لطيفيات

پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي سوانح حيات، سفر ۽ همعصر بزرگن سان ملاقاتي بيتن ۾ ڦير ڦار ڪري مختلف روايتن سان پنهنجي نموني بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ روايتن جي آڌار تي شاھہ سائينءَ جي همعصر بزرگن ۽ فقيرن جي ولادت ۽ وصال جا سن بہ مختلف ڏنا آهي.ڪتاب ۾ شاھہ جي شيداين جي ڪم، شاھہ سائين تي ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊِ ٿيسز جا تفصيل، شاھہ جي سوانح ۽ شاعري بابت سايع ٿيل ڪتابن ء ۽ رسالن جا تفصيل پڻ ڏنا ويا آھن.

Title Cover of book پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

ڀٽ شاهه ۽ ٻين ماڳن تي شاهه لطيف جا يادگار تبرڪات

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي استعمال ۾ آيل شيون جيڪي هن وقت به گادي نشين/سجاده نشين وٽ موجود آهن، انهن کي نوادرات چيو وڃي ٿو. اهي شيون شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي حويليءَ مان ڪڍي ٻاهر آنديون وينديون آهن ۽ ماڻهن کي انهن جي زيارت ڪرائي ويندي آهي انهن شين جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:
اُکري: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ اکري پڻ شامل آهي اُها اُکري جئپور جي ڳاڙهي پٿر جي ٺهيل آهي. 6 انچن جي قطر وارو پنج انچ اونهو پيٽ اٿس. روايتن مطابق ان اکريءَ ۾ داڻا وجهي ٿورو مُهريءَ سان ڌڪ هڻي هاري ناري ٻئي اناج سان ملائي ٻنيءَ ۾ ڇٽ يا ناڙي ڪندا هئا ڇو ته سندن خيال موجب ايئن ڪرڻ سان سندن فصل ڀلو ٿيندو آهي. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي ۽ ماڻهن جو عقيدو آهي ته ان اکريءَ ۾ جيڪا به شيءِ وجهي ٻاهر ڪڍجي ٿي ته ان ۾ برڪت ٿيو وڃي.
اها اکُري شاهه لطيف جي حويليءَ ۾ گهريلو ڪم لاءِ استعمال ٿيندي هئي جيڪا سيد حسن شاهه مرحوم کي ان وقت جي حويليءَ جي ڪنجي بردار، جمعي فقير ڏني هئي ۽ چيو هئائين ته هيءَ برڪت واري آهي. کڻي وڃي پاڻ وٽ محفوظ ڪريو سا اڄ به ان جي پونئيرن وٽ موجود آهي.
بيراڳڻ: ڪنڍيءَ واري لٺ جيڪا سفر دوران فقير ساڻ کڻندا آهن، ڪنهن ماڳ تي فقير ٿڪ ڀڃڻ لاِءِ ان لٺ کي ڪڇ هيٺان رکي ٽيڪ ڏئي ويهندا آهن.يا ان تي مٿو نمائي ڌيان ۾ رهندا آهن. ان لٺ کي بيراڳڻ چوندا آهن. شاهه لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد بيراڳڻ پڻ شامل آهي. اها بيراڳڻ جيڪا ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ جي آهي ۽ شاهه لطيف جي کٽ/تخت تي رکيل آهي. جيڪا پهرين زبون ٿي وئي هئي. پر بعد ۾ ان تي چانديءَ جا پَٽ چاڙهي ان کي خوبصورت ۽ مضبوط ڪيو ويو آهي.
ٽوپي: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد ٽوپي پڻ شامل آهي جيڪا سائي فيروزي رنگ جي ڪپڙي جي ٺهيل آهي ۽ اڳيان نراڙ وٽان ٻن حصن ۾ چيريل آهي. شاهه لطيف اها ٽوپي پٽڪي جي هيٺان مٿي تي پائيندو هو. اها ٽوپي اڄ به سجاده نشين وٽ موجود آهي.
پٽڪو: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد پٽڪو به شامل آهي. انهيءَ پٽڪي جو رنگ ڪارو آهي. پَٽڪو اڄ به سجاده نشين وٽ محفوظ آهي.
تسبيح: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ شاهه لطيف جي هٿن جي هڪ عدد سؤمڻين واري تسبيح، جيڪا ڳاڙهي عقيق جي پٿرن جي جڙيل آهي. اها تسبيح اڄ به سجاده نشين وٽ محفوظ آهي.
