چوٽيهون در
”نه سائين، کنڊ ڪونهي پيو، پر هڪ لاش اچي در ۾ ڦاٿو آ.“
”پوءِ مون کي ڇو جاڳايئه، مان ڪو صوبيدار آهيان؟“
”سائين، ٿاڻي تي وڃان ٿو، پر توکي اطلاع ڏيڻ آيم جو متان دير ٿي وڃي.“
”دير، شام تائين موٽي آئين ڄڻ لک کٽيئه. پوءِ ته روز حاضريون کارائيندءِ.“
”ها سائين، مٿئون جو اچي پئي، منهن ته ڏبو نه.“
”ڀلي وڃي منهن ڏي، پر ٻي ڳالهه ٻڌ، متان فرياد ۾ منهنجو به نالو شاهدي ۾ لکائين.“
”نه سائين، تنهنجو نالو ڪونه ايندو. چوندس ته لاش ڏسي، سڌو ٿاڻي تي آيو آهيان.“
”ٺيڪ آ، ائين چئجانءِ.“ سروير در بند ڪيو.
هو وري بئراج تي آيو ۽ سکر طرف هلڻ لڳو. هن اڃا سڏ کن پنڌ ڪيو هو جو پوئتان کيس ٽرڪ جون بتيون نظر آيون. ٽرڪ ڊرائيورن جي وڏائيءَ جي کيس چڱيءَ طرح خبر هئي. هو ههڙي تهڙي کي ته سگنل به ڪونه ڏيندا آهن، پر هن کي به سکر جو پنڌ سجهيو ته هن به کڻي هٿ ڏنو. ڊرائيور به ڪو اشراف جو پٽ هو، جو کڻي ٽرڪ جهليائين. هو خوشيءَ ۾ پر ٿي ويو ۽ دل ئي دل ۾ ڊرائيور جو ٿورو مڃڻ لڳو، جنهن ٽرڪ جهلي کيس ڄنگهن هڻڻ کان بچايو هو. ان ٽرڪ کي بيهارڻ ۽ کيس پنڌ کان بچائڻ ۾ مرضي به مولا جي هئي، جو سندس ان ڪم ۾ راضي هو. ٿاڻي جي دير کان ٿورو پرتي هو ٽرڪ جهلائي لٿو ۽ گيٽ اندر ٿيو. سامهون بيٺل سپاهيءَ کان صوبيدار جي پڇا ڪيائين.
”صاحب جانچ ۾ ويل آ.“ سپاهي کيس ڪياڙيءَ سان ورندي ڏني.
”جمعدار، مون کي صوبيدار وڏي سان ضرور ملڻو آهي. اهي ڳالهيون ڇڏ ميان!“
”ڇو، ڪا فرياد آ ڇا؟“
”ها ميان، فرياد آ.“
”هينئر فرياد داخل نه ٿيندو. ٻه ٽي ڏينهن رکي پوءِ اچجانءِ، سال جي پڇاڙي آهي، ڏوهه اڳ ۾ ئي وڌيل آهن.“
”ميان، ڪا چوريءَ کاٽ جي ڳالهه ٿوري آهي. خون ٿيل آ خون!“
”تون ڪيو آ ڇا خون؟ ڪٿي آهن هٿيار؟“
”هٿيار صوبيدار ئي وٺندو، مون کي ڇڙو ساڻس ملاءِ.“
”اهي سنها ڪم به صوبيدار وڏو ڪندو ته باقي مان هي مڇون اس ۾ اڇيون ڪيون آهن؟ جلد پيروي ٻڌاءِ.“
”جمعدار، تڪڙ گهٽ ڪر، مان به ڌڻڪو آهيان ۽ تو جهڙو ئي سرڪاري ملازم آهيان.“
”کڻي آسمان تان اڏري لٿو هجين، توکي حقيقت ٻڌائڻي ئي پوندي.“
”جمعدار، هروڀرو ٿو ضد ڪرين. صوبيدار وٽ تون به ٻڌجانءِ.“
سپاهي هن مان ڪو چاڙهو نه ڏٺو ته لاچار کيس صوبيدار جي ڪوارٽر ڏانهن وٺي هليو. صوبيدار به هينئر تازو اٿيو هو ۽ چانهه پئي پيتائين. سپاهيءَ سلوٽ هڻي صوبيدار کي چيو: ”سائين، هي فريادي آيو آ.“
صوبيدار ڪرڙي اک کڻي پنهنجي سپاهيءَ ڏي ڏٺو ۽ خار مان کانئس پڇيائين: ”اڙي عقل جا دشمن، ٿاڻي تي منهنجي آمد آهي جو مون ڏي وٺي آئينس!“
”سائين، مان ته هن کي ٻڌايو ته صاحب گناه نمبر 224 جي جاچ ۾ مصروف آهي، پر هن جو ڳوري ڳالهه ٻڌائي ته لاچار کيس وٺي آيس. پاڻ به سرڪاري ملازم آ.“
”ڇا ٿو ٻڌائي؟“
”سائين، چئي ٿو ته خون ٿيل آ.“
”خون، چڪلي ۾ ڇا؟ پر اتي ته سڄي رات رائونڊ ۾ هوس.“
”نه سائين، مون کي ته جاءِ واردات جي خبر ڪانهي، اوهان کي پاڻ ٻڌائيندو. اڙي ميان، ويجهو اچي صاحب کي سموري حقيقت ٻڌاءِ. ڊڄ ڊپ نه، سچ ٻڌائيندين ته فائدو پوندءِ.“ سپاهيءَ هن کي سڏي چيو.
