ڪھاڻيون

نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪتاب ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ سندس ڪهاڻين جي ٽن مشهور ڪتابن شبنم شبنم ڪنول ڪنول، چوٽيهون در ۽ ڊمي جو گڏيل مجموعو آهي.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 10024
  • 2116
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نسيم کرل جون ڪھاڻيون

لهرين جا لوڏا

هو دريءَ مان منهن ڪڍي هاسٽل جي گيٽ ڏي نهاري رهيو هو. ڪي ڇوڪرا اندر پئي آيا ته ڪي ٻاهر پئي نڪتا. ڇوڪرا به هڪ ٻئي کان مختلف…… ڪي سهڻا ته ڪي وري ڪوجها، ڪن کي اوچا سوٽ اوڍيل ته ڪن کي گوڏن وٽان کٿل خاڪي زين جون پتلونون. سهڻن ۽ امير ڇوڪرن کي ڏسي هن جون اکيون ئي ڦوٽارجي پئي ويون. جيئن هو کين پنهنجي اکين ۾ سمائڻ چاهيندو هجي، پر انهن جي سونهن به سندس ڪهڙي ڪم جي؟ هو وٽس ڀڳا ته ڪونه ايندا…… هن کان بي اختيار ٿڌو شوڪارو نڪري ويو.
رات گرميءَ ڪري جوڻس کي ننڊ نه پئي آئي ته سڀاڳيءَ ساڙ کان کيس اٿاري، ان موضوع کي ڇيڙيو هو، جنهن کانئس سموريون تفريحون کسي ورتيون هيون. ٻين تفريحن کي ڇڏيو، پر ”هارون جيمخانه جي تفريح“ جنهن ۾ هو هر آچر سومر تي تمبولا کيڏڻ ويندو هو، سا به کانئس کسجي وئي هئي. حرام جو هو ويجهڙ ۾ ويو هجي! مسز سوزي جيڪب جا هميشه سندس پئسن تي کيڏندي هئي ۽ جنهن جو سندس هر کٽيل رقم ۾ ڀائيچارو هوندو هو، ٽي چار ڏهاڙا اڳ ڪيئن نه فون تي کيس ايلاز ڪيا هئائين: ”ڊارلنگ، تون ڪونه هلندين ته مان ڪونه وينديس. تو کان سواءِ کيڏڻ ۾ مزو ئي ڪونه ٿو اچي.“ وري ليلائيندي کانئس پڇيو هئائين: ”اڄ ايندين ني؟ توکي منهنجو قسم، ضرور اچج.“
مسز سوزي جيڪب جو هن تي پکو هو. يا ائين کڻي چئجي ته سندس واڳون هن جي هٿ ۾ هيون. ان ڪرستانڻ مٿس الائي ڪهڙو جادو ڪري ڇڏيو هو، جو هو سندس ڪا ڳالهه موٽائي نه سگهندو هو. هاسٽل جي ڇوڪرن کي به اها خبر هئي ته جي سپرنٽنڊنٽ کين هاسٽل ۾ داخلا نه ڏئي يا ڪاوڙجي کين هاسٽل مان ڪڍي ڇڏي ته اتي ڪنهن جا ٻه اکر ڪم ايندا؟ ۽ هو پاڻ به اها ڳالهه، پنهنجي دوستن اڳيان قبول ڪندو هو ۽ چوندو هو: ”هي ته خسيس ڳالهيون آهن. پر جي سوزي مون کي ائين چوي: آءٌ توکي ڪاتيءَ سان ڪهان ته جيڪو مڙي سو……“
مگر ان ڏينهن هن جي قسم وجهڻ جي باوجود هن ناڪار ڪئي ۽ چيو هئائين: ”جاني، ٻٽي ڏينهن اڃا ترس!“ پوءِ اها جدا ڳالهه هئي ته سوزي کي اهو جواب ڏيڻ بعد هن جي اکين مان ڳوڙها جهر جهر ڪري وهڻ لڳا هئا.
