آٿت
”ڀلا هن طرف جو به ته ديدار ڪجانءِ.“ رئيس ٻئي طرف اشارو ڪيو. ڪمدار اوڏانهن نظر ڦيرائي ته جوانڙين جي ٽولن تي نظر پيس، جي هيڏانهن هوڏانهن پسار ڪري رهيون هيون ۽ هزار هزار پاور جي بلبن کي ڦڪو ڪري رهيون هيون. سندن ڊگهيون ڊگهيون ڳچيون، ڀورا ڳاڙها رنگ ۽ رنگبرنگي ڪپڙا ڏسي ڪمدار ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين: ”ابول، سونهن ته ڪا هتي آه. جهڙيون آڙيون، جهڙيون هنجران. بيشڪ جهڙو لهور ٻڌوسون، تهڙو ڏٺوسون.“
”ميان نيٺ ته گاديءَ جو هنڌ آ.“
”بيشڪ سائين، واه واه.“
ڪمدار جي واڇ گودو ڏسي، رئيس کي ياد آيو ته ڪيئن پهريون ڪمدار اچڻ کان نابري پئي واري ۽ بهانا ڪيا ته ”سائين هي ڪم آهي، هو ڪم آهي.“ رئيس مشڪندي ڪمدار کي چيو: ”اڃا ته نه پئي آئين، مکڻ پئي مٿو ٿي سڙيئي.“
”سائين ڪم ڪاريون به ته آهن. مان پئي چيو ته هڪ ته ڳوٺ ۾ هجي.“
”ڪمدار، ڪم ڪاريون پيا ٿيندا آهن. هي به ته دنيا جو سير آ، روز روز ٿوروئي اچڻ ٿيندو. وري سانگو به ته هو نه.“
”هائو سائين، چڱو ٿيو جو آيس. ههڙيون حوران يا ته هتي يا وري بشت ۾ هونديون. بشت ۾ ڏسڻ آ نصيب جي بازي، هتي ته ڏٺيونسين.“
ٽانگو پنهنجي پوري پني رفتار سان هلندو رهيو. رئيس ۽ ڪمدار هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا رهيا. نيٺ ڪمدار ڏسي ڏسي ٿڪجي پيو ته رئيس کان پڇڻ لڳو: ”سائين پورا ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن ٽانگي ۾ رلندي، اڃا ته شهر کٽي ئي ڪونه ٿو.“
”ڇڙن ٻن ڪلاڪن جي ٿو ڳالهه ڪرين. هتي سڄو ڏينهن ڦرندين ته به انت ڪونه لهندين، ميان ڏوڪري ڪانهي، لاهور آ لاهور.“
”هائو سائين، اڌ جهان آ. مون کي ته ڀؤ آهي ته سڀاڻي سارين واري صاحب جي آفيس به شل لڀي.“
”هون، انڌن به ملتان لڌو هو، پاڻ ته سڄا آهيون. آفيس جي ائڊريس به ته آهي پاڻ وٽ.“
”سائين ائين چئجانءِ، جي ائڊريس به نه هجي ها ته ڪڙمين جي به ڀيڻ خوش هئي ته اجازت ملندي ۽ ساريون ٿينديون. جيستائين اسان آفيس لهون ها، تيستائين پوکيل ٻج ئي ڳري وڃن ها.“
رئيس ڪمدار جي ان سادگيءَ تي کلڻ لڳو. ويچاري هيڏا وڏا شهر ڪاٿي ڏٺا هئا. هو ڪمدار کي سمجهائڻ لڳو: ”ڪمدار، هرو ڀرو ائين ڪونه. ٻه ٽي ڏينهن رهندين ته پاڻهين ٺهي ويندين.“
”نه سائين، پاڻ کان زور آهي شهر. مان ته هڪ وک به اڪيلو ٻاهر نه نڪران.“
ايتري ۾ ٽانگي واري بيهاري رئيس کان پڇيو: ”بڊيرا، هن هوٽل ۾ لهندؤ يا اڳتي هلان؟“
”ڪمدار، هن ۾ رهون يا اڳتي هلون، ڪنهن سٺي هوٽل ۾؟“ رئيس وري ڪمدار کان پڇيو.
