ڪچو رنگ
”ڇو خير ته آهي؟“ وڏيري جيڪا تازو ننڊ مان اٿي هئي، تنهن پورو سارو گوش ڏيندي چيو. هوءَ روز پيون اهڙيون ڳالهيون ٻڌندي هئي. ڪنهن نه ڪنهن ڪڙميءَ جي ڪنواري ڌيءَ جو ڀڄڻ، ڪو خون ڌاڙو، مڙئي اهڙي قسم جون ڳالهيون هونديون هيون رئيس کي ٻڌائڻ لاءِ.
”خبر وري ڪهڙي، ڇوري ڪاري ڪري ڇڏي.“
وڏيري پٽ جو ذڪر ٻڌي سمجهي وئي ته رئيس جو اڄوڪو اچڻ خيري ڪونه هو ۽ ڳالهه اهميت واري هئي. ان ڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رئيس کان پڇيائين: ”ڇو ڇا ڪيو اٿئين؟“
”ڪراچيءَ ۾ منڊم سان نڪاح پڙهيو اٿئين.“
”هي مٺيس.“ وڏيريءَ زور سان گوڏن تي ٻئي هٿ هنيا. هونئن ته وڏيري پٽ جي شادي جو ٻڌي خوش ٿئي ها، جو هوءَ سالن کان ان انتظار ۾ هئي ته سندس پيٽ ڄائو ڪنهن ٻئي پئدائش جي قابل ٿئي، پر هتي ته معاملو ئي ابتو هو. هڪ ڀاڻس جي ڌيءُ سندس پٽ جي مڱ هئي ۽ ٻيو ته منڊمون هن کي ڀانءِ ئي ڪونه پونديون هيون. ڪيترا دفعا جڏهن رئيس صاحبلوڪن ۽ منڊمن کي شڪار جون دعوتون ڏنيون هيون، تڏهن هن ماڙيءَ تي چڙهي جافرين وارين درين مان منڊمن کي اوطاق ۾ ٽلندو گهمندو ڏسي، عجب ۾ پئجي وئي هئي. سندن ننڍيون ننڍيون قميصون، سوڙهيون پتلونون، مٿن تي رنگ برنگيون ٽوپيون ۽ انهن جي هيٺان کڙين تي جتيون، ڊگهن وارن بدران ڇوڪراڻا وار ۽ مردن سان گهمڻ گهتڻ ۽ کلڻ ڳالهائڻ، کيس پسند ڪونه آيو هو. هڪ وار رئيس ٻن منڊمن کي اندر حويليءَ ۾ وٺي آيو هو ته هن مس مس وڃي کين منهن ڏيکاريو هو. هن کي اهڙو شرم پئي آيو، جو ڄڻ هو هن جهڙيون زائفون ڪونه هيون، پر ڪنهن مخالف جنس مان هيون. اهڙي ننهن جو خيال ايندي ئي هن کي باهه وٺي ويئي، پر هن فقط ايترو ئي چيو: ”نه نه، اها ڳالهه ڪوڙي هوندي.“
”ڪوڙي وري ڪيئن، منشي پاڻ ڏسي آيو. ويو هو نه کيس پئسا ڏيڻ.“ رئيس ڏاڍيان ڪڙڪي سان چيو.
وڏيريءَ کي ته اها ڳالهه سورهن آنا دل ۾ چڀي وئي، جو برابر منشي پئسا کڻي ويو هو، پر تڏهن به نڪاح واري ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻي ڳالهه گهربي هئي. سندس خاندان ۾ آخر ڪير ستو جتو هو. مڙسس شاهنواز خان، سهرس قيصر خان ۽ ان جي پيءُ سنجر خان جون ڳالهيون ڪنهن کان ڳجهيون هيون. ماڻيون ته برابر سوٽيون ۽ ماساتيون ئي هيائون، پر شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ڇا نه ڪيو هئائون. ذوالفقار علي به سندن ئي اولاد هو، جاءِ هميشه پيڙه تي ئي ويندي آهي. موڪلن ۾ ڳوٺ هوندو هو ته حويلي ۾ ڪم ڪار ڪندڙ جوان ٻانهين سان کيچل ڪا کانئس ڳجهي ڪانه هوندي هئي. اها ڳالهه اڻ ٿيڻي ڪانه هئي، جو هو شهر ۾ نڪاح پڙهڻ کان سواءِ ئي شادي وارا مزا وٺي سگهي. منشي برابر اکين سان ڏسي آيو هو، پر اکين ڏٺي ڳالهه تي به ويچار ڪرڻ لازمي هو. ان ڪري وڏيريءَ رئي جو پلئه مٿي تي ٺاهيندي، اکيون هيٺ ڪري چيو: ”نڪاح ڪونه ڪيو هوندائين، ائين مڙيئي.......“ زائفان ماڻهو وڌيڪ ڇا پئي چئي سگهي.
