زر ۽ زور
اها ڪيٽي ٽرانسفر وقت ايتري ته ننڍي هئي، جو سروي وارن ان کي ڀر واري ٻي ڪيٽيءَ سان ملائڻ جي سفارش ڪئي هئي، پر درياه جي پائيندڙ سبب ان ڪيٽي جي دنگ ۽ دڙيون پائجي ويون ته ان جو مالڪ جو اچي وارو وريو. مڙس پڙهيل ڳڙهيل ۽ لهه لحاظ وارو هو. آفيسرن سان رسايون ڪرڻ سبب اهڙو ڦرڪو ڦري ويو، جو سندس ڪيٽي اڳي کان چئوڻي پنجوڻي ٿي ويئي. جيئن لشڪر کان سواءِ سلطان ٿيڻ به هڪ مشڪل ڳالهه هئي، ان ڪري ڪس ڪسرون کائي ڪارائتا راڄ ورهايائين؛ ايتري قدر جو هڪ لڱا ضلع انگريز حاڪم وٽس شڪار تي آيو هو ته شاهي بند کان پنهنجي ڳوٺ تائين ڀريا پنج ميل ڪکائين سڙڪ جي ٻنهي طرفن کان ماڻهو ماڻهوءَ ۾ بيهاريو هئائين. اهي سلاميون وٺندو، جڏهن صاحب سندس اوطاق تي پهتو هو، تڏهن جيپ مان لهندي ئي سون ماڻهن جي سامهون کيس چيو هئائين: ”ويل ڊن خان صاحب؛ ڊادو خوش ٿيو آهي.“
ان مهل ئي صاحب جي ان قدر شناسيءَ جي خبر چؤراڄي ۾ پئجي وئي هئي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ، هو خانصاحب سڏجڻ لڳو هو.
گذريل رات خان صاحب ڪچهري ڪرڻ بعد گهر موٽيو هو ته سندس قدم اڙيا ٿڙيا پئي پيا. سندس وڏي گهر واري، عبدالمجيد ماءُ جو هن جي اهڙي حالت ڏٺي ته هن ڊڪي وڃي کيس ٽيڪ ڏني ۽ آهستي آهستي اچي کيس هنڌ تي سمهاريائين. وڏي اسر جو هوءَ وري اٿي ته وڏيري پويان پساه پئي کنيا. سندس رڙين تي گهر جا سمورا ڀاتي ڀڳا آيا ۽ هينئر سندس کٽ چوڌاري ٻنهي زالن کان سواءِ ٻئي جوان جماڻ پٽ عبدالمجيد ۽ عبدالهادي به ويٺا هئا، جن جون اکيون پنهنجي پيءُ جي سڪرات ۾ ڦڙڪندڙ چپن کي ڏسڻ بعد هڪ ٻئي سان پئي مليون ته انهن ۾ نفرت، ڪيني ۽ ساڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو.
