شاهه لطيف ۽ مخدوم صابر ولهاري
مخدوم صابر، ميين محمد امين ڊاسوڙيءَ واري جو شاگرد هو. ڪتاب سراج العاشقين، ڇاپو 1998ع، صفحو 181 تي لکيل آهي ته، مخدوم ولهري رام ڏيي وارن بزرگن جي شاگردن مان هڪ شاگرد هو. هڪڙي ڏينهن سندس پاڏو سندس استاد جي مينهن سان پي وڙهيو ۽ ان کي ٽڪر پئي هنيائين. مخدوم صاحب ان جي ويڙهه ڏسي پاڏي کي چيائين ته اي پاڏا ! اسين هن جاءِ تي ادب ڪريون توکي ڇا ٿيو آهي، جو منهنجي استاد جي مينهن سان پيو وڙهين. پاڏو اهو آواز ٻڌڙ شرط جيئن اتان ڀڳو وري پيدا نه ٿيو.
هن ڪرامتي بزرگ سان به شاهه صاحب جي ملاقات ٿي آهي. هڪ دفعي شاهه صاحب سفر ۾ هئا ۽ سندس اکيون اٿي پيون هيون، جنهنڪري اکين تي سائي اڳڙي لڙڪائي ڇڏي هئائون. مخدوم صابر پنهنجي تر ۾ شاهه صاحب جي آمد جو ٻڌي سندس ملاقات لاءِ ڪهي آيو ۽ شاهه صاحب کي مخدوم ولهاري جو اڳ ۾ ئي نالو ٻڌل هو، جڏهن مخدوم صاحب سندس ڪچهري ۾ اچي ويٺو تڏهن شاهه صاحب اکين تان اڳڙي پري ڪندي فرمائي ٿو ته، ”اي منهنجون اکيون هي اهڙو ئي آهي نه، جھڙو مون اوهان کي چيو ٿي؟“ مخدوم صاحب سان هڪ طالب علم مريد ملا حسين نالي ساڻ هو، تنهن کي شاهه صاحب جو مٿيون گفتو نه آوڙيو. ڀايائين ته شاهه صاحب منهنجي مرشد تي ٽوڪ ڪئي آهي، تنهن شاهه صاحب کي چيو ته، ”اوهان جو والد ته ڪهڙو نه وڏو بزرگ ۽ ديندار درويش هو جنهن جو ظاهر باطن شريعت سان سينگاريل هو. تو پاڻ کي ائين ڇو بڻايو آهي، جو الله تعاليٰ جي نعمتن کان محروم رهجي، کٿو ڍڪيو گھمندو وتين ٿو؟“ شاهه صاحب فرمايو ته ”مخدوم صاحب آهي گلاب جو گل جنهن جي خوش بوءِ سان دماغ کي تازگي پهتي آهي. پر گل سان گڏ ڪنڊا به ٿيندا آهن“. جي پيا چڀندا آهن. پوءِ هيٺيون بيت فرمايائون:
پنهوار ڪي پهي، جي هوند چکيائين،
ته ميهار ڪي مهي، سا جھر ڇڏيائين.
لفظ پهي جي جاءِ تي ليکڪن ٻرهي به لکيو آهي. پاهي (پهي) معنيٰ ٻاڪري ڇڊي جھڻ، مهي گھاٽو ڏڌ. شعر جو مطلب آهي. ته جيڪڏهن پنهوارن جي ٻڪرين جي ڇڊي لسي چکي ها ته مينهن جي گھاٽي مهي وسري وڃيس ها، يعني ته جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪارڻ نابودي ۽ عاجزي قبول ڪري ته هوند سندس وڏائي ۽ گيرپ گاءُ سڀ ڇڏي وڃيس ها. ميين صابر ولهاريءَ سان ملاقات دوران ڀٽائي صاحب جي اتي جي ٻن مشهور بزرگن مييون محمد معروف بن مييون صابر ۽ مييون مقبول بن معروف سان به ملاقات ٿي.
عاصي عبدالواحد هڪڙو، مقالي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سماواتي ايراضيءَ ۾ سير ۽ سفر، ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي شاهه لطيف، مشائخ هوٿيءَ جي مزار جي زيارت ڪرڻ بعد، مشائخ هوٿيءَ جي پٽن احمد ۽ محمد جي مقبرن تان قل پڙهي واپس ٿيو ته مقام جي ٻاهران مشائخ هوٿيءَ جي قائم ڪيل مدرسي ۾ ان وقت جي استاد ميين محمد صابر بن شيخ احمد سان سندس ملاقات ٿي.، مييون محمد صابر ٻارن کي پڙهائي رهيو هوته، ڀٽائي صاحب کانئس سوال ڪيو ته ”ٻارن کي پاڙهين ويٺو يا کارين ويٺو؟“ ميين محمد صابر کيس ورندي ڏني ته ”جي کريا ته به تو جھڙا ٿيندا ۽ جي پڙهيا ته وڏا عالم ٿيندا.“ انهيءَ جواب ملڻ کان پوءِ ڀٽائي صاحب مدرسي مان تڪڙو تڪڙو نڪري روانو ٿيو. ايتري ۾ ميان محمد صابر شاگردن کي چيو ته وڃو شاهه صاحب کي وٺي اچو، طالبن ڀٽائي صاحب کي چيو سائين استاد صابر توهان کي سڏي ٿو. ڀٽائي صاحب ڇوڪرن کي پنهنجو سامان هڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڏنو. ڇوڪرن کي چيائين ته هي سامان کڻي هلو آءُ اچان ٿو. پوءِ ڀٽائي جھنگ ۾ ويو اتان گم ٿي ويو. ڇوڪرا ڀٽائي صاحب جو انتظار ڪري موٽي اچي اهو سامان ميان محمد صابر وٽ کڻي آيا. ميين صاحب چيو ته ابا شاهه سائين جن سوکڙي ڏئي هليا ويا آهن، سا سنڀالي رکبي. اهو سامان اڄ تائين مشائخ هوٿيءَ جي پوٽن وٽ موجود آهي. جنهن مان الفي تمام گھڻي زبون ٿي وئي آهي، باقي ڪشتو ۽ قرآن شريف صحيح حالت ۾ پيل آهن. هن مان ظاهر آهي ته ڀٽائي صاحب کي پاڻ کان هن وڏي بزرگ ۽ درويش لاءِ محبت ۽ عزت هئي.
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ٻارهون، آگسٽ 2018، ص: 15 تي صابر ولد عبدالڪريم ۽ عاصي عبدالواحد هڪڙي پنهنجي مضمون ۾ مخدوم صابر جو والد شيخ احمد لکيو آهي. ٺٽوي مير علي شير قانع، تحفة الڪرام، مترجم مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون، 1989ع، ص: 418 . بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، تحقيق ۽ تصنيف، ڪتاب رهاڻ هيرن کاڻ، جلد ڏهون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2011ع، ص: 71 تي مخدوم صابر بن عثمان، مخدوم صابر کي ٻه فرزند، ميان محمد معروف ۽ ميان فقير محمد، هن ڪتاب ۾ مخدوم محمد صابر جو شجرو به ڏنل آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي اها تحقيق درست آهي.