رئيس به وڏيريءَ جي مڙيئي کي سمجهي ويو، سو ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳو: ”ائين ٻئين ڪانه آهي. خود منشي سان پاڻ سڄي ڳالهه مڃي کيس ايلاز ڪيائين ته مون کي اها ڳالهه نه ٻڌائي، پر منهنجو منشي مون کان اهڙيون خون جهڙيون ڳالهيون لڪائيندو؟“ رئيس ٺهه پهه وڏيريءَ جي ٿوري گهڻي شڪ کي دور ڪندي چيو ۽ پوءِ ڏانهس ائين تڪڻ لڳو، ڄڻ کيس چوندو هجيم ائين ٻئين هجي ها ته ڪا ايڏي فڪر جي ڳالهه هئي؟“
وڏيري ڳالهه تي اعتبار ڪري سن ۾ پئجي وئي. ويچاريءَ کي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي جا مهڻا ياد اچڻ لڳا. هوءَ پريشان ٿي وئي ۽ مڙس ڏانهن ڪنڌ کڻي پڇيائين: ”پوءِ؟“
”پوءِ ڇا؟ بس ائين سمجهه ڄڻ ذوالفقار ڄائو ئي ڪونه هو.“
ٻاهر نوڪر چاڪر منشي احمد علي کي جهار وانگر وٺي ويا هئا. هرڪو ان راز جي معنيٰ ڳولڻ لاءِ بيچين هو، جنهن رئيس کي ڪچهري مان اٿي گهر ڀڄڻ تي مجبور ڪيو هو، پر منشي احمد علي ڪنهن کي ترين تيل لائڻ نه پئي ڏنو. هر ڪنهن کي پئي جواب ڏنائين: ”ٻڌائڻ جو امر ڪونهي، رئيس کان پاڻ پڇجو.“
ڪمدار بيگ محمد، جنهن کان رئيس تِر جيتري ڳالهه به ڪانه رکندو هو، تنهن کي منشي جي ٽيڳر تي ڏاڍي خار پئي آئي ۽ هن مهڻو ڏيندي کيس چيو: ”چڱو منشي تون نه ٻڌاءِ، باقي رئيس اچڻ سان ڳالهه ڪندو.“
انهن ئي ڳالهين ۾ هئا، جو رئيس موٽي آيو ۽ ٻاهر اڱڻ ۾ بيهڻ بدران ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويٺو. منشي ۽ ڪمدار بيگ محمد به سندس ڪڍ لڳا ويا. کٽ تي ويهندي ئي رئيس ڪمدار ڏانهن نهاريندي چيو: ”چڱو ٿيو ڪمدار جو تون آيو آهين، منشي جو احوال ٻڌءِ؟“
”نه سائين.“ ڪمدار منشيءَ ڏانهن وڏائي سان ڏسندي چيو، ڄڻ کيس چوندو هجي: ”ڏٺئي، تو اجايو پئي منهنجو مان وڃايو.“
”چڱو منشي، تون پيرائتو احوال ٻڌاءِ.“ رئيس منشي کي چيو.