جانڊاهه: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ ڪڻڪ، ٻاجهري، جوئر يا ٻين اناجن جو اٽو، جنڊن تي پِيٺو ويندو هو. اهو ڪم گهڻو ڪري گهرن ۾ عورتون ڪنديون هيون، پر ڪِن وڏن ماڻهن يا جن جا مهمان خانا يا اوطاقون مشهور هيون اتي اٽو ’جانڊاهه‘ تي پيٺو ويندو هو. بلڪل اهڙيءَ طرح سان شاهه لطيف جي حياتيءَ ۾ ڀِٽَ تي عقيدتمندن ۽ مريدن جي اچ وڃ وڌي وئي هئي جنهن ڪري فقيرن وڏيءَ اوطاق (تمر فقير جي رهائشگاهه) تي ڏکڻ ۾ هڪ وڏي جانڊاهه لڳرائي جيڪا راجسٿان جي شهر جوڌپور جي ٺهيل هئي. ان جانڊاهه کي هلائڻ لاءِ گڏهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڍڳو استعمال ٿيندو هو. هڪ يا ٻه فقير پنج ڇهه مڻ ڪڻڪ يا ٻاجهري رکي ٿوري ٿوري ڪري ’ڪِير‘ وٽان وجهندا رهندا هئا ۽ ٻئي پاسي اٽو پيسجي نڪرندو هو. اها جانڊاهه هن وقت ڪم نٿي ڪري پر ان جا پڙ محفوظ ڪيا ويا آهن، جيڪي وڏي اوطاق ۾ پيل آهي.
شال: شاهه جي نوادرات ۾ هڪ عدد شال به شامل آهي، پورهيت ماڻهو ان وڏي رومال سان پگھر اگھندا هئا ۽ فقير ان کي سانوڻ ۽ سياري جي مند ۾ مٿي تي اوڙهي سفر ڪندا هئا. ان شال جو رنگ موڱي آهي. اُها شال ننڍين ننڍين چوڪڙين ۾ اُڻيل آهي ۽ اڄ به سجاده نشين وٽ محفوظ آهي.
گودڙي: فقيرن جو پهرڻ لاءِ ڪپڙي جي ٽڪرين مان چتيون لڳل ڪوٽ، ڪڙتو، جبو، ڪجهه فقير ڪپڙي جي ٽڪرن مان هڪ ننڍي ڳوٿري جيڪا ٿيلهي نما ٿيندي آهي. اها ساڻ کڻندا آهن. ان کي به گودڙي چئبو آهي. پوءِ فقير ڪنهن سفر دوران ان ۾ سيدو سامان رکندا آهن. شاهه سائين کي هر سفر ۾ گودڙي ساڻ هوندي هئي. لطيفي ڀٽ تي جڏهن به شاهه سائينءَ جي ڪنهن فقير جو انتقال ٿيندو آهي ته ان فقير کي شاهه لطيف جي گودڙي ٻانهن ۾ پارائي ويندي آهي ۽ لحد ۾ لاهڻ کان پوءِ اها گودڙي سندس تن تان لاهي ٽن ڏينهن تائين ان فقير جي قبر تي رکي ويندي آهي.
کَٽَ: شاهه لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد کٽ به شامل آهي. اُها کٽ، ڪاٺ (جنڊيءَ) جي ٺهيل آهي جيڪا شاهه لطيف جي حويليءَ ۾ رکيل هوندي هئي. شاهه لطيف جي وفات کان پوءِ ان حويليءَ کي بند ڪيو ويو هو. سن 1340هه / 1922ع ڌاري جڏهن شاهه لطيف جي درگاهه جي مرمت ٿي ته حويليءَ کي به نئون ڪري ٺهرايو ويو ڇاڪاڻ ته شاهه لطيف جي وفات کان پوءِ گهڻو عرصو بند رهڻ جي ڪري ان ۾ تمام گهڻا وڻ ۽ جهنگ ٿي ويو هو جنهن ڪري شاهه لطيف جي کٽ جا ٻه پاڳا (پاوا) اُڏوهي کائي چڪي هئي. ان دوران جنڊيءَ جي ٺهيل انهيءَ کٽ جي به مرمت ڪرائي وئي ۽ کاڻوٺ مان ٻه پاڳا (پاوا) ٺهرائي ان کي محفوظ ڪيو ويو. جيڪا اڄ به ان حويليءَ ۾ رکيل آهي. انهيءَ کٽ کي تخت به سڏيندا آهن. انهيءَ ڪري حويليءَ جي ٻاهران جيڪا تختي لڳل آهي انهيءَ تي به تخت حويلي شاهه عبداللطيف ڀٽائي لکيل آهي.