حويلي ۽ ان جي شاهي ڪوٽ جي پرڀرو ٽي لئي اوطاق ۾ جيڪا سانوڻ ۾ ڪانڊيرن جي ڦوهارن ۽ هر وقت جي ڇڻڪار سبب ٿڌي بهشت ۽ سياري ۾ کٽن جي وچ ۾ وڏي مچ سبب گرم لڳي پئي هوندي هئي ۽ جنهن ۾ وڏيري جي بلگاري حقي مان نڪتل ٿڌو دونهون ڇانيل هوندو هو، ماٺ لڳي پئي هئي. رکي رکي ڪمدار غلام محمد جيڪو پٽ تي کٽ جي سيرانديءَ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، تنهن پئي وڏيري جي حياتيءَ جون دعائون گهريون. ڪمدار غلام محمد وڏيري جو ننڍي هوندي جو سنگتي هو ۽ ڏکن سکن ۽ جهيڙن جهٽن ۾ ساڻس گڏ گذاريو هئائين. وڏيري کي به سندس خدمتن جو قدر هو ۽ سندس ڪا ڳالهه ڪونه موٽائيندو هو. جي هڪ ڳالهه موٽائي به هيائين ته کيس ان جو احساس هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو هو: ”ڪمدار، تون سچو هئين، پر ان وقت عشق انڌو ڪري ڇڏيو هو. سوچيو هوم ته لوڙها ٽپڻ واري بدناميءَ کان ٻه ٻول پڙهائي پاڻ تي حلال ڪري ڇڏيان.“
”ها سائين، لڳي پروان آ، ڪئيءَ ڳالهه کي جوان ئي نڀائيندا آهن.“ ڪمدار به کيس دلداري ڏيندو هو. ڪمدار جي اڳيان پيل حقو ٺري ويو. هن کي رکي رکي راتوڪي ڳالهه ياد پئي آئي، جنهن جي ٻڌڻ کان پوءِ وڏيري جو ڦرڪو ڦري ويو هو. هن اها ڳالهه ڪيترن ڏينهن کان سانڍي رکي هئي پر رات ڳالهين ۾ کانئس نڪري وئي هئي. ٻئي ڄڻا اڪيلا ويٺا هئا ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
”ڪمدار، وهي وئي.“ وڏيري ٿڌو ساه ڀريو هو.
”ها سائين، ڪماليت کي نيٺ زواليت آ.“
”بيشڪ، يار، هاڻي ته پاڻ کان هوترو پنڌ به گهوڙي سواري نٿي پڄي، لڱ ائين ٿا ساڻا ٿي وڃن جو سڄو ڏينهن ڪا ڪوڏر هنئي هجيم.“ وڏيري ٿڪل آواز ۾ چيو هو.
”بس سائين، هاڻي هڪ ڳالهه ڪر. واندڪائيءَ ۾ پنهنجي جيئري ئي ڪانو کڻي ورهاست ڪري ڏيون.“
”پاڻ ۾ چڱا نٿا هلن ڇا؟“
”الئي سائين، پرائي دل پرديس آ.“
”ڪمدار، ڪا ڳالهه آ ڇا؟“ وڏيري کي وسوسو ٿي پيو هو.
”ڳالهه ته ڪا ڪانهي سائين، ائين تنهنجي آرام لاءِ چيم.“
”ڪمدار، توکي سؤ ڀيرا چيو اٿم ته مون کان ڪا ڳالهه نه رکندو ڪر.“
”ابا، توکان ڳالهه رکڻ حرام آ.“ پوءِ هن کان مهينن جي سانڍيل ڳالهه نڪري وئي هئي: ”ڳالهه هينءَ آهي ته عبدالمجيد خان جي سريت نوران آهي نه، ان سان عبدالهادي به ٺهڪي ويو آهي.“
”گهوڙا! ناحق ٻي شادي ڪيم. ڪمدار، هيءَ ڳالهه ته مڙسن جا ڪنڌ ڪپائيندي.“ وڏيري ٽپ ڏيندي چيو.
”سائين، خير جي ته وائي ڪڍ. الله تنهنجو سر سلامت رکي، ڪجهه ڪونه ٿيندو.“
”اڙي اڃا ٿو چئين ڪجهه ڪونه ٿيندو.“ وڏيري رڙ ڪري چيو.
”سائين، آهستي ته ڳالهاءِ، ڪو ٻڌي نه وٺي.“
وڏيرو ڳالهه جي نزاڪت کي سهي ڪري ماٺ ڪري ويو. گهڻي دير کان پوءِ هن آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ هوريان چيائين: ”ڪمدار، جوانيءَ ۾ تون گلو ماڇيءَ جي گهر مندو هئين نه؟“
”ها سائين، وهيءَ ۾ مڙئي هر ڪنهن ٽپ ڏنا.“
”ان ساڳي جاءِ تي منهنجي دل به هرکي هئي. نياپو موڪلڻ تي هوس ته ڪنهن تنهنجي ڳالهه ٻڌائي. پوءِ جيتوڻيڪ تون منهنجو ڪمدار هئين، ته به مان پاسو ڪري ويس. هي ته سڳا ڀائر آهن.“
”اهو زمانو ٻيو هو، هي زمانو ٻيو آ سائين.“
”بس ڪمدار، زمانو زهير ٿي ويو.“ وڏيري پيرن ۾ بوٽ پائيندي چيو هو. سندس آواز روئڻهارڪو هو.