منشي دستور موجب منڍ کان احوال شروع ڪيو ته ڪيئن هن سڄي رات گاڏيءَ ۾ اک به ڪونه ٻوٽي هئي، متان ڪو بشني چيلهه سان ٻڌل رقم ڇوڙي کيس ٺلهو نه ڪري وڃي. ڪيئن صبح جو هو ننڍي رئيس جي بنگلي تي پهتو ته کيس اڪيلو ڏسڻ بجاءِ هڪ منڊم صاحب کي به ڏٺو هئائين، جنهن جي هٿن تان اڃا مينديءَ جو رنگ به ڪونه لٿو هو. ڪيئن سندس پڇڻ تي ننڍي رئيس جو منهن ون ون ڪري ويو هو ۽ کيس ايلاز ڪيا هئائين ته اها ڳالهه ڪنهن کي نه ٻڌائي. ايتري ڳالهه ٻڌائي منشي احمد علي، ڪمدار ڏانهن داد طلب نگاهن سان ڏسندي چيو: ”ادا ڪمدار، ڏس ته هيءَ ڳالهه گندڙي جو ٽنگ ته ڪانه هئي، جو ليڙو ڏيانس ته بند ٿي وڃي. هتي ته ٻنڀ ڦاٽل هو، سو مان ڪيئن پئي لڪايو.“
ڪمدار بيگ محمد، جنهن ننڍي رئيس کي ڪلهن تي گهمايو هو ۽ جيڪو ننڍي رئيس کي ڏاڍو ڀائيندو هو، تنهن کي منشي جي ان تڪڙي ڳالهه تي خار آئي. هن کي جي اها ڳالهه ڪن پئي ها ته شايد ان تي ڪک به رکي ها، پر رئيس جي سامهون هو منشي کي ڇا پئي چئي سگهيو؟ هن فقط ايترو ئي چيو: ”ها ادا منشي، بابي سان ڪهڙا ڪوڙ.“
رئيس جنهن کي اهي ڊگهيون ڳالهيون نه پئي وڻيون، تنهن منشي کان پڇيو: ”تو ذوالفقار کي اهو ڪونه چيو ته مون کي اها ڳالهه ڪانه وڻندي.“
”سائين مان ڇا چوانس، پاڻ کي نه پئي سجهيس.“ منشيءَ جواب ڏنو.
رئيس ماٺ ڪري سوچ ۾ پئجي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڪمدار بيگ محمد منشيءَ کي چيو، حقيقت ۾ هن ڳالهه رئيس جي ڪن تي هڻڻ پئي گهري. ”ادا منشي، ننڍڙو رئيس به سياڻو آهي، جي هٿ هنيو هوندائين ته ڏسي وائيسي ڪنهن خاندان گهراڻي ۾.“ ائين چئي ڪمدار رئيس ڏانهن نهاريو، جنهن کي اهو گفتو نه ڏڻيو. نرڙ تي گهنج وجهي، هن رهڙ ڏيندي ڪمدار کي چيو: ”ڪهڙا خانداني آهن وڏن شهرن وارا ڪمدار، تون هروڀرو ذوالفقار جي ڀر وٺندو آهين. هاڻي تنهنجي خير خواهي اها آهي جو تون صلاح ٿو ڏئين ته کيس ان ڳالهه تي ڪجهه به نه چئجي.“
”سائين، ڀلا هاڻي هٿن وڍي ڳالهه، ڇا ڪري سگهبو؟“
”اڙي، ته تنهنجي مرضي آهي ته ان ڇوڪريءَ کي گهر ۾ آڻيان، جنهن کي چادري ته ڇا پر رئو پوتي به مٿي تي ڪونهي.“ رئيس جون اکيون ٽانڊاڻي وانگر الا ڇڏڻ لڳيون.
