شاھه لطيفرح جو مختصر احوال
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق شاهه حبيب ٻه شاديون ڪيون هيون پر ڪجهه ليکڪ لکن ٿا ته سيد حبيب شاهه ٽي شاديون ڪيون هيون. اهڙي ئي نموني سيد حبيب شاهه جي فرزندن جي نالن متعلق به مونجهارو آهي. شاهه حبيب پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ ڪجهه وقت اچي مٽياري شهر ۾ رهيو، ڪجهه عرصي بعد سخي هاشم شاهه جي چوڻ تي شاهه حبيب مٽياري کي ڇڏي ٻيو ماڳ وسايو. (ٻيو ماڳ ليکڪ هالا حويلي، ڀينءَ پور، ڪوٽڙي لکن ٿا). جنهن جاءِ ۾ پاڻ خاندان سميت رهندو هو ان جاءِ کي ماڻهو ادب وچان ”شاهه حبيب جا ڪک“ سڏيندا هئا. شاهه صاحب جي خاندان جنهن جنهن ماڳ تي رهائش اختيار ڪئي اهي ”شاهه جا پڊ“ سڏجڻ لڳا.
نواز ڪنڀر لکي ٿو ته سائين حبيب شاهه پهرين شادي ڏيرن جي ثابت پوٽا پاڙي مان عبدالله ڏيري جي گهران ڪئي هئي. سندس پهرئين گهر واريءَ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ شاهه حبيب مٽياريءَ جي سخي هاشم شاهه جي گھران شادي ڪئي. جنهن مان شاهه عبداللطيف جن هالا حويلي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. روايتن موجب جڏهن شاهه حبيب، سيد هاشم شاهه ڏانهن ويندا هئا ته، سخي هاشم شاهه، کين ويٺي هٿ ڏيندا هئا. پر وڃڻ مهل ساڻس ادب و احترام سان اٿي بيهي موڪلائيندا هئا. جڏهن سخي هاشم شاهه کان ان جو سبب پڇندا هئا ته، پاڻ چوندا هئا ته، شاهه حبيب کي پٽ پيدا ٿيندو. جيڪو وڏو نالي وارو ٿيندو، ان جي احترام ۾ ٿا اٿئون. (حوالو، نواز ڪنڀر، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ثقافت کاتو، ڊسمبر 2014ع، ص18، 21.).
سيد حبيب شاهه هڪ شادي پنهنجن عزيزن مان ڪئي (روايتن مان مغل قوم به ملي ٿي) ۽ ٻي شادي عرس فقير ڏيرو وٽان ڪيائين. سيد حبيب شاهه کي اولاد نه پئي ٿيو ته وقفي وقفي سان ٽي ڀيرا مٽياريءَ جي بزرگ سخي سيد هاشم وٽ پُٽاڻي اولاد نه ٿيڻ سبب دعا لاءِ ويو هو. کيس ان جي دعا سان اولاد ته ٿيو پر ڄمندي ئي گذاري ويو. وري ٻيهر پاڻ سخي هاشم شاهه وٽ ويو، جنهن کيس چيو ته ”پُٽ ضرور ٿيندئي“ پر سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ. ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس پُٽ ڄائو پر اهو به گذاري ويو. ٽيون ڀيرو سيد حبيب شاهه، سخي هاشم کي عرض ڪيو ته ”مهنجا ٻه فرزند الله تعالى کي پيارا ٿي ويا آهن. وري دعا ڪريو ته پُٽ عطا ٿئي“ سخي هاشم کيس فرمايو! ”ابا الله قادر آهي توکي اسان جي دعا وارو پُٽ ضرور ڀاڳن ۾ پلئه پوندو. ڳڻتي نه ڪر الله پاڪ ڪريم آهي تنهنجي جھولي ضرور سائي ٿيندي“. ڪجهه عرصي کان پوءِ سخي هاشم جي دعا رنگ لاتو ۽ شاهه حبيب کي عرس فقير ڏيري جي نياڻي مان لاکيڻو لطيف ڄائو ته داين ۽ ٻانهين جي واتان خوشيءَ جا گيت ۽ شادمانا شروع ٿيا. آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾.
عاصي عبدالواحد ھڪڙو، مقالي، وتائي فقير جون ڪشف ۽ ڪرامتون، ۾ لکي ٿو ته شاھ لطيف جو جنم وتائي فقير جي دعا سان ٿيو هو. سرائي مرحوم فقير امداد علي ڪتاب: ڪستي منجهه ڪڻان ڇاپو آگسٽ 1995ع صفحي 28 تي لکي ٿو ته حبيب شاهه جي لاکيڻي ۽ صالح پُٽ جو جنم هڪ مڪرم ماءُ فاطمه جي پيٽان 1102هه ۾ امرت ويل صبح سوير جنم باعثِ برڪت ٿيو.