هو اڳتي وڌي صوبيدار جي ڀرسان آيو ته صوبيدار کائنس پڇيو: ”ميان، تون ڪهڙي کاتي ۾ آهين؟“
”سائين مان گيج ريڊر آهيان سکر بئراج تي.“
”ها، حقيقت ڪر.“
”سائين، مان صبوح جو دستور موجب پاڻيءَ جي ماپ پئي ورتي ته هڪ لاش ڏٺم، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو هو. لاش جي ڳچي آروپار ڪيل آهي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل آ.“
”لاش مرد جو آ يا عورت جو؟“
”عورت جو.“
”لاش پڪ مڇيون کائي ويون هونديون ۽ شناخت کان زور هوندو.“
”نه سائين، اڃا سلامت آ.“
”هون، ڪا خبر چار؟ ڪو آيو، ڪو ويو؟“
”نه سائين، اسان وٽ ته ڪو ڪونه آيو.“
”ڪوڙا خان، ٿاڻي تي ته ڪو وارث وصي ڪونه آيو؟“ صوبيدار پنهنجي سپاهيءَ کان پڇيو.
”نه سائين، هتي به نه جن نه ڪن.“
صوبيدار وري ڏانهنس ڪنڌ ڦيرايو: ”ها ميان، ڪهڙيءَ مهل لاش ڏٺئه؟“
”سائين، باک پي ڦٽي.“
”اتي ٻيو ڪير هو؟“
”ڪوئي ڪونه، مان اڪيلو هوس.“
”پوءِ ڪنهن کي ٻڌائيه؟“
”ڪنهن کي ڪونه، سڌو ٿاڻي تي آيو آهيان.“
”تون پاڻ ڪٿي رهندو آهين؟“
”سائين، سکر بئراج تي ڪوارٽر مليل آ.“
”اڪيلو رهندو آهين يا ٻارين ٻچين؟“
”سائين اڪيلو.“
”ها ميان، اڪيلو ڇو نه رهندي، مڙس به شوقين ٿو ڏسجين!“
”شوقين ڪيئن سائين؟“
”ميان لبِ مهراڻ تي روز هڪ ٻئي کان اور ٿيون اچي گڏ ٿين، تو به هڪ کن ته تاڙي هوندي.“
”نه سائين، مان انهن ڳالهين کان پري آهيان.“
”انهن ڳالهين کان پري هجين ها ته خون ڇو ٿئي ها، لاش ڇو لڀي ها!“
”سائين مان نه سمجهيو.“ گيج ريڊر کي پگهر اچي ويا.
”برابر، تون هاڻي ائين سمجهندين به ڪونه، پر اها مهل آئي ته پاڻهي طوطي وانگر ٻوليندين.“
”سائين، توهين مون ۾ اجايو شڪ ٿا رکو. مان اهڙو ڪم ڪيان ها ته لاش هيٺ نه لوڙهي ڇڏيان ها. آخر مون کي ڪنهن پئي ڏٺو؟“
”ها، اها ڳالهه تنهنجي فائدي ۾ آهي، ان کي ضرور خيال ۾ رکبو. چڱو لاش جو حليو ته ٻڌاءِ.“
”سائين، مان هيٺ لهي ته ڪونه ڏٺو جو هراس پئي ٿيو. باقي فوتڻ رنگ جي ڀوري، ڊگهن ڪارن وارن سان، ڳاڙهو گهگهو ڀرت سان......“
”وئي، وئي!“ صوبيدار ڳوٽ ڀڳي.