ڪمدار ڪنڌ ڪڍي هوٽل ڏانهن نهاريو ۽ ان جون ماڙيون ڳڻڻ لڳو. کيس دروازن تي لڳل ڳاڙهي لائيٽ به ڏاڍي وڻي. هن رئيس کي چيو: ”هن هوٽل ۾ ڪهڙي خامي آهي؟ ههڙو هوٽل ته سکر ۾ به ڪونهي.“
”خامي جي ڳالهه ڪونهي، پر مان پئي چيو ته ڪنهن وڏيءَ هوٽل ۾ هلون ها، هتي ته هڪ ٻئي کان اور هوٽل آهن.“
”نه سائين، اجايا خرچ. لهو ته هتي رهون.“
رئيس ٽانگي واري کي ڀاڙو ڏئي هيٺ لٿو ۽ ڪمدار کان بئگ کڻائي اچي ڪائونٽر وٽ بيٺو. ڪائونٽر واري کانئس نالو پڇيو ۽ هو نالو لکائڻ لڳو.
”لک علي محمد خان.“
”ولد؟“ ڪائونٽر واري اڳتي پڇيو.
”رئيس حاجي مير محمد خان.“
”قوميت؟“
”سنڌي.“
”پاڪستاني؟“ ڪائونٽر واري ڏاڍيان چيو.
”ها يار، پاڪستاني.“
”ڪيئن آيا آهيو؟“
”ڪم ڪار آهي سرڪاري آفيس ۾.“
ڪمدار جيڪو رئيس جي پويان بيٺو هو، تنهن کي جواب نه وڻيو. هن کي خيال آيو ته متان سارين وارو صاحب هن جو واقف هجي ۽ سندس سفارش سان ڪم جلد ٿي وڃي، ان ڪري هن پيرائتي ڳالهه ٻڌائيندي چيو: ”ميان زمين ڪلر ٿي وئي آهي، سو سارين جي منظوري وٺڻ آيا آهيون.“
پر ڪائونٽر واري سندس ڳالهه ڏانهن ڪو ڌيان ڪونه ڏنو ۽ اچڻ جي سبب واري ڪالم ۾ خانگي ڪم لکي، بورڊ مان ٻه چاٻيون ڪڍي ڀرسان بيٺل ڇوڪراٽ بيري کي وزني گار ڏيندي چيائين: ”ڪمرا نمبر بائيس، تيئيس.“
ڪمدار کي ڪائونٽر واري تي ڪاوڙ هئي جو هن کيس ڪو گوش ته ڪونه ڏنو هو ۽ نه کيس ڪو جواب ڏنو هئائين. هن ڪمري ڏانهن هلندي رئيس کي ڀڻڪو ڪيو: ”هتي ته گونگن ۾ ڦاٿا آهيون، ڪنهن ٻئي هوٽل ۾ هلون ها.“
رئيس وارا پاڻ ڳوٺاڻين جاين تي هريل، جن جا اڱڻ ڪشادا ٿين، جتي سج پهريون ڪرڻو نڪرڻ سان اڱڻ ۾ ٺڪاءُ ڪري ۽ سمهيل کي ڏنگ هڻي. شهر ۾ ته هڪ ٻئي سان گڏيل اوچيون جايون، اونداها ڪمرا ۽ وري درن ۽ درين جي مٿان ٿلها پڙدا، جتي ڏينهن جو به بتيون ٻرن، اتي رئيس جي اک ڪيئن پئي کلي. مس مس ڏهين بجي رئيس جي اک کلي ته اها ئي اوندهه ڏٺائين. وري اکيون ٻوٽڻ جي ڪيائين پر اکيون به نه ٻوٽجن. ڀرسان سيرانديءَ وٽان واچ کڻي جو ڏٺائين ته ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ ڀر واري ڪمري ۾ وڃي ڪمدار کي زور سان سڏيائين، جنهن جي اڃا ڦوڪ پِئي پئي. رئيس جي سڏ تي ڪمدار به اکيون مهٽي ڪلمو پڙهڻ لڳو. رئيس ڪمدار کي ٽوڪيندي چيو: ”ميان! واه جو ٿو اٿارين، منجهند ڪري ڇڏيئي.“
”ڀوڳ نه ڪيو، اڃا ته باک به ڪونه ڦٽي آ.“
”چڱو در ته کولي ڏس.“
ڪمدار در کولي ٻاهر ڏٺو ته اکين تي تروار اچي ويس. پوري ڪچڙي منجهند اچي ٿي هئي. موٽي رئيس کي چيائين: ”سائين تڪڙ ڪري تڙ ڪري وٺو ته مان ڪپڙن ۾ آڳٺ وجهان ته هلون.
