ڪھاڻيون

نسيم کرل جون ڪھاڻيون

ڪتاب ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ سندس ڪهاڻين جي ٽن مشهور ڪتابن شبنم شبنم ڪنول ڪنول، چوٽيهون در ۽ ڊمي جو گڏيل مجموعو آهي.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 10024
  • 2116
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم کرل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نسيم کرل جون ڪھاڻيون

دار الفلاح

صبوح جو ساجهر، جڏهن سڀ اڃا سمهيا پيا هئا، تڏهن هوءَ گهر مان نڪتي هئي ۽ ڪورٽ کي گذارش ڪئي هئائين ته هو يتيم ۽ لاوارث آهي، کيس دارالفلاح ۾ امان ڏني وڃي. ماجسٽريٽ کانئس دستوري بيان وٺي دارالفلاح اماڻيو هو.
ست مهينا اڳ جڏهن اڃا کيس سامائي مهينو ڏيڍ ٿيو هو ۽ هڪ اهڙي انب جيان هئي، جو پيلاڻ باوجود ڪچو هوندو آهي ۽ ذائقي ۾ کٽڙو هوندو آهي، سندس ماءُ هڪ وڏو جشن ڪيو هو. ڪوٺي جي هيٺان پڌر ۾ وڏو شاميانو هڻايو هئائين، جنهن ۾ قالين ۽ چاندنيون وڇائجي ويون هيون، برادريءَ جون سڀ چونڊ چونڊ ڳائڻيون ڪوٺيون هئائين، جن سڄي رات مجرو ڪيو هو. وڏي اسر مهل کيس هڪ سيٺ جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن سندس جوڀن جي قيمت پنج هزار روپيا ڏني هئي. سيٺ کي وٽس برابر پندرهن ڏينهن رهڻو هو، پر هن پهرين رات جي ئي بچت، ٽن چئن ڪلاڪن ۾ کيس اهڙي طرح ڇيڇاڙيو هو، جو سندس ڪاري رنگ جي ڪاراڻ هن جي سون جهڙي رنگ ۾ ملي هن جي ڳلن ۽ سيني تي ڪارا ڪارا دٻڪ ڇڏي وئي هئي ۽ ڪا مهل کيس داغيل انب جيان ڪري ڇڏيو هئائين. پوءِ کڻي ٿوري دير بعد جوانيءَ جي رت انهن ڪارن ڪارن دٻڪن کي پنهنجي تيز وهڪري ۾ گم ڪري ڇڏيو هو، پر ته به ماڻس کي اها ڳالهه ڪانه وڻي هئي ۽ سيٺ کي پنهنجي منهن ڇنڊ ڪڍي هئائين. عام حالتون هجن ها ته ماڻس کي هرو ڀرو ايتري تڪڙ ڪرڻ جو ڪو ضرور ڪونه هو. هن کي مس مس سِڪي سِڪي اها ڌيءُ ڄائي هئي ۽ کيس پنهنجي ڪراڙپ جو توشو سمجهي وڏي ناز انداز سان پاليو هئائين. هوءَ پنهنجي گل جهڙي نازڪ ۽ سهڻي ڌيءَ ڪنهن جي حوالي ڪرڻ کان اڳ ڏهه ڀيرا سوچي ها ۽ خريدار کي روڪ روپئي وانگر وڄائي وڄائي پوءِ ئي ماڻڻ ڏئي ها، پر ان حالت ۾ کيس وڌيڪ ترسڻو ڪونه هو. هن کي حڪومت جي ان بندش واري قانون جي خبر پئجي وئي هئي، جنهن جون ڪاروايون مولوين جي فتوائن سان گڏ اخبارن ۾ اينديون هيون ۽ جن سڄي برادريءَ ۾ چوٻول وجهي ڇڏيو هو. منڍ ۾ ته هن ان قانون جي ڪا خاص پرواه ڪونه ڪڍي هئي. رڳو ڊني ڀؤ کان ايترو ڪيو هئائين جو ٽائيپ واري کان پندرهن ويهه درخواستون ڪڍرائي مٿي موڪلي ڇڏيون هئائين. پهرين ته برادري وارين به ان قدم سان اتفاق ڪري چندو ڏنو هو ۽ درخواستن تي صحيحون ڪيون هيون، پر پوءِ هو به ڍريون ٿي ويون هيون ۽ ان قانون کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ وقت وڃائڻ بدران سمورو وقت ڌنڌي جي بلي ڪري ڇڏيو هئائون. اڳي رات جا ٽي چار ڪلاڪ ڌنڌو ڪري ٻانهن سيراندي ڪيون، سمهي پونديون هيون ۽ صبوح جو دير سان اٿي هار سينگار ڪري ٽولا ٺاهي بازار جا چڪر هڻنديون وتنديون هيون، پر پوءِ هر ڪنهن کان ننڊ آرام وسري ويو هو ۽ ان بچت واري عرصي ۾ گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ خاطر پنهنجي ڌنڌي جو وقت به وڌائي ڇڏيو هئائون ۽ ريٽ به گهٽائي ڇڏيا هئائون. پر هن کي تڏهن به پنهنجي درخواست تي وڏو ڀروسو هو ۽ پنهنجو نيم ڪونه مٽيو هئائين. پوءِ هڪ ڏينهن وٽس رمضان دلال آيو هو ۽ کيس ان گهري ننڊ تي ڇينڀيو هئائين. تڏهن به اها ڳالهه وزن ۾ ڪونه آندي هئائين ۽ وڏي مگر سان چيو هئائين: ”هون، اهڙا قانون به ڪڏهن پاس ٿيا آهن. رمجو اڳي انگريزن جي وقت ۾ جو ملن اهڙا بيان ڏنا هئا ته پوءِ ڇا ٿيو هو؟“
”ان وقت ڪرستانن جي حڪومت هئي شمشو ٻائي، هاڻي مسلمانن جي آهي.“
”هون، ڄڻ ته مسلمان سڀني کي بندش ۾ پاڪ ڪري ڇڏيندا.“
رمجو کي شمشاد ٻائي جي ان انڌي عقل تي جک آيا هئا. هن جو عقل کاڄي ويو هو. هوءَ پنهنجو به ٽِڀو اونڌو ڪري رهي هئي ته سندس دلالي به وڃائي رهي هئي. هن لاچار واپس موٽڻ جو ارادو ڪيو هو ته اوچتو کيس کيسي ۾ پيل اخبار ياد آئي هئي، جا هن خبر پڙهي خار ۾ مروڙي سروڙي کيسي ۾ وڌي هئي. هن سٽ ڏئي اخبار ڪڍي هئي ۽ کيس قانون جي ٽين پڙهڻي جي خبر ٻڌائي هئائين.
”اها وري ڇاهي“ شمشو ٻائي کانئس پڇيو هو.