وڏيري کي حويليءَ جي وڏي در تي ڇڏي، ڪمدار پنهنجي گهر موٽيو هو ته پاڻ کي اها ڳالهه نه سانڍڻ ڪري ڏاڍي ملامت ڪئي هيائين. اڌ رات تائين کيس فڪر ۾ ننڊ نه آئي هئي. اسر جي مهل پنڪي ۾ هو ته وڏيرڪي نوڪر ٺربي جي سڏ تي سندس حياتي ڇڏائجي وئي هئي ۽ ان وقت کان اوطاق ۾ کٽ جي سيراندي کي ٽيڪ ڏيو، ٻئي هٿ مٿي تي رکيو پئي وڏيري جي حياتيءَ جون دعائون گهريائين. هن سان گڏ ٻيا ڪڙمي ڪڙا به ويٺا هئا. اوچتو سڀني جا ڪن حويليءَ ڏانهن کڙا ٿي ويا، جتان روڄ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيستائين ڪمدار ڪو ماڻهو ڀڄائي، تيستائين حويليءَ مان ٻانهي ڀڄندي آئي، جنهن جي ڌوڙ لڳل اگهاڙي مٿي ۽ چيهاڙيون ٿيل چولي سڄو داستان ٻڌائي ڇڏيو.
صبح ڪو ساجهر حويليءَ جي شاهي اڱڻ ۾ هشام زائفن جا بيٺا هئا. پڌر جي وچ ۾ وڏي کٽ پيل هئي، جنهن تي ريشمي ۽ سوٽي اوڇڻن هيٺان وڏيرو ابدي ننڊ سمهيو پيو هو. ڳوٺ جو ملان حاجي ڪبير روپيو في قرآن جي حساب سان، خوش الحاني ۽ تڪڙائيءَ سان قرآن بخشي رهيو هو.
هي قرآن شريف ڪريم تنهنجو،
خاص مڪي محمد تي،
وسيلو ٻنهي جهانن جو،
واسطي آسان جي ٿيڻ عذاب سوڙه قبر جي،
واسطي سوال جواب منڪر نڪير جي،
هن ميت کي ٿو بخشايان،
تون بخشينس.
جڏهن سج مٿي چڙهيو، تڏهن ميت کي ٻاهر آندو ويو، جتي به قرآن بخشائڻ کان پوءِ وڏي پٽ عبدالمجيد خان کان اجازت وٺڻ بعد جنازي نماز پڙهي هئي. لحد ۾ لاهڻ کان اڳ ملان آخري ڀيرو ڪفن سوري منهن ڏيکاريو ته هر ڪنهن ڏٺو ته شمع وانگر ٻري رهيو هو.
پوءِ جڏهن مٽيءَ جي شيءَ مٽيءَ ۾ رلجي وئي، جڏهن ڪانڌي خالي کٽ ۽ خالي اوڇڻن جي ڳنڍ ٻڌي واپس موٽي آيا، جڏهن سڄو راڄ ڀاڳ رضا الله ۽ پڳ ٻڌائڻ لاءِ عبدالمجيد خان اڳيان ويٺو هو، تڏهن ڪمدار جو عبدالهادي خان کي وٺڻ ويو هو، سو واپس موٽي آيو ۽ راڄ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو:
”ههڙو انڌير، عبدالهادي خان ٿو چوي ته مان راڄ کان عذر پنهنجي اوطاق ۾ جدا وٺندس.“
”هتي نٿو اچي؟“ عبدالمجيد خان ڪمدار کان پڇيو، جو ڀاءُ جي انتظار ۾ ويٺو هو ۽ عذر ڪونه ورتو هئائين.
