ڪھاڻيون

نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪتاب ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ سندس ڪهاڻين جي ٽن مشهور ڪتابن شبنم شبنم ڪنول ڪنول، چوٽيهون در ۽ ڊمي جو گڏيل مجموعو آهي.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 10024
  • 2116
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نسيم کرل جون ڪھاڻيون

تنهنجي خوديءَ جو ڀرم

اڄ جڏهن تنهنجي هڪ سنگتي ٻڌايو ته تون وري پنهنجي سيٺيي ڀاءُ سان گڏ ٿيو آهين ته مان هي سڀڪجهه لکڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان.
مان سمجهان ٿو ته هي تنهنجو خانگي معاملو آهي ۽ مون کي ان ۾ ٽپي ڏيڻ جو ڪو حق ڪونهي. اهو به سمجهان ٿو ته تون هي پڙهي خوش نه ٿيندين، پر اٽلو گاريون ڏيندين. هونئن به ظاهر ۾ ڀاءُ کان جدا ٿي وري گڏ ٿيڻ، هڪ ٻڌائڻ جوڳي ڳالهه نٿي لڳي. پوءِ جڏهن مان انهن ڳالهين کي ياد ٿو ڪريان، جن ڪري تون پنهنجي ڀاءُ کان جدا ٿي ويو هئين ته پوءِ دل ٿي چوي ته جيڪر تنهنجيون ڳالهيون توکي ٻڌايان.
مون کي جيترو ياد آهي ته مان توکي پهريون ڀيرو پنهنجي ڪلاس ۾ ڏٺو هو. تون ۽ مان گڏ پڙهندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ تون اڇو اجرو رهندو هئين. توکي سٺا قيمتي ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ تنهنجي نرم ريشمي وارن کي ڦڻي ڏنل هوندي هئي. تنهنجو دماغ عرش تي هوندو هو ۽ اسان جهڙن ڏانهن ته نهاريندين به ڪونه هئين، پر سال کن کان پوءِ تو گدلو رهڻ لڳو هئين. تنهنجا وار اڻڀا هئڻ ڪري ڪڪا لڳندا هئا. انهن ڏينهن ۾ تون ۽ مان هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيندا وياسين. مون کي تنهنجي حالت جي تبديلي جو عجب لڳندو هو ۽ مان سڄو ڏينهن پيو سوچيندو هوس ته تو سان ڪهڙي ويڌن ٿي وئي هئي؟ هڪ ڏينهن مان توکان ان جو سبب پڇيو هو ۽ تون هڪ اداس مرڪ مرڪي مون کي ان جو سبب ٻڌايو هو. تون ڇورو ڇنو ٿي ويو هئين، تنهنجي قيمتي ڪپڙن خريد ڪرڻ وارو پيءُ گذاري ويو هو ۽ تنهنجي کاڏيءَ کي جهلي پيار سان ڦڻي ڏيڻ واري ماءُ به سامي ۾ پورجي چڪي هئي. انهن ڏينهن ۾ تون پنهنجي پئيتي ڀاءُ جي نظرداريءَ ۾ پئي ڏينهن ڪاٽيا، جنهن کي توکان وڌيڪ پنهنجو اولاد مٺو هو. پنهنجي اولاد جي ڳالهه ته پري رهي، پر هو توکي پنهنجي ڪتي جيترو به نه ليکيندو هو. معاف ڪجانءِ، هيءَ ڳالهه مان پنهنجي طرفان نٿو ٺاهيان. ڪجهه تنهنجي واتان ٻڌي هئيم ۽ ڪجهه پاڻ به ڏٺو هوم. ان ڏينهن مان توسان تنهنجي گهر جي ٻاهران بيٺو هوس. توکان ڪي ڪتاب وٺڻا هئا، يا شايد ڪا ٻي ڳالهه هئي. تنهنجو ڀاءُ اندران پنهنجي ڀوري ناسي السيشن ڪتي سان ٻاهر نڪتو هو. ڪتي ساڻس مستيون پئي ڪيون ۽ سندس ڪپڙا پئي خراب ڪيا، پر تنهنجي ڀاءُ ان هوندي به مٿس پيار جهڙا هٿڙا پئي گهمايا ۽ اتي ئي تو آهستي مون سان اهو ڏک ڪڍيو هو ته جيڪر تنهنجو ڀاءُ توکي پنهنجي ان ڪتي جيترو به پيار ڏئي ها ته به تنهنجي لاءِ وڏي ڳالهه هئي.