”ڪئين وئي سائين؟“
”پڪ ڪنهن گهگهيلي ڪاري ماري، پنهنجو منهن ڌوتو.“
گيج ريڊر اڃا اهو گفتو نه سمجهيو، سو صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، ڪنهن منهن ڌوتو؟“
”ميان، تون ڄٽ ماڻهو، توکي انهن ڳالهين جي ڪهڙي خبر؟ اهي غيرتون گهگهيلن کي، جو ڪو مهڻو ڏئين ته ان تي ئي آءُ ڪن.“
گيج ريڊر هينئر اها ڳالهه سمجهي ويو، سو صوبيدار کي چيائين: ”سائين، اهي ڪهڙي قرآن ڪتاب ۾ جائز آهن؟“
”ٻروچ هن قانون کي ڇا ٿا سمجهن، اهڙا خون ته هنن لاءِ جائز آهن.“
”پر سائين، قانون ۾ ته ڏوهي آهن.“
”ها ميان، قانون ۾ ته سڌو سنئون 302 آهي، پر ڪير فريادي ٿئي ۽ ڪير باڪو ٿئي؟ ان ڪاريءَ جو ڀاءُ ۽ پيءُ به جوڻي نه کڻندا. ٻيا مائٽ ته پري ٻڌ.“
”پر سائين، اوهان اکيون وجهون ته اهي ڏوهه ڪيئن ٿا لڪي سگهن؟“
”ها، جي ڊگهي جاچ ڪبي ته اٽي مان وار به ڪڍي ڇڏبو. مون کي ته اهڙو آزمودو آهي، جو ڪو خونيءَ کي کڻي گلاب جي عرق ۾ وهنجاري سؤ ماڻهن سان گڏ بيهاري، ته به مان هڪ پل ۾ ڪن کان وٺي ٻاهر ڪڍندوسانس ته پٽ ماءُ جا، هتي ٿي بيهه!“
”واه سائين واه، اهو وري ڪيئن؟“
”خون جي ڌپ! خوني مان ڪا رت جي ڌپ ويندي؟“
”پوءِ ته سائين وارو ڪيو.“
”ميان، هن ڪاريءَ جي ڪيس ۾ ڪنهن کي پڪڙي ڪنهن کي پڪڙيان؟ جنهن ٻروچ ۾ هٿ پوندو تنهن مان خون جي ڌپ ايندي!“
”پر سائين، اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته فوتڻ ڪاري نه هجي ۽ واٽ ويندي، پاڻي ڀريندي، ڪنهن شڪاريءَ کي هٿ اچي وئي هجي ۽ ان پوءِ ڀئو کان ماري کيس لوڙهي ڇڏيو هجي.“
”ها، ائين به ٿي سگهي ٿو، پر اهڙو امڪان اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.“
”سائين، هڪ ڀيرو جانچ شروع ٿي ته پاڻهي دڳ ٿيندو ويندو. خون ۽ کٿوريون ٿورو لڪنديون آهن.“
”ميان، ههڙي خون جي مولا نه جاچ ڪرائي. هيءَ جاچ ته رهندو گهر جا ٽپڙ به گهليندي.“
”ڪيئن، سائين؟“
”بابا، لاوارث لاشن جون جاچون ڪي سوليون آهن. پهريون لاش ڪڍائڻ تي مزوري، پوسٽ مارٽم جو خرچ، فوٽو گرافر، جيپن جا ڀاڙا ڪرايا، لاش جو دفن ڪفن، ان کان پوءِ بالا آفيسرن جا سهما، روز پيا پڇائون ڪندا، جيستائين ٻه ڏوڪڙ سندن منهن ۾ نه هڻبا. ميان، در کولي، لاش لوڙهي ڇو نه پئي ڇڏيئي؟“
”سائين، اهڙو پاپ مون کان ڪئين پئي پڳو. مولا الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي، شل حقؤن به رکي ناحقؤن به.“
”پر هاڻي تو گناه ڪيو يا مان، جو ٻئي پيا رولڙا پسون. ميان، خون جو فرياد ڪا چرچي جي ڳالهه ڪانهي. روز روز حاضريون کائي ٿڪين ته پاڻهي بان ڪندي.“
”سائين، مون کي اهي حاضريون چڱيون آهن، پر اهڙو ڪڌو ڪم مون کان نه ٿيندو، منهنجي فرياد وٺ.“
”ها ميان، تو مان جند ڪانه ڇٽيندي. ننڍي هوندي مائٽن ڪو گڏهه جو کير پياريو هيئي الائي ڇا.“
”سائين، جيئن سمجهين.“
”ڪوڙا خان، منشيءَ وڏي کي سڏ ڪر ته هي فرياد وٺون.“ صوبيدار پنهنجي سپاهيءَ کي چيو.