”نه سائين.“
”ڇو؟“
”چئي ٿو ته دشمن وٽ عذر ڪونه وٺبا آهن.“ ڪمدار ٻڌايو.
”وڃي ڌوڙ پائي، پڙهو قل.“ عبدالمجيد خان کي خار اچي وئي.
”پر سائين، اڄ ئي اهڙي وڇوٽي ڪيو ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو.“ ڪمدار سوچيندي چيو.
اها وڇوٽي تڏهن هيڪاري وڌي وئي، جڏهن پورن پندرهن ڏينهن بعد هڪ شام جو حد جي ڪوٽوار، اڱڻ مختيارڪار صاحب جو نوٽيس ڏئي عبدالمجيد خان کان صحي ورتي. پڙهندي ئي کيس پيرن کان چوٽيءَ تائين باه وٺي وئي. نوٽيس ۾ لکيل هو:
”مانوارو وڏيرو عبدالمجيد خان ولد خان صاحب نور محمد خان زميندار ڪيٽي نورپور تعلقه شڪارپور.
جيئن ته مهربان عبدالهادي خان ولد مرحوم خان صاحب نور محمد سان زميندار ڪيٽي نورپور اسان کي تاريخ 10-4-54ع تي درخواست ڪئي آهي ته فوتي خان صاحب نور محمد خان جي ڇڏيل ملڪيت ۾ اڌ حصي جو وارث آهي ۽ کيس ٠-٨-٠ آنين جي ورهاست ٿي ملي.
ان ڪري اوهان کي هدايت ٿي ڪجي ته تاريخ 20-4-54ع تي پنهنجي ڪيٽيءَ ۾ حاضر رهندا، ٻي صورت ۾ يڪ طرفو فيصلو ڪيو ويندو ۽ پوءِ ڪو عذر ٻڌڻ ۾ نه ايندو. هي اوهان جي سڌ لاءِ لکيو ويو.
بحڪم مختيار ڪار صاحب تعلقو لب درياه.“
ڪمدار غلام محمد جو ڀرسان ويٺو هو، سو نوٽيس پڙهڻ وقت سندس نرڙ تي پوندڙ گهنجن مان سهي ڪري ويو ته ڳالهه ڪا مڙيئي ڳري هئي. موڙي سيريندي ويجهو اچي کانئس پڇيائين: ”ڇا جو نوٽيس آ بابا؟“
”مختيارڪار نوٽيس ڏنو آهي ته ويهين تاريخ عبدالهادي جي حصي جي ورهاست ڪندو.“ عبدالمجيد خان آهستي چيو.
”چڱو ٿيو، ڀلي اچي.“
”چڱو ٿيو؟“ عبدالمجيد خان رڙ ڪري چيو.