شاهه لطيف جي ولادت جون واڌايون سڀ کان اول حبيب شاهه کي مائي جنان اچي ڏنيون. تنهن کان پوءِ ٻين مُريدن فقيرن به سائين جن کي مبارڪون ڏنيون. شاهه لطيف جي ڄمڻ وقت دهليءَ ۾ اورنگزيب عالمگير جي حڪومت هئي.
مختلف ليکڪن شاهه لطيف جي جنم جي تاريخ ۽ هنڌ به مختلف لکيا آهن. اهي ماڳ ڀينءِ پور، موسى کٽياڻ، مٽياري، هالا حويلي، عالي فقير ڏيرو، مُلان مکڻ، سوئي ڪندر تعلقو ٽنڊو آدم لکن ٿا ۽ ولادت 1101، 1102هه مطابق 90-1689ع لکي آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق شاهه لطيف کي جنم ڏيڻ جو شرف، عرس فقير ڏيرو جي ننڍي نياڻيءَ کي مليو جيڪا شاهه حبيب جي ٻي گھر واري چئي وڃي ٿي. لطيف سائينءَ جو جنم پهرين رجب ڇنڇر 1102هه مطابق 31 مارچ 1691ع سيد حبيب شاهه جي گهر ديهه سوئي ڪندر جي سروي نمبر 134 ۾ سوئي ڪندر ٿيو. سندس والد کيس ڪن ۾ اذان ۽ اقامت چئي،
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم ،
قالو بليٰ، قلب سين تڏهن تت چيوم،
تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان. (سر مارئي)
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ سيد حبيب شاھ، لطيف کي تنجڻ سوڌو سخي سيد هاشم شاهه ڏانهن کڻي ويو ته ان ويل درويش وتايو فقير به اتي موجود هو.سخي هاشم شاهه اٿي بيٺو ئي مس ته وتايي فقير رڙ ڪري سائين حبيب شاهه کي سُکيرون ڏنيون ته اهو اٿئي اسان جو شاهه لعل لطيف، ائين چئي کانئس ننڍڙو لطيف وٺي، وڃي درياهه ۾ ٽُپو ڏنائين ته، وچ درياهه ۾ سندن ملاقات حضرت خواجه خضر سان ٿي ته ان وقت خواجه خضر لطيف کي ٻه املهه گل ڏنا. ٿوري دير بعد وتايو فقير، شاهه عبداللطيف ابهم ساڻ درياهه مان نڪتو ۽ رڙ ڪري چيائين ”حبيب شاهه پنهنجو پُٽ وٺ مان هاڻ هن جو علمي بار نٿو کڻي سگھان“.
لطيف سائين ٻاراڻي عمر ۾ پنهنجي ماسات محمد عالم ڏيرو سان کيڏيو، ان کان سواءِ جاني فقير ڏيرو سندس ننڍڙي هوندي جورفيق هو. لطيف سائين جي سنگت ۽ رفاقت فطري طور تي ڏيرن فقيرن جي ٻين ٻارن سان به ٿي، انهن مان اجن فقير ڏيرو ۽ سک فقير ڏيرو، اڳتي هلي شاهه لطيف جي حاضرات جا فقير ٿيا.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق مطابق، شاهه لطيف جي ننڍپڻ وارا ڪم ازڪم ٻارنهن سال کن پنهنجن ناناڻن ڏيرن فقيرن ۾ سئي ڪندر ۽ گنباٽ واري تر ۾ گذريا، انهيءَ عرصي ۾ ٻين ٻارڙن سان گڏ، گنباٽ سان لاڳو اولهه طرف واريءَ ايراضي ۾ ننڍڙي لطيف ٻارن سان گڏ ڏاڪ چميءَ، سيڙهه کينهوڙي ۽ پاڻيءَ ۾ ڪُندروءَ جھڙيون رانديون به کيڏيون.
