نسيم جي سوچ ۽ تخيل : ولي رام ولڀ
سھڻيءَ جي ”جليل نمبر“ شايع ٿيڻ کان پوءِ جڏھن ”نسيم کرل نمبر“ جو اعلان ٿيو ھو، تڏھن کان ڪجھھ مٿئين قسم جي چؤٻول جا پڙاڏا منھنجي ڪنن ۾ ٻري رھيا آھن. وچ ۾ طارق اشرف جڏھن جيل روانو ٿيو ھو، تڏھن پڙاڏن ۾ ٽھڪ بھ گونجيا ھئا. ھن ۾ انتقامي خوشيءَ جو اظھار ھو ۽ مون کي ”نسيم نمبر“ نڪرڻ جي ذري بھ اميد نظر نٿي آئي، پر طارق اشرف واپس ورندي ئي تِٿ تاريخ جو اعلان بھ ڪري ڇڏيو ۽ مون کي چيائين تھ: ”نمبر ضرور نڪرندو ۽ تون بھ نسيم تي ضرور لک.“ کيس ھر وقت اھو فڪر لڳو پيو آھي تھ نمبر نڪري تھ مڪمل ۽ جامع قسم جو نڪري، پر آءٌ انھيءَ ٻڏ تر ۾ آھيان تھ لکان تھ ڇا لکان؟ ڀلا نسيم اڳيان منھنجي ڪا حيثيت آھي؟ ڪٿي راجا ڀوڄ ۽ ڪٿي گنگو تيلي. ھن يغادري رائيٽر اڳيان منھنجي ڪا مجال آھي. گھڻو ئي نٽايم، بھانا ڪيم، ڪوڙا آسرا بھ ڏنم پر دال نھ ڳري. جولاءِ جي پرچي ۾ نسيم نمبر ڪڍڻ جي اعلان ۾ نسيم تي لکندڙن ۾ منھنجو نالو بھ شامل ھو ۽ پوءِ تھ طارق اشرف ھر ملاقات ۾ مضمون جي گھر کلم کلا شروع ڪري ڏني تھ ”ھاڻي نالو بھ اچي ويو اٿئي ۽ پڙھندڙن کي Miss guide ڪرڻو ناھي. مٿان خود نسيم اچي وارد ٿيو. ساڻس اڳ ۾ ٻھ ٽي مختصر رسمي ملاقاتون ٿيل ھيون. مون کي چيائين تھ: ”ڀاءَ! ڇا جي دير آھي؟ لکي وٺ، ھاڻي دير نھ جڳائي.“ ھن يڪساھي، ھٿن جي اشارن سان زوردار نموني پئي چيو. نسيم جي جسم جي اڏاوت ڏٺي اٿو؟ ديو جيڏو مڙس آھي. سندس اڳيان پنھنجي پاڻ کي جيتامڙو محسوس ڪيو ھئم ۽ ناڪار ڪري نھ سگھيس. قد بت بابت اعتبار نھ اچيو تھ روبرو کڻو ڏسجوس، پنھنجو پاڻ جادو جي چراغ واري علاوالدين جي جن اڳيان بيٺل محسوس نھ ڪريو تھ مون کي کڻي چئجو.
نسيم بابت سندس نمبر لاءِ ھي جو ڪجھھ لکيو اٿم، فرمائش تي لکيو اٿم. فرمائش تي لکيو اٿم يا ائين کڻي چئجي تھ خنجر جي نوڪ تي لکيو اٿم، پر نسيم جون ڪھاڻيون ڪنھن جي فرمائش يا خنجر جي نوڪ تي نھ، پر پنھنجي پسند تي پڙھيون اٿم. نسيم جون ڪھاڻيون مون کي پسند اينديون آھن، تنھن ڪري پڙھندو آھيان. جڏھن ڪنھن رائيٽر جي لکڻي پسند ايندي آھي، تڏھن سندس Close Study ڪبي آھي ۽ انھيءَ رائيٽر جي ھر لکڻي گڏ ڪري سانڍي سنڀالي رکبي آھي ۽ پوءِ ٻي لکڻيءَ جو انتظار ۽ تلاش جاري رکبي آھي، جيئن واٽ ويندي ڪا سونھن پري نظر چڙھي وڃي تھ نگاھون سندس پيڇو تيستائين ڪنديون آھن، جيستائين اھا اکين کان اوجھل ٿي نھ وڃي ۽ پوءِ ھن جو عڪس ۽ اثر ذھن ۾ قائم ٿي ويندو آھي.
سنڌي ادب جي باب ۾ جڏھن نسيم پير ڌريو ھو، تڏھن ڪھاڻيءَ جي افق تي جمال ابڙو، شيخ حفيظ ۽ غلام رباني وارن جي جماعت ڇانيل ھئي. پر نسيم پنھنجي انفرادي اسٽائيل ڪري آغا سليم ۽ امر جليل سان گڏ، انھن جي جاءِ والاريو بيٺو آھي. نسيم سنڌ جو ڄائو آھي، سندس ڪھاڻين مان سنڌ ڌرتيءَ جي سڳند اچي ٿي. سنڌي ماڻھو ۽ ماحول، واقعا ۽ وارداتون پنھنجي فطري انگ ۽ رنگ سان پسجن پيا.
