شاهه لطيف ۽ مييون محمد مبين سانده پور ٿرائي (چوٽياروي)
ڪتاب ”سنڌ جا درسگاهه“ ص، 22 تي ميون محمد مبين ولد اوڀائيو. ڪتاب ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. سوانح حيات ۽ علمي خدمتون“ ص، 196 تي ميون محمد مبين بن مجاهد بن اوڀايو عرف جاهد بن زفر خيرالدين بن صاحب. حوالو، قبولائي سائين بخش تاج محمد مرتب، ”مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي“ ڇاپو 2010ع، ص 14 تي ميان محمد مبين بن رعد ڪيريو.
ميان صاحب اندازن 1140هه ۾ ٺٽي مان تعليم پوري ڪري پوءِ چوٽيارين ۾ مدرسي جو بنياد رکيائين، علم سان گڏ حلم جي گڻ سان به سينگاريل هو نهايت نوڙت ۽ تواضع وارو بزرگ هو. مييون محمد مبين ڪنهن به عالم بزرگ ڏانهن ديني مسئلن بابت خط لکندو هو ته ان ۾ پنهنجو نالو هميشه مسڪين محمد مبين ڪري لکندو هو. هن بزرگ شاهه عنايت رضوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ شاهه لطيف سان ڪچهريون ڪيون.
حضرت ڀٽ ڌڻي جڏهن به ٿرپارڪر جي سفر تي ويندو هو ته اولهه کان اوڀر طرف سفر ڪندو هو. ٿرپارڪر جي قديم ايراضي جيڪا هاڻي سانگهڙ ضلعي ۾ شامل آهي. هاڪڙي جي ساڄي طرف چوٽياريءَ جي پٽ ۾ شاهه لطيف چلو ڪڍيو هو، انهيءَ ايراضيءَ ۾ شاهه لطيف اڪثر سانوڻ جي مُند ۾ انهي دور جي وڏي عالم ۽ معلم ميين مبين ڪيريي سان ۽ ان جي ذهين شاگرد ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان شاهه صاحب ملاقات ڪئي هئي. هڪ ڀيري ماني کائي ڳالهين ۾ ويٺا ته گھڻي دير تائين ويٺا رهيا. جڏهن شاهه لطيف موڪلائڻ لاءِ اٿيو ته مبين ٿرائيءَ چيس ته، جھڙ ڦڙ آهي ترسي پئو، شاهه لطيف جواب ۾ هيءَ مصرع چئي جيڪا سر رامڪليءَ جي هڪ بيت ۾ آهي. ”ردا جا رضا جي، سا اوڇڻ آديسين.“ اها سٽ تمام گھڻن ليکڪ نقل ڪئي آهي. جڏهن ته ڪجهه رسالن ۾ ان سٽ جي پڙهڻي هن طرح ملي ٿي. ”ردا آهي راز جي اوڇڻ آديسين“. مڪمل بيت هيٺ ڏجي ٿو.