”ميان نيرن ته ڪيون.“
”نيرن پيا پوءِ ڪنداسون. پهرين جنهن ڪم سان آيا آهيون، اهو ته سجايو ڪيون.“
رئيس تڪڙ ۾ وهتو، ڪمدار کيس ڪپڙا پارايا. ٻئي ڏاڪڻ لهي روڊ تي اچي پهتا. ٻنهي فيصلو ڪيو ته ٽانگو الائي ڪيتري دير لائي، ان ڪري ٽيڪسيءَ تي هلڻ گهرجي. رئيس هڪ ٽئڪسي روڪي ۽ ڊرائيور کي ايڊريس ڪڍي سمجهايائين: ”ڌرم پور هل، اتي ريڪلميشن کاتي جي آفيس آ، اتي هلڻو آ.“
ٽيڪسيءَ واري کي جو هي سادا سودا ماڻهو هٿ اچي ويا ته هن کين رلائي رلائي، مس ڪلاڪ کان پوءِ اچي ان آفيس اڳيان ڪڍيو ۽ کائن ڏهه روپيا ڀاڙي جا ڪڍي ورتا. ٽئڪسيءَ واري مان جند ڇڏائي رئيس آفيس ڏانهن هليو ۽ سامهون ورانڊي ۾ ويٺل پٽيوالي کان پڇيائين: ”چوڌري، ريڪلميشن کاتي جي هيءَ آفيس آ؟“
”آهوجي.“ پٽيوالي ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
”شڪر ٿي منهنجا رب.“ پويان بيٺل ڪمدار ڀڻڪو ڪيو.
”چوڌري اسان جي سارين جي لک پڙهه هت آيل آهي، ڪنهن سان ملون؟“
”چوڌري اڪرم سان.“
”اهو ڪاٿي ويهندو آ؟ مهرباني ڪري ساڻس هلي ملاءِ.“
پٽيوالو ورانڊو لتاڙي هڪ ڪمري ڏانهن وٺي هليو. اتي هڪ ڪلارڪ ڏانهن اشارو ڪيائين. رئيس ان کي به ساڳي ڳالهه ڪئي ته سندس سارين جي لکپڙهه هيٺان منظوري لاءِ آيل آهي. ان ڪلارڪ کين مٿي کان پير تائين نهاري پڇيو: ”ڪهڙي ضلعي جي لکپڙه آ؟“
”سکر جي.“
”ڪهڙي موگا تي آ تنهنجي زمين؟“
”موگا ڇا؟“ رئيس منجهي پيو.
”واٽر ڪورس.“ ڪلارڪ موگا جي معنيٰ سمجهائي.
”ها، تيرهون – آر غرڪڻو.“
”اها لکپڙه اڃا ڪونه پهتي هوندي.“
رئيس جا تاڪ لڳي ويا، پر وري کيس ياد آيو ته ان مونجهاري کان هن سکر واري آفيس مان به روانگي نمبر ورتو هو ۽ جو سندس کيسي ۾ پيو هو. هن اها نمبر واري سلپ ڪڍي ڪلارڪ کي ڏيکاري، پر ڪلارڪ ان سلپ کي به ڪونه پڙهيو. چيائين: ”جي لکپڙه آئي به هوندي ته اڄوڪي ڏينهن ڪيئن لڀندي؟“
”چوڌري مان به پري کان آيو آهيان، منهنجي پنڌ جو قدر ڪر.“
”نه ميان، اڄ ڪون لڀندي.“ ڪلارڪ کتو جواب ڏنو.