ان زماني ۾ توکي پنهنجي ڀاءُ ۽ سندس خاندان سان نفرت پيدا ٿي ويئي هئي ۽ تون ڪلاس ۾ جاميٽري جي ڪاپي تي رائيٽ اينگل ڪڍڻ سان گڏوگڏ دل ۾ پنهنجي مستقبل جي رائيٽ اينگل ڪڍڻ جي به ڪوشش ڪندو هئين. ان ڳالهه جو پتو مون کي ان ڏينهن پيو هو، جنهن ڏينهن تون ڪلاس ۾ ڪونه آيو هئين. تو سڄي عمر ڪڏهن ڪونه گسايو هو، ان ڪري مون کي تنهنجي چنتا لڳي هئي. مان تنهنجي گهر پڇا ڪرڻ ويو هوس. تنهنجو ڀاءُ ڦل سوٽ هنيو ٻاهر بيٺو هو. ان کان ڊڄي ڊڄي تنهنجي لاءِ پڇيو هوم.
”ڪير آن ڙي تون؟“ تنهنجي ڀاءُ تيشي ڏيئي مون کان پڇيو هو.
”سائين مان – مان هن جو دوست آهيان.“ مان هٻڪندي کيس ٻڌايو هو.
”ها، تو جهڙا رولو جو سندس دوست هوندا ته گهر کان ڪيئن نه ڀڄندو.“ هن خار ۾ مون کي گهوري چيو هو، پوءِ ڀرسان ٻٽي ڪارا برقعا ڏيندي ڏسي هو ”منڊا تيرا، ميري مهاندرا او ڊنڊي ڊنڊي چلئي والي ني“ ڳائڻ لڳو هو ۽ مون تان بلا ٽري وئي هئي.
تنهنجي ڀاءُ جي منهن ۾ تنهنجي لاءِ ڳڻتي نه ڏسي مون کي ڏک ٿيو هو ۽ دل ۾ دعائون گهريون هيم ته تون ان گهر ۾ يا عمر واپس نه اچين. پر جڏهن تون ٻٽي ڏينهن رلي پني واپس موٽي آيو هئين ته مون کي ان کان به وڌيڪ ڏک ٿيو هو.
ڀڄي وڃڻ کان پوءِ تون جڏهن پهريون دفعو ڪلاس ۾ آيو هئين ته ان ڏينهن پنهنجو استاد ڪونه آيو هو ۽ اسان کي ٻيو استاد، جنهن کي سندس ڊگهي قد ۽ چوڙيدار پاجامي ڪري استاد ڪنگ اسٽارڪ سڏيندا هئاسين، پڙهائڻ لاءِ آيو هو. ان ڏينهن سندس موڊ پڙهائڻ تي ڪونه هو، ان ڪري اسان سڀني ڇوڪرن کي پنهنجو پنهنجو سبق ياد ڪرڻ لاءِ چئي لت ڏيئي ڪرسي تي سمهي پيو هو. تون ۽ مان ان ڳالهه جو فائدو وٺي پوئين بئنچن تي هلي ويٺا هئاسون. مون کي توکان پيرائي ڳالهه پڇڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن توکان تنهنجي ڀڄي وڃڻ جو آئڊيا چڱيءَ طرح سمجهيو هوم. تو چيو هو ته: ”پر مون کي ڪهڙي خبر هئي ته ڪو ڀڄي وڃڻ ڪري مون سان هيءَ حالت ٿيندي. مان ته سمجهيو هو ته ادي جو هيانءُ ڪونئرو ٿي پوندو ۽ اڳنا لاءِ منهنجو خيال رکندو. مون سان ته هينئر جنسي ويل آ.“
”ڀلا آئين ته ڪا مار ته ڪونه مليئي نه؟“ مان توکان پڇيو هو.
