زماني جي گردش
”توهان جو نالو؟“ رئيس کانئس پڇيو.
”منهنجو نالو؟“ هو ٿوري دير سوچ ۾ پئجي ويو، پر جلد ئي هن اکيون هيٺ ڪري چيو: ”منهنجو نالو واحد بخش آهي.“ رئيس ته ڪجهه ڪونه ڪڇيو، پر سندس ڀرسان ويٺل ڪمدار حاجي غلام علي ڇرڪ ڀري منجيءَ تان ائين کڙو ٿي ويو، جيئن ڪنهن ڪانڌاري ڏينڀوءَ سندس ويهڪ واري جاءِ تي ڏنگ هنيو هجي. هن تڪڙ ۾ پڇيو: ”واحد بخش خان مرزا پور وارو؟“ آيل مهمان واتان اکر ڪونه ڪڇيو، صرف ڪنڌ لوڏي هائو ڪيائين. ڪمدار حاجي ٿڌو ساه ڀري پنهنجيون پوڙيون اکيون کڻي رئيس ڏانهن نهارڻ لڳو. هن جون اکيون رئيس کي ايلاز ڪري چوڻ لڳيون: رئيس ههڙي مڙس جي مدد ڪرڻ مرڪ آهي. رئيس به ڪمدار جي اکين جو نياپو سهي ڪري، کيسي مان سؤ جو نوٽ ڪڍيو ۽ ڪمدار کي ڏنو، جنهن وري اهو وٺي واحد بخش خان جي کٽ تي رکيو. واحد بخش خان موڪلائي اٿي ويو ته رئيس ڪمدار کي چيو: ”حاجي، پڪ اٿئي ته واحد بخش هو؟“
”سائين، خدا خدا ڪر. ڄٽ ۽ امير ڪوهن کان پڌرو. مون سندس ديهه به ڏٺي آهي، هينئر هڪ چوڌريءَ جي هٿ ۾ آهي. اسان جهڙيون ٻه ديهون ٿين هن جي ديهه مان.“
”پوءِ اها حال ڪيئن ٿيس؟“
”ٻڌو نه، زماني جي گردش.“
پر رئيس جنهن جو مٿو خوءِ سان ڀريل هو. تنهن کي اهڙي ڳالهه تي ڪٿي ٿو اعتبار اچي. هن عجب ۾ پئجي چيو: ”حاجي هن جي ملڪيت اسان جي ملڪيت کان به ٻيڻي هئي ته کٽي ڪيئن؟ مان ئي کڻي ٻنهي هٿن سان لٽيان ته به منهنجي کٽائڻ جي ته ناهي.“ رئيس پنهنجي خوشامدڙين وانگر چيو، جي ٿوري گهڻي ڳالهه تي کيس چوندا هئا: ”رئيس، وڏو رئيس تنهنجي لاءِ ايترو ته ڇڏي ويو آهي جو تنهنجون ست پيڙهيون ٻيون اڏارن ته به جوکو ناهي.“
حاجي غلام علي جيڪو پراڻي جڳ جو ماڻهو هو، تنهن کي اها لاڦ نه وڻي. هن فقط ايترو ئي چيو: ”شخر ڪر رئيس، شخر ڪر.“
رئيس قيصر خان جي پيءَ هن دنيا مان وصال ڪيو ته اها ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن جي وٽس کوٽي هئي. چار پنج سؤ ايڪڙ ڀوري لٽاشي زمين جنهن ۾ ووڻ، وڻن جيترا ڊگها ٿيندا هئا ۽ ڪڻڪ چوسري پچندي هئي، جو ڊگهو ماڻهو هٿ اڀو ڪري ته اهو به ڏسڻ ۾ نه اچي. وري ڪڙهه ۾ نظر وجهبي ته الاجي ڪهڙن ڪهڙن والايتن جا سرخا، ڪميت ۽ سمنڊ پيا اوبرين تي داڻا کائيندا ۽ ٿالهن تي هاهرون ڪندا، سڀ گهوڙا تصوير جهڙا جو لانگ ورائبي ته دونالي بندوق جي نرين جهڙيون سنهيون ڄنگهون ڪنن تان پيون ورنديون ۽ شاختون سر ٿي وينديون. وري مال جي واڙي ۾ نظر وجهبي ته اڀي لمي جون ريشمي کلن واريون گوبران مينهون ۽ ڳئون، ڪي ڪنڍيون ته ڪي گهنجون. مطلب ته هر جنس جا خدا پئدا ڪئي آهي، سا واڙي ۾ ضرور لڀندي. ڏوڪڙ پئسي جي به ڪمي ڪانه، هڪڙا کٽن ئي ڪونه ته ٻيو فصل تيار ٿي وڃي ۽ وري ڍڳ پئسا پيا اچن. ڪڙمي ڪاري، ڪمدار ڪاراوا، نوڪر چاڪر غريب ايماندار همت ڀريا. مطلب ته سڄي راند رتل هلٽ ٺهيڪ ٺڪيل، فقط خيال سان هلائڻ جي دير هئي. وڏي رئيس به مرڻ وقت ننڍي رئيس کي چيو هو: ”پٽ، سڄو ڍينگو ٺهيل ٺڪيل ٿو ڏئي وڃانءِ، رڳو پيو کنگهڪر ڪندي ته اولو ئي ڪونهيءَ پاڻي پيو رينگدو.“ رئيس قيصر خان پيءُ جي ختمن جماڻن بعد جڏهن چؤ طرف اکيون ڦيرايون ته کيس محسوس ٿيو ته سندس زمينداري جيتوڻيڪ وڏي هئي، ته به ڏکو ڪونه هوس. پاڙي جا ننڍا وڏا زميندار کائن گوءِ کٽي ويا هئا. حالانڪه سندس پڙ ڏاڏي ۽ ڏاڏي جي وقت ۾ سڀ زميندار کين ئي سلام ڀريندا هئا ۽ سندن اهم معاملا ۽ فيصلا وٽن ئي طئي ٿيندا هئا. ان لحاظ سان چؤ طرفي جو مرڪز ئي هو هئا ۽ وڏائپ جو بار مٿن هو. پر جڏهن سندس پيءُ پڳ ٻڌي ته پڻس فقيري طبع ۽ ڪنهن جي ٻن ٽن ۾ نه وڃڻ ڪري سندس اهو ڌاڪو ختم ٿي ويو هو. هرڪو پنهنجي خانيءَ خان ٿي ويو هو. ان عرصي ۾ زماني ترقي ڪئي ته سڀ زماني آهر پنهنجو قدم وڌائيندا رهيا، پر سندس پيءُ پنهنجي اباڻي ڏاڏاڻي چال ڪانه ڇڏي. ٻين وٽ مهيني ماسي مختيارڪار، ڊپٽي ۽ ٻيا ڪامورا شڪارن ۽ دعوتن تي پيا ايندا ويندا هئا ۽ انهن ڪامورن سان رسم راه ڪري سندن وڏي هلندي پڄندي هئي، پر سندس پيءُ وٽ ڇٽي ڇماهي تپيدار ۽ ڪوٽوار کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪاموري جي آمد ڪانه هئي. قيصر خان پيءُ جو ان طرف ڌيان ڇڪائيندو هو، پر پڻس چوندو هو: ”بابا، اسان جو ڪهڙو ڪم جو ويٺا ڪامورن جون ٽنڊواليون ڪيون. کين ڪاني سان سلام ڪبو ته سکيو گذاربو.“
پر قيصر خان جنهن جي رڳن ۾ جوانيءَ جو رت هو، ان کي اهي ڳالهيون نه اڳ وڻيون هيون ۽ نه هينئر پي وڻيون. هن جي مرضي هئي ته هڪ ڀيرو اهڙو ڦرڪڻو ڦيرائي جو سندن زمينداري وري سڀني جو مرڪز ٿي وڃي ۽ سڀ معاملا سندس سر تي پئنچي ۾ پيا فيصل ٿين. اها ڳالهه ڳڻي هن پيءُ وانگر پئسي پئسي تي ڳت ڏيڻ بدران زماني آڌار ڏيک ويک تي خرچ ڪرڻ شروع ڪيو. ڪمدار حاجي جڏهن رئيس جي نئين جيپ ۾ چڙهي ٻٽي چڪر ڏنا ۽ رئيس سان گڏ وڏن وڏن ڪامورن کي روبرو دعوتون ڏنيون ته هو خوش ته گهڻو ٿيو، پر تڏهن به هو مهيني ماسي پيو رئيس کي چوندو هو: ”رئيس! تون ڀلي اهي شوق ڪر، پر پير هميشه چادر آهر ڊگها ڪجانءِ. ائين نه ٿئي جو سڀان هٿ چيو نه ڪرئي ۽ دشمن کلن. هرڪو چوندو ته پيءُ جي قدمن تي نه هليو، سڄي دنيا ڦوڪي ڇڏيائين.“ ڪڏهن ڪڏهن ته رئيس ماٺ ڪري ويندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن ته رهڙ به ڏئي وٺندو هوس. ”حاجي توتي ڪهڙي ميار، تون آهين ٻاهتر ۾. دنيا سک لاءِ آ يا رکڻ لاءِ. ڀلا ڪهڙو ابتو خرچ ڪيو اٿم؟“
”سائين جيپ ورتئي پندرهن هزارن ۾. روز ٿي ڊهي، روز ٿو خرچ ٿئي.“
”ته تنهنجي مرضي آهي گهوڙن تي چڙهي چٽا ڪرايان.“ رئيس چڙي پيو.