ڪمدار جو ٻوٿ ئي سڪي ويو ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ عبدالمجيد خان ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ڪمدار کي چيو: ”مان مختيارڪار کي چوندس ته هو بي نڪاحو آهي، سندس ڪو حق ڪونهي، ڀلي ڏئي ڪوئي سندس فائدي ۾ بيان.“
”ٿوري ملڪيت لاءِ پنهنجي مرحيات پيءُ تي ايڏو گلا جو گهانگهو ڏيندين، نينگر!“ ڪمدار پهريون کيس نرمائيءَ سان سمجهايو، پر پوءِ کيس اوچتو جهجڪي اچي وئي: ”ائين ڪونه ٿيندو، مان بيان ڏيندس.“
پوءِ عبدالمجيد خان کي پنهنجي فوتي پيءُ جي عزت جو خيال آيو يا پنهنجي ڪمدار جي راڄن ۾ اڪثريت ياد آئي، هو ان ڳالهه تان لهي ويو، نرمائي سان ڪمدار کي چيائين: ”معاف ڪجانءِ ڪمدار، ائين خار ۾ چئي ويس. تون پاڻ ئي ٻڌاءِ ته هن وقت جڏهن بابي جي بُٺي به ڪانه سڪي آهي، کيس اها درخواست ڏيڻ واجب هئي؟“
”اهو برابر سندس ڏوه آهي، پر هاڻي جيئن ٿيو آهي، تيئن ئي ڪبو.“
جيتوڻيڪ ويهين تاريخ مختيارڪار، عبدالهادي وٽ ئي منزل ڪئي، جو هو ان جي ئي درخواست تي آيو هو، پر جڏهن هو وٽس ويو، تڏهن مختيارڪار لانڍي کان ڏه پندرهن قدم ٻاهر نڪري سندس آجيان ڪئي. ورهاست وقت به سندس وڏائپ جو لحاظ رکندي کيس پڳ ۾ وڌيڪ حصو ڏنائين، پر جيتوڻيڪ هو زماني طور مختيارڪار سان کلي ڳالهائي رهيو هو، پر تنهن هوندي به سندس اندر ۾ باه ڀري بيٺي هئي. هڪ ڀيرو ته کيس خيال آيو ته مختيارڪار کي ڇنڊ ڪڍي ۽ زمين جي ورهاست کان انڪار ڪري، پر هن ڪمدار جو لحاظ رکيو، جنهن مختيارڪار جي اچڻ کان اڳ کيس سمجهايو هو: ”نينگر، حاڪم فيل مست آهي ۽ ساڻن مقابلو ڪرڻ ڪنهن به حالت ۾ چڱو ڪونه آهي.“
جيڪڏهن عبدالمجيد خان نوران جي لڏڻ جا سانباها نه ٻڌي ها ته اهو ڳالهه مان ڳالهوڙو شايد نه ٿئي ها. لڏڻ واري ڳالهه به ڪمدار کيس ٻڌائڻ نه پئي گهري، پر سندس تيز مزاج جو خيال ڪندي صرف ايترو چيائين: ”سائين، صديق وارا لڏيا ٿا وڃن.“
”هان، ڪاڏي؟“ وڏيري کان ڇرڪ نڪري ويو.
”عبدالهادي خان پنهنجي ڪيٽي ۾ نئون ڳوٺ ٻڌايو آ نه، اتي.“
”وڃي جهلين.“ وڏيري تيزي سان چيو.
ويچاري ڪمدار ان حڪم کان اڳ ئي پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو هو. هو ٻٽي ڀيرا نوران جي گهر ويو هو ۽ کيس ان فيصلي جو آڳو پيڇو سوچڻ لاءِ چيو هئائين، پر هن تري تيل لائڻ ڪونه ڏني هو. ان هوندي به وڏيري جي حڪم جي پوئواري خاطر هو وري نوران جي گهر ويو ۽ ويندي ئي کيس دڙڪو ڏنائين: ”نوران، وڏيري وڏي نياپو ڏنو اٿيئي ته تون نه لڏ.“
”چاچا، هاڻي ڪيئن مڙبو؟ صبح جو گاڏيون اينديون.“
ڪمدار کي خار اچي وئي. هن کيس کولي ٻڌايو: ”نوران، تون عبدالمجيد کي ڇڏي وري عبدالهادي تي آٿر رکيا آهن، سا ڳالهه تنهنجي لڏڻ کان پوءِ ڪانه لڪندي، وڏو کلم ٿي پوندو.“
”ڪير ٿو ائين چوي؟“ نوران پهرين پڪائي ڪئي.