”بس چون ٿا ته ان ٽين پڙهڻي کان پوءِ قانون پاس ٿي ويندو.“
”ته حڪم مولا سان اها مئي ٽين پڙهڻي ئي ڪانه پڙهبي. منهنجون رجسٽر درخواستون به وڃي پهتيون هونديون.“
رمجو مايوس ٿي اخبار وري کيسي ۾ وجهڻ تي هو جو شمشاد ٻائي جي نظر ان خبر جي وچ ۾ ڇپيل فوٽي تي پئجي وئي هئي. اهو ڦوٽو ايمبلي جي اسپيڪر جو هو هو، جو مولانا ٽائيپ هو ۽ کيس باشريعت سونهاري هئي. شمشو ٻائي فوٽو ڏسي بڇڙو ٻوٿ ڪيو هو ۽ رمجو کان پڇيو هئائين: ”هي ماريو ڪير آ، رمجو؟“
”اسيمبلي جو اسپيڪر آ، جيڪو قانون پاس ڪندو.“
اهو ٻڌي شمشو ٻائي جي منهن مان رت ڇڏي ويو هو، هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي هئي ۽ ذري گهٽ روئندي رمجو کي چيو هئائين:
”رمجو...... رمجو، جي هي ماريو ملو اسپيڪر آ ته قانون پڪ پاس ڪندو.“
”مان به ته ان ڪري ئي پئي رڙيون ڪيون.“
”پوءِ ڇا ڪيون رمجو؟“
”ٻيو ڇا ڪندينءَ شمشو ٻائي؟ ڪو نيلم جو بلو ڪر.“
”پر رمجو، هوءَ ته اڃا ننڍي آهي.“
”تنهنجي مرضي، پر پوءِ هٿ هڻندينءَ.“
”مون کي ته ڪجهه ئي سمجهه ۾ نٿو اچي، جيڪي توکي وڻي سو وڃي ڪر.“
رمجو اهو ڪيو هو جو ٽن چئن ڏينهن ۾ ڊڪي ڊوڙي سيٺ ڪريم کي هٿ ڪيو هئائين، جو اهڙين ڳالهين جو شوقين هو. شمشو ٻائي به ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون سمجهي پنهنجي سهڻي ڌيءُ کي سيٺ جي حوالي ڪيو هو. سيٺ به هر حال ۾ راضي هو. انب ڪچڙو هو ته به انب هو ۽ سٺيءَ جنس مان هو. هونئن به ڪچو انب ٿڌو ٿيندو آهي ۽ خيال سان کائجي ته مٺو ته ٿيندو آهي. مربا ۽ چٽڻيون به ڪچن انبن مان ٺهنديون آهن. هو عادي بنيادي واپاري هو ۽ سڄي عمر عقل ۽ ٽپڻي جي مدد سان لکين روپيا ڪمايا هئائين. هن کي ٽن سالن اڳ جي ڳالهه ياد هئي، جو کنڊ ۽ لوڻ تي ڪنٽرول لڳو هو ته بازار مان مال بلڪل غائب ٿي ويو هو ۽ پوءِ جي چور بازار مان ملندو هو ته واپاري ٽيڻن چوڻن اگهن کان سواءِ مال ڏيکاريندا به ڪونه هئا. هن جنس تي به ڪنٽرول پوڻ وارو هو. هو نيلم کي ڏسڻ شرط صحيح ڪري ويو هو ته هن سودي مان گهاٽي جي بجائي نفعو ئي نفعو هو. هن هڪدم سودو کرو ڪيو هو ۽ سوٿي جي رقم ڪڍي ڏني هئائين.
نيلم به کڻي ٿوري ڪچي هئي، پر هروڀرو ايتري اڻ ڄاڻ ڪونه هئي. هن کي اها خبر هئي ته هن سان به اها ئي ڪار ڪئي ويندي، جا برادريءَ جي ٻين ڪنوارين ڇوڪرين سان ٿيندي هئي، جن جي نڪن ۾ سونيون بولڙيون پيون هونديون هيون. هنن جو نڪاح به اهو هو ته لائون به اهي هيون. پر هن جي ذهن ۾ يا ته ڪاليج جو ڪو ڀورو ڳاڙهو ڇوڪرو هو يا ڪنهن فلم جو هيرو، جو هيروئن جي هٿ ۾ هٿ ڏئي نچندو ڪڏندو گانا ڳائيندو وتندو هو. هن جو انهن جي بجاءِ هڪ ڪاري رم بدصورت واپاري کي ڏٺو، جنهن کيس ائين اٿلايو پٿلايو ۽ مروڙيو سروڙيو جيئن هر جنسن ڏسڻ وقت ان کي هٿ ۾ زور سان مهٽي، ڏرائي، چڱي ۽ چٻاڙي ڏسندو هو ته هن کي ان واپاري مان رتي جيترو مزو اچڻ بدران مورڳو نفرت ٿي وئي هئي. پر جيئن ته پندرهن ڏينهن جو ڪاٻارو لکيل هو، ان ڪري هن کي لاچار اکيون ٻوٽي اهي ڏينهن گذارڻا هئا، پر ان مدت گذارڻ کان پوءِ به ماڻس کيس ڪا مهلت ڪونه ڏني هئي ۽ باقي بچيل ٿورن ڏينهن ۾ گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ خاطر کيس بنا ساهيءَ جي خوب وهايو هئائين. پوءِ سندس جند مس مس تڏهن ڇٽي هئي، جڏهن قانون پاس ٿي ويو هو ۽ سڄي بازار ۾ پوليس بيهجي وئي هئي. ان ڏينهن هوءَ ته ڏاڍو خوش ٿي هئي، پر ماڻس جا ته کنڊ جا جهاز ٻڏي ويا هئا ۽ ٻئي ڏينهن مٿو ٻڌيون هنڌ ۾ پئي هئي.