محبوب علي سمون ڪتاب-ڀٽائيءَ تي بهتان جي صفحي 69 تي لکي ٿو ته شاهه جو ننڍپڻ ۽ جواني وارو زمانو قديم روايتن موجب مٽيارين ۾ گذريو آهي. جڏهن ته شاهه حبيب جي ولادت مٽيارين ۾ ٿي. سندس تعلق متعلوي سادات جي جراڙپوٽه قبيلي سان هو. ان هوندي به شاهه حبيب جو موسيٰ پوٽه پاڙي ۾ اچڻ وڃڻ گھڻو هوندو هو، ان جو سبب هي ٿي سگھي ٿو ته شاهه حبيب کي ٻه نياڻيون هيون. هڪڙي جي شادي موسيٰ متعلوي جي آڪهه مان هڪڙي سيد سان ٿي جنهن کي هڪڙو پٽ ۽ گھڻيون نياڻيون ڄايون ان پٽ جو نالو فقيرالله هو، جيڪو ننڍي هوندي گذاري ويو. شايد شاهه صاحب موسيٰ پاڙي ۾ پنهنجي ڀيڻ وٽ ايندو ويندو هو. مٽياري جي موسى پاڙي ۾ شاهه لطيف جي خروٿ (نماز پڙهڻ جي جاءِ) هئي. سيد مهدي شاهه جي روايت مطابق مٽياريءَ جي موسيٰ محلي ۾ شاهه لطيف ڏهه سال چله ڪشي ڪئي هئي.
سيد حبيب شاهه، شاهه عنايت رضوي ۽ سخي هاشم شاهه سان وقت به وقت رهاڻيون ڪندو هو. شاهه لطيف جڏهن پنجن ورهن ٿيو ته سندس والد کيس سخي هاشم وٽ وٺي آيو، هن بزرگ لطيف کي ڏسي فرمايو!
”حبيب جو پُٽ اڃان پچي راس نه ٿيو آهي“
روايت آهي ته لطيف سائين جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته ميي عيسى کيس ڏسي فرمايو ته ”ڪو ڏينهن ٿيندو جو هن ٻار مان اهي، گل نڪرندا جن جي سڳنڌ ساري عالم کي سرهو ڪري ڇڏيندي“.
ڪجهه وقت کان پوءِ سيد حبيب شاهه، مخدوم نوح سرور جي درگاهه تي زيارت لاءِ ويو ته ”قبر مان آواز آيس“ ”اي حبيب وَڃُ “ ۽ ”لطيف کي وَنڊُ ڏي، ۽ پنهنجو مريد ضرور ڪجانس.“ پوءِ موٽي اچي کيس ٻاروتڻ کان بلوغت تائين پاڙهيندو ۽ سمجھائيندو رهيو. تنهن بعد کيس اسم ذاتي جي تلقين ڪري قادري طريقي جو خرقو ڍڪايائينس.
شاهه حبيب جي دور ۾ نصرپور هڪ واپاري شهر هو، آس پاس جا ماڻهو توڙي شاهه حبيب پنهنجي گهر جو سامان خريد ڪرڻ لاءِ نصرپور ايندو هو. ان زماني ۾ نصرپور شهر جي شاهي بازار جي منڍ ۾ ”ابراهيم“ نالي هڪ سالڪ مجذوب درويش کبڙ جي هيٺان ويٺو هوندو هو. شاهه حبيب جڏهن به نصرپور ايندو هو ته پنهنجي پياري فرزند شاهه لطيف کي به گهوڙي تي پنهنجي پوئتان سوار ڪري ايندو هو ۽ پنهنجي گهوڙي انهيءَ مجذوب واري کبڙ وٽ اچي ڍريندو هو. ابراهيم مجذوب هميشه لطيف سائينءَ کي غور سان گهوريندو رهندو هو. هڪڙي ڀيري هن درويش شاهه حبيب کي سڏي فرمايو ته سائين! ”هن نينگر جي پيشاني ٻڌائي ٿي ته هي وڏو عابد، زاهد ۽ پنهنجي وقت جو وڏو ولي ڪامل ٿيندو. توهان کيس پنهنجي پوئتان گهوڙيءَ تي سوار نه ڪندا ڪريو!“ ابراهيم مجذوب جي مزار اڄ به نصرپور شهر جي وڏي بازار جي منڍ ۾ موجود آهي. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو ولي الله ۽ سالڪ مجذوب ٿي گذريو آهي. حوالو: قريشي حامد علي خانائي، مضمون: ڪوٽڙي مغل شاهه لطيف جي مجازي بستي، رسالو مهراڻ 4، 1983ع، ص: 84.