مونا طور سينا سندا سناسين،
پورب کنيو نه پاڻ سين بود بيراڳين،
ردا آهي راز جي اوڇڻ آديسين،
قرب ڪاپڙين نهن چوٽيءَ سين ڍڪيو. (رامڪلي)
ميين محمد مبين جي دور ۾ مائي ڄامان، ڄامل جيڪا انهيءَ ايراضيءَ جي جوڻيجا خاندان مان هئي ۽ ٿر جي مشهور عالم عبدالله ڏيري جي معرفت ميان نورمحمد ڪلهوڙي سان شادي ڪيائين. مائي ڄامان مٺان خان جوڻيجي جي ڌيءُ هئي. سنڌ جي پهرين سماج سڌارڪ خاتون مائي ڄامان ڪيتريون ئي مسجدون ٺهرايون ۽ ڪوهه کوٽرايا. چوٽياريءَ جي قديم ڳوٺ ۾ ٺٽي جي دابگران مسجد جهڙي هڪ شاندار مسجد ٺهرائي پوءِ ميين مبين کي عرض ڪيو ته هن مسجد کي مدرسي لاءِ استعمال ڪيو، پوءِ ميين کيس ورندي ڏياري موڪلي ته ”اها مسجد حاڪم جي پئسن مان ٺهي آهي، ڪيئن چئجي ته اهو پئسو حق حلال جو آهي، ان ڪري ان مسجد کي نماز لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگھجي.“ ان فيصلي بعد ميون مبين اهو ڳوٺ ڇڏي پوءِ ٻه ميل پري اتر طرف هڪ نئون ڳوٺ ٻڌائين ۽ اتي درسگاهه قائم ڪيائين. مائي ڄامان کي انهيءَ واقعي جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن نيڪ مائيءَ ڪپهه جون پوڻيون ڪتي، ڀرت ڀري ۽ پنهنجي ذاتي ملڪيت مان ٻيون شيون وڪرو ڪري اهي پئسا ميين مبين جي حوالي ڪيا ته ان مان مسجد ٺهرائي استعمال ڪري. پوءِ ميين صاحب انهن پئسن مان نئين ڳوٺ ۾ هڪ سادي مسجد ٺهرائي، جنهن جي ڇت رهجي وئي، پر ميين صاحب ان جي پرواهه نه ڪندي ان ۾ مدرسو هلايو ۽ اتي ئي نماز پڙهايائين.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن هن علائقي ۾ سير تي آيو ته شاندار مسجد ويران ڳوٺ ۾ ٺهيل ڏسي ان بابت احوال معلوم ڪيائين ۽ ميين صاحب جو دليل ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پهرين مسجد لاءِ فرمايائين ته:
چائت رکي چت ۾ سنهون ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دڪو داخل نه ڪيو.
۽ پوءِ اها سادي مسجد به ڏنائين جيڪا نماز لاءِ استعمال ٿئي پئي، جنهن تي ڇت ڪانه هئي. پر پنجئي وقت ان ۾ نماز قائم هئي، انهيءَ لاءِ فرمايائين ته:
محبت رکي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو. (سر ڪاپائتي)
ان کان پوءِ شاهه صاحب ميين مبين سان روح رهاڻ ڪئي ۽ سندس لائق شاگرد ميين ملهار عرف مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي سان رهاڻ ڪيائين. جيڪو ان وقت عمر جو ننڍو هو، پر شعوري طور وڏي منزل وارو هو، ان ڪري لطيف سائين ساڻس خلاصي رهاڻ ڪئي ۽ ان رهاڻ ۾ هلندي کانئس پڇائين ته ”جو مڙنيا موچارو سو آهي ڪڄاڙو“
انهيءَ سوال تي گرهوڙي صاحب بروقت ورندي ڏني ته ”هڪڙي صحت سرير جي ٻيو پرين جو پاڙو“
جنهن بعد شاهه صاحب گرهوڙيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ ساڻس خلاصي رهاڻ ڪيائين، پوءِ شاهه صاحب انهيءَ ايراضي ۾ هڪ ڀٽ تي چلو ڪڍيو ۽ موڪلائڻ وقت کيس هڪ بيمثال جمني، هڪ تلوار ۽ هڪ لٺ سوکڙيءَ طور ڏنيون هيون. جن مان جمنيءَ، دت گرساميءَ جي ڪرامتي ڪشتيءَ کي شڪست ڏني هئي ۽ تلوار سان جنگ لڙي فتح حاصل ڪئي هئائون. اهي ٽيئي شيون گرهوڙ شريف ۾ درگاهه جي سنڀاليندڙ سيدن وٽ محفوظ آهن. جيڪي گرهوڙي صاحب جي نياڻيءَ جو اولاد آهن.
جمنيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي معرفت ملي هئي. هڪ دفعي شاهه صاحب پنهنجن فقيرن کي چيو ته امانت آيل آهي، هلو ته ڪڍي ڏياري موڪليون. پوءِ فقراء سان گڏجي هڪ کوهه تي ويا. ڏسن ته کوهه جو پاڻي مٿي آيو آهي ۽ مٿائنس جمني پئي تري. جا ڪڍائي عزت سان شيخ عبدالرحيم ڏي ڏياري موڪليائون. جمنيءَ ڪڍڻ کانپوءِ کوهه جي پاڻيءَ وڃي تر ورتو. شاهه صاحب نه رڳو جمني ڏياري موڪلي پر ان سان گڏ هڪ لٺ ۽ ترار به تحفي طور شيخ صاحب ڏي عرضي خاصخيلي هٿان موڪلي ڏنائون. عرضي ٻانهو پوئتي موٽي ڪونه ويو، اتي ئي گرهوڙي صاحب جي خدمت ۾ رهي پيو. مهاڏيو جي مڙهيءَ تي حملي ڀيرين به ساڻن گڏجي ويو هو، پر کيس شهادت نصيب ڪانه ٿي ۽ پاڻ زندهه موٽي آيو. پاڻ سان اهي ٽيئي شيون به کڻي آيو، جي پشت بپشت سندس پوئين وٽ رهنديون آيون. عرضيءَ جي پٽ موسى خاصخيلي جي گهر کي اوچتو اچي باهه لڳي. جمني ۽ ترار ڪڍي ورتائون، باقي لٺ نڪري نه سگهي جو باهه چوڌاري ويڙهي وئي هيس. پوءِ لٺ سڌو گهر جي ڇت مان ڀڙڪو کائي مٿي هلي وئي.
شاهه صاحب پوءِ چوٽياري جي جوءِ ۾ واڳئين جي ڀٽ تي اچي چلو ڪڍيو، چلي واري کٻڙ جي ويجھو هڪ کروت به ٺاهيائين، جتي ”جيائي“ ڳوٺ جا فقير سندس سنڀال ڪندا پي آيا، چلي کان پوءِ ٺهيل کروت واري جاءِ تي انهن اتي مسجد ٺهرائي، جيڪا اڄ به ٽٽل حالت ۾ بيٺل آهي. چلي واري جاءِ تي هڪ پراڻو کٻڙ موجود آهي ۽ اتي هڪ پراڻي ڪاشيءَ واري سر تي ڀٽائي صاحب جو هي بيت لکيل آهي.
هن مند مارو سنرا جيائي جالين،
چاريو لنب لطيف چئي، واڳئين ويهارين،
ڪيٽائين ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون.
ڀٽ جي پاسي تي سيد جا گھر آهن، جن جا وڏا شاهه سائين جا معتقد هئا، اهي ڀٽائي صاحب جو اوتارو ۽ مسجد سنڀاليندا پيا اچن. چلي واري کٻڙ کان ويجھو ڀٽ کان ٿورو هيٺ بهرم فقير جوڻيجي جي مزار آهي. جيڪو ٽالپرن جي دؤر جو بزرگ هو، جنهن کي عام طرح بهرم بري ڪوٺيندا آهن.
(حوالو، گاڏهي صوفي خان محمد، مصنف، تذڪره حضرت خواجه محمد فقير گاڏهي، ڇپائيندڙ ادبي ڪاميٽي خيرپور ناٿن شاهه، ڇاپو پهريون 2014ع ص: مخدوم ميان محمد مبين بن رعد ڪيريو. مضمون، سرڪاپائتي جو مطالعو، ليکڪ، محمد عمر يوسفاڻي. معمور يوسفاڻي، مقالو ٿرپارڪر ۽ شاهه لطيف، ڪتاب، سنڌ باب الاسلام، جلد: 1، مارچ 1984ع، ص:57 ۽ 58). دائود پوٽو ڊاڪٽر عمر بن محمد، ڪلام گرهوڙي، ڇاپو چوٿون، روشني پبليڪيشن، سال 2011ع، ص: 38، 39 . قادري ڊاڪٽر عبدالرسول، تحقيق، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانح حيات ۽ علمي خدمتون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع، ص: 196. سمون محبوب علي، ڀٽائيءَ تي بهتان، علمي ادبي اشاعت گهر مٽياري، ڇاپو پهريون 1998ع، ص: 17. گرهوڙي صاحب جڏهن شاهه لطيف جي شاعري جو مطالعو ڪيو ته، ڀٽائي جي شاعريءَ متعلق چيائين ته:
آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
پڙهيو جنهن پرت سين، باريءَ جو بيان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.