مون کي ياد آھي تھ مون نسيم جي پھرين ڪھاڻي ڪھڙي پڙھي ھئي، پر جڏھن ”ڪافر“ پڙھي ھئم، تڏھن ڏاڍو متاثر ٿيو ھوس ۽ محسوس ڪيو ھئم تھ سندس ڪھاڻي ۾ سندس گھري مشاھدي، اونھي مطالعي ۽ وسيع تجربيڪاري جي ڪارفرمائي آھي. ھو روزمره جي زندگي ۽ ان جي ماحول کي فطري ڍنگ سان يڪجا ڪري سموئڻ جي شعوري ڪوشش ڪري ٿو. ماحول جي سچائي سان اڻت ڪري، ڪردارن ۽ واقعات کي سندن اصلي شڪل ۾ بنا ڪنھن تصنع ۽ بناوٽ جي، قالين مان ڪڍيو ٻاھر ڪري، جنھن ڪري اھي پاڻيھي حقيقي ۽ فطري بنجي اڀريو اچن.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي. جيڪڏھن پڙھندڙ ڪھاڻي پڙھندي کلي ٿو ويھي تھ اتي نسيم بھ کلي ٿو، روئڻ مھل ھو توھان سان گڏ روئندو ۽ ھراس يا ھيسجي وڃڻ مھل ھو ھيسيل نظر ايندو. ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ اھو ظاھر نٿو ڪري تھ سندس ھمدردي ڪٿي لڪل آھي يا ڪھڙي ڪردار سان آھي؟ پر پڙھندڙ ٿورو سوچڻ سان اھو راز ھڪرم پروڙي وٺي. وٽس لکڻ جو اھو ڏانءُ اھي، جنھن جي وسيلي جو پنھنجي Objectivision سان ويجھائپ محسوس ڪرائيندو رھندو آھي ۽ اھڙيءَ طرح ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ لطيف پيدا ڪندو آھي.
نسم ڪھاڻيون لکي، ھڪ طرف پنھنجي فطري تخليقي اساٽ کي مطمئن ڪرڻ ٿو چاھي تھ ٻئي طرف معاشري جي ناسورن ۽ انساني بيچيني ۽ ٽڪراءُ جي اظھار ۾ نشتر زني بھ ڪري ٿو، انھيءَ ڪري سندس ڪھاڻين جا موضوع خيالي، مدي خارج سا فرسوده ناھن، پر انھن جي چونڊ موجوده ماحول ۽ سماج مان، وڏي سوچ ۽ فڪر کان پوءِ ڪري ٿو. عام ماڻھو سماجي مسئلن ۾ جڪڙيل ماڻھوءَ جي بيچيني کي ڏسيو بي دليو رد عمل تھ اظھار ڪندو آھي، پر متاثر نٿو ٿئي. پر رائيٽر بنيادي طور تي حساس ھجڻ ڪري ڪڏھين بھ حقيقتن کان چشم پوشي نٿو ڪري، بلڪھ حقيقتن تان پردو کڻي اگھاڙو ڪيو ڇڏي. نسيم پيدائشي طور تي سنڌي وڏيرو ۽ زميندار ھئن جي باوجود پنھنجي ڪھاڻين ۾ نرالو ۽ يگانو آھي. ڪھاڻين ۾ سندس لڪل شخصيت موجود رھي ٿي، جنھن مان سندس ٻھ گڻ ظاھر ٿين ٿا. پھريون تھ ھن زندگي جي دنياوي ضرورتن کي چڱيءَ ريت پروڙيو ۽ پرکيو آھي ۽ ٻي سندس فطري بيچيني آھي جا ھر اندر اجڙيل ماڻھو ۾ ڪوڙ، جبر ۽ ناحق خلاف آواز اٿارڻ جي ھوندي آھي، تنھن ڪري انھيءَ لحاظ کان سندس اھي صفتون Positive آھن.
نسيم پنھنجي ڪھاڻين ۾ زوال پذير سنڌي وڏيرڪي ذھنيت ۽ نئين اڀرندڙ ٽھيءَ جي سوچ جي تصوير ڏاڍي ذھانيت، فطري بيساختگي ۽ بي باڪيءَ سان عڪس ٿو ڪري. ھن سنڌ جي وڏيري، سردار، ڪاموري، مذھبي، جنوني ھارين، فرسٽيٽڊ جوانن، وڏي سوسائٽي جي فردن جي نفسيات کي جنھن ڍنگ سان پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو آھي، انھيءَ جو مثال نٿو ملي. ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ شھري ماحول کي ھڪ جھڙي قابليت سان پيش ڪرڻ جو ڍنگ فقط نسيم کرل کي ئي اچي ٿو.
