منجهيل سٽ
”مان نمبر اٺين کان وار ٺهرائيندو آهيان.“ هن آيل ڪاريگر کي مايوس ڪيو. هونئن به نمبر اٺين سان هن جي هڪ قسم جي سنگت ٿي ويئي هئي. هو سدائين اڇو اجرو رهندو هو، سڀ کان وڏي ڳالهه ته وارن ٺاهڻ سان گڏوگڏ هن جا قصا به پيا هلندا هئا. اهي عادتون هن کي پسند هيون.
”هو واندو ڪونهي، مٿي هڪ ليڊي جا وار ”ڪرل“ پيو ڪري.“ ڪاريگر نوڙي چيو.
”مان هن لاءِ ترسندس.“ هن آيل ڪاريگر جو اندر ساڙي ڇڏيو هو منهن گهنجائي هليو ويو. هن دل ۾ خوشي محسوس ڪئي ته سندس ڪاريگر ايڏو هوشيار آهي، جو هڪ ليڊي جي وارن کي ڪرل ڪرڻ لاءِ هن جون خدمات ورتيون ويون آهن ۽ تنهن کان سواءِ هن جي من ۾ ڪتڪاڙيون ٿيڻ لڳيون ته اهو ڪاريگر هڪ حسينه جي سهڻين زلفن کي هٿ لائي پوءِ هن جي ڪم کي لڳندو. هو سوچڻ لڳو ته هو نمبر اٺين کان ان حسينه بابت ٻٽي سوال به پڇندو. مثال طور ته هوءَ ڪاٿي ويٺي آهي؟ هميشه هن دوڪان تان وار ”ڪرل“ ڪرائيندي آهي يا ٻين کان به؟ ٽپ گهڻو ڏنائين ۽ اهڙي قسم جا ٻٽي ٻيا به سوال. ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ هن مئگزين کنئي. هو تصويرون ڏسڻ لڳو. اها ڏسي بيٺو ته وري هن ٻي کنئي ڏاڪڻ تان لهڻ جو آواز آيو. هو کڙڪيءَ مان ئي سڃاڻي ويو ته حسينه کي ڊگهيءَ کڙيءَ واري سينڊل پئي آهي. هن ڪنڌ موڙي ڏسن مناسب نه سمجهيو. شيشي ۾ گهور ڪري نهارڻ لڳو. پهريون ڪاري سئنڊل ۾ ننڍڙا ننڍڙا سهڻا پير ظاهر ٿيا. ڪاري سئنڊل ۾ ڀورن ڀورن سهڻن پيرن کي ڏسي هن جا چپ مرڪڻ لڳا، پر ان خواهش کي ناممڪن سمجهي، هن پنهنجو پاڻ سنڀالي ورتو. هو اکيون ڦاڙي ڏسڻ لڳو. پوءِ خوبصورت گداز جسم ۽ نيٺ سهڻو منهن ظاهر ٿيو. هو پهريون ٿورو شڪيو، پر تنهن بعد کيس سڃاڻي ويو. هوءَ زرينه هئي، سندس دوست خالد جي ڀيڻ. هن جا چيلهه تي پوندڙ ڪارا وار ”ڪرل“ ٿي وڃي ڪلهن تي بيٺا هئا. هوءَ ڏاڍي خوش پئي نظر آئي. هن مئگزين کي منهن سامهون جهليو، جيئن هوءَ کيس ڏسي نه سگهي. جڏهن هوءَ سندس ڪرسي جي ڀرسان لنگهي وئي ته هو مئگزين مان منهن ڪڍي کيس ويندي ڏسڻ لڳو. هن جي چال ۾ اڄ هڪ نئين قسم جي نزاڪت هئي. آخر هن کي پنهنجي وارن ”ڪرل“ ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي؟ هن جا وار ته اڳي ئي سٺا هئا. پنج سال اڳ جي ڳالهه سندس اڳيان اچي بيٺي.
هو شام جو چانهه پي رهيو هو ته خالد وٽس آيو هو، زرينه جو ڀاءُ.
”هڪ ڪم ته ڪر مسعود.“ هن ايلاز ڪيو هو.
”ڪهڙو؟“ هن چانهه جو ڪپ ڏانهس سيريندي چيو هو.
”اهو ئي.“ خالد کيس اکي هنئي هئي.
”هون – ڪير آ؟“
”مس روز.“ خالد خوشيءَ ۾ گد گد پئي ٿيو. مس روز ڪلب جي حسين ترين ميمبر هئي. نوجوان ساڻس ڳالهائڻ لاءِ سڪندا هئا. هو ۽ خالد به انهن مان هئا. هن کي ته لفٽ ڪانه ملي هئي، البته خالد ۽ روز جي متعلق هن ٻين ميمبرن کان گهڻا ئي افواه ٻڌا هئا، پر هن کي اعتبار ڪونه آيو هو. روزي جي گهنڊيدار وارن کي ڏسي، هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ اهي ڪرل ئي انهيءَ لاءِ ڪرايا ويا آهن ته جيئن روز ڊهندا رهن ۽ وري ڪرل ٿيندا رهن.
”آل رائٽ.“ هن ٿڌو ساه کڻندي چيو هو.
”ٿئنڪ يو.“
اٽڪل نائين وڳي هو آيا. روزي ڏاڍي سهڻي لڳي پئي. هن هر هر انداز سان پنهنجي ڪرل ٿيل وارن کي پٺتي پئي ڪيو. کين ڏسي هو هيٺ لهي ويو……. ڪلاڪ کن کان پوءِ هو موٽي آيو. خالد ڊرائنگ روم ۾ ڪوچ تي ويهي فروٽ کائي رهيو هو ۽ روز ڊريسنگ ٽيبل اڳيان پنهنجي وارن کي برش ڪري رهي هئي. سندس گهنڊيدار وار ائين کلي وڏا ٿي ويا هئا، جيئن ڪنهن منجهيل سٽ جي تند تند ويهي سلجهائي هجي. خالد کيس ڏسي معنيٰ خير مرڪ مرڪندي چيو: ”اچ ويهه، فروٽ کاءُ.“
هو ويٺو ۽ خالد جي ڀرسان وڃي ڀڻڪيائين: ”ٻيو ته ٺهيو پر ويچاريءَ جا وار به خراب ڪري ڇڏيئي. جڏهن سؤ روپي جي نوٽ تان هٿ کڻي، تڏهن ئي اهڙا ٺهرائي.“
”هون.“ خالد ٽهڪ ڏيندي کيس چيو هو: ”تون چريو آهين. اهي ڇوڪريون پنهنجا وار ان لاءِ ته ڪرل ڪرائينديون آهن.“
…… ۽ اڄ خود ڀيڻس پنهنجا وار ڪرل ڪرايا هئا. هن جي دل ۾ هڪ ڏاڍو عجيب قسم جو خيال آيو، پر هن دوست جي ڀيڻ جو خيال ڪندي ڪنڌ ڌوڻي ان خيال کي جهٽڪي ڇڏيو. نمبر اٺون اڇو اجرو ڪپڙو کڻي هن جي ڳچيءَ اڳيان رکيو ۽ کيس آهستي چوڻ لڳو: ”اڄ مون وٽ هڪ پريءَ جو ٻچو آيو هو، پر ڏيکارجي ”فلرٽ“ پيو.“