ڪني آڱر
”ڇا؟“ ٻن ٽن زائفن جي وات مان نڪتو.
”زينب کي پوليس ٻڌي ويئي!“
”هان!“ زائفن جا وات ڦاٽي ويا. پيلا پيلا ڏند ڏيکاريون ڏيڻ لڳا.
وڏيري جي ڌيءَ جا اڳي ئي پيلي ٿي پئي هئي، تنهن جو ويتر رت ڇڏي ويو. ويچاريءَ سوڙ کي ڇڪي کڻي مٿان وڌو. ان کان اڳ ته ڪا زائفان پڦيءَ نوران کان ان جو سبب پڇي، نانيءَ حاجل ناس جي دٻلي ور مان ڪڍي ان کي آڱر سان ٺهڪائيندي پڇيو: ”ڇو؟“ ان ”ڇو“ تي سڀني پنهنجيون اکيون کڻي پڦي نوران ۾ کپايون. وڏيري جي ڌيءَ به سوڙ ۾ چر پر ڪئي. هن کي به شايد سبب ٻڌڻ لاءِ آنڌ مانڌ هئي.
”حرامي ٻار ڄائو هوس. ڪوڏر سان کڏ کڻي پوريائين پئي ته ڪنهن مڙسالي ڏسي ورتس ۽ وڃي ٿاڻي ۾ رپورٽ ڪيائين.“
ائين چپ ٿي ويئي، ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو. وڏيري جي ڌيءَ به چرڻ پرڻ ڇڏي ڏنو، صفا پنڊ پهڻ ٿي ويئي. وري به شابس نانيءَ حاجل کي، جنهن ناس جي چپٽي کن نڪ کي ڏيئي، پنهنجي هوش کي جاءِ ڪيو. کٽ تي سري جاءِ ڪيائين: ”آءُ نوران، هت ويهه. سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌاءِ.“
”نه ماسي، ويهڻ جي واند ڪانهي، گاه تي ٿي وڃان.“ پڦيءَ نوران وڏائي ڪئي.
”گهڙي ته ويهه، ڇوري!“ ملياڻيءَ پنهنجي عينڪ جا ڏاڍا ٺاهيا. پڦيءَ نوران به هاڻي ڳالهه کي چڱيءَ طرح ٻڌائڻ کان سواءِ وڃڻ واجب نه سمجهيو، سو ويهي رهي.
”ڇا ٻڌايانءِ ماسي.“ پڦيءَ نوران ڳالهه کي لانڍ سان شروع ڪيو. ”جماندار اهڙي مار ڏنيس، جو منهنجي توبهه.... ڄنڊا ئي ڄنڊا پٽيائينس!“
”ڇو نه ماريندس جماندار، اهڙو ڪم ته ڪسبياڻين کان به نه پڄي!“ صفوران اندر جو ساڙ ڪڍيو.
”پر مائي اها به بدنامي، اوڙي پاڙا وارا ٻڌي ڇا چوندا!“ ناني حاجل چيو.
”ڀلا اڳي گهٽ بدنامي هئي ڇا؟ ڪاٿي رهي نصرپور، ڪاٿي رهي خميسي جي وانڍ. ڪنهن کان ڳجها آهن هن جا پرڪار.“ ملياڻيءَ ڳالهه کي ٽيڪ ڏني.
