: ”پر مان ته اهڙي سٺي ڊانس نه ڄاڻان.“
”ههڙي سٺي ميوزڪ ۾ پاڻهي سکي ويندؤ.“ هن مشڪندي چيو. ”نه نه، مون کي معافي ڏيو ته بهتر. مان اوهان جهڙي هوشيار ڊانسر سان ڪونه هلي سگهندس. ماڻهو ڪونهن کلائڻا.“ پارس صاف نٽائيندي چيو.
هو مجبور ٿي پوئتي هٽيو ۽ شاهده برني سان ڊانس ڪرڻ لڳو. شاهده کيس حيرت سان تڪي رهي هئي. منڍ ۾ هن پاڻ آفر ڪيو هو ته هو بهانو ڪري نٽائي ويو هو ۽ هينئر هوءَ ٻئي ڪنهن سان ڊانس ڪرڻ لاءِ تيار هئي ته پاڻ مرادو کيس ڊانسنگ فلور تي وٺي آيو هو. بهرحال! هوءَ خوش هئي جو ذوالفقار کي وري سندس خيال ٿيڻ لڳو هو. هوءَ سندس ويجهو پوندي، هن جي سيني ۾ منهن لڪائي، کيس چوڻ لڳي: ”آءِ اسٽل لو يو زلفي.“
هو کيس کتو جواب ڏيڻ ۾ هو ته سندس نظر ڀر واري جوڙي تي پئجي وئي. اهي پارس ۽ ميجر اصغر هئا. هن کي باهه وٺي وئي ۽ سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن جا اسٽيپ بگڙي ويا.
”آر يو آل رائٽ زلفي؟“ مس برني کيس بي دليو ڏسي چيو.
”نه مان خوش نه آهيان، منهنجو مٿو سور کان ڦاٽي ٿو.“ هن روئڻهارڪو ٿي چيو.
”ته پوءِ تون ريسٽ ڪر.“ هو کانئس معافي وٺي ٻاهر نڪرڻ لڳو ته هن ڏٺو ته پارس، ميجر اصغر سان ڊانس ڪندي، ٽيڏي اک سان ڏانهنس نهاري کيس چيڙائي رهي هئي.
هن جيڪو پاڻ کي ”سمال“ فيل ڪيو هو، ان جي لنوائي وسارڻ جو طريقو اهو هو ته هو سندس منهن بلڪل نه چڙهي، ان ڪري هو پنهنجو شامون ڪلب وڃڻ بدران ڪلفٽن يا سئنيما هائوس ۾ گذارڻ لڳو. پر هڪ ڏينهن ڪلفٽن تان موٽندي سندي ڪار، پنهنجو پاڻ ائين اچي ڪراچي ڪلب ۾ بيٺي، ڄڻ ان جو اسٽيرنگ سندس هٿ ۾ ڪونه هو. هن ڏٺو ته سموريون ڪرسيون ۽ ميزون لان ۾ پيون هيون ۽ جملي ميمبرن جي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ سبب وڏو گوڙ لڳو پيو هو. هو سمجهي ويو ته اهو تمبولا جو پروگرام هو، ان راند ۾ هن کي ڪا دلچسپي ڪانه هوندي هئي، جو خسيس هائوزي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ هنڌ سڪي ويهڻو پوندو هو ۽ هر وقت ڪن ڦاڙي انائونسر ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو هو ته متان هو ڪو نمبر چوي ۽ اهو نمبر مس ٿي وڃي. پر اندر بار ۾ اڪيلي ويهڻ کان ٻاهر ويهي کيڏندڙن جي خسيس هائوزي لاءِ هٻڇ ۽ نمبر اچڻ تي هسٽريا جي مريضن وانگر رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ جو مزو ڏسڻ زياده دلچسپ هو. ان ڪري هو هڪ ڪرسي ڏانهن وڌيو ۽ ان تي ويهڻ وارو هو ته کيس پويان ڪنهن سڏ ڪيو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته پارس کيس سڏي رهي هئي. هن جي دل ٿي ته جيڪر ڏانهس نه وڃي ۽ سندس سڏ کي ڪو گوش نه ڏئي. ماٺ ڪري ويهي رهي، پر ڄڻ ڪو کيس هٿ کان وٺي گهلڻ لڳو ۽ هو ڏانهس گهلبو ويو.