”ڀلا رئيس وڏو به ته هو.“ ڪمدار حاجي، رئيس وڏي جو زمانو ڏٺو هو، سو ڪنهن جو مثال ڏي.
”اهو زمانو ٻيو هو، هي زمانو ٻيو آ. زماني آهر نه هلبو ته ڪو ليکندو ئي ڪونه.“ رئيس کيس سمجهائيندو هو.
ڪمدار حاجي، نوڪر ماڻهو، سيني ساهڻ بدران اهي دليل ٻڌي چپ ٿي ويندو هو. پر ٻيا نوان نوڪر، جي وڏي رئيس جي فوتي کان پوءِ هن رکيا هئا، اهي ڳالهيون ٻڌي رئيس کي چوندا هئا: ”سائين، انگريز چريا ڪونه هئا جو ڪراڙپ ۾ ماڻهن کي پنشن ڏيندا هئا. مڙئي اڇي ڏاڙهي اٽو خراب. تون اڃا پنهنجي گهرون درؤن پيو خرچ ڪري، ڪنهن کان اڌارو ڪونه ورتو اٿئي جو کيس فڪر ٿئي.“
سندس خاص نوڪر رجب، جو ساڻس سفر ۾ گڏ هوندو هو ۽ ڳوٺ ۾ به اٿيءَ ويٺيءَ جو خيال ڪندو هو، سو وري چوندو هو: ”رئيس دنيا اهڙي بي پيري اٿئي ته جيترو چاهيندينس اوترو حرام ٿيندي، پري ڀڄندي. جيترو اڇليندينس اوترو مڙندي ويندءِ. سالڪن چيو ناهي ته سخي ۽ شوم جو ٻارهين مهيني ليکو پورو.“ ائين پئي گاڏو گڙڪندو آيو.
پهريون سيارو هجي، ڏينهن جو اونهاري جي پوئين ڏاڏر ۽ راتين جو سياري جون مٺيون مٺيون ٿڌيون. ڪڙمي ڪاري ربيع جي هرن کان فارغ ۽ خريف جي فصل کڻڻ ۾ به ٻه مهينا دير. زميندار ته پڪيءَ جا مالڪ، انهن کي ته مولا جي ذات ڪو فڪر ڏنو ئي ڪونه آهي. اها ئي موسم ٿيندي آهي، ٻهراڙيءَ ۾ وهانون ۽ شادين جي. گهوٽ ۽ ڪنوار به راضي، ڪاڄ وارن کي به تڪليف ڪانه ۽ ماڻهو به واندا. هرڪو پيو پري وڃي. انهن ئي ڏينهن ۾ رئيس کي نينڍ آئي هڪ وهانءُ جي، جنهن زميندار وهانءُ پئي ڪيو، سو رئيس جو دلي دوست هو ۽ رئيس جي شادي ۽ وڏي رئيس جي فوتي تي سٺو پير ڀري ويو هو. رئيس کي به اها اڌاري ڀاڄي لاهڻي هئي، ان ڪري پنهنجي نوڪرن چاڪرن سميت تيار ٿي مقرر ڏينهن تي وڃي پهتو. ساڏي زمينداربه ڪونه گهٽايو هو ۽ سٺو انتظام ڪيو هئائين. اميرن معتبرن لاءِ جدا نويڪليون جايون، وڏن ۽ عام خاص راڄ لاءِ جدا لانڍيون ٺهرايون هيائين. راڳ جي محفل لاءِ به هيرا منڊيءَ جون چونڊ ڳائڻيون گهرايون هئائين. رئيس ماني کائي ٿانيڪو ٿيو، پر جڏهن بتين ٻرڻ وقت چؤطرف چانڊاڻ ٿي وئي ته کيس نياپو اچي پهتو ته راڳ شروع ٿيڻ ۾ ڪا جهٽ پلڪ کن دير هئي. رئيس به ٽپو ڏئي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي ٽوليءَ سميت اتي پهتو. اها جاءِ هڪ وڏي لانڍي هئي، جنهن جي فرش تي اوچا گرم غاليچا وڇايل هئا. چؤ طرف کوڙ ئي زميندار ويٺل هئا ۽ انهن ۾ سندس دنگئي زميندار فتح خان به ڪانڀ ڪڍيون ويٺو هو. ٻنهي جي هڪ ٻئي سان ڪانه پوندي هئي. ٻني ٻاري، هاري ناري ۽ ٻڌيءَ ڇوڙيءَ تي سندن جهيڙا پيا هلندا هئا. ٻنهي جا ڪمدار ڪاراوا به جهيڙي ٽارڻ بدران پنهنجي مالڪن کي ڪا نه ڪا شڪايت ڪري ٻرندڙ باه ۾ چوچيڙي وجهي پيا ڀڀڙ مچائيندا هئا. حقيقت ۾ پهريون پهريون سندن منهن ٿلها ان ڪري ئي ٿيا هئا، جو قيصر خان پنهنجو وڃايل اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جو سندس پڙ – ڏاڏي ۽ ڏاڏي کان پوءِ فتح خان وارن کي حاصل هو. ٻنهي ٻاهرين ٻني قائم رکڻ لاءِ هڪ ٻئي سان کيڪر ته ڪئي، پر اهي قربائتا ۽ مٺا لفظ اهڙي طرح ادا ٿيا جو ڄڻ زهر مان – جو ٻنهي جي دلين ۾ هو – ٻڏي نڪتا. ٻئي کيڪر ڪري پنهنجي پنهنجي ٻاري ٺاهي جدا ويهي رهيا. ماڻهن جي انبوه سبب چوٻول متو هو. ڪنهن ڪهڙي ڳالهه پئي ڪئي ته ڪنهن ڪهڙي ڳالهه، اوچتو سڀ سسڪا پسڪا بند ٿي ويا. رئيس، جنهن پاسي ۾ ويٺل هڪ زميندار کي تازي شڪار جو احوال پئي ٻڌايو، تنهن اهڙي چپ ڏسي ڪنڌ جو مٿ کنيو ته هڪ ٻانهين ڳائڻيون اچي ويٺيون هيون ۽ سندن استادن ڪپڙن ۾ ٻڌل هارمونيون ۽ ٻيا ساز پئي کوليا. سڀ سدا ملوڪان انگ انگ ٻهڪندڙ پر هڪ ڪنڊ ۾ هلڪي پيلي ساٽن جي سوٽ ۾، انهن سڀني جو نڪ ويٺي هئي ۽ انهن سڀني جي قد بت، رنگ روپ جي لحاظ کان اهڙي پئي ڏک ڏنائين، جيئن عام ڪڻڪ جي ٻاري ۾ ڪونج ڪڻڪ جو سلو. مڪائي جهڙو سونهري رنگ، ڊگهي ڊگهي ڳچي، سنهڙو نڪ ۽ اڻ پيل سوني بولڙي، جنهن ۾ سچو موتي جرڪيو پئي. رئيس قيصر خان ته ڏسندي ئي سُڪ ٿي ويو ۽ سندس ڪاري ڀونئر جهڙي مٿي کان ڀورن باه جهڙن پيرن تائين ڍو سان ڏسي وري پئي منڍ کان شروع ڪيائين. سندس اکيون اوستائين نه هٽيون، جيستائين هن کيس جوه پائيندو ڏسي ڪنڌ ڦيرايو ۽ ٻئي سان ڳالهائڻ لڳي. رئيس لاچار ڪنڌ ڦيرايو ته فتح خان به ساڳيءَ ۾ جوه وجهيون ويٺو هو. رئيس جي منهن ۾ سونڊ پئجي ويو ۽ اهو سونڊ تڏهن لٿو، جڏهن ڌوڪڙين وڄت شروع ڪئي ۽ سازن آواز ڪڍيا. پهرين هڪڙيءَ ڳايو، سڀني پئسا ڏنا. اها ڳائي وڃي ويٺي ته ٻي اٿي. ان به پنهنجو پاڻ چڱيءَ طرح موکيو. ان بس ڪئي ته پوءِ ”هن“ ۾ چرپر ٿي ۽ هوءَ آرس ڀڃندي، رئي کي سيني تي ٺاهيندي، اٿي کڙي ٿي. چؤ طرف سانت ٿي ويئي. هرڪو تڪڻ لڳو ته ان بلور جهڙي شفاف ڳچي ۽ سهڻن چپن مان ڪهڙو ٿو آواز نڪري؟ رئيس کي ان وچ ۾ وري وارو اچي ويو ۽ هو کيس نئين سر جاچڻ لڳو. سندس سوڙهي سوڙهي قميص ۾ ڦاٿل سيني کي، سندس سنهي چيلهه کي ۽ سندس موڪرن موڪرن ٻوندڻن کي، ننڍن ننڍن ڀورن پيرن کي ۽ انهن جي رنگ لڳل ننهن کي جي ڀوراڻ کي وڌيڪ جرڪائي رهيا هئا. هن ظالم به آلاپ ڪري رئيس واري ٻانهين ڏانهن منهن ڪري جو سرائڪي ڪافي ”ڪهڙا حال سڻاوان دل دا، ڪوئي محرم راز نه ملدا“ شروع ڪئي ته رئيس ته رهندو لوهن ڪڙن ۾ قابو ٿي ويو ۽ ڏانهس اکين ڇنڀڻ بنان يڪ ٽڪ نهارڻ لڳو. هڪ مصرع ٿيو، ٻيو مصرع ٿيو، پر رئيس ڏانهس فقط نهاريندو ئي رهيو. اوچتو فتح خان پنهنجي ٻانهين کان رڙ ڪئي: ”ڪهڙن بي قدرن جي پاسي پئي ڳائين ٻائي، هيڏي آءُ ته تنهنجي هڪ هڪ مصرع تي نوٽ گهوريان.“ ائين چئي فتح خان ڏهين ڏهين جا پنج نوٽ تاس جي پتن وانگر جهليا. چؤ طرف ٽهڪڙو مچي ويو. هوءَ به ڦيرو پائي وڃي فتح خان اڳيان گوڏو ڀڃي ويٺي ۽ دستور موجب کيس مصرع ٻڌائڻ لڳي. رئيس قيصر خان جي منهن ۾ سڄي بدن جو رت وري ويو ۽ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن ڪرڙي اک سان پويان ويٺل پنهنجي نوڪر رجب ڏانهن نهاريو، جنهن پاڻ اهو مذڪور ڏسي ڏند پئي ڪرٽيا. هن رئيس کي چيو: ”فتح خان ملهه هڻي ويو رئيس.“
”هون، پوءِ؟“ رئيس خار ۾ ڀڻڪيو.
”پوءِ ڇا، رکيو نالو پٽ جو به چڱو ناهي.“
”گهڻا ڏوڪڙ آهن ٻٽون ۾؟“
”ٻه هزار ته خوشي سان ٿيندا.“ ائين چئي رجب چمڙي جو ٻٽون کڻي اڳيان رکيو.
”انهن مان ڪهڙي پورت پوندي، اڏام وڃي پئسا کڻي آءُ جيپ تي.“
هوڏانهن فتح خان پنجاهه ڪڍيون ويٺو هو ته رئيس سو جو نوٽ ڪڍيو. هوءَ مشڪندي اچي وٽس ويٺي. ٻنهي طرفن کان نوٽن جا سرڙاٽ ٿيڻ لڳا. ٻنهي کي اچي پنهنجي عزت جي لڳي، جيڪو گهٽ ٿئي سو لوڪ لڄا کڻي ۽ راڄن ۾ بدنام ٿئي. مصرع مصرع تي رقم وڌندي رهي. جڏهن رئيس جو نوڪر پئسا کڻي موٽيو ته مصرع مصرع تي ٻه سؤ روپيا ٿي ويا هئا. رجب وٽس پهچي چيو: ”نه گهٻرائجانءِ، کوڙ پئسا آندا اٿم.“
”گهڻا آهن؟“
”پنج هزار.“
”هاڻي ٺيڪ آ.“ رئيس بالم ٿي ويهي رهيو ۽ پوءِ ته اکيون ٻوٽي ڏيڻ لڳو. ڳائڻيءَ به سنڌ جي رئيس جي هاٺ ڏسي، اوستائين بس نه ڪئي، جيستائين سندس نڙي پڙ نه ڪڍي بيٺي. پوءِ جڏهن سندس وس نه هليو، تڏهن نوڙندي ناز ڪندي وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺي. رجب رئيس اڳيان پيل پئسا سنڀاليا ته ڪو هزار ڏيڍ وڃي بچيو هو، ٻيو ڪل پيران دا خير. اڌ رات مهل جڏهن هرڪو نويڪلي جاءِ ۾ آرامي ٿيو ته رئيس رجب کي چيو: ”رجب، منهنجو ڪو بلو ڪر، نه ته مرانءَ ٿو.“
”ڇو، خير ته آ سائين؟“
”اڃا خير ٿو پڇين!“ رئيس ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. رئيس جي ڳالهه سمجهي، رجب ڏند ٽيڙي کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو: ”پرائو وهانءُ، هتي ڪا ڳالهه ٺهندي! باقي صبر ڪر. هڪوار سندس جهوليءَ ۾ ننڊ نه ڪرائيمانءِ ته منهنجو نالو ڦيرائي پاڻ واري ڪاري ڪتي تي رکجانءِ.“
رئيس، جنهن کي رجب جي قابليت تي ڀروسو هو، سو اها دلجاءِ ٻڌي ٿوري دير ۾ کونگهرا هڻڻ لڳو. ٺپ – ٺپ – ٺپ رجب جي زورن تي رئيس اکيون کوليون ته ڏينهن مٿي چڙهي آيو هو. ٿوري دير هيڏانهن هوڏانهن پاسا ورائي رئيس آرس ڀڃي اٿي کڙو ٿيو. ٿڪ اڇلي رجب کان پڇيائين:
”ڪهڙو حال آ؟“
”سڀ خير آ.“
”هوڏانهن ويو هئين؟“
”اٿڻ سان ويو هوس. هاڻي موٽيو هان.“
”ڇا چيائون؟“
”چون ڇا، پهريون ته اهي بهانا ۽ نمونا ته اسان اهو ڪم نه ڪندا آهيون، پر مان جو ٻڌايون مان ٽسريون ته اوهان واقعي تاڃي پيٽي پٽ آهيو ۽ مصلي تي نماز پڙهندا آهيو ته شڪي ٿي چوڻ لڳا: رئيس جي دل ڪنهن تي آهي؟“
”پوءِ ڇا چيوني؟“
”چيومان ته ڪمال ٿا ڪريو، سڄي رات ڪوهياري ٻڌو، وري ٿا چئو ڪوهياري ٻڌاءِ. اوهان وٽ الماس بولڙي واريءَ کان سواءِ ڪهڙي آهي رئيس جي هنڊائڻ جهڙي.“
رئيس کلڻ لڳو ۽ رجب کي شابس ڏيندي چيائين: ”واه ڙي رجب واه!“
”سائين الماس جو ذڪر ٻڌي ڇرڪي ويا. چيائون: هوءَ اڃا ننڍي آهي ۽ سندس نٿ به ڪانهي لٿل.“
”مان چيومان ته رئيس نٿ لاهيندس.“ رجب ايترو چئي وري چوڻ لڳو: ”سائين ٻي ڳالهه ته ٻڌ.“
”ٻڌاءِ.“
”الماس اڃا ڪنواري اٿئي، جڏهن ڪو جوان ماڻيندس، تڏهن اها نٿ لهندس.“
”هان!“ رئيس عجب ۾ پئجي ويو ۽ وري تصور ڪري مشڪڻ لڳو.