”ڇڙي هڪ مار لاءِ ٿو پڇين؟ هتي ته اٿندي ويهندي پادر آ. منهنجي پٺيءَ تي جي ڏنا ڏسين ته جيڪر تون به روئي ويهين. جيڪڏهن وس پڄي ته سڄو ڏينهن هت اسڪول ۾ ويٺو رهان، پر اسڪول به نڀاڳو ڏيڍ بجي ٿو بند ٿئي.“ تو روئڻهارڪو ٿي چيو هو.
”پر ادا، هاڻي نه ڀڄجانءِ.“ مان توکي ايلاز ڪيو هو. مون کان تنهنجو ڏک نه پئي سٺو.
”نه في الحال ته توبهه ڪيم، پر وقت اچڻ ڏي.“ ۽ ان ڏينهن ئي شايد تون ڦڪي کل کلندي چيو هو ته تنهنجي ڪنسٽرڪشن غلط نڪري پئي هئي ۽ تون ”رائٽ اينگل“ ڪونه ٺاهي سگهيو هئين.
ائين ئي قصو هلندو رهيو، تان جو تون ۽ مان گڏ مئٽرڪ پاس ڪئي. مان ڪاليج ۾ داخلو ورتو، پر تون ڪونه آئين – پر تون پوءِ ٻئي ٽرم کان ٿورو اڳ ۾ اچي داخلا ورتي هئي. تون پاڻ ئي مون کي ٻڌايو هو ته تنهنجي ڀاءُ جي توکي وڌيڪ پڙهائڻ تي مرضي ڪانه هئي. سندس پٽ مئٽرڪ به پاس ڪري نه سگهيو هو ۽ هن نه پئي چاهيو ته ڪو تون سندس پٽ کان مٿي پڙهين. پر پوءِ پنهنجي سنگتين ساٿين جي چوڻ تي، جن کي شايد وري تو ايلاز ڪيا هئا، توکي ڪاليج ۾ موڪليو هئائين. تنهنجي ڀاءُ توکي ڪاليج ۾ موڪلڻ وقت توکي کولي ٻڌايو هو ته جي تون هڪ دفعو به امتحان ۾ ناپاس ٿيندين ته هو توکي وڌيڪ ڪونه پڙهائيندو.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪاليج جي زماني ۾ توکي پورا پئسا به ڪونه ملندا هئا. کاڌي جو خرچ ۽ ڪاليج جي في ڪڍڻ بعد تو وٽ رڳو ڪي روپيا وڃي بچندا هئا. تنهنجي چانهه پاڻي جو خرچ پنهنجي سڄي سنگت تي هو. تون هڪ ڀيرو نوڪري ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، پر تنهنجي ڀاءُ توکي دڙڪا ڏنا هئا، جو ان ۾ سندس بدنامي هئي.
ننڍپڻ کان وٺي تو ڏک ڏٺا هئا. تنهنجي اندر ۾ بغاوت جي باه دکندي رهي هئي، تان جو ان هڪ ڏينهن ڀڙڪو کاڌو هو. ڀڙڪو به شايد انهن ڳالهين تي کاڌو هئائين جو تون اکين ۾ پاڻي آڻي مون کي ٻڌايو هيو ۽ جن منهنجي اکين کي به آلو ڪري ڇڏيو هو. تون شام جو منهنجي ڪمري ۾ آيو هئين ۽ اچڻ سان هنڌ تي ڪري سڏڪندي چيو هيئي:
”پر، هي ڀاءُ آ؟“
”وري ڇاهي؟“ مان توکان پڇيو هو.
”اهي مٿي سورن جون ڳالهيون ٻيو ڇاهي ادا.“ تنهنجي اکين مان جهر جهر ڳوڙها پئي وهيا.
”ٻڌاءِ نه.“ مان توکان ڳراٽڙي پائي پڇيو هو.
”ولايت ويو هو الائي ڪيترا لک کڻي؟ پٽ لاءِ موٽر آندائين، زال لاءِ زيور وٺي آيو ۽ پوٽين لاءِ قيمتي ڪپڙا، پر منهنجي لاءِ ڪجهه به ڪونه. ڄڻ مان سندس ڪجهه ڪونه ٿيان؟ آسيس لاءِ هڪ روپي جو قلم ڏئي ها ته به مان ڪيترو خوش ٿيان ها، پر ان ڳالهه کي به کڻي ڇڏ.“ تون سڌو ٿي ويهي رهيو هئين. توکي جوش چڙهي ويو هو. ”ڪجهه نه ڏئي ها، پر کلي ته ڳالهائي ها. ڪن اچڻ سان دڙڪا ڏبا آهن؟“
”دڙڪا ڏنائين؟“ جنسي باه وٺي ويئي هئي.