پوءِ به اها ساڳي بازار هئي، اهي ئي ساڳيا ڪوٺا هئا، اهي ئي ساڳيا شرابن ڪبابن جا دوڪان هئا ۽ اهي ئي ساڳيون سؤ پاور جي بلبن جون تيز روشنيون هيون، پر تنهن هوندي به ڳالهه ٻي ٿي ويئي هئي. اڳي هر ڪنهن ڪوٺي جا در پندرهن منٽن يا اڌ ڪلاڪ کان پوءِ پيا کلندا ۽ بند ٿيندا هئا، بتيون ٻرنديون وسامنديون ۽ وري ٻرنديون هيون، ماڻهو ماڪوڙن وانگر سوڙهين سوڙهين ڏاڪڻين تي پيا چڙهندا ۽ لهندا هئا ۽ ڪا روڪ ٽوڪ ڪانه هوندي هئي، پر پوءِ ڏهه ٻارهن سپاهي سرنهن جو تيل پيتل لٺيون ۽ ڏنڊا کنيون پيا رائونڊ هڻندا هئا. ڪنهن ڪوٺي ۾ ٿورو شڪ پوندو هون ته هڪدم ڇاپو هڻندا هئا. جي ٻنهي ڌرين کي شڪي حالت ۾ ڏسندا هئا ته پوءِ بي عزتيون ٿينديون هيون، گرفتاريون ٿينديون هيون ۽ سزائون ملنديون هيون. پر جي ڪنهن کي ايلازن منٿن تي ڇڏيندا هئا، ايترو ته ڦريندا هئا جو ٻئي ڌريون ان عيش ۽ ڪمائيءَ کان توبهه ڪري وينديون هيون. هوريان هوريان سڄي بازار خالي ٿيندي پيئي ويئي ۽ باقي اهي بچيون هيون، جن جي آواز ۾ جادو هو ۽ جن جي پيرن ۾ پيل گهنگهرن ۾ مستي هئي. شمشو ٻائي به پهريون سازندا گڏ ڪري ان قسم جي ڪاروبار جي شروعات ڪئي هئي، پر سندس بدنصيبي جو ڌيڻس ۾ سونهن ته هئي، پر سر ڪونه هو. هونئن ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سندس آواز اهڙو هو جو ڄڻ ڪنهن ستار کي آڱرين سان ٿورو ڇيڙي ڇڏيو هجي، پر ڳائڻ ۾ اهو ئي آواز بدلجي ڪنهن تارن ڇڳل ستار وانگر بي سرو ٿي پئي ويو. ماڻهو ته مفت ۾ ريڊين ۽ فونن جي سريلن آوازن تي هريل هئا، تن پئسا ڏئي ڪيئن پئي اهڙو بي سرو راڳ ٻڌو. ماڻهن اچڻ بند ڪيو ته سازندا بک مرڻ لڳا ۽ هوريان هوريان پنهنجا طبلا ۽ هارمونيون ويڙهي جو گهر ويا ته وري موٽ ڪونه ڪيائون. شمشو ٻائي انهن ڏينهن ۾ وري مٿو ٻڌي هنڌ ۾ ڪرڻ تي هئي جو هڪ ڏينهن سندس ساهيڙي سروري ڌيءُ سوڌو وٽن آئي هئي. سروري جي ڌيءَ مٿي کان پيرن تائين سون ۾ ڳتي پئي هئي. شمشو ٻائي سندس اهي ٺٺ ڏسي حيران ٿي پئي هئي. اهڙا ٺٺ ته سروري وارين انهن ڏينهن ۾ به نه ڪيا هئا، جڏهن ڌنڌو چالو هو، بازار ۾ رهنديون هيون. ٻئي گهريون ساهيڙيون