رجب وري ڇڏيل ڳالهه کي اتان ئي شروع ڪيو: ”سائين هو تيار ته آهن، پر چون ٿا ته پهريون رئيس کي نٿ لاهڻ جي رقم ڏيڻي پوندي. گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار، پوءِ ماهوار خرچ، بنگلو، ساز سامان، نوڪر چاڪر سڀ ڏيڻا پوندس، جي دل جهلي ته هليو اچي لاهور.“
رئيس اهي ڳاٽي ڀڳا خرچ ٻڌي سسي ويو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري سوچڻ لڳو. اتي رجب ٻيو جم ڇوڙيو: ”سائين، هن حرامي فتح خان به پنهنجو چاري ڇڏيو آهي.“
”هان!“ رئيس کان ڇرڪ نڪري ويو.
”ها سائين، صبح جو وڃان ته قادو پيو ڌوڪڙين سان ٽهڪڙا ڏئي ۽ سسڪا پسڪا ڪري. مون کي ڏسي هليو ته ويو، پر جڏهن ڳالهائي موٽيس ته وري مليو. مڇون وٽيندي چيائين: بابا ملهه جي شيءِ آهي، اتي واڪ هلندا.“
رئيس جو ڪنڌ سيني سان لڳي ويو. رجب ٿوري دير ڏانهس تڪي چوڻ لڳو: ”منهنجي ڳالهه مڃين رئيس ته ان ڳالهه کان پاسو ڪري لنگهه. انهن ماڻهن کي محبت جو ڪهڙو قدر، کين ته رڳو روڪڙ جام گهرجي، ڀلي فتح خان جو ئي ڀت گهاٽو ٿئي.“
رجب کيس نيڪ صلاح ڏني. رئيس، جيڪو فتح خان جو نالو ٻڌي سڙي ويو هو، تنهن اها ڳالهه ڪٿي پئي مڃي. هن ڪڙڪيدار آواز ۾ رجب کي چيو: ”وڃي کين چؤ ته اسين ان ڳالهه ۾ ٻڌل آهيون ۽ هڪ هفتي اندر وٽن پهچي وينداسون.“
لاهور جي تياري ڪندي رئيس گهر سنڀاليو ته روڪ پئسو ته نالي ڪاڻ ڪونه بچيو هو. وڏي رئيس جي فوتيءَ بعد خرچ وڌي ويا هئا ۽ هن هن ۾ پيو خرچ ٿيندو هو. شڪار، دعوتون، جيپون، اليڪشن ۽ پئٽرول ته سڀ اتان نڪتا هئا، پر ٽن راتين جي راڳ به کيس چڱي چوٽ ڏني هئي. ان مسئلي بابت ڪمدار حاجيءَ سان ته صلاح ڪرڻي ڪانه هئي، جو هو ڌاڙ گهوڙا ڪندي چوي ها: ”ڏٺئي رئيس، چوندو هومانءِ ته چادر آهر پير ڊگها ڪجانءِ.“ سو رجب کان وڌيڪ ڪير هڏ ڏوکي هو. رجب کي گهرائي سڄي ڳالهه سمجهايائين. رجب ٻه ٽي منٽ سوچي چيو: ”سائين ڦٽين جو فصل لهڻ تي آهي. سيٺ سان اڳواٽ ٻول ڪبي ته ڏوڪڙ جام ٿي پوندا. باقي اگهه ٿورو گهٽ مليو ته ڪهڙي ڳالهه، شيءِ پنهنجي آهي.“
”ائين ته کڻي ڪيون، پر پورت ڪيئن پوندي؟“ رئيس دل ۾ حساب ڪندي چيو.
رجب وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو ۽ ڳپل مهل کان پوءِ چيائين: ”سائين اوهان کي هاڻي خير سان جيپ آهي، هينئر ايترن گهوڙن جي ڪهڙي ضرورت آ؟ چڙهو به ڇٽي ڇماهي ٿا، بيٺي بيٺي پير کاري ويندا. هزار ڏيڍ ۾ ته هڪ هڪ وهٽ ويندو گهٽ ۾ گهٽ.“ ايترو چئي رجب، رئيس ڏانهن نهاريو. هن رئيس جو ردعمل پئي جاچڻ گهريو. رئيس کي غور سان ٻڌندي ڏسي، هن وري چيو: ”مينهون به کوڙ بيٺيون آهن. پورو سايو به ڪونه ٿو ٿئي، کير لاءِ چار ڪافي آهن.“
رئيس رجب جي صلاح ٻڌي ٻهڪڻ لڳو ۽ ڪمدار حاجيءَ کي گهرائي اهو حڪم ڏنائين. هو اهو حڪم ٻڌي وائڙو ٿي ويو: ”رئيس وهٽ ۽ مال ته زميندارن جو ڀاڳ آهن، پنهنجو ڀاڳ ٿو وڃائين!“
رئيس تڪڙو پوڻ بجاءِ کيس ٿڌي سيني سان سمجهائڻ لڳو: ”حاجي، گهوڙن تي چڙهان ڪونه، بيٺي بيٺي پير کاري ويندا. مينهون به اجايو کوڙ بيٺيون آهن.“
پر ڪمدار حاجي، جو ننڍي رئيس جي هڪ هڪ وک کي وڏي رئيس جي ڳالهه سان ڀيٽيندو هو، تنهن کي اها ڳالهه وڏي رئيس جي ”سنت“ کان ابتڙ لڳي، سو هو چوڻ لڳو: ”رئيس وڏو به پڇاڙيءَ ۾ اٺن تي چڙهندو هو، پر دل ۾ اهو خيال به نه آندائين ته ڪو فلاڻو يا فلاڻو وهٽ وڪڻي ڇڏيو. رهندو ڇٽي ڇماهي پيو چوندو هو: ڪمدار، جو ڀلو گهوڙو نظر ۾ هجي ته ٻڌائجانءِ.“ رئيس حاجي جي ڳالهه ٻڌي تپي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”توکي سؤ ڀيرا سمجهايو اٿم ته اهو زمانو ٻيو هو، هي زمانو ٻيو آ.“
ڪمدار حاجي دڙڪو ٻڌي ماٺ ڪري ڏانهس نهارڻ لڳو. رئيس وري حڪم دهرايو:
”سواءِ سمنڊ جي ٻيا سڀ وهٽ وڪڻي ڇڏ. مينهون به ڇڙيون چار جهل، ٻيون تين واڪ ڪر.“ ائين چئي رئيس ٻئي طرف نهارڻ لڳو.