”مس نياز احمد، اوهان مون کي سڏيو ڇا؟“ هن ويجهو وڃي کانئس پڇيو.
”اوهان نٿا کيڏو؟“ هوءَ مشڪندي کانئس پڇڻ لڳي.
”نه، مون کي هيءَ راند نٿي وڻي.“ ائين چئي هو پوئتي موٽڻ لڳو ته پارس هڪدم چيو: ”ته ڀلا مون کي هيلپ ڪيو نه.“
هو سندس ڀرسان ويهي رهيو ۽ کيس سمجهائڻ لڳو ته ڪيئن نمبر ڪٽبا وڃبا آهن ۽ ڪڏهن ڪائوزي پوري ٿيندي. ايتري ۾ انائونسر مائيڪ تي اعلان ڪري دٻو کڙڪائي نمبر ڪڍڻ لڳو:
هٽ اينڊ رن سيون اينڊ ون.....
ايٽ سيون ماءِ وائفس ايج.....
هن پارس ڏانهن ڏٺو جا ڪارڊ ۾ اکيون وجهي نمبر ۾ مشغول هئي. هو ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي ڏانهس نهارڻ لڳو. کيس ڍو سان ڏسڻ جو اهڙو ڪڏهن موقعو نه مليو. هن ڀرپور نظرن سان سندس وڏن وڏن وارن کي ڏٺو، جي جوڙي جي شڪل ۾ ڇڪي ٻڌل هئا ۽ سندس ڪياڙي تي بچيل سنهڙا سنهڙا وار، جي جڙي ۾ نه اچي سگهيا هئا، پيارا پيارا پئي لڳا. لوڪٽ بلائوز ڪري پٺي، اڳ ۽ پيٽ جو گهڻو حصو جارجٽ جي ساڙهي سان ڍڪيل هئڻ جي باوجود جرڪيو پئي. هن جا گلابي اڌ کليل چپ ۽ برمي چمپل جي ٻن پٽين ۾ سهڻا صحتمند پير، هن جي چپل کي ڏڪائڻ لڳا.
انائونسر دستور موجب نمبر ڪڍي رهيو هو.
پنجو پنجو ففٽي فائيو....
لٽل لالي نمبر ٿري.
هن پنهنجي لٽل لالي جي ڪارڊ تي اوچتو نظر وڌي، جنهن ۾ اهو نمبر هو، پر ڪٽيل نه هو. هن جهڪي ميز تي رکيل ڪارڊ ۾ اڻ ڪٽيل نمبر ٿري تي آڱر رکيس ۽ هو سندس اشارو سمجهي ان کي ڪٽن لاءِ هيٺ جهڪي ته هن جي نظر ڳچي کان ترڪندي سندس سيني تي پئجي وئي، جو بلائوز جي قيد کي ڦاڙي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتو هو. اوچتو پارس جي نظر کيس گهوريندي پڪڙي ورتو ۽ مشڪندي چوڻ لڳي: ”اوهان سمورو وقت منهنجي تپاس پئي ڪئي آهي. نظر هڻندؤ ڇا؟“ ائين چئي هوءَ وري ڪارڊ ڏانهن ڏسڻ لڳي.