نسيم جون ڪھاڻيون بيشڪ ننڍيون آھن، پر منجھن گھٽائڻ وڌائڻ جي گنجائش اصل نھ ھوندي آھي. اھي پوريون ڪوريل ڪٽيل ۽ مڪمل ھونديون آھن، جن ۾ يگ رنگي يا Repetition اصل نٿي ملي ۽ واقعات يا ڪردارن جي لحاظ کان ڪنھن بھ ڪھاڻي ۾ ھڪجھڙائي ناھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين جا ڪردار چٽا ۽ نرالا، پر مڪمل شخصيت سان پيش ڪري ٿو. کيس پنھنجي ڪردارن بابت پوري ڄاڻ آھي تھ اھي ڪھڙي ماحول مان اسريا آھن، ڪھڙي ماحول ۾ اٿن ويھن ٿا؟ سندن دلين جي ڪيفيت ڪيئن آھي ۽ پنھنجو رد عمل ڪيئن ٿا ظاھر ڪن؟ سندس ڪردارن کي، نسيم جي من ڇيد جي ڪاڻ ڪڍڻي نٿي پوي.
نسيم جي ڪھاڻين ۾ مون محسوس ڪيو آھي تھ ھو پنھنجي ڪردارن کي جيڪا ٻولي ڏي ٿو، اھا سندن ماحول سان ٺھڪندڙ ۽ فطري آھي، جا حقيقت ۾ ڳالھائي ويندي آھي. انھيءَ ڪري سندس ڪردار فطري ۽ ساڌارڻ لڳن ٿا. سندن ٻولي اڌاري نٿي لڳي. سندن ذھن اڌارو ڪونھي، کانئن مصنوعي بناوٽ واري ٻولي نٿي ٻڌجي. ڪو ٽانگي وارو فيلسوفاڻو مڪالمو ڪونھ ٿو ٻولي ۽ نڪي وري ڪو ھاري پنھنجي سوچ جي دائري کان وڏي ڳالھھ ڪندو ڏسجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ سندس ڪھاڻيءَ جو ڪو ڪردار نعريباز ناھي، پر ماحول مطابق آھي. ھو ڪٿي بھ ڪھاڻيءَ ۾ نعريبازيءَ کي پنھنجي مقبوليت جو ھٿيو ڪري استعمال نٿو ڪري ۽ مروج لاڙن کان پرڀرو ٿي شھرت حاصل ڪرڻ جو آسان فارمولو ڪم نٿو آڻي. سندس ڪھاڻين ۾ آکاڻي جي عنصر کي وڏي اھميت آھي. شايد انھيءَ ڪري سندس ڪھاڻين جون آکاڻيون گھڻي ڀاڱي ياد رھن ٿيون.
نسيم ڪھاڻيون تخليق نٿو ڪري، پر زنده حقيقت تان پردو پري ڪري، اصلي صورت ٿو ڏيکاري، ڄڻ وٽس ڪو اھڙو خاص اوزار آھي، جنھن سان ھو ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو، جن جي ٻين کي ٻيٽ بھ نٿي پوي ۽ جڏھن انھن تان ڍڪ پاسيرو ڪري ٿو، تڏھن کين خبر پوي ٿي تھ اھي غير حقيقي ناھن، ھٿرادو يا بناوٽي ناھن، پر زندگي جي ڄاتل سڃاتل حقيقتن جھڙا آھن. يا وري ائين لڳو ٿو، ڄڻ اسان جي آس پاس بيشمار ماڻھن مان ڪن کي اسان لاءِ جدا ڪري، پنھنجي ذھن جي ڪئميرا سان Close up جي صورت ۾ ڏيکاري ٿو، جن جون ڌنڌليون شڪليون چٽيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
اڄڪلھھ اڪثر ڪري ادب کي جنسي لذت جو ذريعو بنائڻ جو لاڙو زور وٺندو پيو وڃي، پر نسيم انھيءَ ڏس ۾ پنھنجي سوچ ۽ تخيل جا نوان رستا ڳوليا آھن، انھيءَ جو بھترين مثال سندس ڪھاڻي ”ڪرنٽ“ (پيار جو ڇھاءُ) آھي.
نسيم برابر ڪھاڻي لکڻ لاءِ جگر جو رت ولوڙي ٿو، پيڙا ڀوڳي ٿو، جيئن ڪا ماءُ نون مھينن تائين پيٽ ۾ ٻار کي پالي جنم ڏيڻ کان پوءِ اوچو ڳاٽ ڪري فخر محسوس ڪندي آھي ۽ ٻئي کي پنھنجو جيس نھ سمجھندي آھي. شايد اھا سندس فطري ڪمزوري ھوندي آھي.
[b]ولي رام ولڀ
[/b]