هيون. ٻنهي راز نياز ۽ ڪن ڳالهيون ڪيون هيون، جن جو نتيجو اهو نڪتو هو جو جان سروري واريون کائن موڪلائي ويون ته شمشو ٻائي سامان ۾ هٿ وڌا ۽ ٽن ڏينهن ۾ سوسائٽي جي هڪ اهڙي بنگلي ۾ لڏ لاٿي هئائين، جنهن جي ٻاهران سلائي جي اسڪول جو بورڊ لڳل هو. نيلم جنهن سڄي عمر ننڍڙي سوڙهي ڪوٺي ۾ گذاري هئي، تنهن ايڏو ڪشادو بنگلو ڏسي خوشيءَ مان ماءُ کان پڇيو هو:
”امان اسان هاڻي هتي رهنداسين؟“
”ها، توکي وڻي ٿو نه هي گهر.“
”ڪنهن کي نه وڻندو – ڪيتري مسواڙ آ هن جي؟“
”چار سؤ روپيا مهينو.“
”ايترا پئسا ڏئي سگهندينءِ؟“
”روزي وارو پاڻهي ڏيندو – تون جو ويٺي آن.“
پر نيلم تنهن هوندي به اها ڳالهه ڪونه سمجهي هئي. هن ليکي ته ماڻس وري ناچ گاني جو ڌنڌو شروع ڪندي. هن کي ته ان ڳالهه جو خيال خواب به ڪونه هو ته ماڻس ان بندش واري قانون کان پوءِ به کانئس ڌنڌو ڪرائيندي. هن کي ته تڏهن خبر پيئي هئي جڏهن هڪ سومهڻي جو ڀاڻس منظور، کيس پنهنجي ڪمري مان اٿاري گول ڪمري ۾ وٺي آيو هو، جتي هڪ نوجوان پنهنجي هوسناڪ اکين سان سندس انگ انگ کي تڪي رهيو هو. هن جون ڳاڙهيون اکيون ان ڪسوٽي وانگر هيون، جن تي سون، سون ٿيندو آهي ۽ ڪچ ڪچ ٿيندو آهي. هن جون اکيون نيلم ۾ ئي کتيون رهيون هيون ۽ زبان منظور سان ڳالهائڻ لڳي هئي: ”گهڻو وٺندين رات جو؟“
”هتي رهندؤ يا وٺي ويندؤ؟“
پر سيٺ جي اڌ ڄمار ان شوق ۾ گذري هئي. پرائي ۽ پنهنجي گهر ۾ وڏو تفاوت آهي. پنهنجو گهر نيٺ پنهنجو گهر آهي. هونئن به هي داڻو ته وري اهڙي هنڌ وٺي وڃڻ جهڙو هو، جتي ٻئي ڄڻا اڪيلا هجن ۽ ڪوهن ۾ ڪو ڪونه هجي. پوءِ ڪا ٽين شيءِ هجي ته پراڻي شراب جي بوتلن جي ڀريل ٽوڪري هجي. هن چيو هو: ”پنهنجي گهر وٺي ويندو سانس.“
”ڇڙو ٽي سؤ روپيا صاب.“
اها سموري بازي ٻڌي نيلم لاءِ وڌيڪ ويهڻ مجال هو. هن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ تي جڪ آيا هئا. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ هنڌ تي اچي ڪري هئي ۽ پنهنجي بيوسي تي روئڻ لڳي هئي. ٿوري دير کان پوءِ ماڻس سندس ڪمري ۾ اچي کيس تيار ٿيڻ لاءِ چيو هو ته هن تکائي سان چيو هو: ”نه، مان ڪونه ويندس.“