ملياڻيءَ جي ڳالهه سورهن آنا سچ هئي. تر ۾ گهڻو ڪري سڀني کي سندس افعالن جي ڄاڻ هئي. ڀلا ڳوٺ جو ڪهڙو ڳڀرو جوان هن کان بچيل هو. هن جنهن سان به هڪ حرف ڳالهايو، يا ڇڙي اک ملائي ته چندر جي رڪارڊ مصداق ان جي منٽن ۾ صفائي ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ اهو همراه پنهنجن مائٽن کان ميلي جي بهاني ڳچ ڏوڪڙ وٺي يا پيءَ کان چوريءَ پنهنجي ان جي ٻار مان ڪجهه حصو کلومل جي حوالي ڪري، پر جي ائين به نه پڳو ته ڀر واري ڳوٺ مان ڪنهن جي وڇير ڍڳي ٻڌي مهاديءَ واري کي اڌ قيمت ۾ ڏيئي، شهر ۾ هن لاءِ شبن ململ جا گهگهرا ۽ ملائي جون سٿڻون سبرائيندو نظر ايندو هو. اهي سوکڙيون عطر ۾ ٻٽل سائي ڳاڙهي ريشمي رومال ۾ ٻڌي، زينب ڏي موڪلبيون هيون ۽ ان جي جواب ۾ ”چنڊ لٿي“ يا ڪڪڙن جي پهرئين دس وقت ملڻ جو انجام ايندو هو. جيستائين ان همراه جي پيءُ کي پنهنجي ٻار ۾ کوٽ نظر نه ايندي هئي، يا ان ڍڳي وڇير جو مالڪ ڍور سڌو ڪري باڪو وٺي گمراه جي گهر جو در نه اچي جهليندو هو، زينب جي مئي پيءُ ماءُ کي شد مد سان گاريون ڏيئي، اها چٽي ڀربي هئي. ان همراه جي، جي شادي ٿيل هوندي هئي ته جوڻس جا مهڻا ئي کيس هميشه لاءِ توبهه ڪرائي ڇڏيندا هئا، نه ته ٻيءَ حالت ۾ پير مٺل شاه سائين کي ميڙ ڪري ان همراه لاءِ برادر مان سنڱ وٺبو هو. ٻن ٽن هفتن اندر ان گهر مان شادي جا لاڏا ٻڌجڻ ۾ ايندا هئا. همراه نئينءَ ننڍيءَ ڪنوار کي هٿ ڪري خوش ٿي ويندو هو ۽ زينب ان کان آسرو پلي، ڪنهن ٻئي ڳڀرو جوان کي پاڻ ڏي ساهيندي هئي. ائين تعداد وڌندو رهيو. وڏيري جي وڏي ڪمدار ايوب ته هڪ ڏينهن ”نور مٺي“ جو قسم کڻي چيو ته هو ڳوٺ ۾ ٻن ٽن گهرن کان سواءِ ڪو اهڙو گهر بچيل ڪونه هو جو زينب جي مرڻ بعد سندس جنازي کي ڪلهو ڏيئي سگهي. اها ڳالهه ٻڌي زينب کي جيڪو شرم آيو، اهو ته خير، رهندو پنهنجي ساهيڙيءَ ڪريمت کي، جا ٿورين گهڻين پارين پاڻ جهڙي هيس، ڏند ٽيڙي چيو هئائين: ”اميد آ الله ۾ ته اهي ٻه ٽي گهر به نه ڇڏيندس.“ سندس بدچاليءَ ڪري ڳوٺ جي ڪنوارين ۽ جوان زائفن کي سندس گهر وڃڻ ته وري رهيو، پر ساڻس ڳالهائڻ جي به منع ڪيل هئي. جي اتفاق سان گاه ڪندي يا پلي پٽيندي ڪنهن ڇوڪريءَ جو روح سٽ ڏيندو هو، ساڻس ٻه حرف ڳالهائيندي هئي ۽ خدا به ڪري خير، جي اها خبر ان ڇوڪريءَ جي ڪنهن وڏي ڀاتيءَ کي پوندي هئي ته گهڙي کن ان گهر ۾ ٻرڙاٽ ٻڌبو هو ۽ ڇوڪري گيسون ڪري توبهه ڪندي هئي. ويچارا مائٽ به ايترو خيال ڇو نه ڪن؟ ڪريمت جو مثال سندن اڳيان هو. زينب سان ساهيڙپ رکڻ کان اڳ هوءَ ڏاڍي شريف ڇوڪري هئي، مجال جو ڪنهن مرد ماڻهوءَ سان اک کڻي ڳالهائي، پر جڏهن کان زينب جي صحبت ۾ آئي ته کري خراب ٿي پيئي. اهڙي ڳالهه کان پوءِ، ڳوٺ جي پرين مڙسن کي نانگ ته ڪونه کاڌو هو جو پنهنجين جواڻ جماڻ زائفن کي زينب ڏانهن وڃڻ ڏين!