منشي وڏو پنا، ڪاربان، رول، پينسلون کڻي آيو ۽ اچي صوبيدار جي ڀرسان موڙي تي ويهي، رول سان پني تي ليڪا ڪڍي، صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، پهريون ڪچي پني تي ٺاهيون ته پوءِ ٿا 154 تي آڻيون.“
”وڏا، مڙيئي ڌوڙ وجهينس، يا جيئن وڻئي تيئن ڪر، ڀلي پهريون ڪچي ٺاهه.“
منشي وڏي بنا ڪاربان ٺاهي پينسل هٿ ۾ کڻي، صوبيدار ڏانهن ڏٺو.
”وڏا لک فرياديءَ جو نالو، ڇا ٿي نالو؟“
”سائين، غلام محمد پٽ نور محمد.“
”وڏا، لک – فريادي غلام محمد پٽ نور محمد، گيج ريڊر سکر بئراج، ڏوهه قلم 302 وقت اطلاع صبوح جو ڇهه بجي، وقت رپورٽ...... وڏا، بيهه ته، روزنامچو ڪيستائين لکيو اٿئي؟ هينئر ته ڏهه ٿيا آهن.“
”روزنامچو رات کان بند آ، هينئر وڃي لکندس.“
”ٺيڪ آ ته پوءِ لک – وقت رپورٽ داخلا جو سوا ڇهه بجا، وقت جانچ جو، بروقت پوليس طرفان ڪا دير ڪونه. ها بابا، لاش ڪٿي ڦاٿل آ؟“
”سائين، سکر بئراج جي چوٽيهين در ۾.“
”وڏا، وارو ڪر، ڏس ته اسان جي ٿاڻي جي حد ڪهڙي در تائين آهي؟“
منشي وڏو تڪڙو ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ پري کان رجسٽر کنيون ٻهڪندو آيو ۽ چوڻ لڳو: ”سائين، اسان جي ٿاڻي جي حد ڪانهي.“
”واه قلندر! ميان، وڃ روهڙي ٿاڻي. ان حد ۾ نه اسان جو اڌ نه ٽهائي.“ صوبيدار مرڪندي چيو.
”سائين، ائين ڪيئن ٿا ڪيو؟“
”ميان، اعتبار نٿو اچئي ته کڻي پاڻ رجسٽر ڏس.“
”سائين، فرق ته رڳو هڪ در جو آهي.“
”بادشاه، هڪ در جو فرق ته وڏي ڳالهه آ، پر هڪ تِر جو هجئي ته به وک نه هلانءِ. مان آخر پرائو سور پنهنجي مٿي ۾ ڇو وجهان؟“
”مڙئي سائين مهر ڪر.“
”اڙي ڪو چريو چئبين. ليلهڙاٽ ته ائين ٿو ڪرين، ڄڻ ڪا پنهنجي سڳي هجئي. ميان، تنهنجو ڇا؟“
”پوءِ سائين، مان ڇا ڪيان؟“
”بابا، تون روهڙي ٿاڻي تي وڃ، اتي وڃي اها رپورٽ ڏي.“
”اهو جو رپورٽ نه وٺي؟“
”ڪيئن نه وٺندو؟ سندس حد آ.“
گيج ريڊر وري روهڙيءَ ڏانهن کڙي ڪئي ۽ ذري گهٽ منجهند اچي ٿاڻي تي پهتو. ڪلاڪ ڏيڍ جي انتظار کان پوءِ مس مس صوبيدار سان ملاقات ڪيائين ۽ کيس خون ٿيل لاش جي لڙهي اچڻ جي خبر ٻڌايائين.