ڪمدار دٻ کائي ماٺ ٿي ويو، پر رمز سهي ڪري ويو ته جي هن هڪ اکر به ننڍي رئيس جي ڀر ڳالهايو ته پوءِ عزت جو خير ڪونهي. هونئن به هي معاملو وڌيڪ ڳالهائڻ کان چڙهي ويو هو. هو رئيس کي اها صلاح ڪونه ڏئي ها ته ان حويلي ۾، جتي نر پکيءَ جو به حڪم ڪونه هو، هڪ اهڙي ڇوڪريءَ کي آڻي جا منهن اگهاڙي هئي. هو چپ ڪيو ويٺو هو. جهٽ پلڪ کان پوءِ رئيس ٿڌو ٿيو ته وري به پاڻ اهو گفتو ڪيائين: ”ڪمدار، هاڻي صلاح ڪر ته ڇا ڪيون؟ رستم خان جو پنهنجي ڌيءُ کي گار ڏني آهي، ان جو ڇا ٿيندو؟“
ڪمدار رئيس جي سوال پڇڻ سان سهي ڪري ويو ته رئيس کي گار جو ته فڪر کڻي هو، پر گهڻي ڳڻتي ان ملڪيت جي هئس، جنهن جي وارث رستم خان جي نياڻي هئي ۽ جنهن ڪري ئي هن پنهنجي پٽ جو مڱڻو، گهر ۾ ڀائيٽيءَ هوندي به رستم خان جي نياڻيءَ سان ڪيو هو. ڪمدار رئيس جي ڳڻتي لاهڻ لاءِ چيو: ”سائين، ان جو فڪر نه ڪريو. اها ٿوري ڇڏيندو.“
پر رئيس کي ان ڄٽڪي عقل تي ڏاڍي خار آئي. هن ڪرڙيون اکيون کڻي ڪمدار کي چيو: ”اڙي ڪيئن ڪري سگهندو ٻي شادي، اها پڙهيل ڳڙهيل کيس صحيح ڏيندي؟ وجهائيندي سڀني کي ڪاٺ ۾.“
ڪمدار بيگ محمد جواب ٻڌي چپ ڪري ويو. رئيس جي ڳالهه پوري هئي. حڪومت ٻي شادي تي بندش وڌي هئي. ڪمدار ويچاري ڄٽڪي عقل موجب هڪ صلاح ڪڍي ڦهڪائي هئي ۽ جا ثاب نه پئي هئي. زمين جي ڪس پڪائي، فصلن جون ڪٿون، ڪاٽڪاڻا فيصلا هجن ها ته هو اهڙي صلاح ڏئي ها، جيئن منڊي تي ٽِڪ، پر هتي ته معاملو کانئس چڙهيل هو. هو عقل جون ڊوڙون هلائي هلائي ٿڪو هو، سو ماٺ ڪري رئيس ڏانهن ائين تڪڻ لڳو، جيئن کيس چوندو هجي: ”سائين، اسان جون ڄٽڪون صلاحون ڪهڙيون بيهنديون. تون ئي پنهنجي وڏي مغز کان ڪم وٺي ڪا صلاح ڪڍ.“
رئيس جيڪو يڪو سوچ ۾ پئجي ويو هو، سو منشي ۽ ڪمدار کي ماٺ ۾ ڏسي سمجهي ويو ته سندس فيصلي جي انتظار ۾ هئا. هن بنا دير جي ڪمدار کي چيو: ”ڪمدار، تون ذوالفقار ڏي وڃ ۽ کيس چئو ته شرا جا ٽي ڀتر ڏئي هڪدم هيڏي هليو اچي. ٻي صورت ۾ اسان ائين سمجهنداسين ته هو اسان لاءِ مري ويو.“
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪمدار بيگ محمد واپس آيو ته حوالن وٺڻ کان اڳ ئي سندس منهن جي رونق مان ظاهر هو ته کيس ڪهڙو جواب پلئه پيو هو. هن اشراف به بنا لڪ لڪاءَ جي مختصر لفظن ۾ کولي ٻڌايو: ”سائين، ننڍي رئيس جواب ڏنو ته: ”ونين تان سر جون سٽون ڏبيون آهن، کين ڇڏي نه ڏبو آهي.“ وڌيڪ هن خط به لکيو اٿو.“ ائين چئي ڪمدار صدريءَ جي اندرين کيسي مان لفافو ڪڍي، رئيس کي ڏنو، جنهن ۾ لکيل هو:
”بعد پيرن چمڻ جي عرض ته ڪمدار اوهان جو نياپو ڏنو. جيڪڏهن اوهان حڪم ڏيو ها ته پاڻ کي ماري ڇڏيان، ته اها منهنجي لاءِ ڏکي ڳالهه ڪانه هئي. پارس منهنجي حياتي آهي، ان کان سواءِ جيئڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. زياده حد ادب.“
اوهان جي خاڪپاءِ
ذوالفقار
رئيس خط پڙهي خار ۾ ڳارهو ٿي ويو ۽ خط کي چيهاڙون ڪري اڇلي ڇڏيائين. ٿوري دير کان پوءِ اندر حويلي ڏانهن ويو ته گهر واري کي چيائين: ”ٻڌءِ ذوالفقار جو جواب؟“
”ڇا ٿو چئي؟“
”چئي ٿو ته پارس کي ڪونه ڇڏيندس، جيستائين سريءَ ۾ ساه آهي.“
”پارس ڇا؟“ وڏيري نه سمجهي سگهي.