”مان ٿو چوان، ڪيانءِ اڇا پتا پڌرا؟“
”چڱو جي آهيان ته آهيان، ڪنهن جي پرواه ڪونهيم.“
حالانڪه ڪمدار وري به وڏيري کي سموري حقيقت ڪونه ٻڌائي ۽ کيس صرف ايترو چيائين ته نٿا مڙن، پر تنهن هوندي به ان ڪوڙ جو ڪو خاص فائدو ڪونه پيو، جو ان ئي ڏينهن سومهڻيءَ جو جڏهن وڏيرو پنهنجي سر نوران کي پرچائڻ پئي ويو، تڏهن در جي چانئٺ ٽپڻ کان اڳ کيس عبدالهادي دوبدو ٿيو، جنهن جي ٽوڪ واري مشڪ کيس ٻي وک اندر کڻڻ ڪانه ڏني. هو اتان ئي واپس موٽيو ۽ ايندي ئي ڪمدار کي چيائين: ”صديق وارن کي چؤ ته هن مهل جو هن مهل ٽپڙ کڻن.“
عبدالمجيد خان اهو تڙ تڪڙ ۾ حڪم ته ڏنو، پر پوءِ پورا پنج ڏينهن حويليءَ کان ٻاهر ڪونه نڪتو. هن نوران لاءِ ڇا پئي سوچيو، جنهن جو قد مانجهاندڙيءَ وانگر سڌو ۽ ڊگهو هو، جنهن جو رنگ جوئر جي اٽي وانگر ڀورو ۽ ڳاڙهو هو، جنهن جون اکيون ڪجل بنا به ڪاريون هيون، جنهن جا چپ لاليءَ بنا به ڳاڙها هئا، جنهن جون ڇاتيون چوليءَ جي ٽيڪ کان سواءِ به ڪنهن جبل ٽڪر جون ٻه جاڙيون چوٽيون هيون ۽ جنهن جو آواز اهڙو مٺو ۽ سريلو هو، ڄڻ وڏي اسر مهل ڪنهن نار ۾ ٻڌل ڏاند جون ٽليون پيون وڄن.
منڍ منڍ ۾ هن کيس لابارو ڪندي ڏٺو هو ته سندس قدم اڳتي وڌڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا هئا. هن محسوس ڪيو ته ڪڻڪ جون تيليون جن کي مٺ ۾ جهلي، هن ڏاٽو پئي وهايو، سي ڪسڻ لاءِ پاڻ نوڙي سندس هٿن ۾ پئي آيون. ٻنيءَ تي بيٺي کيس ڳپل مهل ٿي وئي هئي ۽ اوسي پاسي لابارو ڪندڙ کيس عجب ۽ حيرت سان نهارڻ لڳا هئا ته هو لاچار اڳتي وڌيو هو ۽ پويان ايندڙ عرضي ڪارائي کي چيو هئائين: ”اهو ماڻهو ڪيئن ٿو ڀائين عرضي؟“
”واه سائين، اهڙين جو بجو به ڀلو.“
پوءِ جي خبر ڪراڙي لالان کي هئي، جنهن روا لاهي، منٿون ميڙون ڪري نوران جهڙي پٿر کي پاڻي ڪيو، نه ته پهرين دفعي ته هن تريون ئي ٽي هيون ۽ چيو هو: ”ماسي لالان، آهي به قادو ته ناهي به قادو. وڏيري کي چؤ ته مون کان پاسي ڪري لنگهي.“
”نڀاڳي، گدڙ جي لت کان هاٿيءَ جي لت چڱي اٿئي. گهر ڀري ڇڏيندئي.“ ڪراڙي لالان جا اهڙين ڳالهين ۾ ڀڙ هئي، تنهن کيس سمجهائيندي چيو هو.
پوءِ جڏهن وڏيرو پهرين انجام سان هڪ اونداهي رات وٽس ويو هو ته هوءَ اڳ ۾ ئي سندس اوسيئڙي ۾ اڀي بيٺي هئي ۽ کيس ايندي ڏسي چيو هئائين: ”ايتريون دوريون ڪبيون آهن وڏيرا.“
هينئر اها ئي نوران کانئس کسجي وئي هئي ۽ ساڻس اهڙي جٺ ٿي هئي، تنهن جي پلوء لاءِ هر ڳوري ڳالهه پوري هئي.