هو ٿورو مشڪيو ۽ وري ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو. سوچيندي سوچيندي هن فيصلو ڪري ورتو ته هوءَ اها ئي هئي، جنهن جي انتظار ۾ هن شاهده برني ۽ صوفيه احمد جهڙين پيارين ڇوڪرين کي به، جن هن جي هر جائز ناجائز گهر به پوري ڪئي هئي، پنهنجو نه ڪيو هو. هنن کي منزل تائين پهچڻ لاءِ فقط آرام ۽ ٿڪ ڀڃڻ کان وڌيڪ اهميت ڪانه ڏني هئي. لاشڪ ته هن جي انتظار ۾ هن پنهنجي مڱيندي سان به لائون ڪونه ڏنيون هيون، جا سندس اوسيئڙي ۾ ڳوٺ ويٺي هئي. هن محسوس ڪيو ته پارس بنا زندگي گذارڻ هڪ عذاب هو، جو هو ڪنهن به حالت ۾ سهڻ لاءِ تيار نه هو. هن ٿورڙيون اکيون ٻوٽي همت سان چيو: ”پارس، منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌ.“
پارس جا ڊگها ڊگها ايرينگ لڏيا ۽ ڏانهس ڏسڻ لڳي.
”پارس آءِ لو يو ........ آءِ لو يو مور دين ايني ٿنگ ان دي ورلڊ.“ هن ڪنڌ هيٺ ڪري چيو. پارس ڪو جواب نه ڏنو. هو وري دل ٻڌي کيس چوڻ لڳو: ”پارس، ان ڏينهن مان پهريون ڀيرو توکي ڏٺو ته ائين محسوس ڪيم ته تون ئي اها هستي آهين، جنهن جو مان ورهين کان انتظار ڪري رهيو آهيان ۽ انتظار ۾.......“
”مسٽر ذوالفقار، ائين جيئن مان هن نمبر سيون جو ڪيتري وقت کان انتظار ڪري رهي آهيان.“ هن کلندي پنهنجي ڪارڊ ۾ رهيل نمبر سيون تي آڱر رکي، جو ڇڙو ڪٽجڻ کان رهجي ويو هو.
هو پنهنجي پيار جو مذاق سهي نه سگهيو، هن جون اکيون آليون ٿي پيون. هن چوڻ لڳو: ”مان توکي ٻانهون ٿو ٻڌان پارس، تون سيريس ٿي، هيءُ منهنجي زندگي ۽ موت جو معاملو آهي.“
”اوهان ۽ پيار؟“ هوءَ طنز سان چوڻ لڳي: ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، اهي اوهان جون ٻانهون ٻڌي پيار جو يقين ڏيارڻ، سڀ بوگس آهي.“ ائين چئي پارس اتان اٿي وڃي پري رضيه سلطان علي سان ويٺي. هو اکين جي ڪنڊن ۾ آيل ڳوڙهن کي ضبط ڪري اٿي ٻاهر وڃڻ لڳو ته شاهده برني پري کان تڪڙي وٽس آئي ۽ کيس چوڻ لڳي: ”مون کي لفٽ ڏيندين زلفي.“
”نه، مون کي ٻئي پاسي وڃڻو آهي.“ هو کيس رکو جواب ڏئي اچي ڪار ۾ ويٺو.
ان بعد هن ڪلب وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏيو. سمورو وقت پنهنجي گهر ۾ اڪيلو ويٺو هوندو هو. سندس سنگتي ساٿي فون ڪندا هئا ته کين بِزي هجڻ جو بهانو ڪري ٽاري ڇڏيندو هو، پر ڪيترا ڏينهن؟ هڪ ڏينهن سندس دوست اچي ڪڙڪيا. کيس عجيب حالت ۾ ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. ”ڇا حال آ ڊان زوان.“
”ٺيڪ آهيان.“ هن ڦڪي کل کلندي چيو.
ٺيڪ وري ڪٿي آن، يه پيلي پيلي سي رنگت......“ ڊاڪٽر سليم چوڻ لڳو.