زينب عمر جي اڌ، رنگ جي سانوري هئي. سندس چپ مساڳ هڻڻ ڪري هميشه ڳاڙها نظر ايندا هئا. پنجن ٻارن جي ماءُ هئي. چار ته پنهنجن نالن سڏبا هئا، پر پنجون ”منڊو منڊو“ ڪري سڏبو هو. ان ويچاري کي به الله منڊو ڪيو، پر زينب ڪيو. ڳالهه ٿي هيئن ته راند کيڏندي پٽهنس هڪ يتيم ڇوڪري کي مار ڏني. اهو ڇوڪر روئندو وٽس آيو ۽ کيس دانهن ڏنائين. ٻارن جي فطرت، گهڙيءَ ۾ رسڻ ته گهڙيءَ ۾ پرچڻ، سو ان ۾ ڀلا ڪهڙو قياس ٿو ٺهي؟ پر هن پنهنجي کي اچي ڏنڊن سان ورتو. ڪي ڌڪ رحماني ڪي ڌڪ شيطاني؛ وري ٻار جو به ڪهڙو قوت.... لڳي جو ڇوري کي اولو ڌڪ ته ڄنگهه سڄي هت ٿي وئي. ڪنڀر ڏاڍيون لپريون ٻڌيون، پر ڄنگهه ڪانه ٺهي، ڇوڪر هميشه لاءِ منڊو ٿي ويو. سندس ٻارن جا رنگ به عجڪيب هئي. ڪي ڀورا باه جهڙا ته ڪي ڪارا ٺڪر. انهن ٻارن جي نسل بابت ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ڪريمت کي ٻڌائيندي هئي. مثال طور، جڏهن کيس پريل ڄائو هو ۽ ڪريمت کانئس پڇڻ آئي هئي ته ڇوڪري کي ڏسي چيو هئائين: ”ڇوري، پٽ ته واه جو ڄڻيو اٿئي.“
زينب کلندي جواب ڏنو هو: ”ڇو نه سهڻو هوندو، پڻس به ته سهڻو آهي!“ ۽ پوءِ ڪريمت کي ڪن ۾ ٻڌايو هئائين ته صديق سان رستي رکڻ بعد مهيني اندر ئي کيس پيٽ ٿيو هو. ڪريمت کي اها ڳالهه دل سان لڳي هئي، جو صديق ڳوٺ جي ٺاهوڪن جوانن مان هڪ هو. اهڙي طرح کيس فريد ڄائو ته هن ڪريمت کي چيو هو: ”مڙئي ليک لکيل هو، ادي ڪريمت، نه ته امين ڪو منهنجي هيسي جيسي هو! هي ڇورو به ته ان تي ويو آهي.“ وري منهن بڇڙو ڪري، ڀر ۾ سمهيل فريد کي ڏسي چيو هئائين: ”رنگ ته ڇڏ، جو مان به ساوري آهيان، پر منهن جي تختي ۽ چنجهين اکين کي تڪي ڏسينس ته سود امين آهي!“ ڪريمت ٿوري دير ڇوڪري کي تڪي چيو هو: ”هائو ڙي، برابر تر به مارئي امين مان نه لاٿو اٿس!“ ڪريمت جو جواب ٻڌي زينب پچڪ ڪري زمين تي ٿڪ اڇلائي هئي. ڪريمت کي خبر هئي ته زينب اها ٿڪ زمين تي نه، پر حقيقت ۾ امين جي زال صفوران جي منهن تي اڇلائي آهي، جو هوءَ ان وقت زينب سان گڏ هئي، جڏهن صفوران زينب کي پنهنجي کوهيءَ تان پاڻي ڀريندي گاريون ڏنيون هيون ۽ زينب ماٺڙي ڪري بادشاه پير دستگير جو قسم کڻي، ڪريمت کي چيو هو ته هوءَ صفوريءَ کان انهن گارين جو ضرور پلئه وٺندي..... تان جو زينب امين جهڙي ڪاري رم سان رستو رکي کيس اهڙي ته مار ڏياري هئي، جو ڪيترا ڏينهن هوءَ کٽ تي پئي هئي.