”پارس آهي ننهڻين جو نالو.“
وڏيري ننهن جو نالو ٻڌي عجب ۾ پئجي وئي. سندس خاندان ۾ پهريون سنڌي سلي ۾ نالا هئا. هدايت خاتون، فاطمه، حاجران ۽ جنت پارا جي گذاري ويل وڏڙين، ڪراڙين، نانين ماسين جا ڦيرائي آسيس طور ڄمندڙ ڇوڪرين تي رکبا هئا. ان کان پوءِ ٿوري ترقي مثال طور: زبيده، زيب النساءِ، پر ههڙو نالو نه هنن ڪڏهن ٻڌو هو نه رکيو هو. وڏيريءَ کي پڪ پئجي وئي ته سندس پٽ ڪنهن واڻياڻيءَ سان نڪاح ڪيو آهي. ان ڪري هن گهٻرائجي رئيس کان پڇيو: ”ماريئي، ڪنهن واڻياڻي سان شادي ڪئي آهي ڇا؟“
رئيس کي ته پارس جي معنيٰ جي خبر هئي، جو هن ٻڌو هو ته پارس پاهڻ ڏورانهين جبلن ۾ ڪن ڀاڳ وارن کي ملندو آهي، جنهن جو تاثير اهڙو ٿيندو آهي، جو ڪنهن لوه کي گسائجي ته اهو به سون ٿي پوندو. هو ڪڻڪ جي گوئدن ۾ آيل ڪونجن کي ماريندو هو ته انهن جون گجيون پاڻ کولي هڪ هڪ پٿر جي ذري کي آزمائيندو هو، جو هن ٻڌو هو ته فلاڻي ڪن فلاڻي زميندار کي ڪونج جي گجيءَ مان پارس هٿ آيو هو. رئيس کي پارس نالي ٻڌڻ سان ڪو گهڻو عجب ڪونه لڳو هو، جو هن کان به اور نالا ٻڌا هئا، پر جيئن ته هن کي ذوالفقار تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، ان ڪري هن وڏيريءَ کي برغلائڻ پئي گهريو. هن فقط ايترو جواب ڏنو: ”ٻيو نه ته پنج وقت نمازڻ سان شادي ڪئي اٿئين؟“
وڏيري اهو جواب ٻڌي سوچ ۾ پئجي وئي. منٽ کن کان پوءِ پڇيائين: ”هاڻي ڇا ٿيندو؟“
”ٿيندو وري ڇا؟ مان سڀاڻ ئي وڃي ٿو سڄي ملڪيت انور علي جي نالي داخل ڪرايان. باقي رهيو رستم خان، ان ڏي تون ۽ مان ڳچي ۾ ڪپڙو پائي هلي معافي وٺنداسون.“ رئيس ٺهه پهه جواب ڏنو.
وڏيريءَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. انور علي به برابر سندس پيٽ ڄائو هو، پر تنهن هوندي به ذوالفقار علي سندس پهريتي پٽ جي ڪٿي پئي جاءِ ڀري سگهيو. برابر ٻئي سندس اکين جو نور هئا، جي ذوالفقار سڄي اک ته انور کٻي اک ۽ انور سڄي اک ته ذوالفقار کٻي اک، پر هڪ اک جي سونهن ٻئي اک سان ئي آهي. وڏيريءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ هن روئڻهارڪو ٿي چيو: ”خدا خدا ڪر، ائين ڪيئن ڪندين؟“
رئيس جنهن کي پنهنجي پٽ تي ڏاڍي خار هئي، تنهن گهر واريءَ کي رهڙ ڏئي جواب ڏنو: ”خدا جو قسم، هتي هجي ها ته گولي هڻانس ها. مان اها ڳالهه ڪيئن سهندس ته ابن ڏاڏن جي گڏ ڪيل ملڪيت ۾ سڀاڻ منڊم جو پٽ حصيدار ٿئي؟ اهو به الائي ڪنهن جو؟ ڪو سڄو ڏينهن ذوالفقار زال تي پهرو ڏيندو؟“
وڏيريءَ ان وقت ته ڪجهه ڪونه ڪڇيو، پر رئيس سمهي رهيو ته هڪ ٻانهيءَ کي گهرائي سمجهايائين ته وڃي ڪمدار بيگ محمد کي چئي ته جي سڄي عمر جو نيمڪ هڪ گهڙيءَ ۾ ملهائڻو هجيس ته ڪيئن به ڪري رئيس کي ان انڌ جي گهوڙيءَ تان لاهي. ٻئي ڏينهن صبوح جو رئيس پنهنجي ڪاغذن جون دستيون کڻائي، تعلقي ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪتو ته ڪمدار بيگ محمد کيس جيپ ۾ ويهڻ وقت هٿ ٻڌي چيو: ”سائين، جوانيءَ ۾ گهوڙا ۽ پٽ ارڏا ئي سونهندا آهن. گهوڙن جي ارڏائي وڃائي راه تي آڻڻ سوارن جو ڪم آهي ۽ پٽ کي ڳراٽڙي پائي ٿڌي سيني سان سمجهائڻ پيءُ جو ڪم آهي.“
”ڪهڙو مطلب آ تنهنجو؟“ رئيس منهن ۾ گهنڊ وجهي چيو.