”ڪائي ڳالهه ڪانهي.“ هن کين يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
”پوءِ هيءَ حالت ڇو؟“ پروفيسر جيلاني هن جي وڌيل شيو ۽ ميرن ڪپڙن ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو.
”دراصل مون کي ٻن ٽن ڏينهن کان بخار هو. ائين جو ائين هنڌ ۾ پيو هوس.“
ٻيا اٿي ويا ته سليم هن کان سموري ڳالهه آهستي آهستي ڪڍي ورتي ۽ چوڻ لڳو: ”مان هن سان صفن صفا ڳالهايان؟“
”جيئن وڻيئي تيئن ڪر، پر مان مران ٿو.“
پر ٻئي ڏينهن هو آيو ته اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪري چوڻ لڳو:
”يار هوءَ فلرٽ آهي، توکي نظر ثاني ڪرڻي پوندي.“
هن سليم جي ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏنو، وري کانئس پڇيائين: ”تو ساڻس ڳالهايو؟“
”ها، پر سندس چم ۾ ئي ڳالهه ڪانه ويٺي.“
”ڇا چيائين؟“
”ڇا چوندي، چيائين ته ڪو کلڻ ڳالهائڻ کي غلطي ۾ پيار سمجهي ته اها ٽوٽ مٿس ته ڪانه پئي. مطلب ته هن صاف جواب ڏنو.“ سليم مجبور ٿي کولي ٻڌايو.
”هوءَ سچ ٿي چئي.“ هو هوريان چوڻ لڳو: ”ڪنهن وقت شاهده برني کي به مان اهڙو ئي جواب ڏنو هو.“
”آچر جي صبح جو کيس ڊاڪٽر سليم فون ڪيو ۽ چيو: ”ريس تي هلندين؟“
”نه يار.“ هن نٽائيندي چيو.
”اڙي سڄي سنگت ٿي هلي.“
”چڱو.“
”ته جلدي تيار ٿي، اسان توڏي اچون ٿا.“
”ڪجهه پئسا کڻان اچان ڇا؟“
”ڀلي جي شوق هجيئي.“
ريس ڪورس تي هر عمر جي مردن ۽ زائفن جو هجوم هو. هٿ ۾ فلاسڪ، ڳچين ۾ بائنيڪيولرس – زور شور سان ڳالهائڻ ۽ بحث مباحثا. هر ڪنهن کي هيڪوڻ مان چئوڻ ۽ اٺوڻ جي لالچ. ان گوڙ کي رهندو وڌائڻ وارن هاڪرس جون رڙيون ۽ هوڪا: ”لڪي پورس، لڪي سڪندر، لڪي رستم.“
”ڪهڙي گهوڙي تي شرط رکندين؟“ سليم کانئس پڇيو. ”جنهن تي چوين.“
”تون اڄوڪي اخبار ۾ ريس جو صفحو ڪونه پڙهيو آ ڇا؟“
”اون هون.“ هن نهڪر ڪئي.
”ته ڀلا هي پڙهه، هن ۾ ڪجهه ٽپ به ڏنل آهن.“
هن سليم کان اخبار وٺي ان ڏينهن ڊڪندڙ گهوڙن جا نالا پڙهيا. هڪ نالو پڙهندي ئي هن اخبار سليم کي واپس ڏني ۽ چيو: ”مان چوٿون نمبر گهوڙي پسند ڪئي آهي.“
”نالو ٻڌاءِ.“ سليم اخبار ڏسندي چيو.