رئيس جي هڪ دل چيو ته جيڪر هن سان مٿو هڻڻ بدران سڌو وڃي وڏي صاحب سان ملي، پر ٻيءَ دل کيس ابن ڏاڏن جي پڙهايل سبق کان ابتڙ وڃڻ تي منع ڪئي. ابن ڏاڏن جو کيس سبق پڙهايل هو ته جيئن ڏاڪڻ تي هيٺئين ڏاڪي کان چڙهبو آهي، تيئن سرڪاري ڪمن ۾ پٽيوالي ۽ ڪلارڪ کان ٿي، پوءِ مٿي هلبو آهي. وڏا صاحب به انهن ڪلارڪن جي ئي کيسن ۾ هوندا آهن، اهي ٻئي پاسا سوچي هن چيو: ”چوڌري صاحب ڀلا سڀاڻ اچان؟“
”ها، سڀاڻي اچ ته پوءِ ڏٺو ويندو. الائي لکپڙهه هتي هوندي يا رڪارڊ آفيس ۾.“
رئيس آفيس مان ٻاهر نڪري ڪمدار کي چيو: ”ميان سڀاڻي آفيس کلڻ کان اڳ هتي پهچون ته ڪو ڪم ٺهي.“
”ڀلا ڪم ٿيندو نه سائين؟“
”رک خدا تي، ڇو نه ڪم ٿيندو. چوڌري چنن الدين کي به اسان جي لڳو لڳ منظوري ملي آ.“
”ها سائين، منظوري ضروري ملي. اسان جي زمينن ۾ وڏو خارابو آهي. سارين ۾ پاڻي جل وهندو ته پوءِ ئي اهو ڏنگ ٺرندو، ڏنگ ۾ ساري وئي، ڄڻ مهتي پيڪين وئي.“
”مهتيءَ وارو مثال ڪيئن ڏنئي؟“ رئيس کلڻ لڳو.
”سائين، مهتي پيڪين ويندي آهي ته مان لهندي آهي ۽ موٽندي آهي ته ٽپڙڻ ٽاڙين سان مڙس جو گهر ڀري ڇڏيندي آهي. تئن ڏنگ جو بابو به ساريون آهن.“
ٻئي ڏينهن اڃا پوري آفيس به ڪونه کلي هئي ۽ پٽيوالن ڪمرا پئي ڇنڊيا جو رئيس وارا اچي پهتا. رئيس ڪلهوڪي پٽيوالي کي چيو: ”متان تو وارو چوڌري اڪرام ته اسان سان ٺهي ئي ڪونه ٿو. جي ڪم ڪرائي ڏين ته وڏي مهرباني. ڪنهن جو حق رکڻ وارا به ناهيون.“
”ڀلا پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهايو اٿو؟“
”نه اڃا ڪونه.“
”چڱو، اچي ته مان ٿو ڳالهايانس. ڀلا گهڻو چوانس؟“
”جيڪو چوندو سو ڏينداسونس، رڳو ڪم ڪري ڏي.“
”ٺيڪ آ، قصي کي ٺاهيون ٿا.“
واسطيدار ڪلارڪ آيو ته پٽيوالو سندس ڪمري ۾ هليو ويو ۽ ڳپل دير کان پوءِ موٽي کين ٻڌايائين ته سندن لکپڙه رد ٿي واپس موٽي وئي.
”اهو وري ڪهڙو غضب؟“ رئيس گوڏن تي هٿ هنيا.