لاڙ ۾ خيلفي دودي نهڙئي جي خاندان وٽ شاهه لطيف جا تبرڪات: شاهه سائينءَ جو همعصر خليفو دودو نهڙيو پٽيهل جي اولهه طرف ڪنڊي جي ڀر ۾ مئين سراءِالدين جي ڀرسان آرامي آهي. خليفي دودي نهڙئي پنهنجو وڃايل فيض حاصل ڪرڻ لاءِ پورو سال ڀٽ تي پاڻيءَ جون مٽيون ڀريون ته سندس مٿي تي ڦٽ ۽ پير پٿون ٿي پيس. لطيف سرڪار جڏهن سال کان پوءِ پنهنجي ماڳ ڀٽ تي آيو ته خليفي دودي کي ان حال ۾ ڏسي کانئس ڦريل فيض واپس ڪيائين ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي گودڙي ۽ رومال توڙي بوڇڻ (پهراڻ) پڻ عنايت ڪيائينس. سندس پونئرن وٽ شاهه کان مليل گودڙي رومال ۽ بوڇڻ موجود هئا. جن مان گودڙي ۽ رومال خليفي محمد نهڙئي عام زيارت لاءِ لاڙ جي عجائب گهر کي ڏنيون. باقي ابوڇڻ پاڻ وٽ تبرڪ طور رکيو اٿن. حوالو: شيخ محمد سومار، لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا، 1986ع ص: 62.
ويڙهي جھپ ۾ شاهه سائينءَ جي چادر: ويڙهي جهپ ۾ شاهه صاحب جي تڪيي واري چادر مشهور آهي. جنهن تي هندو خواه مسلمان باس باسين ٿا ۽ ميلي ۾ ايندا رهن ٿا. ويڙهي جھپ ۾ شاهه صاحب جي دؤر ۾ يارو فقير ۽ مارو فقير شاهه لطيف جا معتقد هئا. (لطيف جا ٿر تان ڀيرا، ص: 100.) اها چادر هن وقت شايد نه هجي.
جيسلميري جُتي: شاهه جي نوادرات ۾ هڪ عدد جيسلميري جتي به هوندي هئي جيڪا چاليهه سال کن اڳ به سجاده نشين وٽ محفوظ هئي اها هن وقت موجود نه آهي. ان کان علاوه هڪ ڪاٺ جي ۽ ٻي چمڙي جي جُتي به ٺهيل هئي.
ڪڇ ۾ گودڙي: شاهه لطيف ڪڇ جي سفر دوران نروڻا ويجهو اوريئڙا ڳوٺ جي تماچي فقير نهڙئي جي ڪکن تان پڻ پير گهمايا. کيس دعا ڪندي سوکڙيءَ طور هڪ گودڙي ڏنائينس. تماچي فقير اها گودڙي زندگي ڀر سانڍي رکي ۽ سندس وفات کان پوءِ اها گودڙي ليڙن جي صورت ۾ تماچي فقير جي قبر مٿان ڪافي سالن کان پيل آهي. ڪڇ جي سفر دوران نکتراڻا تعلقي جي ڳوٺ جڙو در جي الهندي پاسي پير حاجي صالح محمد شاهه سان ڀٽائي جي بيحد عقيدت ٿي ۽ کيس مرشد ڪري مڃيو هئائين. جڙو در ۾ شاهه لطيف ڊگهي ڪاري پٿر تي ويهي چلو ڪڍيو هو. اهو پٿر اڄ به جڙودر ۾ موجود آهي. (محقق: ڪلاڌر متوا)
ڪوٽيسر ۾ شاهه لطيف جي تسبيح: شاهه لطيف ڪوٽيسر ويو ته اتي جي سنتن کي سچائيءَ واري ويساه ۽ هيڪڙائي جي حق جي ترغيب ڏنائين. جنهن کان اهي گھڻو متاثر ٿيا. شاهه لطيف ڪوٽيسر جي مندر لڳ مسجد ۾ ٽڪيو جتي سندس تسبيح يادگار طور اڃا تائين ٽنگيل آهي ۽ شاهه صاحب هنج ڪريون (ڊگهين ڳچين وارا ڪؤنرا) آنديون هيون. جيڪي يادگار طور رکيل آهن. ڀٽائيءَ جي واپس وڃڻ کان پوءِ ڀٽائيءَ جنهن ڀت کي پُٺا ڏئي ويٺو هو.اتي ڀت ۽ محراب مثل نشان يادگار طور رکيائون.
شاهه لطيف جا ڪوٽڙي محمد ڪبير ۾ تبرڪات: شاهه سائين، ڪوٽڙي ڪبير جي مشهور عالم ۽ بزرگ هستي مخدوم محمد صديقي وٽ ايندو هو ته سندس صحبت ۽ دوستي ڪوٽڙي ڪبير جي مخدوم عبدالڪريم سان به ٿي. ڀٽائي صاحب ۽ مخدوم عبدالڪريم صاحب جنهن پليٽ ۾ ماني کاڌي هئي اها پليٽ اڄ تائين مرحوم مخدوم غوث محمد گوهر جي خاندان وٽ محفوظ آهي. ۽ شاهه سائين پاران ڏنل تبرڪات ڪاٺ جو پيالو ۽ پهراڻ سندن قديم لائبرريءَ ۾ رکيل آهن. مخدوم غوث محمد جي روايت مطابق، شاهه صاحب جڏهن به مخدوم محمد ڪبير وٽ ايندو هو ته فقير عبدالرحيم ڦلپوٽو ڪوري سندس خدمت ڪندو هو.