”لاش ڪٿي ڦاٿل آ؟“
”سائين، سکر بئراج جي چوٽيهين در ۾.“
”منشي وڏا، اهو چوٽيهون در اسان جي حد آ يا سکر جي؟“
”اسان جي.“ منشيءَ وڏي منهن ڀيلو ڪري ٻڌايو.
”ڪهڙيءَ مهل لاش ڏٺو هيئي؟“
”سائين، باک مهل.“
”پوءِ ايتري دير ڪاٿي هئين؟ هينئر ته ذري گهٽ منجهند اچي ٿي آهي!“
گيج ريڊر چپ.
”ميان، جواب ڏي نه ته اها دير توکي ڏکي پوندي.“
اتي گيج ريڊر ڦاٽ کاڌو، پرائيءَ عزت کان نيٺ پنهنجي عزت پياري هئي. ”سائين، مان ته پنهنجي سر ڪا دير ڪانه ڪئي. مان ته ان مهل ئي سکر ٿاڻي تي ويو هوس، پر ان صوبيدار مون کي ويهاري ويهاري نيٺ پوءِ جواب ڏنو.“
”ڇو جواب ڏنائين؟“
”چيائين ته منهنجي حد ڪانهي.“
”هن جي حد هجي يا منهنجي هجي. جهڙو هو گورنمينٽ جو نوڪر، تهڙو مان نوڪر. هن کي پهريون خون جي خبر پئي هئي. قانون مطابق هن کي رپورٽ وٺڻي هئي ۽ مشير نامو ٺاهي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلڻو هو. ان کان پوءِ مون ڏي ڪاغذ موڪلڻا هئس.“
ها سائين، مان ته کيس گهڻا ئي ايلاز ڪيا، پر اصل ڪونه مڙيو.“
”ڇا پئي چيائين؟“
”سائين، چيائين پئي ته ههڙي جاچ ڪير ڪري. هيءَ جاچ ته رهندو گهر جا ٽپڙ گهليندي.“
”ها، پر جي مٺو کائبو آ ته ڦڪو به کائبو آ. جي ان لاش جا وارث پئدا ٿين ٿا ته پوءِ اهو لاش کيس ڏاڍو مٺو لڳي ها. پوءِ انهن حدن ٻدن جو خيال ئي ڪونه اچيس ها.“
”الائي، سائين.“
”الائي وري ڇو؟ توکي اها خبر نٿي پوي؟“
گيج ريڊر ڇا ڪڇي.
”چڱو ڀلا، هاڻي هي ٻڌاءِ ته توکي ڪيئن خبر پئي ته لاش چوٽيهين در ۾ آ؟“
”مان پاڻ ڏٺو هو.“
”تو لاش ڏٺو هو يا در ڳڻيا هيئي؟“
”در ڳڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي سائين، درن جا نمبر ته منهنجي دل تي لکيل پيا آهن.“
”پر ميان، ڀل چڪ ته ٿي سگهي ٿي.“
”نه سائين، اهڙو انڌو مان به ڪونهيان.“
”ڀلا، هينئر جو هن ٿاڻي تي آئين ته وري لاش ڏٺئي؟“
”هن ڀيري ته اهو رستو آيس ئي ڪونه. مان ته سڌو اچي روهڙي واري پل ٽپيس.“
”اوڏانهن اچين ها ته گهٽ ۾ گهٽ پڪ ته ٿئي ها. الائي وري لاش لڙهي ڪنهن ٻئي در ۾ ته نه ڦاٿو.“
”اها الله کي خبر، پر ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“
”چڱو، اها وري ٿا کڻي جاچ رکون...... وڏا، او منشي وڏا!“
”جي سائين!“ منشيءَ وڏي جواب ڏنو ۽ اچي صوبيدار جي سامهون بيٺو.
”يار، لاوارث لاش جي فرياد آهي ته ڏکي، پر هن مڙس کي هروڀرو ڪونه رلائبو. تون هن کان فرياد وٺڻ جي تياري ڪر. پر ان وچ ۾ پنهنجو ڪو ماڻهو موڪلي اها ته خاطري ڪر، متان لاش اسان جي حد ۾ ئي نه هجي ۽ اسين ويٺا اجايا خفا ڪيون.“
”اهي خفا اجايا ٿا ڪيو سائين، لاش چوٽيهين در ۾ آ.“ گيج ريڊر صوبيدار کي وري پڪ ڏني.