”توهان دير سان پهتا آهيو. لکپڙه سان گڏ اچو ها ته ائين ڇو ٿئي ها؟“
”ڪهڙي دير ڪئي سين چوڌري، هفتو کن ته ٿيو آ لکپڙه کي آئي!“
”هفتو ٿورو آ، اوهان جي پاسي جو هڪڙو چوڌري ته ڪاغذن سان گڏيو آيو هو ۽ پنهنجو ڪم ٺهرائي ويو.“
”چوڌري چنن الدين ته ڪونه هو، ان سان گڏ ته منهنجا ڪاغذ به هئا.“
”نالو ته مون کي به نٿو اچي. قد جو ڊگهو ۽ ڳاڙهي ڏاڙهي هئس.“
”ها ها چنن الدين، پر ان جي زمين ته مون واري واٽر تي آهي. ان کي اجازت ملي، باقي مون ڪهڙو گناه ڪيو آ؟“
”تنهنجي لکپڙه ۾ ضرور ڪا گهٽتائي هوندي.“
”نه ميان، سڀ هيٺيان ڪاغذ پورا هئا.“
رئيس ڪمدار کي ٻاهر ڪڍي، ان نئين صورتحال بابت صلاح ثواب ڪيو. سندس زمين ڪلراٺي هئي ۽ ٻيو ڪو فصل ڪونه ٿيندو هو. اهڙين زمينن کي سڌارڻ لاءِ ئي هي کاتو کليو هو. گهڻن کي منظوري ملي هئي. چوڌري چنن الدين کي به ملي هئي. سندس لکپڙه کي رد ڪرڻ جو به ڪو سبب ڪونه هو. رئيس جون سڀ ڳالهيون هنڊائي، ڪمدار ٿڌو شوڪارو ڀري چيو: ”سڀ ڳالهيون برابر آهن، پر دير سان نه اچون ها ته ائين ڇو ٿئي ها؟“
”ڪمدار، ڪهڙي دير ڪئي سين. لکپڙه کي اتان هلئي اٺ ڏينهن ٿيا آهن. ٽي چار ڏينهن ته دڳ ۾ کاڌا هوندائين. باقي بچيا ڏينهن چار سو هن آفيس جا منشي اهڙا حلالي ٿي ويا جو چئن ڏينهن ۾ ئي لکپڙه ٺاهي صاحب ڏي موڪليائون. پورو مهينو ته ڇڙو نمبر هڻڻ ۾ وٺندا آهن.“
”پوءِ ڪهڙو نونڌ ٿيو؟“
”نونڌ ته ٿيو آ نه، لکپڙهه ويرين جي ور چڙهي وئي.“
”ڪهڙا ويري آهن پنهنجا؟“
”اهو ظاهر ۾ ملان اندر ۾ ابليس، چوڌري چنن الدين. پنهنجي لکپڙه ڪرايون اسان جي کي لت هڻايون ويو.“
”ڇو.......؟“
”اسان واري پيچ تي آ نه. جي اسان کي منظوري ملي ها ته پنهنجيون ساريون ڪاڏهون پچائي ها. پيچ جي ڳن ۾ ته اسان آهيون نه.“
”هاڻي اسان جو پاڻي وهندو جو بابهنس جي بادشاهي آ. پنهنجو وارو وهي.“
”نه ته تون ڇا ڪندين. پاڻيءَ کي ڳنڍ ٻڌي گهر رکندين ڇا. پاڻي واندو هوندو ته پيو وهندو. اسان کي منظوري ملي ها ته اهڙا عدل ڪٿون ڪري ها.“
”ها سائين، هڪي ڀيري، اسان جي هاريءَ ڪرمونءَ کي به چيو هئائين ته: ڇو ٿو ڪيڻون وهائي ڏاند مارين؟ اجازت به مليو الائي نه.“
”مان ته هيٺين سکر واري آفيس ۾ به اها لڙي وائڙي خبر ٻڌي هئي ته چوڌريءَ جي مرضي آهي ته منهنجي لکپڙه رد ٿئي، پر مان اها خبر هڪ ڪن سان ٻڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي هئي. مان سوچيو هو ته اجايو ٿا منشي پاڻ ۾ ويڙهائين.“