”قربان ٿيانءِ، منهنجو مطلب آهي ته هڪوار پاڻ کيس ٿڌي سيني سمجهايوس، جي نه سمجهي ته پوءِ هوءَ گوءِ، هو ميدان. کاتو به ڀڳو نٿو وڃي پوءِ به ڦيرائي سگهبو.“
رئيس جيستائين سوچي جواب ڏي، تيستائين ڪمدار ٽِپ ڏئي جيپ جي پوئين سيٽ تي ويهي رهيو ۽ رڙ ڪري منشي کي چيائين: ”منشي! هي ڪاغذن جون دستيون هٿيڪيون ڪري اندر موڪل. رئيس ۽ مان ننڍي رئيس ڏي هڪ هڪاڻي لاءِ ٿا وڃون.“
رئيس شاهنواز ”پارس ڪوٽ“ جي ڪمپائونڊ اندر قدم رکيو ته سندس مٿو ئي چرخ ٿي ويو. حالانڪ هن اها جاءِ اونهاري جي سک لاءِ پاڻ خريد ڪئي هئي، پر هينئر اندر نئين ڊزائين جي رکيل گل ٻوٽن، وڏي لان، ڪوٺي جي نئين رنگ روغن ۽ ان جي مٿان ڪارن اکرن ۾ لکيل نالي ”پارس“ سڄو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو هو. ڪمدار بيگ محمد جو هي سڀ ڪجهه اڳ ۾ ڏسي ويو هو، تنهن رئيس کي ٺارڻ لاءِ چيو: ”سائين، جاءِ هميشه وسونءَ گهرندي آهي. هينئر ڏسو، ڪيڏا نه قمام ٿي يا آهن.“
رئيس کي دل ۾ ته اهي قمام ڏاڍا وڻيا، پر ڪمدار کي ڪو جواب نه ڏنائين. انٽرنس گيٽ تي پهچي هن بٽڻ دٻايو ۽ جنهن دروازو کوليو، سو ذوالفقار ئي هو. پيءُ جي رعبدار چهري ۽ ٽانڊاڻن جهڙين اکين کي ڏسي هن جا تاڪ نڪري ويا، پر هن پاڻ سنڀالي پيرن تي هٿ رکي سندس آجيان ڪئي ۽ اچي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو. رئيس ڀت تي ٽنگيل وڏين وڏين تصويرن ۽ فرش تي وڇايل غاليچن کي ڏسندي ذوالفقار کي چيو: ”ذوالفقار، مان تنهنجا هي ٺٺ ڏسڻ ڪونه آيو آهيان، پر تو سان آخري دفعو ڳالهائڻو اٿم.“
ذوالفقار پيءُ جي رعبدار منهن ڏانهن نهاري ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو. هن جواب ڏيڻ چاهيو، پر کانئس هڪ اکر به ڪونه اڪليو. وري به رئيس چيو: ”جوڻي کي سمجهاءِ ته مون سان ملڻ نه اچي، نه ته ٽڪو ملهه ڪندوسانس. بهتر ته ائين ٿيندو ته کيس چؤ ته ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ پيڪين هلي وڃي، جو متان مان تکو مٺو ڳالهايان.“
ذوالفقار دل جهلي جواب ڏنو: ”اوهان بابا بلاشڪ کلي ڳالهايو، هوءَ صبوح کان پيڪين وئي آهي.“
ننهن جي غير حاضري ٻڌي رئيس جي پهريون دل ته ٿي ته جيڪر پٽ کي چئي: ”پيڪين وئي آهي يا ٻي پاسي؟“ پر پوءِ هن سوچيو ته ننگ ڀولن کي به پيارا آهن، هتي ته سندس اڳيان ذوالفقار هو. ان ڪري هن فقط ايترو ئي چيو: ”چڱو ٿيو جو منهنجين اکين ئي ڪانه ڏٺي.“