هو به آخر ڇا ڪري؟ …… جي وڃي ته ڪير سندس بدران جوڻس جا مهڻا جهلي؟ ”پهريون پنهنجي جوان جماڻ ڌيءَ جي ڳڻ ڪر، پوءِ پيو اهي سير ڪجانءِ.“ هوءَ ڪتي جهڙو ٻوٿ ڪري کيس چوندي هئي. هن پنهنجي ڌيءَ لاءِ آخر ڇا نه ڪيو هو؟ ڪهڙي پاسي کان هن گهٽتائي ڪئي هئي؟ جي دوستن کي وٺو ته هن ڪهڙي دوست کي پنهنجي ان ڳڻتيءَ، ان بار کان واقف نه ڪيو هو؟ هاسٽل جا ڇوڪرا وات ڳاڙها ٿيندا آهن. انهن کي اهڙي آڇ ڪرڻ معنيٰ بورد جي ميمبرن کي پنهنجي هٿن سان پاڻ پنهنجي ڪرتوتن جي چٺي لکڻي هئي، مگر تنهن هوندي به هن ڪيترن کي اشارن ۾ ان بابت چيو هو. پوءِ اها ته ڌيڻس جي بدقسمتي هئي جو هر ڪنهن ناڪار ڪئي هئي ۽ عجيب عجيب بهانا ڏنا هئا. ڪو پرڻيل هو ته ڪو مڱيل هو ۽ ڪنهن کي وري وڏيءَ نوڪريءَ تي چڙهڻ بعد ئي شادي ڪرڻي هئي.
هن ٻٽي ڀيرا پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي زال کي سمجهايو به هو ته جي ڌيڻس جو بندوبست ٿئي به ته خرچ پکو يا ٻئي ڏاج ڏيوڻ جو بندوبست ڪٿان ٿيندو؟ مگر جوڻس ته ڄڻ هن جي سپرنٽينڊنٽي کي هڪ کاڻ سمجهيو هو. هميشه کيس چوندي هئي: ”ان جو فڪر نه ڪر. تو وٽ ڇوڪرن جون فيون گهڻيئي گڏ ٿينديون آهن ۽ ان جو حساب ڪتاب به ٻارهين مهيني ٿيندو آهي. في الحال اتان ئي ڪجهه رقم ڪري وٺجانءِ.“ زال جي ان جواب تي هن چوڻ گهريو هو ته جي هن سال اڳ ئي حساب وٺن ته پوءِ؟ مگر هن کي پڪ هئي ته جوڻس کيس دڙڪو ڏيئي چوي ها ته: ”ائين ڪڏهن نه ٿيو آهي“ ۽ تنهن کان سواءِ کيس يادگيريون ڏياري ها ته ڪيئن نه ٻه سال کن اڳ کيس ٻن هزارن جي ضرورت پئي هئي ۽ هن انهن فين مان پئسا کپائي، ڪم ٽپايو هو. تنهن کان هن ماٺ ۾ رهڻ مناسب ڄاتو.
ان بعد هو واقعي سچي دل سان ڪوشش ڪرڻ لڳو هو. ان سوداءَ ۽ ڳڻتيءَ ۾ هن کان سڀ ڳالهيون وسري ويون هيون. هو سدائين خيالي دنيا ۾ پهه پچائيندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري هن ڪاليج ۾ پرشن جي ڪلاس ۾ سياست تي ليڪچر شروع ڪري ڏنو هو، جنهن تي پرنسپال سڄي اسٽاف جي سامهون کيس ٺاهوڪي دٻ ڪڍي هئي …… پرنسپال جا دڙڪا ياد ڪري کيس پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا چمڪڻ لڳا ۽ هو ايتري سرديءَ ۾ اڃ محسوس ڪرڻ لڳو. هن زال کان پاڻي گهريو ۽ اهو پي وري دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳو.