”سائين خارزي آهي.“
”پوءِ هاڻي ڇا ڪيون؟“
”سائين، هنن هيٺين مان ته ڪا گذار ڪونه ٿيندي. تون وڏي صاحب سان ته ملي ڏس، آخر تون به چوٿون پائو آهين، پنهنجي تعلقي جو.“
”اهو به هيٺين جي هٿ هوندو. جيئن چوندا، تيئن ڪندو.“
”تون ملينس ته مولا جو نالو سنڀالي، کڻي کڻي عمر به مارئي نيندو، ٿر ته ڪونه ڀيليندو.“
”ها، اها ڳالهه ته برابر ٿو چئين، پر چوڌري چنن به ته مفت ۾ ڪم ڪونه ڪڍي ويو هوندو، هن به ضرور سڻڀي هڏي اڇلي هوندي.“
”ها سائين، پر ته به ملڻو ضرور آ، پوءِ نه ته اهڙا ته هونداسين.“
رئيس موٽي اچي پٽيوالي کي چٽيءَ تي نالو لکي ڏنو. کيس ٻه ٽي روپيا به ڏنائين ۽ ڏاڙهيءَ ۾ هٿ به وڌائين ته کين جلد ملاءِ. پٽيوالو چٺي کڻي اندر ويو ۽ ٿوري دير ۾ کيس اندر وڃڻ جو اشارو ڪيائين. رئيس اندر ويو ته سامهون هڪ ڪرڙوڍ آفيسر ويٺو هو. رئيس ٿورو جهڪي کيس سلام ڪيو. آفيسر سلام جو جواب ڏئي کانئس اچڻ جو سبب پڇيو. رئيس کيس سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي ته سندس زمين سکر ضلعي ۾ غرڪڻي واه تي آهي. اها ڪلر ٿي وئي آهي، ان ۾ ڪا خسڪ آبادي نٿي ٿئي. سندس گذارش آهي ته کيس سارين جي منظوري ملي.“
”هيٺيان ڪاغذ آيا آهن؟“ صاحب پڇيو.
”ها سائين.“
”انجنيئر سفارش ڪئي آ؟“
”ها سائين.“
”چڱون تون ٻاهر هلي ويهه ته مان لکپڙه گهرايان.“
”مهرباني سائين جن جي.“ رئيس سلام ڪري ٻاهر نڪتو.
ان وچ ۾ صاحب گهنٽي هنئي. پٽيوالو اندر ويو. اتان موٽي واسطيدار ڪلارڪ وٽ ويو ۽ ان کي ڪاغذن سوڌو وٺي آيو. ڳپل دير صاحب ڪاغذ پڙهيا ۽ پوءِ رئيس کي گهرائي چيائين: ”بڊيرا، تنهنجا ڪاغذ پورا ڪونه هئا، سو واپس سکر ويا آهن.“
”پر صاحب، اڄ رونبي جي ڇتي مند آ، اهي ڪاغذ ڪڏهن موٽندا جو اجازت ملندي؟“
”هن سال ته مشڪل آ.“
”صاحب، چوڌري چنن الدين به مون سان گڏ ڪاغذ ٺهرايا هئا. ان جي زمين به مون واري واٽر تي آهي. ان کي اجازت ملي، باقي مان ڪهڙو گناه ڪيو؟“
اتي صاحب کي ٿورو چڙ آئي ۽ منهن ۾ گهنڊ وجهي چيائين: ”هن جا ڪاغذ پورا هوندا، تنهنجا ڪونهن.“
”پر صاحب، مان سارين جي آسري ۾ ڪيڻون ڪهرايون اٿم، ٻج پوکرايا آهن، ائين ڪيئن ٿا ڪيو.“
”مان توکي ٻج پوکڻ لاءِ چيو هو؟“ صاحب ٿورو شوطائيءَ سان پڇيو.