شاهه حبيب لطيف کي هڪ کٽيءَ وٽ کٽڪو ڪم سکڻ لاءِ ويهاريو. اهڙي نموني مٽيارين ۾ ڪورين ۽ کٽين جا هنر به شاهه صاحب جي نظر مان نڪتا. هڪ دفعي شاهه صاحب کي سانوڻ جي موسم ۾ کٽي چيو ته آئون ڪم سانگي ٻاهر وڃي رهيو آهيان جيڪڏهن مينهن پوي ته ڪپڙا پسڻ کان بچائجانءِ. هڪ ڏينهن مينهن به سانڀاها ڪري آيو، ڦڙ ڦڙ پوڻ شروع ٿي ته شاهه صاحب سڀ ڪپڙا رسين تان لاهي نير ۾ وڌا (جيڪي در اصل الڳ الڳ جاين تي رکڻا هئا). مالڪ جڏهن ڪم لاهي واپس آيو ته شاهه صاحب کان پڇا ڪيائين ته شاهه خير ته آهي؟ ڪپڙا ڪيڏانهن ويا؟ شاهه صاحب وراڻيو ته مينهوڳيءَ جي ڪري ڪپڙا سڀ لاهي نير ۾ وڌا اٿم ته جيئن برسات کان بچي وڃن. کٽي چيو ته شاهه! تو ته منهنجي سموري محنت برباد ڪري ڇڏي. ڪپڙا مختلف رنگن ۾ رڱڻا هئا هاڻي گراهڪن کي ڪهڙو جواب ڏيندس!. شاهه صاحب چيس ته گهٻراءِ نه، تون مون کان جيڪو رنگ گهرندين سو توکي ڏيندس! اهڙيءَ طرح کٽيءَ جيڪي رنگ طلب ڪيا سي شاهه صاحب نير مان ڪڍندو ڏيندو پئي ويو. (حوالو: سمون محبوب علي، مصنف، ڀٽائيءَ تي بهتان، علمي ادبي اشاعت گهر مٽياري، 1998ع، ص: 70).
روايتن موجب شاهه حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ استاد ميون نور محمد ڀٽي کان وانئين (وائي) ڳوٺ ۾ مڪتبي تعليم پوري ڪرائي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي تحقيق موجب، شاهه حبيب آخوند نور محمد ڀٽي کي پاڻ وٽ رهايو هو ۽ هن شفيق استاد پنهنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي.
شاهه لطيف جي ديني تعليم بابت مختلف روايتون: ڪتاب ”ڀٽائيءَ تي بهتان“ ۾ مصنف لکي ٿو ته، فقير خدا ڏني ميمڻ جي روايت مطابق، شاهه صاحب موسيٰ محلي ۾ سندن ابن ڏاڏن مان آخوند احمد ۽ محمد جن وٽ پڙهڻ لاءِ ايندو هو. هڪ دفعي شاهه حبيب شاهه لطيف کي پڙهائڻ لاٰءِ آخوند احمد وٽ ڇڏي ويو. هڪ سال گذرڻ کان پوءِ شاهه حبيب، شاهه صاحب وٽ آيو ۽ کانئس پڇا ڪيائين ته ”پٽ توکي آخوند صاحب ڇا پَڙهايو آهي؟“ شاهه صاحب وارڻيو ته ”بابا سائينءَ ڪجھه به نه پڙهايو آهي.“ پوءِٰ آخوند احمد چيو ته سائين لطيف کان پڙهائي ڏسو ته اوهان کي پتو پوندو! شاهه صاحب پهرئين پاري کان پندرهين پاري تائين بر زباني پڙهي ٻڌايو. شاهه حبيب ٻئي سال شاهه صاحب کي قرآن پاڪ جي تعليم لاٰٰءِ آخوند محمد وٽ ڇڏي ويو. ٻئي سال پوري ٿيڻ تي شاهه حبيب، شاهه لطيف کان پڇيو ته آخوند صاحب ڪجهه پڙهايو اٿئي يا نه؟ شاهه صاحب ورندي ڏني ته ”بابا سائين! ڪجھه به نه“ آخوند صاحب چيس ته سائين لطيف کان پڙهائي ڏسو ته اوهان کي پاڻهي خبر پئجي ويندي. شاهه صاحب سورهين پاري کان والناس تائين بر زبان پڙهي ٻڌايس. اهو ڏسي آخوند صاحب حيران ٿي ويو ۽ شاهه صاحب جي علم لدني کان متاثر ٿيو. هن ڪتاب مطابق اهي ٻئي ڀائر ميمڻ هئا. حوالو، سمون محبوب علي، ڀٽائيءَ تي بهتان، ڇاپو پهريون، جنوري 1998ع. ص، 69، 70.