”پارس.“
سليم هڪدم ڇرڪ ڀري ڏانهس نهاريو ۽ سامهون بيٺل گهوڙن مان چوٿين نمبر گهوڙيءَ ڏانهن ڏسندي چيائين: ”تون هاڻي ڇتو ٿيندين. ٽڪي جي گهوڙيءَ تي شرط رکندين، جو ان جو نالو پارس آهي.“
”توکي گهوڙن جي ڪهڙي خبر، اسان ان معاملي ۾ بنيادي آهيون. نه ته به اسان وٽ پنجاه گهوڙا آهن طنبيلي ۾.“ هن سليم کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”اڙي اها گهوڙي اڄ ته ڪانه ٿي ڊڪي جو ان جي قابليت لڪل هجي. اهڙيون مرزيل گهوڙيون ڪي ريس کٽنديون.“
”مون کي اها ئي وڻي ٿي.“
”چڱو گهڻا پئسا ٿو رکين؟“
”جيترا کيسي ۾ هوندا.“
”ڪيترا پئسا آهن تنهنجي کيسي ۾؟“
”پنج هزار.“
سليم خار ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پرتي بيٺل پروفيسر جيلاني ۽ ڪئپٽن مسعود کي سڏي چيائين: ”هي، هن سنڌ جي مجنوءَ جي ڳالهه ٻڌو؟“
”ڇو ڇاهي؟“ هو پڇڻ لڳو.
”هي خان صاحب چوٿين نمبر گهوڙي تي پنج هزار ٿو شرط رکي، ان جو نالو پارس آهي.“
”ڪمال ٿو ڪرين.“ هو کيس چوڻ لڳا.
”توهان کي ڇو ٿو سور ٿئي؟ پئسا توهان جا آهن ڪن منهنجا؟“ هن کي خار اچي وئي ۽ هڪدم ونڊو تي پيسا ڏئي ڪوپن وٺي آيو.
جڏهن گهوڙا اسٽارٽنگ پوائنٽ تي بيٺا هئا، جڏهن ريفري ٺڪاءُ ڪڍي ريس شروع ڪئي هئي، جڏهن هرڪو پنهنجي گهوڙي ڏانهن ڏسندي رڙيون ڪري رهيو هو، تڏهن هو سرندو ٻاهر پارڪنگ لاٽ وٽ اچي پهتو هو. هن کي ڄڻ ڪا دلچسپي ڪانه هئي، ڄڻ هو ائين ئي آيو هو. هن هٿ ۾ مروٽيل ڪوپن هيٺ اڇلي گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ پارڪنگ لاٽ مان ڪڍي گهر هليو آيو.
ريس ڪورس تان موٽڻ بعد، هو هيڏانهن هوڏانهن رلي شام جو گهر موٽيو هو ته سندس زبان خشڪيءَ ۾ تارونءَ سان چنبڙي پئي هئي. هو دروازا ٻيڪڙي پنهنجي اساٽ ختم ڪرڻ لڳو. جيئن اونده پئي ٿيندي وئي، تيئن هن جي اڃ وڌندي پئي وئي. اوچتو اوچتو ڪنهن جي ”ڪورٽ شو“ جي ڪٽ ڪٽ هن جا کيپ کڙا ڪري ڇڏيا. هن اکيون ڦوٽاري ڏٺو ته ڪو ٿورو پرڀرو بيٺو هو.
”ڪير آن تون.....؟“ هن رڙ ڪري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ڄنگهن ۾ ڪو ست ڪونه هو.“
اونده ۾ بيٺل پاڇولي ڪو جواب نه ڏنو.
”مان، مان ٿو چوان ڪير آن تون؟“ هن رهندو ڏاڍيان رڙ ڪري چيو.
”رڙيون نه ڪر.“ ڪوٽ شو جي ڪٽ ڪٽ سندس ويجهو اچي پهتي ۽ ڪنهن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو. ”مان.... مان پارس آهيان.“ هن جي دل کي ڄڻ ڪنهن زور سان مٺ ۾ جهلي قابو ڪيو. هن جو ساه اڊڙڻ لڳو. هن ڪو جواب نه ڏنو.