”اوهان ته ڪونه، پر اوهان جي سکر واري زيردست ته چيو هو.“
”اهو وڃي ان سان ڄاڻ، کيس وڃي ڦاهو ڏي.“
”صاحب، اوهان منهنجي پنڌ جو ته قدر ڪيو. پورا ڇهه سؤ ميل لتاڙي اوهان وٽ آيو آهيان.“ رئيس نيازيءَ مان چيو.
”هن سال ڪونه ٿي سگهندو.“ صاحب جو اهو ئي کتو جواب.
”صاحب، مون سان جيڪو غضب ٿيو آ سو خدا کي نه وڻندو.“
”چڱو ٻاهر هل.“ صاحب ڏاڍيان چيو. کيس ڄڻ ته گوگائي مرچ پئجي ويا.
”مان ته صاحب هلان ٿو، پر مان مٿي پوڪاريندس. هروڀرو اوهان جي بادشاهي ڪانهي.“
”نه ته بابهين جي بادشاهي آهي. نڪر ٻاهر، پٽيوالا.......“ صاحب پٽيوالي کي سڏ ڪيو.
”صاحب گاريون ته نه ڏيو. ڀلي منظوري نه ڏيو پر ڏکويو ته نه.“
”نڪر ٻاهر، مون کي دڙڪا ٿو ڏئين؟“
رئيس سمجهي ويو ته ڪو کڙتيل ڪونه نڪرڻو هو. رهندو وڌيڪ ترسڻ سان پٽڪي لهڻ جو امڪان هو. هو ٻاهر نڪتو. پويان کيس صاحب جو لڙ ٻڌڻ ۾ آيو، جو هينئر کيس ڪچيون گاريون ڏئي رهيو هو. رئيس کي اڳي خار هئي، رهندو گاريون ٻڌي سندس رت ٽهڪڻ لڳو. رئيس واپس موٽي صاحب سان تڏي تي پلؤ ڪرڻ ۾ هو جو ڪمدار کيس ٻانهن کان گهليون ٻاهر وٺي ويو ۽ کيس ٺارڻ لاءِ چيائين: ”سائين، سارين جي منظوري نه ملي ته ڪهڙي ڳالهه، سائون پوکينداسين. اهو به ڏنگ ٺاريندو آ.“
”ڪمدار، زمين پئي پاڻهي ٺرندي. مون کي ڇڙو اندر ٺارڻ ڏي. هنن پنجابين کي گهڻيون مذاقون ڦٻيون آهن. رهندو هيءَ ڦٻين ته آڪرا ٿي ويندا. هنن کي خبر ته پوي ته سنڌي به پنهنجي نالي سان آهن.“
”سائين، وقت وقت جو لحاظ رکبو هو. هي وقت ڪونهي.“
هوٽل ۾ پهچي رئيس هنڌ تي ليٽي پيو ۽ سوچڻ لڳو. هن کي پهريون پنهنجيون زمينون ياد آيون، جي ڪلر ڪري اڇا اڇا دڙڳ ڪري ويون هيون ۽ جن ۾ پوک جو تيلو ئي ڪونه ٿيندو هو. وري کيس ڪڙمي ڪاري ياد آيا، جن چيو هو ته ساريون ٿين ته زمينون ٺرن. وري کيس پنهنجي ڀڄ ڊڪ ياد ائي، جا هن ان لکپڙه لاءِ ڪئي هئي. پهريون انجنيئر وٽ ويو هو. ان کي سرزمين ڏيکاري هئائين. وري ايس – اي وٽ ويو هو. ان کان ڪاغذ مٿي ڪڍرايا هئائين. وري ايل – آر – او وٽ ويو هو. اتي به ساڳي گيهه ٿي هئي ۽ پوءِ مس مس کيس آسرو ٿيو هو. وري کيس سارين جا ٻج ياد آيا، جي هن منظوريءَ جي آسري ۾ پوکايا هئا ۽ رونبي لاءِ تيار بيٺا هئا. وري کيس چوڏهن ڪلاڪن جي ڊگهي مسافري ياد آئي، جا هن گرم ڏينهن ۾ ڪئي