جڏهن رئيس سڀ سامان موجود ڪري لاهور پهتو ته الماس جو واڪ چڙهي ويو هو. استاد بندو خان، جنهن رجب سان ڳالهايو هو ۽ پڪ پڪان ڪئي هئي، تنهن پنهنجي لاچاري سمجهائيندي چيو: ”مان ڇا ڪيان، ٽيون ڏينهن هتي فتح خان اچي پهتو هو. هن چيو ته مان رئيس کان پنج هزار مٿي ڏيندس ۽ بنگلو به مسواڙ تي وٺڻ بدران خريد ڪري الماس کي لکي ڏيندس. الماس جي ماءُ جي ته گگ ڳڙي پئي، پر شابس آهي الماس کي، جنهن ماءُ کي صاف جواب ڏنو. ماڻس کيس گهڻو سمجهايو ته رئيس، فتح خان کان وڌيڪ پئسا ڪونه ڏيندو، پر هن ماءُ کي پڪ ڏني ته جي وڌيڪ نه ڏيندو ته گهٽ به نه ڏيندو. رئيس جا پهريون ته ڇهه ڇڄي پيا، پر الماس جي قرباني ٻڌي ٺري پيو. وڌيل واڪ جي کيس گهڻي ڳڻتي ڪانه ٿي. گپ ۾ گهڙڻ کان پوءِ ڦهنگن کان ڪهڙو ڊڄڻ. رئيس استاد کي چيو: ”ٺيڪ آ، مون کي سڀ شرط منظور آهن. باقي اها ڳالهه کليل اٿو ته مان کيس ڌنڌو ڪرڻ نه ڏيندس.“
”ها، اها ڳالهه ته ظاهر آ، اوهان جهڙا خاندان ڪٿي سهندا.“
”نه، پهريون ڳالهائڻ ٺيڪ آ، پوءِ ڪو ڪروڌ نه پوي.“
”بس اوهان بنگلو خريد ڪيو ته پوءِ دير ڪانهي.“ ستت ئي ٻن ٽن ڏينهن ۾ بنگلو خريد ٿيو ته الماس به سينگاري رئيس جي حوالي ڪئي وئي. رئيس خوشيءَ ۾ پر ٿي ويو، جو هن به هن وقت تائين ڳوٺاڻيون ساديون سوديون، ميريون، گدليون زائفون ڏٺيون هيون، جي هٿ وجهڻ تي کجيءَ جي تڏي وانگر وڇائجي وينديون هيون، پر ان جي بدران جڏهن هن الماس جي ڳاڙهن ڳلن، ڊگهين ڊگهين پلڪن ۽ هرڻيءَ جهڙي اکين کي ڏٺو ته هو بهار بهار ٿي ويو. ويتر جڏهن الماس پنهنجي گهنگهرن جهڙي آواز ۾ کيس پنهنجي محبت جو يقين ڏياريو ۽ کيس وعدو ڏنو ته ڇهن اٺن مهينن کان پوءِ هوءَ ساڻس ڳوٺ هلي رهندي ته رئيس کي پنهنجا سمورا خرچ سجايا لڳا. صبح جو جڏهن رجب مشڪندي کانئس احوال ورتو ته رئيس ٿڌا ساه ڀريندي چيو: ”رجب، مان الائي ڪيئن ٻاهر آيو آهيان، نه ته دل نٿي گهري ته ڪو ٻاهر اچان، مون کي ته چريو ڪري ڇڏيو اٿائين.“
مهيني ڏيڍ کان پوءِ رئيس، رجب کي حڪم ڏنو ته ڪيئن به ڪري، موديءَ کان پئسا وٺي اچي. رجب حيران ٿي پڇيو: ”ڇو، ڇا ڪندؤ سائين؟“
”رجب، کيس ٻٽي زيور ٺهرائي ڏيڻا آهن. زيورن کان سواءِ ٻسي آهي.“
”پر توهان جو ڪهڙو ڪم!“
”ڇا ڪيان رجب، کيس انڪار ڪندس ته روئي روئي منهن سڄائيندي، پرچاڻيءَ ۾ وري وڌيڪ ڏيڻو پوندو.“
”پر سائين، ايترو خرچ ته ٺيڪ ڪونهي.“
”پر جتي درياه ٽپي ويا آهيون، اتي اڏ تي ڪهڙو بيهون. گهٻراءِ نه. سڀ خرچ سجايا ٿيندا.“ رئيس الماس واري واعدي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
رجب حڪم جو بندو، انهيءَ ڏينهن هليو ويو ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ پئسن آڻڻ بدران خود سيٺ خدا بخش ميمڻ کي وٺي اچي نڪتو. سيٺ هٿ ٻڌي چيو: ”سائين، مان اوهان جو نيمڪ خوار آهيان، پر اهڙو تونگر ڪونه آهيان، جو لک پيا هجن. ووڻن وارا پئسا به پٽ سٽ ڪري ڏنا هئم، رهندو ووڻ به مليا گهٽ. اليڪشن وارا به پندرهن هزار اڃا بيٺا آهن.“
”ڪيئن سيٺ، حساب ڪر.“
سيٺ بندي کولي: ”سائين هي ڏسو، پنجاهه هزار ورتو، ٻه هزار مڻ ٻوليو، پنجويهن جي اگهه سان، ڏنو هڪ هزار مڻ. اگهه هينئر ووڻ لهن چاليهه روپيا، چاليهه هزار ٿيا نه. اوهان ڏانهن اليڪشن وارا پندرهن گڏيو ته ٿيندا پنجونجاهه هزار.“
حاضر سيٺ ڏينداسين، پر هينئر ته ڏهاڪو هزار کن ڏيار.“ ”سائين ڪاڏهون ڏيان؟ جي بينڪ مان ٿو وٺي ڏيان ته وياج ڳاٽي ڀڳو پوندو. ايتري رقم ڪڻڪ مان ڪٿي لهندي، نر فصل ته اهو ووڻن جو هو.“
”پوءِ ائين ڪنداسين ته جيڪي پئسا ڪڻڪ ۾ لٿا، نه ته وري آئيندي واري ووڻن ۾.“
”نه سائين، اتي منهنجي پوري ڪين پوندي.“
اتي رجب، رئيس کي ٻاهر ڪڍي سمجهايو ته سيٺ خدا بخش ته پئسن ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر کيس پڪ ڪانه ٿي هئي. لاشڪ ته ڀؤ اٿس ته پئسا نه مارجي وڃن. رئيس رجب جي ڳالهه دل سان هنڊائي ته برابر لڳي. هن رجب کان صلاح گهري: ”پوءِ ڇا ڪيون؟“
”بس سيٺ کي پڪ لاءِ ڪو دستاويز لکي ڏيو.“ رجب کيس سمجهائيندي چيو.