”ميان، اسان کي پڪ ته ڪرڻ ڏي. متان درياهه جي وهڪري تي لاش لڙهي ڪنهن ٻئي در ۾ نه ڦاٿو هجي.“
”ڀلي سائين.“
”منشي وڏا، تو به ڳالهه سمجهي نه؟“
”ها سائين، خاطري ڪيو.“
”پر ڪنهن بني بشر کي خبر نه پوي! مهاڻي کي به جهلجانءِ ته ان ڳالهه جو پڙهو نه ڏي، رڳو ماٺ ميٺ ۾ لاش ڏسي، در ڳڻي اچي.“
”ها سائين، بس نه؟“
”بس، پر هن همراهه کي پاڻ سان ورتيون وڃو. هن ويچاري ماني به کاڌي آهي الائي ڪونه.“
”سائين، مون کي طلب ڪانهي.“
”ميان حجاب نه ڪر، ماني مولا جي آ. وڏا، منهنجي کنڌي هوٽل مان گهرائي کارائينس. هي مڙس ماڻهو اٿئي، پرائي خون تي ڪنهن ڀاڙي ڀتي کي ڪهڪاءُ ڪونه ايندو آ. وڏا، ههڙن مڙسن جو شل ڪال نه پوي.“
”بيشڪ سائين، مڙساڻا اکر اٿس. هل ادا، اٿي ڪو ڳڀو کاءُ.“
صوبيدار ۽ وڏي منشي جي ان تعريف گيج ريڊر جا مڙئي ٿڪ لاهي ڇڏيا. هن کي سکر واري صوبيدار تي وڏي خار هئي، جنهن کيس اجايو رلايو هو ۽ ساڻس خوديءَ سان ڳالهايو هئائين. جو منشي وڏي جي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽ ماني کائي، ڄنگهون ڊگهيون ڪيائين ته کيس ننڊ کڻي وئي. ٽپهريءَ مهل منشيءَ وڏي ٽنگ لوڏي جاڳايس ۽ صوبيدار وٽ هلڻ لاءِ چيائينس. هو صوبيدار جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو ته صوبيدار کيس چيو: ”ميان، لاش ته ٽيٽيهين در ۾ آ، اها اسان جي حد ڪانهي.“
”اهو وري ڪيئن سائين؟ مان پاڻ چوٽيهين در ۾ ڏٺو هو!“
”ميان، يا ته تون ڀُلو آن يا لاش پوءِ وري لڙهي وڃي ٻئي در ۾ ڦاٿو ا.“
”سائين، مان ته رُلي مري ويس!“ گيج ريڊر کي رلڻ جو جيڪو خيال هو، سو ته کڻي ڇڏيو، پر کيس سکر واري صوبيدار جا سور به پئي سجهيا.“
”ميان، پرائيءَ حد ۾ مان ڪيئن دخل ڏيندس؟“
”پر سائين، در ۾ ڦاٿل لاش ڪئين وري لڙهندو. منهنجو ته مغز ئي نٿو ڪم ڪري.“
”ميان، پر تون وري کڻي بئراج ڏانهن ٿيندو وڃ. چڱيءَ طرح در ڳڻجانءِ. جي چوٽيهون در هجي ته مون کي کڻي نياپو موڪليندين ته مان اچي ٺهڪو ڪندس.“
گيج ريڊر آگ قبولي، وري سکر طرف هليو ۽ سڌو رستو ڇڏي سکر بئراج ڏانهن ڦريو. هن ڀيري هن پڪو پهه ڪيو ته لاش چڱيءَ طرح خاطري سان ڏسي، پوءِ سکر واري صوبيدار سان ملندو. هو هلندو هلندو چوٽيهين در وٽ پهتو ته ڏٺائين ته ڪاريءَ وارا ڪک هئا ۽ وري اڳتي وڌي ٽيٽيهين در ۾ جهاتي پاتائين ته اتي لاش برابر ڦاٿل هو. اها خاطري ڪري هو سکر ٿاڻي پهتو ته صوبيدار پري کان کيس ڏسي پڇيو: ”پٽيا خدا جا، وري ڇو آيو آهين؟“
”سائين، لاش ٽيٽيهين در ۾ آ، اها اوهان جي حد آ.“
”اڙي، اهو وري ڪيئن؟“
”سائين، صوبيدار روهڙي واري جو لاش ڏسڻ لاءِ مهاڻو موڪليو ته اهو ٽيٽيهين در ۾ ڦاٿو پيو هو، سو توهان ڏي موڪليائون.“
”هتي ويهه گيج ريڊر جا پٽ.“ صوبيدار گجگوڙ ڪندي چيو: ”تنهنجي حد ۾، تنهنجي ڊيوٽي ۾ خون جو ڏوهه ٿيل آهي. ان کان پوءِ تون لاش کي هڪ جاءِ تان ٿيڙائي وري ٻي جاءِ واردات ٺاهي آهي. اهو ڏوهه به خون جيترو ئي آهي. وڏا، ڏيکارينس ان ڏوهه جو قلم.“
”هيڏي آ ميان ته قلم ڏيکاريانءِ.“ منشي وڏي کيس سڏ ڪيو.