هڪ روايت مطابق ٽنڊي محمد کان لڳ ٽکڙ جبل وٽ هڪ ڳوٺ ۾ ڀٽائي صاحب کي سندن والد قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ استاد احمد ڪوري ۽ محمد ڪوري وٽ ڇڏي آيا، جڏهن استادن ڀٽائي کي پڙهڻ لاءِ چيو ته ڀٽائي نه پيو پڙهي، استادن جي سختي بعد ڀٽائيءَ کين پندرهن سيپارا ياد ٻڌايا. ساڳي نموني ٻئي استاد ڀاءَ کي به ڀٽائي پندرهن سيپارا بر زبان ٻڌايا. اهي استاد ٽکڙ جبل جي ڀر واري ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهن. (حوالو: نواز ڪنڀر، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ثقافت کاتو، ڇاپو پهريو ڊسمبر 2014ع، ص: 114 ـ 115 )
شاهه لطيف جڏهن سترهن، ارڙهن سالن جي عمر جو ٿيو ته، حبيب شاهه، کيس سخي هاشم شاهه وٽ وٺي آيو.سخي هاشم، لطيف کي ڏسندي دعا ڪئي ته: ”لطيف جو چراغ روشن ٿيندو“. پوءِ ستت ئي سخي هاشم شاهه 12 ربيع الاول سن-1120هه 1708ع ۾ برقعو مٽايو.
روايت آهي ته شاهه لطيف ويهن ورهين جو ٿيو ته شاهه حبيب جي مريد مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پئي، اتفاق سان ساڳئي وقت شاهه حبيب جي طبيعت به ناساز هئي. انهيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي پنهنجي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين. شاهه لطيف، مرزا مغل جي دختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيائين.
”جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو“
اهي سخن سڻي مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لال ٿي ويا ۽ سيدن کي ايترو ته تپايائون جو هو لاچار ٿي ڪجھه مفاصلي تي ڌار حويلي اڏي ويٺا. مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيبي سيده بيگم (اصل نالو عائشه) جي عشق شاهه صاحب کي ٽي ورهيه هرڻ ۽ هما وانگر صحرائن ۽ بيابانن جا سير ڪرايا.
هڪ دفعي دل قوم جا ڌاڙيل، مغرور امير مرزا بيگ مغل جي حويلي تي ڪاهي آيا، مرزا پاڻ اتي ڪونه هئو ۽ ڌاڙيل سڄو سامان زيور ڦر ڪري ڀڄي ويا. مرزا موٽي اچي ڪاري وارن ڪکن تي بيٺو. پوءِ شاهه لطيف، مرزا بيگ کي چيو ته هن ڏکيءَ ويل اسان تي فرض آهي، ته اسان ايمانداري سان اوهان جي امداد ڪريون. مرزا بيگ، شاهه صاحب کي نهايت حقارت سان جواب ڏيندي چيائين ته اوهان جي امداد جي ڪابه ضرورت ڪانهي اسان پاڻ مرد آهيون.۽ پوءِ شاهه لطيف کي گٿا لفظ چيائين ۽ ڪي ويڻ ڏئي هڪالڻ لڳو، جنهن تي شاهه لطيف جلالي انداز ۾ چيو ته
”بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙي ۾ ڪان
اٿم آس الله ۾، دل مارينئي ما نه“
شاهه سائينءَ جي پاراتي بعد مرزا جو موت ٿيو، مرزا مغل بيگ جي وفات سن 1124هه 1712ع جو ماده تاريخ ڪڍندي شاهه لطيف جي هڪ فقير ”بود خبيث“ چيو تڏهن شاهه لطيف في البديهه فرمايو: ”يک مغل به بوده“ يعني هڪ ڀلو مغل هو. شاهه سائينءَ جي سهري مرزا مغل بيگ جي قبر ٽنڊي الهيار لڳ بيگلارن جي تاريخي قبرستان ۾ آهي.