ٿوري دير چپ ٿي وئي. رئيس سوچڻ لڳو ته مطلب واري ڳالهه کي ڪهڙي نموني شروع ڪري ۽ ڪٿان شروع ڪري؟ پر جڏهن رئيس کي خيال آيو ته اڳلو سندس پٽ ئي ته هو، جنهن سان ڪنهن تمهيد جي ضرورت ڪانه هئي، تڏهن هن کي جلالي اچي وئي، ”اڙي ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿئي؟“
”مان ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو سگهان، بابا!“
”نيٺ ڪجهه ته بَڪ.“
”مان پارس کي ڪونه ڇڏيندس.“
”پوءِ ان جي نتيجي جي خبر اٿئي؟“ رئيس خارن مان پڇيو.
”ها، ڪمدار ٻڌايو.“
”نه، توکي پوري خبر ڪانهي. توکي مان ملڪيت مان ٽڪو به ڪونه ڏيندس. هي بنگلو به منهنجو آهي، اهو به خالي ڪرڻو پوندءِ.“ رئيس کولي ٻڌايو.
”جيئن حڪم ڪندؤ، تيئن ڪندس.“
رئيس ڪجهه چوڻ ۾ هو ته ايتري ۾ بيري اچي ذوالفقار کي ٻڌايو ته ڪليڪٽر صاحب کيس فون تي سڏي رهيو هو. ڪليڪٽر جو نالو ٻڌندي ئي رئيس جو ٽنگ تي ٽنگ چاڙهيون ويٺو هو، سو کڙو ٿي ويهي رهيو. رئيس بنيادي زميندار ۽ وڏي حيثيت وارو هو. ضلعي جي مختيارڪار ۽ ڊپٽين سان سندس يارويسي هوندي هئي، پر ڪليڪٽر هميشه اگرا هوندا هئا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائي، پوءِ باريابي جو حڪم ڏيندا هئا ۽ وري ٻن منٽن ۾ ٺشڪائي ڇڏيندا هئا. پڳ ٻڌڻ کان پوءِ رئيس جو گهڻن ئي ڪليڪٽرن سان واسطو پيو هو. ڪيترن جا نالا به کيس ياد هئا. هڪڙو ٽاٽن هو، ٻيو سليدو هو، ٽئين جو نالو هيليفاڪس هو ۽ وري هوٿ هو، جنهن کي سڀ ڀوت سڏيندا هئا. پوءِ ٻه ٽي ديسي به آيا هئا، پر سڀ ڄڻ هڪ ئي سريگر جي هڪ ئي قالب جا نڪتل هئا. سڀني کي اها ئي رکائي، اها ئي وڏائي هئي. کين ان رکائي ۽ وڏائي ڪرڻ جو سبب به هو. ڪنهن زميندار کي منٽن ۾ وڏو زميندار يا فقير به ڪري سگهندا هئا. حڪومت جو سندن لکيو مڃيندي هئي ته هرڪو کانئن ڪنبندو هو. ابتو ڪن يا سبتو ڪن، سندن ڪٺي حلال هئي ۽ سندن ڪاتي کي مڻيو هو. رئيس وڏو، پٽ کي هڪ اهڙي ڪليڪٽر سان فون تي ڳالهائڻ لاءِ ويندو ڏسي دل ۾ گهڻو خوش ٿيو. هڪ اهڙي ڪليڪٽر کيس روبرو گهرائڻ بدران فون تي پئي ساڻس ڳالهايو. رئيس سمجهي ويو ته اهو ڦل فقط ان ڪري مليو هو، جو سندس پٽ اعليٰ تعليم يافته هو. پر جي هو پڙهيل نه هجي ها، ته هو به صاحب سان ٻه منٽ ملڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪري ها ۽ پوءِ مس مس کيس باريابي جو حڪم ملي ها.