”ڇڏ منشي وڏا، مان برابر گناهي آهيان.“ گيج ريڊر روئڻهارڪو ٿي ويو.
”بلڪل تون گناهي آهين. ان کان سواءِ تون ٻن ٿاڻن، ٻن عملدارن کي ٿو پاڻ ۾ ويڙهائين. ان ويڙهه ۾ تون ائين پيسجي ويندين جيئن ان سان گڏ گهڻو.“
”سائين، اعتبار ڪر. مان توهان کي ڪونه ٿو ويڙهايان ۽ نه مون ڪو لاش ئي ٿيڙيو آهي.“
”پوءِ لاش ٽيٽيهين در ۾ ڪيئن آيو؟“
”سائين، خدا جو قسم، مون کي ڪا خبر ڪانهي. منهنجون ته پاڻ وايون بتال ٿي ويون آهن. صبوح جو مان هن گنهگار اکين سان لاش چوٽيهين در ۾ ڏٺو هو، پر وري روهڙي کان موٽندي ڏٺم ته ٽيٽيهين در ۾ پيو هو.“
”پوءِ لاش جن ٿيڙيو ڀوت ٿيڙيو؟“
”سائين، روهڙي واري صوبيدار ته چيو پئي ته لاش درياه شاه ٿيڙيو آهي.“
صوبيدار سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ڪي گهڙيون ٽٻيءَ ۾ پئجي، ڪنڌ مٿي کنيائين: ”ها اها ڳالهه ٿي سگهي ٿي، درياه بادشاه آهي.“
”ڀلا سائين، هاڻي رپورٽ وٺو، دير ٿي ٿئي.“
”ضرور وٺبي، پر هينئر ته سانجهي ٿي وئي آهي. هن مهل لاشو ڪير ڪڍندو؟“
”پوءِ ڇا ڪيان؟“
”تون ساجهر اچجانءِ، رپورٽ مان رات ئي ٺاهي ڇڏيندس. صبوح جو ڇڙي تنهنجي صحي پوندي.“
”پر سائين، لاش کي ٻي به رات پوندي ته شناخت کان زور ٿي ويندو.“
”ميان، رات ۾ ڪجهه ڪونه ٿيندس. تون باک مهل اچي پهچجانءِ.“
رات جو ته نه، البته باک مهل هو وري سکر ڏانهن پئي آيو ته ٽيٽيهين در جي سامهون پهچي، هن کي دل ۾ خيال آيو ته جيڪر هو لاش کي وري هڪ نظر ڏسندو وڃي. هن کي پڪ هئي ته لاش شناخت کان زور ٿي ويو هوندو. هن ڀت کي هٿ وجهي جو هيٺ نهاريو ته هن جي اکين ۾ ترورا اچي ويا. لاش ٽيٽيهين در ۾ ڪونه هو. هن وري ڊڪي وڃي چوٽيهين در ۾ جهاتي پاتي ته لاش اتي ڦاٿو پيو هو.
هو ڪي گهڙيون فٽ – پاٿ تي بيهي رهيو. هن نه سکر طرف قدم وڌايو ۽ نه روهڙي طرف موٽ کاڌي. ٻئي پاسا ڳورا هئا. اڳيان باهه هئي ته پٺيان پاڻي هو. ڪا مهل سوچي سوچي هن هيڏي هوڏي نهاريو، پرتي اورتي ڪوئي ڪونه هو. هن ڀت تي چڙهي در جي چاٻيءَ ۾ وڃي هٿ وڌو.
نيرن مهل گيج ريڊر پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن پئي ويو ته سروير کانئس پڇيو: ”غلامو، لاش ڪهڙي صوبيدار جي حوالي ڪيئي؟“
”بابل، ٻنهي صوبيدارن لاوارث لاش ڪونه ورتو، سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم، جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ.“