رئيس ڳالهه سوچي سيٺ کي چيو: ”سيٺ هاڻي واٽ ٿو ڏيانءِ. تون ٽوٽل رقم جو جوڙ ٺاهي مون کان شرطي وڪري جو دستاويز لکي وٺ، جي ان مدت ۾ پئسا نه ڏنامانءِ ته منهنجي زمين ڇٽي، بس نه.“
”سدائين، خدا خدا ڪر. زمين الله اوهان کي اڃا به سرس ڏئي جو تنهنجي پگهر مان پيا کائون. اسان واپارين جو زمين سان ڪهڙو واسطو، اسين رڳو موڙيءَ جي سلامتي ڏسندا آهيون. جي اوهان دستاويز لکي ڏيندؤ ته مان به پٽ سٽ ڪري اوهان جو ڳهو چاڙهيندس، پر سائين شرطي ٽڪرن جي پئدا ڪير کڻندو؟“
”مان، تنهنجو ڪم پئسن سان.“
”سائين، اتي منهنجي پوري ڪيئن پوندي؟ گهر مان سڀ پئسا ڪڍي ڏيان ته منهنجو واپار وڙو ڪيئن هلندو، ڌنڌو، ڪارپت ڪيئن وڃائيندس؟“
رئيس سن ۾ پئجي ويو. پر ٿوري دير ۾ هن ڳالهه ڳڻي ته جي فصل لهڻ کان اڳ هن بئنڪ مان يا سرڪار مان تقاوي وٺي سيٺ کي پئسا واپس ڪيا ته پوءِ سيٺ جو فصل تي ڪو حق نه رهندو، جو اهو شرطي وڪري جو دستور هو. هن سيٺ کي چيو: ”چڱو سيٺ، تنهنجو ئي ڀت گهاٽو. انهن ٽڪرن جي پئدائش تون ئي کڻجانءِ، پر جنهن مهل توکي پئسا مليا، ان مهل تنهنجي حقداري ڇٽي.“
”ها سائين، پر منهنجا پئسا نه مارجو.“ سيٺ رئيس جي پيرن تي ڪري پيو.
”نه سيٺ، تون دلجاءِ ڪر، توسان ورهن جو وهنوار آ.“
سيٺ حساب ڪتاب ٺاهي رئيس کي ڏنو. رئيس ڏانهن ڪل رقم ٿي پنجهٺ هزار. رئيس ٻه سؤ ايڪڙ شرطي وڪرو ڪري سيٺ کي ڏني، پر سيٺ کي ويندي چيائين: ”سيٺ، هن ڳالهه جي خبر ڪنهن کي نه پوي، نه ته پوءِ ڪونه ٺهنداسون.“ رئيس کي اچي پنهنجي عزت جو فڪر ورايو.
”ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين سائين، اسان واپارين جي دل ته کوهن جهڙي اونهي ٿيندي آهي.“
رئيس کي ڳوٺ ڇڏي ڇهه مهينا گذريا ويا، ان وچ ۾ هن پويان جي ڪا سار سنڀال ڪانه لڌي، وچ واڙيءَ ڳوٺان خط پئي آيا. هڪڙي خط ۾ ڪمدار حاجيءَ فصلن جي گهٽ ٿيڻ جو لکيو هو ته پندرهن ڏينهن کان پوءِ ٻئي خط ۾ خود ڪمدار حاجي جي وفات جو ذڪر هو. رئيس ويو ڪونه، باقي ڪمدار جو کيس ڏک ٿيو. سڄو ڏينهن پئي رجب سان ڪمدار جون ڳالهيون ڪيائين: ”رجب، حاجي مڙس ڀلوڙ هو. اسان سان چڱا ڳن ڏنائين.“
”ها سائين، اهڙا خيرخواه ڪٿي لڀندا.“ رجب به ها ۾ ها ملائيندي چيو.
رجب کي ته حاجيءَ جو ڏک ٿيو هو يا نه ٿيو هو، پر ڳوٺ کان ايترا ڏينهن پري رهي ڪڪ ٿي پيو هو، ان ڪري رئيس کي چيائين: ”سائين، هن موقعي تي هلڻو ضرور آهي.“
پر رئيس ڳالهه نٽائي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”هينئر هلي ڇا ڪيون، هلجي ها ته بروقت. هتي به الماس کي اڪيلو ڪيئن ڇڏي هلبو. گهوڙا ۽ زالون ران سان نه هونديون ته ڪو سڌو هلنديون.“ اتي ته رجب ماٺ ڪئي، پر هڪ ڏينهن رئيس کي زال جي بيماريءَ جو خط پهتو ته ڳوٺ جي تياريءَ کان سواءِ ڪو چارو نه هو. ڳوٺان لکيو هئائونس ته جي زال جو منهن ڏسڻو هجيس ته خط کي تار سمجهي. رئيس به نه وڃي ته لوڪ ڇا چوندو. زال سڳي سوٽ، جنهن سان هن شوقون لائون ڏنيون هيون، جا پوئتان سندس منڊل کي ٺاهيو ٺڪيو ويٺي هئي. الماس به اهو ٻڌي کيس چيو: ”توکي ضرور وڃڻ گهرجي، هي وقت دير جو ناهي.“
”تون ڪڏهن هلندينءَ؟ وعدو پاڙ نه!“
”تون موٽي آ ته هلنداسين.“ الماس کيس پڪ ڏني. پر رئيس اڄ سڀان تياريون ڪندي جڏهن ڳوٺ پهتو ته جوڻس قبرستان ۾ پورجي چڪي هئي ۽ پوئتان سندس ڳالهيون هيون ته ڪيئن هن آخري وقت تائين سندس انتظار ڪيو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي دم ڏنائين. رئيس ماٺ ميٺ ۾ زال جا ختما جماڻ ڪري، پوک پلاه ۽ راڄ ڀاڳ ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺائين ته پوئتان اونده ٿي وئي هئي. ڪمدار حاجي کان پوءِ هرڪو مڇ ٿي ويو هو. جنهن کي جتان پئي وارو لڳو، تنهن اتان پئي کاڌو. پنهنجي سمجهه آهر مناسب انتظام ڪري جڏهن هن وري لاهور جي تياري ڪئي ته جيئن الماس کي پاڻ سان وٺيو اچي، ته سندس نوڪر حيات، جنهن کي الماس جي سار سنڀال لاءِ ڇڏي آيو هو، ڦيلهڙو منهن ڪري اچي واپس نڪتو. رئيس کي چيائين:
”اوڏانهن هلڻ جو ڪو ضرور ڪونهي رئيس!“
”ڇو ڙي؟“
اتي هيڏيون اکيون ڦوٽاريو ويٺا آهن. چون ٿا ته: ”ڪو رئيس الماس کي خريد ته نه ڪيو آهي.“
”باقي اهو بنگلو، ٽپڙ ٽاڙي، ڏاڏانهن جا آهن!“
”هو – هو چون ٿا، بنگلو اسان جو، ٽپڙ اسان جا. رئيس ٻن ٽن ڏينهن جو مهمان هو، هاڻي ٻيو در جاچي.“
”ائين ٿيندو جو پڻهين جي بادشاهي آ.“
پر جڏهن رئيس اتي پهتو ته ڏٺائين ته واقعي حيات جي ڳالهه سورنهن آنا سچي هئي. استاد بندو ۽ ٻيا سازندا، جيڪي سندس پيرن تي پيا هوندا هئا، سي شينهن بڻيا ويٺا هئا. الماس جي ماءُ ته ٻري پئي. پيڪدان ۾ پڪ اڇلي هن هٿ نچائيندي چيو: ”رئيس، اڄ نڪاح ٻڌين تي وس نٿو هلي، هتي ته قرب جو معاملو هو. اشراف ٿئين ته واپس موٽي وڃ.“
”واپس ڪيئن ويندس؟ هتي سر جون سٽون آهن يا توهان هوندؤ يا مان.“ رئيس ڏاڏر ڪئي.