شمشو ٻائي سمجهو ته شايد نيلم ٻاهر اڪيلو وڃڻ کان گهٻرائي ٿي. هن کي ڌيءَ سان رهندو همدردي ٿي هئي، جو اڳي برابر ائين ڪونه ٿيندو هو. بازار ۾ ته ڪوٺي ۾ ئي رهڻو پوندو هو ۽ ٻاهر وڃڻو نه پوندو هو، پر بنگلن ۾ اهڙو ئي رواج هو. نيلم کي سمجهائيندي چيو هئائين: ”من، جهڙو ديس تهڙو ويس. پر توکي مان اڪيلو نه موڪليندس، ڀاڻين گڏيو هلندءِ.“
”تون سمجهين ئي ڪونه ٿي – مان ڌنڌو ئي نه ڪنديس.“
”هان!“ شمشو ٻائي جي پيرن هيٺان زمين، مٿان ڇت ڦرڻ لوي.
”ها، مان هي ڌنڌو نه ڪنديس.“ نيلم انهيءَ پختي ارادي سان چيو هو.
”اهو وري ڪيئن؟“ شمشو ٻائي اکيون ڪرڙيون ڪيون هيون.
”ڪنو ڪم آهي.“
”ماڻهين ۽ نانهين ڇا ڪنديون هيون؟“
”انهن سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ مون کي نٿو وڻي.“
”وڻڻ سا نه وڻڻ جو ڪهڙو سوال آ ڇوري – اسان کي ته ڪرڻو آهي، ڌنڌو جو ٿيو.“
”حڪومت جي بندش آ.“ نيلم کي ٻيو سريلو جواب سجهيو هو.

”پوءِ هتي ڌنڌي ڪرڻ جي موڪل پڻهين ڏني آ ڇا؟ پورا پنج سؤ منٿلي ٻولائي آ، اٿ حرامزادي، ڇڏ نخرا.“
”نه مان ڪونه وينديس.“
اتي شمشو ٻائي کي چوچڙي وٺي وئي. اهڙو ضد ۽ هٺ ته اهي ڇوڪريون به نه ڪنديون هيون، جي دلال گهر مان زوري ڀڄائي کڻي ايندا هئا ۽ بازار ۾ وڪڻندا هئا. اهي پهريون پهريون ٿورو گوٿ ڪنديون هيون ته شمشو ٻائي جي هڪ ئي هڪل ڪافي هوندي هئي. شمشو ٻائي خار ۾ نيلم کي چوٽيءَ کان جهلي ٻه ٽي ٿڦوڙا هنيا هئا. هٿ سور ڪرڻ لڳا هئس ته وري چمپل کنئي هئائين، پر نيلم کي ان مار به ڪو اثر ڪونه ڪيو هو. لاچار شمشو ٻائي کيس ڇڏي منظور کي سڏيو هو. هو اها ڳالهه ٻڌي گرم ٿي ويو هو ۽ ٻانهون کنجيندي چيو هئائين: ”امان مون کي ڇڏ ته هن کي ٺاهيان.“
شمشو ٻائي سياڻي هئي ۽ سڄي عمر ان ڌنڌي ۾ آندي هئائين. هن سمجهو هو ته مارڻ ڪٽڻ مان ڪو فائدو نه پوندو. سو پٽ کي ٻاهر گهلي هوريان سمجهايو هئائين:
”منظور، ٽنگ ڀڳي مان ويل ڪونه ويندي، پر دل ڀڳي کي مار مان به ڪجهه ڪونه ورندو. مان اڳ ۾ ئي کيس گڏهه وانگيان ڪٽيو آهي، رهندو تون ماريندينس ته ڦاسو کائي مرندي.“
”پوءِ؟“ منظور ڳالهه هنڊائيندي پڇيو هو.