”ها.“
”ڇو؟“
”مان سندس پوٽيءَ کي اڄ چماٽ هنئي هئي. ٻڌ نه، منهنجي ڀاءَ جي پوٽي منهنجي به پوٽي ٿئي ۽ اها جو اڌ نالي سان سڏي ته گڏي نه ڇڏجيس. مان ته رڳو کيس ڇڙي چماٽ هنئي هئي.“
ان ئي رات تون پنهنجي ڀاءُ ڏي پنهنجي جدا ٿيڻ جو خط لکيو هو ۽ کانئس پنهنجي ملڪيت جي حصي جي به گهر ڪئي هئي. تنهنجي ڀاءُ تنهنجي جدا ٿيڻ تي خوشي ڪئي هئي، پر ملڪيت لاءِ توکي ٽي تريون هڻي ڪڍيون هئائين. هن توکي جواب ڏنو هو ته سڄي ملڪيت هن جي پنهنجي ٺاهيل هئي ۽ پنهنجي پيءُ ڪجهه به ڪونه ڇڏيو هو. پنهنجي ڀاءُ وٽان کلي جواب ملڻ بعد به تو همٿ ڪونه هاري هئي ۽ جلدي پيٽ گذران لاءِ هڪ چڱيءَ پگهار واري نوڪري هٿ ڪئي. مون کي اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد آهي، جنهن ڏينهن توکي پنهنجي پورهئي جي پهرين پگهار ملي هئي. تون ان ڏينهن اسان سڀني دوستن کي ڪيفي جارج ۾ چانهه پياري هئي. تون ان ڏينهن خوشيءَ ۾ مست هئين. ان ڏينهن ڀوڳن ۾ توکي ڪنهن دوست صلاح ڏني هئي ته جي تون پنهنجي ڀاءَ وٽ وڃي فلم آواره جي ڪورٽ سين ۾ راجڪپور وانگر ميڻون منهن ٺاهي ڏانهس نهارين ته هو توتي رحم کائي توکي چڱي رقم ڏيندو. سڀ دوست ان ڳالهه تي ڏاڍا کليا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي شڪل بلڪل اهڙي لڳندي هئي. ان ڳالهه جو جيڪو تون جواب ڏنو هو، سو به اڄ تائين مون کي ياد آهي. تون چيو هو:
”ادا، مان غريب آهيان، پر خودي وارو آهيان. منهنجو وٽس وڃڻ ته پري رهيو، پر هو پاڻ اچي مون کي ايلاز ڪري ته به ساڻس گڏ ڪونه ويندس. لکن جا ٽپڙ هن کي آيا، مان پنهنجي پگهار مان بلڪل خوش آهيان.“
قسم سان، مان تنهنجو اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو هوس ۽ سمجهيو هوم ته تون پنهنجي مستقبل جي ”رائيٽ اينگل“ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين.
پر اڄ تنهنجي هڪ سنگتي ٻڌايو ته تون وري پنهنجي سيٺيي ڀاءُ سان گڏ ٿيو آهين ته آئون اهو سڀ ڪجهه لکڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان. تنهنجي سنگتي اهو به ٻڌايو ته هينئر منهن تي اداس مرڪن بدران خوشي جون مرڪون آهن ۽ تنهنجي وارن ۾ اڻڀائپ ڪانه آهي، پر سليقي سان ڦڻي ڏنل هوندي آهي……. پر تڏهن به الاجي ڇو مون کي سندس ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي. تون ويجهو هجين ها ته تنهنجي وارن جي پاڙن کي ڏسان ها، متان اهي اندران اڳي وانگر اڻڀيون نه هجن، تنهنجي خوشيءَ جون مرڪون چتائي ڏسان ها ته متان ان ۾ ڪي اداس مرڪون به لڪل هجن. اهو سڀ…… اهو سڀ ان ڪري ڪيان ها ته متان تون ڪنسٽرڪشن غلط ڪڍي هجي ۽ تون ”رائيٽ اينگل“ نه ٺاهي سگهيو هجين.