”هل هل، اهڙا رعب ڳوٺ ۾ هارين تي ڏيکاريا اٿئي. جي اشرافت سان نڪرندين ته پوءِ.....“ الماس جي ماءُ ٻن ٿلهن متارن مڪرانين ڏانهن اشارو ڪيو، جي ماڙن سانن وانگر پئي گهميا.“
”چڱو ڀلا، مون کي هڪ ڀيرو الماس سان ٻه منٽ ڳالهراءِ، پوءِ مان هليو ويندس.“ رئيس هيٺائين ڪئي. هن جي خيال ۾ الماس ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ بند پئي هوندي ۽ هن لاءِ روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيون هوندائين. کيس ڏسي هوءَ چنبڙي پوندي ۽ اتان ڪڍي هلڻ لاءِ ايلاز ڪندي. هن کوڙ اهڙا مامرا هٿن مان ڪڍيا هئا ته جنهن پاسي زائفان هوندي هئي، اهو پاسو چڙهتو هوندو هو، پر الماس جي ماءُ رئيس جي دل جي ڀير تي زور سان ڏونڪو هڻندي چيو: ”اها هتي ڪانهي، رئيس فتح خان سان گهمڻ وئي آهي.“
رئيس جون اکيون اهو ٻڌي رت ڇڏڻ لڳيون. سندس سمورو بت ڏڪڻ لڳو. هن جو هڪ هٿ چيلهه ۾ ٻڌل ريوالور ڏانهن ويو، پر رجب کيس هٿ کان گهليندو ٻاهر وٺي ويو. کيس ٻانهون ٻڌي چيائين: ”ايترو اٻهرو نه ٿي رئيس.“
”اڃا اٻهرو نه ٿيان. هنن پوءِ ڪاڻ ڇڏي آهي؟“
”هنن جو ڪهڙو قصور، هي ته پئسي جا پٽ آهن. مون کي باهه هن حرامي فتح خان تي آهي، جنهن کي شرم ٿيو نه حياءُ، پرائي چڪاڻل مڇي به ڪانه وٺبي آهي، هي ته زائفان ماڻهو هو.“ رجب کيس سمجهائيندي چيو.
ڳوٺ موٽندي رئيس کان ننڊ آرام وسري ويو. سڄي واٽ اها پئي ڳالهه سوچيائين. فتح خان منڍ کان وٺي کيس اچايو هو. پهريون پهريون ساڻس اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو هئائين. اتي رئيس وڏي دنيا خرچ ڪري هارايو هو ته وري ساڙ کان سندس هارين نارين جون چوريون چڪاريون شروع ڪرايون هئائين. مٿس ڪا فلڪ ڪونه آڻيندو هو ۽ رهندو چوندو وتندو هو، ”ڪلهوڪو ڇوڪرو ٿو مون سان سينو ساهي، ٽڪرن سان ٿو مٿو هڻي!“ راڳ جي محفل ۾ به هن اچاٽ ڪئي هئي ۽ کيس طعنو هڻي ڦرايو هئائين، نه ته هو رڳو پير ڀرڻ خاطر آيو هو ۽ پنجاه سؤ روپيا ڏئي وڃي ننڊ ڪري ها. وري جڏهن هن الماس کي ساهيو هو ته ماڻهو بڇي واڪ وڌايا هئائين. اتي به ڪامياب نه ٿيو ته هي وار وري ان وقت ڪيو هئائين، جڏهن هو الماس پٺيان پنهنجيون ٻنيون، مال متاع، زيور زاڙي دڦ ڪري پنهنجو پاڻ کي تباه ڪري چڪو. الماس، الماس جي ماءُ ۽ استاد بندو خان وارا پئي جا پٽ هئا، جو اهو انهن جو ڌنڌو هو، پر سندس اصل مدعي ته فتح خان هو.
رئيس جڏهن پنهنجي ڳوٺ واري اسٽيشن تي لٿو ته هو هر طرح سوچي فيصلو ڪري چڪو هو. هن اچڻ سان پنهنجي ٽولي کي گهرايو ۽ کين مهڻو ڏيندي چيائين: ”اڙي شير آهيو ڪن لوغان؟“ مهڻو ٻڌي همراهه مري ويا. ٽولي جي اڳواڻ محرم پنهنجي اڇي ڪهاڙيءَ جي ڪهوءَ جي ڳن کي سنڀاليندي چيو: ”رئيس، تو اصل کان آزمايو آ ته شير آهيون.“
”ته پوءِ فتو جنهن ڏينهن موٽي اچي ته ٻيو ڏينهن کين نه ڏسي!“
”ائين ئي ٿيندو رئيس، پر پوءِ جون پارتون اٿئي.“ محرم دليري سان چيو.
”صوبيدار پنهنجو يار آهي، سون ۾ توري ڇڏيندوسانو.“ رئيس کين دلجاءِ ڏني.
فتح خان جي به قضا پڄي آئي جو بٽئين سانگي ڳوٺ موٽي آيو. همراه اڳ ۾ ئي کيس تاڙيو ويٺا هئا. چئن ئي ڪهاڙين ۾ کيس سمهاري ڇڏيائون.
فتح خان جهڙي نامياري زميندار جي خون تي اڀ ڏري پيو. ضلعي جي سڄي پوليس اچي ڪڙڪي. راڄن ۾ ٻاڪر ڪٽا وجهي ڇڏيائون. آخر اها ڳالهه پوليس کان ڪيئن ٿي لڪي ته فتح خان ساڻ ڪنهن جو مدائپو هو. ٿوري ڳالهه کلي ته اڊڙندي وئي. آخر اهو ڏينهن اچي پهتو، جو رئيس جو دوست صوبيدار هزار خان وڏي عملي سميت اچي رئيس جي ڳوٺ پهتو. رئيس کي چيائين: ”رئيس، توتي فتح خان جي خون ڪرائڻ جو الزام ثابت آهي. توسان گڏ ان ڏوهه ۾ محرم، صفر، آدم ۽ دلاور آهن.“
رئيس ته پهريون گهڻي پڪائي ڪئي، پر پوءِ جڏهن ٻي ڳالهه ڪانه سجهيس ته صوبيدار کي پٽڪا ميڙيون ڪري، دوستيءَ جا واسطا وجهڻ لڳو. پر ڦڦڙ نه گوشت، ڪامورو نه دوست، صوبيدار کي اهڙو وارو وري ڪيئن پئي مليو. هو چوڻ لڳو: ”نه رئيس، مون کان هيءَ ڳالهه زور آهي. هتي ته عرش ڦاٽل آهي.“
”تون سڀني ڳالهين جو مالڪ آهين، ٻيا ڪامورا توکان ٻاهر ڪونه ويندا.“ رئيس کيس ايلاز ڪندي چيو.
”چڱو مان وڏي صاحب سان ڳالهايان ٿو، باقي پئسا گهڻا لڳندا.“
”جيڪو انگ چوندو اهو ڏيندس. باقي هيءَ مهر هڻ.“
”چاليهارو هزار ته اوس لڳندءِ. مون کي ته توکان پئسو وٺڻ حرام آ، باقي سپاهي کان وٺي ايس پي تائين پيٽ ڀرڻو آهي.“ صوبيدار دستور موجب چيو.
اتي رئيس رجب کي ٻاهر ڪڍي صلاح ڪئي: ”ڇا ڪيون رجب؟“
”سائين، خون جو الزام آ، ڪو چرچو ڪونهي. ڏنو پٽ ڇٽي جو.“
”صوبيدار ته وڏو چڪ هنيو آهي، ڪٿان ايندا ايترا پئسا؟“
”سائين عزت کان مٿي پئسو ڪونهي. تون صوبيدار کان مهلت وٺ، ڏوڪڙ ڪري وٺنداسون.“ رجب کيس دلجاءِ ڏني.