”تون گراهڪ کي ڪو بهانو ڏيئي موٽاءِ - مان هن کي پاڻهين گهيتاري گهيتاري راهه تي آڻيندس.“
هن جو لڱ لڱ سنڌ سنڌ سور ۾ ٻريو پيو هو ته به هن کي پرواه نه هئي. هوءَ يڪو ان سوچ ۾ هئي. هن کي ان ڌنڌي سان سخت نفرت هئي. پهريون پهريون بازار ۾ ان ڌنڌي جي عام اجازت هئي ته هن کي ان مان نڪرڻ جي ڪا واٽ ڪونه هئي. پوءِ هن کي ان بندش واري قانون جي خبر پئي هئي ته هن دل ئي دل ۾ وقت جي حڪومت کي لکين دعائون ڪيون هيون. هوءَا گراهڪن سان منهن ڏيندي به ان مبارڪ ڏينهن جو انتظار ڪندي هئي، جڏهن اهو ڌنڌو قانوني طور بند ٿيڻو هو. پر هن کي ان ازل جي ته خبر ئي ڪانه هئي ته وري ماڻس پوليس سان بندوبست ڪري کانئس ڌنڌو ڪرائيندي. جي پهريون ئي کيس اها خبر هجي ها ته هوءَ ان وقت ئي گهر ڇڏي ڀڄي وڃي ها. پر کيس ڪو هڏ – ڏوکي مائٽ به ته ڪونه هو. هن جو پيءُ ته الاجي ڪهڙي ڪاپار ۾ لڪل هو. الائي جيئرو به هو يا نه. ٻيو ته ڪير ئي ڪونه هو – جي ماما هئا ته به اهو ئي ڌنڌو ڪندا هئا ۽ جي ماسيون هيون ته به اهو ئي ڌنڌو ڪنديون هيون. هن لاءِ هتان ڀڄڻ به ڏکيو هو ته هتي رهي، ڌنڌو ڪرڻ به ڏکيو هو. ماڻس ته اڃا زال ذات هئي، پر سندس ڀاءُ منظور ته وڏو ظالم هو. هن مان ته ڪنهن به رحم جي ڪا اميد ڪونه هئي. هوءَ پنهنجي بيوسي ۽ لاچاريءَ تي روئڻ لڳي هئي. پوءِ اوچتو اوچتو ان ڪاري ٻاٽ مان کيس باک ڦٽندي نظر آئي هئي. هن کي ان اداري جي يادگيري اچي وئي هئي، جنهن جو ذڪر اڪثر اخبارن ۾ ايندو هو، جتي يتيم لاوارث ڇوڪريون رهنديون هيون. اتي کين امان ڏني ويندي هئي، پڙهايو ويندو هو ۽ هنر سيکاريا ويندا هئا. صبح جو ساجهر جڏهن گهر جا ڀاتي اڃا سمهيا پيا هئا، تڏهن هوءَ گهر مان نڪري هئي ۽ ڪورٽ کي گذارش ڪئي هئائين ته هوءَ يتيم ۽ لاوارث آهي، کيس دارالفلاح ۾ امان ڏني وڃي. ماجسٽريٽ کانئس دستوري بيان وٺي دارالفلاح اماڻيو هو.
