ڪھاڻيون

نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪتاب ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ سندس ڪهاڻين جي ٽن مشهور ڪتابن شبنم شبنم ڪنول ڪنول، چوٽيهون در ۽ ڊمي جو گڏيل مجموعو آهي.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 10024
  • 2116
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ننگر

پير سائين مراقبي مان اٿيو، پنهنجي ڪپهه جهڙي سفيد ڏاڙهي کي خلال ڪندي، خليفي وڏي کي سڏ ڪيائين: ”ٻانها! او ٻانها!“
سڏ سان خليفو ڊڪندو آيو. ادب سان جهڪي پڇيائين: ”قربان ٿيان، حڪم؟“
”ابا، ننگر جو ڪهڙو بلو ڪيو اٿئي؟“
”قبلا سڀ ڪجهه ڪيو اٿم، جيڪي پڇو“ – ٻانهي فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي چيو. ”وڏيري واري موڪليل ڦنڊر جو ڇا ڪيئي؟“
”ڪاسائي کي ڏئي ڇڏيم. هن اڄ ڪهي به ڇڏي هوندي.“ ٻانهو ڀڻڪيو.
”گهڻو ڪيائين؟“
”ڏهن گهٽ ٻه سؤ.“ ٻانهي وراڻيو.
”ٻي ننگر لاءِ ڦنڊر گهڻي ورتئي؟“
”ڇڙي چاليهن. باقي پئسا حويليءَ ڏي موڪليا اٿم.“
”چڱو ڪيئي.“ پير خوشيءَ ۾ ٻهڪندي چيو.
بانهي جون واڇون به پير صاحب کي خوشيءَ ۾ ڏسي ٽڙي ويون. ٿوري ويرم بعد پير سائين وري چيو:
”ابا، چاليهن ۾ ته ڪراڙي ملي هوندءِ.“
”اهڙي ڪراڙي ته نه هئي، پر ٿورڙو بيمار هئي. پر قبلا ديڳ ۾ پوڻ کان پوءِ ڪير ٿو سڃاڻي ته وڏيري واري وڇ آهي يا ڪا ٻي ڦنڊر. رڍون سڀيئي ٻوٿ ڪاريون.“ ٻانهي جواب ڏنو.
”مرچ مصالحا جام وجهندينس ته ڪنهن کي لکائي ڪانه پوندي. پر ابا، منهنجي لاءِ ڇيلي جو گوشت گهرائج.“ پير سائينءَ کي پنهنجو فڪر لڳو.
”قبلا، اهڙو ڄٽ ته نه سمجهه. آخر تو جهڙن اميرن جا هٿ ڌورايا اٿم، ايترو به نه سمجهندم. توهان جي لاءِ اٿندي سان ئي ڇيلي جو گوشت گهرايو آهي، اندر تيار پيو اٿئي.“
”آهين ته سياڻو پر ٻيلي متان به…… چڱو ابا هاڻي تون ڀل وڃ. جڏهن ماني تيار ٿئي، تڏهن اچج. تيسين مان به اشراق پڙهي وٺان.“ ٻانهو هليو ويو.
گادي نشين ته گهڻا، پر پير رضا سائين ڪونه سڏائي. ڪا ماءُ اهڙو ٻچو نه ڄڻيندي. سدائين لوڙهي ۾ رهندو هو. صوم صلواة جو پابند. علم فقهه، علم حديث جو گوهر. مجال جو ڪو عالم هن جيان ڪو شرعي فيصلو ڪري. زهد ۽ تقويٰ ۾ ته پنهنجي ڏاڏي سائين حضرت پير تقي شاه کان ئي گوءِ کڻي ويو هو. سندس ڏاڏي جا مريد ئي کيس مڃيندا هئا. وڏيرو ڪرم ڏنو، جو ڏاڏهنس جو خاص مريد هو، سو ئي چوندو هو ته: ”تقي شاه به تقي شاه هو، پر هن سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي. هن سان خدا جو ڪو ٻيو قرب آهي.“ واقعي وڏيري واري ڳالهه سچي هئي. هن پير صاحب وٽ وري هڪ ٻي مڻ هئي. ماڻهو سندس ڪرامتون ٻڌائي ٿڪبا ڪين هئا. خليفي ٻانهي سان جو رنگ ڪيائين، سو ڪنهن کان لڪل ڪين هو. خليفو ڪڏهن پاڻ اکين ۾ آب آڻي چوندو هو: ”ادا مون ۾ پنج ئي شرعي عيب هئا، پر اهو سڀ ڪجهه خدا ڇڏايو. هڪ ڏينهن جان درگاه ۾ ننگر کائڻ آيس ته پير سائين جن جي مون گنهگار تي نظر پئجي وئي. مشڪل ڪشا جو قسم، سندن اکين ۾ اهڙو ته نوراني جلال هو، جو مان ان وقت ئي سڀني گناهن کان توبهه تائب ٿيس.“