پارس وڌي اچي سندس سيني ۾ منهن لڪايو ۽ چوڻ لڳي: ”زلفي مان تنهنجي آهيان، هميشه لاءِ تنهنجي آهيان.“
هوءَ جواب ٻڌڻ لاءِ ٿورو چپ ٿي وئي، پر کيس ڪو جواب نه ڏيندو ڏسي، هن ڀاڪر پائي سڏڪا ڀريندي چيو: ”تنهنجيون کوڙ ڳالهيون ٻڌيون هئم. چون پيا ته تنهنجو پيار ڇڙو ٻه ڏينهن هلندو آهي. هڪ ڏينهن هڪ سان ته ٻئي ڏينهن ٻئي سان. مون کي به تو مان ڀؤ ٿيندو هو ته متان انهن وانگر مون سان به......؟“
هن کان الائي ڇو وري به اکر نه نڪتو. هوءَ وري کيس چوڻ لڳي: ”پر اڄ ڪنهن انجام سوچڻ بنا تو ڏي هلي آئي آهيان. وڻئي ته هميشه لاءِ پنهنجو ڪرين، يا وڻئي ته شاهده برني ۽ صوفيه وانگر...... جيئن تنهنجي مرضي.“
پوءِ ان وقت زلفي جي اکين جا جهرڻا وهي پيا ۽ کيس زور سان ڀاڪر پائي چوڻ لڳو: ”پارس....... ڊارلنگ، مان توسان شادي ڪندس هن هفتي ۾ ئي.“
ڪراچي ڪلب جي رسيپشن هال ۾، جيڪو رنگ برنگي بتين سان جرڪيو پئي، گهوٽ ۽ ڪنوار پهتا ته ان موقعي تي آيل بيگمات، جي پنهنجي ڌين کي نئين ماڊل جون ڪاريون ڏيئي سوسائٽي جي وڏي سمنڊ ۾ ڪنڍيءَ وانگر اڇلي ڇڏينديون آهن ۽ پاڻ فشنگ راڊ کي قابو جهلي ويهنديون آهن، گهوٽ کي ڏسي چپ پئي چٽيا ۽ پنهنجن ڪنوارين نياڻين جي بجاءِ ڪنهن ٻيءَ کي ڪنوار جي حيثيت ۾ ڏسي افسوس جا هٿ پئي مليائون. بيگم برني اسپورٽنگ اسپرٽ ڏيکاريندي، بيگم نياز کي چيو: ”ڪانگريچوليشنس بيگم نياز.“
”ٿئنڪ يو بيگم برني.“ بيگم نياز پنهنجو وڏو وڏو پرس لوڏيندي چوڻ لڳي. ”پر اهو سڄو ڪريڊٽ پارس جو اٿئي.“
”اوهان کي ته وڏو ڏاج نه ڏيڻو پيو هوندو؟“ بيگم برني رشد سان پڇيو. هن کي خبر هئي ته تڙ تڪڙ جي شادين ۽ لو مئريجن ۾ ڪجهه نه ڏيڻو پوندو آهي.
”نه بيگم برني، اهو به خدا جو شڪر آهي، نه ته اڄڪلهه اهڙا ڇوڪرا ته لکن ۾ به نٿا ملن.“ بيگم نياز خوش ٿي گهوٽ ڏانهن نهاريو، جو پنهنجي ڪنوار ڏانهن هر هر اکيون ٽمڪائي ڏسي رهيو هو.
”ٻڌون ٿا ته وڏو امير ماڻهو آهي؟“
”ويري رچ بيگم برني، پنج ڏه هزار ته هن لاءِ ڪائي ڳالهه ڪونهن.“
پوءِ جڏهن بيگم نياز ٻين بيگمات سان ڳالهائڻ لڳي ته بيگم برني پنهنجي ڌيءَ شاهده برني کي، جا ٻن مهينن کان پنهنجي ”پيريڊ“ کسڻ تي پريشان هئي، وڏيءَ خار ۽ ڏک مان چيو: ”پر افسوس نيلي ڊارلنگ جو تو ۾ اهڙا گٽس ڪونهن.“