ٽين رات جو سومهڻي مهل هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ سمهڻ جي خيال سان ليٽي پئي هئي جو ماسي شادان وٽس لنگهي آئي هئي. هن گهر ۾ جيڪي عورتون ڇوڪرين جي سار سنڀال لاءِ رهنديون هيون، سي سڪ ۽ قرب ۾ ماسيون سڏبيون هيون، پر انهن سڀني ۾ ماسي شادان وڌيڪ سرڪردي ۽ معتبر هئي. ڇوڪريون هن جو لحاظ به رکنديون هيون ته ڪنبنديون به هيون. هن جي اداري جي صدر وٽ سڌي پهچ هئي ۽ ڇوڪرين جي چال چلت جي رپورٽن جو ڪم به مٿس رکيل هو. هوءَ ڪنهن ڇوڪري مان ناراض ٿيندي هئي ته ان کي وڌيڪ هڪ منٽ به رهائڻ بدران هڪدم ڪڍيو ويندو هو. ان ڪري سڀئي ڇوڪريون کيس راضي رکڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. هن اچڻ سان نيلم کي چيو: ”نيلم، توکي صاحب ٿو سڏي.“
”ڪهڙو صاحب ماسي؟“
”هتي هڪڙو ئي ته صاحب آ ڇوڪري، هن اداري جو صدر.“
”ڇو ٿو سڏي؟“
”توکان وارثن جي پڇا ڳاڇا ڪندو، پوءِ انهن جي ڳولا ڪندا.“
”پر ماسي، مون کي ته ڪو مٽ مائٽ ڪونهي.“
”اهو به پاڻ هلي ٻڌائينس نه.“
نيلم کٽ تان اٿي، شلوار جي ورن کي ٺاهي، رئي جو پلئه مٿي ۽ پيرن تي ٺاهيائين ۽ ماسي جي ڪڍ لڳي ورانڊو ۽ اڱڻ لتاڙي، جڏهن هو صاحب جي آفيس ٻاهران پهتيون ته ماسي شادان کيس هوريان سمجهائيندي چيو:
”نيلم منهنجو چوڻ وٺندينءَ ته هتي سکي رهندينءَ، ٻي صورت ۾ توکي سڀاڻي ڪڍي ڇڏيندا.“
”ها ماسي، جيڪي چوين.“
”بس ته صاحب جو لحاظ رکجانءِ. فضيلت سان ڳالهائي سندس دل وٺندينءَ ته توکي پڙهائي سٺي نوڪري وٺرائي ڏيندو.“
”ها ماسي مان چري ٿورو ئي آهيان.“
”ها آهين ته سياڻي پر چيم متان به..... چڱو تون هتي ترس ته ڏسان ته واندو ويٺو آ يا نه.“
”پر ماسي منهنجي پارت هجئي، منهنجي سفارش ڪجانس.“
شادان کيس دلجاءِ ڏيندي دروازي مان اندر هلي وئي هئي. ٿوري دير کان پوءِ اندران هڪ ٿلهو ڳورو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو شادان کان پڇي رهيو هو:
”شادان، نئين آيل ڇوڪري آندي اٿئي؟“
”ها صاحب.“
”آهي ڪنهن ڪم ڪار جي؟“
”ها صاحب، ڏاڍي سٺي ڇوڪري آهي. کيس هتان نه ڪڍجو.“ ماسي شادان ڏاڍيان چيو.
نيلم در جي ٻاهران ماسي شادان جي سفارش ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ويئي. ماسيءَ جيڪا پرپٺ گهڻگهتائي ڪئي هئي، سا وسارڻ جوڳي ڪانه هئي. هن دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته واپس موٽڻ سان ئي ماسيءَ جو اهو ٿورو لاهي ڇڏيندس ۽ پنهنجن ٽن چئن جوڙن مان هڪ جوڙو کيس ڏئي ڇڏيندس. هن کي دل ئي دل ۾ انهن ڇوڪرين تي عجب پئي ٿيو، جي ههڙي مهربان ماسيءَ کان ڊڄنديون هيون. هوءَ انهن ئي خيالن ۾ هئي جو ماسي شادان در تي اچي کيس اندر اچڻ جو اشارو ڪيو.
نيلم رئي جو پلئه مٿي ۽ سيني تي ٺاهيو ۽ ماسي شادان پٺيان ڪمري ۾ داخل ٿي. ٻي گهڙي هن پنهنجيون جهڪيل اکيون مٿي کنيو. هن ڏٺو ته سامهون ٻيو ڪوئي ڪونه، پر سندس پهريون خريدار سيٺ ڪريم ويٺو هو.