پوءِ مغلن جي ڪجهه ڀاتين شاهه حبيب کي منٿ ميڙ ڪري راضي ڪيو ۽ شاهه لطيف کي سنڱ ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا. شاهه لطيف جي شادي سيده بيگم (سعيده) سان ٿي ته ان وقت شاهه لطيف جي عمر 22 سال هئي. شاهه سائين جا مريد، شاهه لطيف جي گھر واريءَ کي ادب وچان تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) نالي سان ياد ڪندا هئا. ڪجھه عرصي کان پوءِ لطيف سائين جي گھر ۾ اميدواري ٿي. هڪ ڏينهن حويليءَ تان نوڪرن کي حڪم مليو ته، ”پلو آڻي ڏيو.“ هڪ ته گرمي جي مند درياهه ۽ واهن ۾ پاڻي به ڪونه هو، تنهن ڪري پلي جي موسم به ڪونه هئي. حويليءَ جا فقراء حڪم جي بجا آوري ڪندي چئني طرف هليا ويا. انهن مان هڪ هالن جي شهر هلندو وڃي مقامي بزرگ ۽ درويش ”هوت فقير ميمڻ“ جي اوطاق تي پهتو، هو ڪهندو سهڪندو ۽ اُڀا ساهه کڻندو اوطاق ۾ پيل کٽ تي اڇي ويٺو. هوت فقير ان وقت آڏاڻي مٿان دڪان ۾ ويٺل هو. ۽ ڪپڙي جي اڻت جي ڪم ۾ مشغول هو. هن جو ڀٽائي جي فقير کي ڏٺو ته، کانئس احوال ورتائين: ”ابا فقير، ڇو ههڙي گرميءَ ۾، تتل ڏينهن جو ڪهي آيا آهيون؟ خير ته آهي؟“ فقير وراڻيو: ”سائين، ٻيو سڀ خير آهي، ڀٽائي سائين جي گھرواري (تاج المخدرات) اميدواري آهي.گھر ۾ پلي جي طلب ٿي، انڪري پلي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتل آهيون. پر هن وقت پلي جي مند نه آهي ۽ نه موسم.“ هوت فقير چيو ته، ”الله سائين خير ڪندو، حويلي ۾ حجائتي طلب ٿي آهي.“ ائين چئي هوت فقير جو نڙو وڃي آڏاڻي جي کڏ ۾ ڪريو. پاڻ بسم الله الرحمن الرحيم چئي، هٿ هيٺ اندر پيرن تائين ڊگهيريائين ته، نڙي بدران جيئرو جاڳندو، ڦٿڪندو پلو ڇڪي ٻاهر ڪڍي چيائين. ”اچي فقير! تون هي تازو پلو کڻي هل ۽ جلد حويليءَ ڏي روانو ٿيءٌ.“ ائين چئي جيئرو پلو ان فقير کي ٿالهه ۾ وجھي ڏنائين پوءِ فقير خوشيءَ مان ٻهڪندو، کلندو، مسڪرائيندو حويلي ڏانهن روانو ٿي ويو. هوڏانهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن واري واري سان فقيرن جي پڇا ڪئي ته، کيس ٻڌايو ويو ته، ”حويليءَ تان پلي جي طلب ٿي هئي، سو ان سلسلي ۾ اهي فقير چئني پاسي نڪتل آهن.“ شاهه سائينءَ اها صورتحال ڏسي ويهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو، پوءِ سندس زبان مان هي لفظ نڪتا ته، ”اڃا دنيا جي تختي تي آيا ئي ڪونه آهن جو هينئر کان ئي منهنجي فقيرن کي تنگ پيا ڪن.“ اهڙو اولاد ئي نه کپي جو منهنجي فقيرن کي رُلائي، منهنجا فقير ئي منهنجا ٻالڪا آهن. پوءِ بيبي صاحبه جي پيٽ ۾ ئي اهو ٻالڪ سڪي ويو ۽ بيبي صاحبه کي اولاد نه ٿيو، پر اڳتي هلي ڪٽنب جي مٽن مائٽن شاهه سائين جي وارثت کي سنڀاليو. اهو سجاده نشيني سلسلو اڄ تائين جاري آهي. (مضمون: ڀٽ ڌڻي ۽ ڏاڏو هوت فقير، تحرير، الله بچايو ميمڻ، ڪاوش مڊويڪ مئگزين اربع 20 مئي 2015ع، ص:10.)