ذوالفقار علي ڪليڪٽر صاحب سان فون تي ڳالهائي موٽي آيو ته رئيس کانئس پڇيو: ”ڪهڙي ڪليڪٽر جو فون هو؟“ رئيس جي پڇڻ جو مطلب هو ته نالو معلوم ڪري وڃي ڳوٺ ۾ هلائي ته فلاڻي ڪن فلاڻي ڪليڪٽر سان سندس پٽ جي دوستي آهي. اوسي پاسي جي زميندارن ۾ وڏو اثر پئي ها.
”پارس جي پيءُ جو.“ ذوالفقار ته جواب ڏئي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو، پر رئيس جي زبان سو تارونءَ سان چنبڙي وئي. هن جون اکيون ڦوٽارجي ويون. هن غور سان ذوالفقار ڏانهن ڏٺو، جنهن جو سهرو ڪليڪٽر هو ۽ جيڪو سندس اڳيان ڪنڌ جهڪائي، هٿ ٻڌيو ادب سان ويٺو هو.
ايتري ۾ رئيس جي پويان ڪنهن زناني کڙيءَ جي ڪٽ ڪٽ جو آواز آيو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪ بنا برقعي، بنا پوتي رئي، وارن ڪٽيل سهڻي ڇوڪري بيٺي هئي. هن وري ذوالفقار ڏانهن ڏٺو، جو اهو مذڪور ڏسي گهٻرائجي ويو هو. رئيس شاهنواز خان سمجهي ويو ته اها ڇوڪري ٻي ڪا نه، پر سندس ننهن پارس هئي. هو ٽپ ڏئي اٿي کڙو ٿيو ۽ کيسي مان پنجن پنجن سون جا ٻه نوٽ ڪڍي پارس جي هٿ تي ائين رکيائين، جيئن هو پنهنجي ضلع آفيسرن جي ٻارن کي خرچيون ڏيندو هو ۽ پوءِ پارس جي مٿي کي چمندي چيائين: ”پٽ، مون کي هن قصي جي خبر ڪانه هئي، نه ته ائين هٿين خالي نه اچان ها.“
پارس نئين ڪنوار وانگر شرمائي ننهن کي ڏندن سان ڪترڻ لڳي ته رئيس آئيندي ڏانهن ڊگهي نظر ڪري وري چيو: ”پٽ، بيشڪ تون پارس آهين؟“
پارس ساڙهيءَ جي پلئه کي انداز سان هر هر ڪلهي تي ٺاهيندي، لڏندي لمندي سهري لاءِ چانهن جو انتظام ڪرڻ وئي ته رئيس ذوالفقار ڏانهن پيار ۽ محبت سان نهاريندي چيو: ”پٽ، مون کي اڄ ئي ڪليڪٽر صاحب سان ملائجانءِ.“
پوءِ جڏهن رئيس ۽ ڪمدار واپس ڳوٺ لاءِ اسهيا، تڏهن ڪمدار بيگ محمد جنهن سمورو عرصو سرونٽ ڪوارٽر ۾ گذاريو هو ۽ جنهن کي ان سڄي قصي جي خبر ڪانه پئي هئي، تنهن رئيس کان پڇيو: ”ڇا ٿيو سائين؟“
پر رئيس ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏئي، رهندو ڪمدار کان پڇيو: ”خبر اٿئي ڪمدار ته منهنجو سيڻ ڪير آ؟“
”نه سائين، مون کي ڪهڙي خبر!“
”هتان جو ڪليڪٽر نياز محمد سي.ايس.پي.“
جيستائين ڪمدار بيگ محمد سي.ايس.پي لفظ کي سمجهي، پوءِ ڪو اظهار ڪري ته رئيس وري چيو: ”سندس بدلي جو حڪم نڪتو آهي. گهڻو ڪري ٻن ٽن مهينن ۾ پنهنجي ضلعي جي چارج وٺندو.“