زينب جو مڙس خدا بخش ويچارو جيستائين جيئرو هو، تيستائين هن پنهنجيءَ زال کي سمجهائڻ کان نه گهٽايو. هن گهڻا ئي ڀيرا زال کي انهن افعالن تان ماريو هو. هڪ ڏينهن ته ڪهاڙي سان کيس صفا خون پئي ڪيائين، پر زينب جي رڙين تي همراهن اچي کانئس ڪهاڙي کسي. مٽن مائٽن جي صلاحن جي باوجود هن زال کي طلاق نه ڏني. ڳالهه اصل هيئن هئي ته زينب جي نالي سرڪاري رڪارڊ ۾ ڏهه جريب زمين هئي، جا خدا بخش آباد ڪندو هو. جي زال کي طلاق پئي ڏنائين ته اها زمين به پئي هٿن مان ويس. مڙئي دڙڪي داٻ ۾ ڪم ٽپائيندو پئي آيو – تان جو وڃي پنهنجي ڏيهه پهتو. مڙس جي فوت تي وڃڻ بعد زينب کي ويتر ڇوٽ ملي وئي. اهي ئي حال، اهي ئي افعال، البته اولاد جي خواهش سو ڇڏي ڏنائين. ڪجهه دائين جي صلاح، ڪجهه دوائن جي مدد – مڙيئي ڪم ٽپندو پئي آيو.
”پر پڦي نوران، ادي خدا بخش کي گذري به ٻه ٽي سال ٿيا. تنهن بعد هوءَ هميشه ان ڳالهه جو خيال رکندي هئي. ايترن سالن ۾ کيس ڪجهه نه ٿيو ۽ هاڻي اهو وري ڪيئن؟“
”مون کي ته ڪا ٻي ڳالهه ٿي نظر اچي.“ هڪ زائفان عقل ويڙهايو.
وڏيري جي ڌيءَ سوڙ مان منهن ڪڍيو. سڄي پگهر ۾ وٺجي ويئي هئي.
”مائي، اهو قدرت جو ليک آهي، جنهن کي نه دايون ٽاري سگهنديون، نه دوائون.“ ناني حاجل مولوي ڪهاڙي جي انداز ۾ چيو.
”پر، ماسي پاڻ به سچي ڪئي اٿس ته ٻار سندس آهي!“ پڦي نوران چيو.
وڏيري جي ڌيءَ اهو جملو ٻڌي ٿڌو اونهو شوڪارو ڀريو – ائين ڄڻ هن جي سيني تان ڪو بار لهي ويو هجي، پر سندس اکيون ڪنهن عجيب احساس جو اظهار ڪرڻ لڳيون ڄڻ هن جي ڪا املهه شيءِ وڃائجي ويئي هجي – ڪا اهڙي شيءِ، جا هن جي پنهنجي وجود جو حصو هجي.
گهڙي کن ماٺ ڪري، پڦيءَ نوران وري ڳالهه کي چوٽ چاڙهيو: ”هڪڙي سپاهيءَ پئي چيو ته ست سال ٽيپ ملينديس.“
”ست سال!“ هڪ زائفان کان چيٽ نڪري ويئي. وڏيري جي ڌيءَ جون اکيون به اهو ٻڌي ڀرجي آيون. وري گهڙي کن سانت ٿي وئي.
”هڪ ڳالهه ۾ ته اهو چڱو ٿيو، ناني ملياڻي!“ هڪ زائفان چيو.
”ڪهڙيءَ ڳالهه ۾؟“
”زينب کان جند ته ڇٽي!“
”ها، اها ڳالهه چئه، هونئن به ڪني آڱر وڍي ڀلي!“
وڏيري جي ڌيءُ شور مان ملياڻيءَ کي ڏٺو. سندس ذهن ۾ ور ور ڪري ڪني آڱر جا لفظ ڦرڻ لڳا. هن سوڙ ڇڪي کڻي پنهنجي مٿان وڌي. هن جي اکين مان شڪر گذاريءَ جا ڳوڙها وهي، وهاڻي کي پسائڻ لڳا. هن جي چپن ڀڻڪيو: ”زينب، ماسي زينب.......!“