هڪ دفعي شاهه صاحب ڪنهن سفر تان موٽيو ۽ هر جيوت ۾ محبوب کي پسي اچي بهرم بري سرڪار جي درگاهه ڀرسان ٽي ڏينهن لاڳيتو هڪ هنڌ غش ئي غش لڳو پيو هو، سندس جسم تي واريءَ جا تهه چڙهي ويا ۽ رڳو سندس هڪ ڪپڙي جو پلاند ظاهر هو. قضا سان هڪ پنهوار جي مٿس نظر پئي جنهن سارو احوال شاهه حبيب کي سڻايو. پوءِ شاهه حبيب انهيءَ هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي،
شاهه لطيف بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ڀري ۽ ٺهه پهه جواب ۾ چيو:
پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
شاهه لطيف کي جوانيءَ ۾ سندس والد صاحب طريقت جي راهه ڏسي ۽ نفساني خواهشن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ زهد و تقويٰ، رياضتن ۽ مشاهدن جي تلقين ڪئي هئي. پوءِ هن تي تلقين جو اهڙو ته اثر ٿيو جو تهجد نماز بعد فجر جي آذان تائين سؤ ڀيرا هنن لفظن جو ذڪر ڪندو هو. ”هُئين به تون. آهين به تون، هوندين به تون. ٻيو نه ڪير هُئين به تون ـ فاني سڀ ـ باقي تون ـ تون هين تون ـ ٻيو نه ڪير ـ تون هين تون“. چئي دعا لاءِ هٿ مٿي کڻي سوره حمد ۽ درود شريف پڙهڻ کان پوءِ رب سائين جي جلاليءَ کي ماٺي ڪرڻ لاءِ دعا ۾ هي بيت چوندا هئا.
1ـ جيئڻ ناهي جڳ ۾، ڏينهن مڙيئي ڏون،
الا عبداللطيف چئي، آهين تونهين تون.
2ـ ڪيو مطالع مون، هي جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.
3ـ مارو مٽ ملير جا سڀئي پرکيا سون،
سوکيءَ ڀائي سڀ ڪو اوکيءَ تون ئي تون،
موليٰ مٿان مون، ٻڙو لاهه مَه ٻاجھه جو.
4ـ بچائجان باري آهيان گناهن جي گودڙي،
نڪو پئسو پتڻ جو نه ظاهر ڪيم زاري،
آهيان اگهاڙي، ڏجان پاند پناهه جو.
5ـ ستر ڪج ستار آءُ اگهاڙي آهيان،
ڍڪئين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
6ـ جيسين جيارين، هادي رکين حفظ ۾،
محتاجي مخلوق جي، قادر نه ڪارين،
عربي عبداللطيف کي، ويل نه وسارين،
پرڪش پيارين، پازيءَ دران پنهنجي.
۽ ٻيا دعائيه بيت به پڙهندا هئا جيڪي رسالي جي مختلف سرن ۾ موجود آهن.
سيد حبيب جڏهن پنهنجي فرزند کي رات ڏينهن عبادت، زهد تقويٰ ۽ فقيري حال ۾ شعر پڙهندي ڏٺو ته هڪ دفعي مرڪي چيائينس ته ”ابا سنڌ جي سرزمين ته ساري اوليائن کيڙي ڇڏي آهي. توهان پنهنجي اوڙ ڪٿي هلائيندا“ لطيف سائين فرمايو بابا سائين مان ان جڳهه تي هر هلائيندس جتي ڪنهن جي به اوڙ نه هلي آهي. يعني ”سمنڊ کيڙيندس“ ڪجهه ماڻهن جي دلين تي اوڙ هلائي انهن کي گس لائيندس، سائين شاهه عنات رضوي به اها صلاح ڏني آهي. (حوالو، مضمون شاهه ۽ سنڌي، ليکڪ، فقير امداد علي سرائي)
هلائج هينئين ۾ الف سندي اوڙ،
ته ڪتابن جي ڪوڙ، منجھان تو معلوم ٿئي.
پوءِ سيد حبيب پنهنجي پٽ کي وقت جي جيد عالمن سان ۽ ٻين لاتعداد بزرگن سان ملاقاتون ڪرايون. انهن مان شاهه عنات رضوي جي صحبت مان لطيف سائين ته اڳ ۾ ئي گھڻو ڪجهه پرايو هو. پوءِ شاهه عنات کان سواءِ ٻين بزرگن سان پڻ روح رهاڻيون ڪرايون ۽ الله لوڪ انسانن توڙي مماتيءَ وارن بزرگن جا درشن پڻ ڪيائون.
شاهه صاحب جڏهن ٽيهن ورهين جو ٿيو تڏهن ڪشش ٿيس ته وڃي بڪيرن جي ڳوٺ مان قائم الدين قلندر جي زيارت ڪري اچان، ٻه ڏينهن ساندهه پنڌ ڪري وڃي ان ڪامل جي ڳوٺ ۾ پهتو. درويش پنهنجي ڀڳل کٽ تي براجمان هو ۽ شاهه کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گهڻي مرحبا ڪيائينس. پوءِ چيائينس ته ”منهنجا محب تو ۾ مان وڏيءَ ولايت جا آثار ٿو ڏسان، هاڻ هتي ترسي پؤ، جيسين رمضان شريف پورو ٿئي پوءِ وڃجانءِ“. شاهه صاحب ڪامل جي ارشاد موجب سارو رمضان شريف جو مهينو سندس صحبت سڳوريءَ ۾ رهي پيو. انهيءَ ڪامل درويش ئي کيس اويسي طريقي جا راز ڏيئي هڪ سچو اويسي بنائيس.