خير، سندس گنهگار هجڻ يا نه هجڻ جي ته ڪنهن کي خبر ڪانه هئي، جو هو پري ويٺل هو. البته ايتري سڌ هر ڪنهن کي هئي ته ٻانهو هاڻي پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو. تنهن ڪري هر ڪنهن کي سندس ڳالهه تي اعتبار اچي ويو هو. تنهن بعد پير صاحب جي ٻي ڪرامت، جا ٻانهي حج تان موٽڻ بعد ڪن خاص ماڻهن کي ٻڌائي هئي، سا ته ملڪان ملڪ پکڙجي وئي هئي. هر ڪنهن کي اعتبار اچي ويو هو. اها ڳالهه هيئن هئي ته پير صاحب ٻانهي تي قرب ڪري، کيس پنهنجي خرچ تي حج لاءِ موڪليو هو. ٻانهي جي وات جي ڳالهه ته جڏهن هو بيت الله جي زيارت لاءِ ويو ته ڏسي ته پير رضا سائين اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. ٻانهو اچرج ۾ پئجي ويو ته ”پير صاحب کي ته مان پوئتي ڇڏي آيس، هن جو ڪو حج تي اچڻ جو خيال به ڪونه هو. پر هيءَ ڳالهه ڪيئن؟“ پر جيئن ٻانهو پير صاحب ڏانهن پيرين پوڻ لاءِ وڌيو ته ڏسي ته ڪاري وارا ڪک – ڪوئي ڪونه هو. اهڙي نموني سان وري کيس عرفات جي ميدان تي ڏٺائين، پر جان جو ٻانهو ڏانهس وڌيو ته وري گم. پوءِ ٻانهو سمجهي ويو ۽ شڪرانه جا سجدا ڪيائين جو کين اهڙو ڪامل مرشد نصيب ٿيو هو. پر پير صاحب کي جڏهن اها خبر پئي ته ٻانهي سندس روحاني حج جي ڳالهه پڌري ڪئي آهي ته ڏاڍو ڪاوڙيا ۽ ٻه ٽي ڏينهن حجري مان ٻاهر ئي ڪونه نڪتا. بقول ٻانهو ٻه ٽي ويلا ماني به ڪونه کاڌي هئائون. ان ڳالهه کان پوءِ پير سائين ٻانهي جو رتبو وڌيو ۽ هو هاڻي ”خليفي وڏي“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. مريدن جي تحفن ۽ نذرانن ۾ به اضافو ٿيندو ويو، پر پير صاحب پنهنجو نيم نه مٽيو. هو پنهنجي درويش طبع ڪري اهي نذرانا مشڪل سان ئي قبول ڪندا هئا. پر ٻانهو ائين ڪنهن مريد کي مايوس ٿيڻ نه ڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪامل مرشد جي خدمت ۾ هٿ ٻڌي عرض ڪندو هو: ”مرشد، هنن جون دليون نه رنجايو، بسم الله ڪري قبول ڪيو.“ ۽ پوءِ لاچار پير صاحب جن ٻانهي کي حڪم ڏيندا هئا ته اهي نذراني جون رقمون ننگر جي پيتيءَ ۾ وجهي، پر ان مان هڪ پائي به ذاتي استعمال لاءِ ڪم نه آڻي، جو اهو حرام آهي.
پير نماز پڙهي تسبيه پڙهڻ ۾ مشغول هو ته خليفو وڏو داخل ٿيو. کيس ڏسي پير تسبيح مصلي تي رکي.
”ابا هلون!“ پير کانئس پڇيو.
”هائو قبلا، ماني تيار آهي، ماڻهو به اوهان جو انتظار پيا ڪن.“
پير سائين حجره عام ڏي رخ ڪيو. خلق کيس ڏسي اٿي کڙي ٿي. گهڻا ڏانهس وڌيا ۽ سندس قدم چمڻ لڳا. پير هر هڪ کي مرحبا ڪرڻ لڳو. مس مس اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. پير ٻانهي ڏي ڪنڌ ڦيرائي کيس چيو:
”خليفا، وضو ساري ماني ديڳن مان ڪڍ.“
خليفو هليو ويو. ماني هر هڪ اڳيان رکجي وئي. پير ۽ سندس ننڍڙي نينگر جي اڳيان به ٻه ڍاڪون رکيائون.
پير سڀني کي بسم الله ڪرڻ لاءِ چيو. ماڻهو ماني کائڻ ۾ شروع ٿي ويا. جلدي ئي اوڪارن جو آواز آيو. پير ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو ته ٻن ماڻهن الٽي پئي ڪئي.
پير منهن تي ٿوري مرڪ آڻي ڏاڍيان کين چيو:
”ابا آهستي آهستي چٻاڙي کائو.“
”قبلا، دل ڪچي ٿي ٿئي. ڦنڊر شايد ڪراڙي هئي.“ انهن مان هڪڙي چيو.
”واه ابا واه، کائڻ اچي ڪونه ۽ ڏوه ڦنڊر تي. اسان به ته اهو ڪجهه ٿا کائون، جيڪو توهان کي مليو آهي. اسان جي اڳيان ڪو ڇيلو ته ڪونهي.“ پير صاحب ترشي سان چيو. پير جي اٺ ساله نينگر اهو ٻڌي ڪنڌ مٿي کنيو. پير سائين جي هٿ ۾ کنيل گره، جنهن ۾ ڇيلي جي بڪي هئي، کي ڏسي سوچيندو رهيو ته اها بڪي ڪاٿون آئي؟ ڇو ته خليفي وڏي سندس منهن تي ڦنڊر جا جيرا ۽ بڪيون سڄي پوڻ ڪري اڇلي ڇڏيون هيون. هن چاهيو ته جيڪر پنهنجي پيءُ کان ان مسئلي بابت پڇي، مگر پنهنجي پيءُ جي منهن تي هڪ نوراني جلال ڏسي کيس اهڙي سوال پڇڻ جي همت ڪانه ٿي.