اها هڪ اونداهي رات هئي، جڏهن سرخيءَ جهڙي اصل گهوڙي، عبدالهادي جهڙي شهسوار جو لاشو کڻي اچي ڳوٺ نڪتي. ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون جو عبدالهادي جهڙي سوار، جو جڙ گهوڙين کي هڪ ئي هتي ۾ ڪاهي سڌو ڪندو هو ۽ جو رڪيب مٿان رپيو رکي، اهڙو پختو ٿي ويهندو هو جو مجال کڻي روپيو ڪري، تنهنجو رڪيب ۾ ڦاسي ڪرڻ ۽ مڻڪو ڀڃائڻ اعتبار جوڳي ڳالهه ڪانه پئي لڳي. انهن شڪ ڪندڙن مان ٻن پتين جو ته شڪ ان وقت ئي لهي ويو، جڏهن عبدالمجيد خان ڀاءُ جي لاشي جو ٻڌي، پيرين مٿي اگهاڙو اچي ڀاءُ جي مٿان ڪريو ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳو. باقي ٽين پتي، جنهن جو مکيه عبدالهادي جو ڪمدار هو، سو شڪ گمان لاهڻ لاءِ صبح جو ساجهر گهوڙيءَ جا ابتا پير کڻائي واردات ڏسڻ ويو هو، پر کانئس اڳ ڪنهن شنباڻي ٻروچ جي رڍن ٻڪرين جي ڌڻ لنگهڻ سبب پيرائي ڊهي ويا هئا.
البته عبدالهادي جي فوتي ٿيڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ، جڏهن هرڪو اڃا پٿر تي ويٺو هو ۽ رواج موجب مٿي ڌوءَ به ڪانه ٿي هئي، تڏهن عبدالمجيد خان جي هڪ حڪم سندس پنهنجي ڪمدار جي دل ۾ انيڪ شڪ ۽ گمان وجهي ڇڏيا. هن حڪم موجب ڪيٽي نورپور جو ڇاپي نقشو کڻي سندس اڳيان ميز تي کولي رکيو ته سراسر اڌ کي ڳاڙهو رنگ آيل ڏسي، وڏيري ڪمدار کان پڇيو: ”هي پاسو ڇو ڳاڙهو آ؟“
”مختيارڪار جي ورهاست موجب هي پاسو اسان کي مليل آهي ۽ ان کي رنگ ڏنل آهي، بقايا اڇو پاسو عبدالهادي خان جو آهي.“ ڪمدار آڱر سان کيس نقشي جون ليڪون سمجهائيندي چيو.
”عبدالهادي جو نئون ڳوٺ ٻڌايو ۽ جتي صديق وارا وڃي ويٺا آهن، اها جاءِ ڪٿي آ؟“ وڏيري نقشي کي غور سان ڏسندي چيو.
”هيءَ چوڪڙي نئين ڳوٺ جي آهي. سنهن اکرن ۾ لانڍيون به لکيل اٿو.“ ڪمدار نقشي ۾ هڪ جاءِ تي آڱر رکي. ان جاءِ تي ڪو رنگ ڏنل ڪونه هو. ”پر هينئر ته سموري ڪيٽي پنهنجي ٿي نه. پوءِ ڇو نه سڄي نقشي کي رنگ ڏئي ڳاڙهو ڪجي.“ ائين چوندي وڏيري سٽ ڏئي ڪوٽ مان ڳاڙهي پينسل ڪڍي ۽ پهريون ڳوٺ واري چوڪنڊي ٽڪر کي ڳاڙهو ڪرڻ لڳو. ڪمدار حيرت مان ڪنڌ مٿي کڻي وڏيري ڏانهن ڏٺو، جنهن جو منهن به خوشي ۾ پينسل جي ڳاڙهي رنگ وانگر ڳاڙهو ٿي ويو هو.