هئي. وري کيس لاهور جي آفيس ۾ رلڻ ياد آيو، جتي هڪ ڏينهن به ويو هو ته ٻئي ڏينهن به ويو هو. وري کيس چوڌري چنن الدين ياد آيو، جيڪو پنهنجي لکپڙهه منظور ڪرايون، هن جي رد ڪرايون ويو هو. وري کيس چوڌري اڪرام ڪلارڪ ياد آيو، جنهن کيس تريون ئي ٽي هنيون هيون. وري کيس وڏو چوڌري صاحب ياد آيو، جو سڀني جو گرو هو، جنهن هن جي تڪليفن، پنڌن، ايلازن ۽ منٿن کي به وزن ۾ ڪونه آندو هو. کيس ڪجهه ڏنو ته ڪونه هئائين، رهندو ڏکويو هئائين. وري کيس چوڌريءَ وڏي جون ڏنل ڪچيون گاريون ياد آيون، جي هن پنهنجي ڪنن سان ٻڌيون هيون ۽ جن سندس اندر ساڙي ڇڏيو هو. هو سوچڻ لڳو ته هو ڇا ڪري؟ ڪنهن کي دانهن ڏئي، ڪنهن کان داد گهري؟ هو وقت جو ته حاڪم به ڪونه هو، جو انهن سڀني کي ديس نيڪالي ڏئي، جن کيس ايذايو هو. هن جي ته ڪو ٻڌڻ وارو به ڪونه هو. مار ڪرڻ وارو ڪو هتي ڪونه هو. سڀ ڌاڙ ڪرڻ وارا هئا. رئيس جي خار ۽ بيوسيءَ ۾ لونءِ لونءِ ڪانڊارجي ويا. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن جون لوندڙيون ٺڪاءَ ڇڏڻ لڳيون. هو سوچيندو رهيو، سوچيندو رهيو.
؟؟ رئيس جي نرڙ تان فڪرن جا گهنج لهي ويا. هو ٿورو مشڪيو ۽ اتي گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻايائين. بيرو آيو ته کانئس مشڪندي پڇيائين: ”هن هوٽل ۾ دل وندرائڻ جو به ڪو انتظام آهي يا ائين ڇڙو؟“
”بادشاهو، حڪم جي دير آ. مان ته ڪلهه به اوهان جي حڪم جو پئي انتظار ڪيو.“
”جنهن وقت بک لڳندي، تنهن وقت ئي گهربو آهي.“ بيرو جنهن جو گذران ئي ان ڳالهه تي هو، تنهن جو پنهنجي مطلب جو گراهڪ ڏٺو، سو ٽڙي پيو. طوطي وانگر ٻوليندي چيائين: ”ڪير هجي، بنگالڻ، ڪرسچن يا پنجابڻ؟“
”بنگالڻ گهرجي ها ته بنگال وڃان ها. ڪاريون ڪرسچن ته پاڻ کي وڻن ڪونه، پنجابڻ گهرجي.“
پوءِ يارهين بجي بيرو هڪ پنجابڻ کي وٺي آيو. ڪونج جهڙي ڳچي، پٿر جهڙو سوٽ جسم، ڀورو ڳاڙهو رنگ، جهڙي آڙي، جهڙي هنجر. رئيس بيري سان ڳالهين ۾ ٺهي در بند ڪيو ۽ ڏانهس ائين تڪڻ لڳو، جيئن چيتو هرڻيءَ کي تڪيندو آهي. تڪي تڪي، کيس ٻک هڻي ائين ٻانهن ۾ وڪوڙيائين، جيئن ڪوڙيل بلا پنهنجي شڪار کي ويڙهيندي آهي.
رئيس سڄي رات کيس اک ڇنڀڻ به ڪونه ڏني. باک مهل هوءَ ٿيڙ کائيندي موٽي وئي ته رئيس جو اندر به ٺري پيو هو ته زمينون به ٺري پيون هيون.