هينئر به ڇوڪرا کيس ايندي ويندي نظر پئي آيا. هڪ شڪل جي ڪوجهي ڇوڪري کي ڏسي کيس پنهنجي زال تي سخت خار آئي. جوڻس جا نخرا به عجيب هئا. کيس اهڙو ناٺي گهربو هو، جو سڀني ڳالهين کان ٺيڪ هجي. سهڻو به هجي ته امير به هجي، نه ته هن کي کوڙ اهڙا ڇوڪرا سجهندا هئا، جي سندس ڌيءَ جو سڱ خوشيءَ سان قبول ڪن ها. هو سوچڻ لڳو ته جي هينئر به جوڻس اها ڳالهه قبول ڪري ته جيڪر منٽن ۾ ڪم لهي سگهي ٿو. مگر جوڻس کي به ته اٺ جو پتو آهي. پنهنجي هٺ تان ڪڏهن به نه لهندي.
سوچيندي سوچيندي هن ڪنڌ مٿي کڻي گيٽ ڏانهن نهاريو. هن جي نگاه هڪ سهڻي ڇوڪري تي پئي جو وڏين وڏين ٻرانگهن سان اندر اچي رهيو هو. هي هڪدم دريءَ جي اوٽ ٿي بيٺو. ان ڇوڪري جي ڌيڻس سان محبت هئي. هن پاڻ ڪيترا ڀيرا کين اشارا ڪندي پڪڙيو هو. ڇوڪري کي ته خواريءَ سببان ڪجهه نه چئي سگهيو، پر البته پنهنجي ڌيءُ کي سو چڱي کنج ڪڍي هئائين. ان بعد اهو ڇوڪرو وٽس ٻه دفعا سڱ لاءِ به آيو هو، مگر هن کيس دڙڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو هو. جوڻس وري الائي ڇو هن جي سفارش ڪندي هئي: ”ڏس ڇا ۾ گهٽ آهي؟ سونهن ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي. لٽن ڪپڙن مان به سکيي گهر جو ٿو ڏيکارجي.“ مگر هن زال جي اها ڳالهه ڪڏهن نه قبولي هئي. کيس چوندو هو: ”ان کي پنهنجي ڌيءُ ڏيون، تنهن کان کيس پاڻ گهٽو ڏيئي ڇو نه ماريونس؟“ هن کي ان ڇوڪري کان نفرت ٿي وئي هئي. کيس ڏسي سندس رت ٽهڪندو هو …… مگر اڄ اها نفرت محبت ۾ بدلجي وئي. هو پيار جي نظرن سان کيس ويندي ڏسڻ لڳو.
هن ميز تان سلپ کڻي، ان تي ڪجهه لکيو ۽ پٽيوالي کي سڏ ڪري، رشيد کي ڏئي، جواب وٺي اچڻ لاءِ چيو. ٿوري دير ۾ پٽيوالو جواب کڻي آيو. پهرين سٽ کي پڙهڻ سان ئي هن جو هيانءُ ٻوساٽجڻ لڳو. رشيد لکيو هو: ”مان مجبور آهيان. منهنجي شادي مهينو کن اڳ پنهنجي ماسات سان ٿي وئي آهي.“ هو اڳتي ڪجهه نه پڙهي سگهيو. هن خط کي مروڙي کيسي ۾ وڌو. ايتري ۾ جوڻس هن وٽ آئي ۽ کيس چوڻ لڳي: ”ڏس مان توکي رئو لاهي پيرن تي ٿي وجهان، رشيد جو رشتو قبول ڪر.“ هن ڪنڌ ڦيرائي زال ڏانهن نهاريو ۽ کيس رهڙ ڏني: ”مون هزار دفعا توکي چيو آهي ته ان لوفر کي پنهنجي ڌيءُ نه ڏينداسون. مگر تون هر ڀيري هن جي سفارش ٿي ڪرين، تون صفا بي غيرت آهين زرينه!“ ايترو چئي هو وري دري کان ٻاهر نهارڻ لڳو ۽ ان وقت هن جي اکين مان ڳوڙها برسات وانگر ٽمڻ لڳا.