صوبيدار کان ٻٽي ڏينهن مهلت وٺي، رئيس هيڏانهن هوڏانهن مدد لاءِ واجهايو ته هرڪو پري بيٺو هو. سڀني کي ڪا نه ڪا لاچاري هئي. آخر ٻيو ڪهڙو رستو هو، سواءِ سيٺ خدا بخش جي گهرائڻ جي. رئيس کيس نيازي سان چيو: ”سيٺ، مهلون مڙسن تي اينديون آهن، ڪو ڀاڙين تي ڪونه، اڄ ڪا واهر ڪر.“
”رئيس، حج واري جو قسم، ڪلهه فتح خان جي ڀاءُ ڪمدار هٿ نياپو موڪليو هو ته جي رئيس کي پئسا ڏنئي ته ڳانو ئي توکي ٻڌنداسين ۽ خون ئي توکان اڳاڙبو.“
خدا بخش کي پوتي ڪڍرائيندو ڏسي رئيس کيس ليلهڙاٽ ڪيا: ”خدا بخش ائين ليئن ڪندين؟ توکان سواءِ ڪهڙو آسرو آ!“ ”نه رئيس، مون کي معافي ڏي. مان ان باه ۾ ٽپو ڪونه ڏيندس.“ پر رئيس جڏهن کيس ٻيا ٻه سؤ ايڪڙ ٿوري مدي تي شرطي وڪرو ڪري ڏنا ته سيٺ جو مس مس ڀؤ لٿو ۽ ڊڪي ڊوڙي پئسا پورا ڪري ڏنائين.
رئيس صوبيدار کي پئسا ڏئي پنهنجي ته جان ڇڏائي، پر جي محرم وارن جي ڪورٽ ۾ پيروي نه پئي ڪرايائين ته کيس وري لوڏو هو. هنن ملاقاتين جي معرفت کيس نياپو به موڪليو هو ۽ چورايو هئائونس ته: ”رئيس، اسان تنهنجي ونگار اڙها هئاسين، نه ته فتح خان سان اسان جو ڪو مدئپو ڪونه هو. هينئر اهي سڀ هرج خرچ توتي آهن. اسان جو تدارڪ ڪر، نه ته پاڻ قبولدار ٿي توتي بيان ڏينداسون.“
رئيس اهڙو اڻ ڄاڻ ڪونه هو جو وساڻل باهه کي وري چوچڙي ڏئي ڀڀڙ ڪري. هن کين دلجاءِ موڪلي. سيٺ کان ٻيا پئسا وٺي اهڙو وڪيل ڪيو، جنهن لاءِ مشهور هو ته هن ڪيترن ڏوهين کي ڪورٽ ۾ ته ڇا، پر ڦاسي گهاٽ تان به ڳچي مان ڦاهو ڪڍرائي آزاد ڪرايو هو.
آخر هڪ سج اهڙو به اڀريو جو سيٺ خدا بخش، جنهن رئيس جو نمڪ کاڌو هو ۽ سندن واپار وڙي مان وڌيو هو، وڏي شان ۽ ٺٺ سان تعلقي مختيارڪار سان گڏ رئيس جي ڳوٺ آيو. مختيارڪار رئيس کي چيو: ”رئيس، تنهنجي لکي ڏنل دستاويزن موجب هيءَ سموري زمين، وڻن، اڏن، ڪسين سميت سيٺ خدا بخش جي آهي ۽ تنهنجي ڪابه حجت نه آهي.“
رئيس پهريون ته مختيارڪار سان گهڻو گوڙ ڪيو، پر مختيارڪار سندس هڪ به ڳالهه وزن تي نه آندي ۽ کيس چيائين ته هو بالا آفيسر جي حڪم موجب سيٺ کي سرڪاري طرح قابض ڪرڻ آيو آهي ۽ جي هن ڪو گوڙ وغيره ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کي گهرائي کيس بي دخل ڪندو.
رئيس وڌيڪ ڇا پئي ڪري سگهيو. سڄي ڳالهه سندس پنهنجي هٿ جي وڍيل هئي. هن مختيارڪار کان مهلت گهري:
”بس اڄوڪا ٽي پهر ترسو. مان رات جي پيٽ ۾ هليو ويندس.“ ان رات جي پوئين اسر جڏهن ڪڪڙن ٻانگون ڏنيون، تڏهن رئيس پنهنجي سمنڊ جي پٺي ٺپي مٿس سنج وڌا ۽ آلين اکين سان پنهنجي ڳوٺ ۽ ٻنين ڏانهن نهاريندي، سڙڪ ورتائين.
پوءِ گهڻا گهڻا ڏينهن پوءِ، جڏهن سندس ڪپڙا ميرا مٽيءَ جهڙا ٿي ويا هئا ۽ سندس منهن جهولي ۾ مسافري سبب ڪاراٽجي ويو هو، هو هڪ اهڙي ڳوٺ کان لانگهائو ٿيو جو سهڻي نموني ٻڌل هو. ڳوٺ جي چوڌاري ڀوريون لٽاشيون ٻنيون هيون، جن ۾ ووڻ ۽ جواريون ڏکڻ جي هير تي پئي جهوٽيون ۽ وچ ۾ اوڏڪيون ڀتيون، ڇناوان گهر، قبائين مسجد، شاهي ڪوٽ ۽ ان جي وچ ۾ پڪ – سري حويلي ڳوٺ کي کنيو بيٺي هئي. رئيس ڳوٺ جي ٻاهران هڪ بيٺل هڪ ماڻهو کان بي اختيار پڇي ورتو: ”ادا! ڪنهن جو ڳوٺ آ؟“
”وڏيري غلام عمر خان جو.“ ان ماڻهوءَ کيس جواب ڏنو. الائي رئيس گهوڙي جي پاڻ واڳ موڙي يا ويچاري سمنڊ ٿڪ سبب پاڻ ڳوٺ ڏانهن رخ رکيو ۽ شاهي گهٽي لتاڙي اچي اوطاق جي وڏي در تي بيٺو. رئيس گهوڙي تان لهي ان کي آهر سان ٻڌو ۽ اڱڻ ڏانهن نهاريو، جتي ڳوٺ جو وڏيرو کٽ تي ليٽيو پيو هو. سندس چوڌاري هيٺ تڏن ۽ منجين تي نوڪر چاڪر، ڪڙمي ڪاراوا ويٺا هئا. رئيس اهو نظارو ڏسي زمين ۾ کپي ويو. سندس قدم اڳتي وڌڻ کان پِڙ ڪڍي بيٺا. پر جڏهن کيس سڄي ڏينهن جو لنگهڻ ۽ خالي کيسو ياد پيو، ته هو هٽڪندو هٽڪندو، بيهندو بيهندو اڳتي وڌيو ۽ وڃي اتي پهتو هو، جتي ڪچهري لڳي پئي هئي. پوءِ جڏهن وڏيري غلام عمر خان ٻيا سڀ ماڻهو اٿاري کيس جيءُ ڪئي، تڏهن هن ڪنڌ هيٺ ڪري اکيون ٻوٽي چيو: ”خان، مان به تو جهڙو ئي زميندار هوس، پر زماني جي گردش سبب هي حال اچي ٿيا آهن. تو وٽ لنگهي آيو آهيان ته پنهنجي شان تي جيڪي سري سگهين سو ڏئينم ته گذر سفر ڪري وڃي ڪي وڻ ڏسان. ٻيو تنهنجي سربخت جو خير.“