جا براد بُتن جي سا اڃ بک آديسين،
روزا رند رکن، عيد نه اوڏا ڪاپڙي. (سر رامڪلي)
روزا ۽ نمازون اِيءُ پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن ۾ پسڻ پرين کي. (سر آسا)
لطيف سائين اڪثر سفر دوران قرآن شريف، شاهه ڪريم جو ڪلام (بيان العارفين) ۽ مثنوي مولانا روم جي نسخي (مثنوي مولانا روم، نور محمد ڪلهوڙي کيس تحفي ۾ ڏني هئي) جو مطالعو ڪندا هئا. شاهه سائين جن وڏا سيلاني هئا، پاڻ مختلف ماڳن جا سير سفر ڪيائون. جن ۾ گنجو ٽڪر (نيرون ڪوٽ)، لاهوت، هنگلاج، لسٻيلو، ٺٽو، ڪيچ، (ڀنڀور کان ڪيچ تائين ڪل 36 ماڳ اهڙا آهن جيڪي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن اهي ماڳ اڄ تائين انهن نالن سان سڃاڻپ رکن ٿا، محقق: گل حسن ڪلمتي ۽ رخمان گل پالاري). ملير، ڪلاچي، ٿر، ڪڇ، ڀڄ، کنڀات، گجرات ديبل بندر، مانجهند، ترائي (شڪارپور) جي بزرگن، درويشن عالمن سان ملاقاتون ڪيائون ۽ سماواتي ايراضي ۽ لاڙ جي ايراضي تان به لاتعداد ڀيرا ڪيائون. ساهتي پرڳڻي ۾ ڳوٺ بگا، ڳوٺ وايون لڳ درٻيلو، کاهي راهو، آگرا، ڪوٽڙي محمد ڪبيرکان کهڙا شريف، درازا، بکر، روهڙي، گھوٽڪي، ملتان، راولپنڊيءَ تائين سيرسفر ڪيائون. جن به ماڳن تي شاهه لطيف پريت جا پير گھمايا انهن ماڳن تي اڄ به لطيفي لوڙها، اوتارا ۽ تڪيا موجود آهن. هڪ اندازي مطابق شاهه لطيف پنج-ڇهه سال سير و سفر ۾ گذاريا. ٻي ڪٿ موجب 22 سال سير سفر ڪري بيشمار بزرگن سان رهاڻيون ڪيائون.
روايت آهي ته شاهه حبيب بيماري جي حالت ۾ قاصد کي شاهه صاحب ڏانهن هي بيت چورائي موڪليو.
ڪنهن جنهن نينهن ننڌاءِ، جي مون واجھائيندي نه ورو،
جيڪي مئي ڪنداءِ، سو جانب ڪريو جيئري.
جواب ۾ شاهه صاحب چورائي موڪليو ته:
متان ٿئين ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
شاهه لطيف جي عمر 42 سالن جي قريب ٿي ته سندس والد صاحب بيمار ٿي پيو. پاڻ ان جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائون پر آخر اهڙو وقت به آيو جو ڦڪين فرق نه ڪيو ۽ شاهه حبيب جو وصال ٿيو. ان وقت شاهه صاحب ٻاهر آيو ته سندس فقيرن کانئس حبيب سائين جو حال پڇيو، تڏهن پاڻ جواب ڏنائون ته:
اوٺي اٻهرا ٿيا بيٺا تنگ ڪشين،
ڪڇن پڇن ڪينڪي ورندي وات نه ڏين،
لاکيڻا لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏين،
نيڻ نماڻا کڻيو هنجون ٿا هارين،
سي جنگ جواب نه ڏين، ڪنهن ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا.
شاهه حبيب سال 1144هه ۾ وفات ڪئي پوءِ کيس ڀٽ تي دفنائڻ وقت شاهه لطيف هي بيت پڙهيو هو.
ڪڙهه سوڙهي سورگھڻا ڪٿي سانڍيان ساهه،
نه کري نه کڙڪو نه بازيگرجو واءُ،
لڱن مٿان ماهه، سڪيو وڃي سيد چئي.