شاهه لطيف جا ڪمارين ابڙن وٽ تبرڪات: مديجيءَ کان ٻه ٽي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ترائي (تعلقو ڳڙهي ياسين) ۾ شاهه لطيف ڪمارين ابڙن جي سردار کي جيڪي سوکڙيون جن ۾ چولو (پهراڻ)، ٽوپي، ڪؤرو (ڪوزو)، ميڻ بتي، ڪنٺا، مصلو، پيس جو ٻهارو، ڪشتو، ڪعبةالله جي غلاف جو ٽڪرو ۽ شام، عراق ۽ عربستان جي مقدس زيارت گاهن جون هٿ سان جوڙيل تصويرون تبرڪ طور ڏنيون. هنن وٽ شاهه سائينءَ جي ڪاٺ جي چاکڙي جُتي به هئي، جيڪا تڪيي تي ٿيندڙ ڏڻ ”ٽهائيءَ“ جي موقعي تي ڪو کڻي ويو. جن مان شاهه لطيف جو ڪشتو ۽ ڪنٺو، عاشق حسين ڪوري ويٺل ڳوٺ ترائي ۽ شاهه لطيف سرڪار جو چولو، پروفيسر اياز حسين ابڙي وٽ هن وقت به موجود آهي.
ٽوپي/پٽڪو: شاهه عبداللطيف ڀٽائي قادري طريقي واري مٿي تي ڊگهي جمني نما ٽوپي پائيندو هو. جهڙي صوفي ڍڪيندا آهن ان کي تاج چوندا آهن اها ٽوپي اڇي رنگ جي اٽڪل هڪ فوٽ ڊگهي ٿيندي. پڳ (پٽڪو): ڪاري رنگ جو پنج هٿ ڊيگهه. چادر (شال): گيڙو رنگ جي ۽ ڪاري سٽ سان سبيل.
لٺ/ڪندري: جنهن جو مٿو ٽي جهڙي شڪل جو آهي ۽ سڄي شيشم جهڙي ڪاري آهي ۽ هيٺان چهنب تکي لوهه جي اٿس. (مرزا قليچ بيگ، ڪتاب، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي) ڪندري: لوهي شيخ جو لڪڻ ٽي جي صورت ۾ ٺاهيل اڪثر فقير سفر دوران کڻندا آهن.ان جي سنهي ۽ تکي چهنب ٿيندي آهي.جوڳي فقير سفر ۾ ڪنهن نقصانڪار جانور نانگ بلا کان بچاءَ لاءِ هيءُ اوزار ڍال طور استعمال ڪندا آهن. شاهه سائين به سفر دوران ڪندري ساڻ کڻندو هو.
شاهه لطيف جو، آخوند متين دين کي ڏنل لباس: هالا پراڻا جي آخوند متين الدين سانوڻي کي شاهه لطيف ميٽائين رنگ جو لباس ڏنو هو. اهو لباس 1887ع تائين مير عبدالحسين سانگيءَ جي استاد آخوند احمد وٽ موجود هو. ان پهراڻ جو مير عبدالحسين به ديدار ڪيو هو. مير عبدالحسين سانگي پنهنجي ڪتاب ”لطائف لطيفي“ ۾ لکي ٿو ته مون سندس (شاهه لطيف جي) جتي مبارڪ به ڏٺي آهي. جيڪا چمڙي جي آهي. سندن خاص ڪپڙن کي به ڏٺو اٿم. سندس قادري ٽوپي ڊگھي، سندن ڪارو پٽڪو پنجن هٿن کان ڊگھو ڪونهي، سندن ڪفني گيڙو رنگ جي سبيل ۽ گودڙي به آهي. سندن لٺ مبارڪ ڪاري ڪاٺ جي ان کي هيٺان لوهه به لڳل آهي، ان کي سنڌيءَ ۾ ”ڪُندري“ به چون ٿا. ان جي مٿان بيراڳڻ آهي، پر ڪاٺي سڃاڻڻ ۾ نٿي اچي. سندن وڏن مڻين واري تسبيح به آهي، ڪشتو ڪاٺ جو، ٻيو اڇي پٿر جو شيشي وانگر آهي. حضرت اولياءَ صاحب جي انهن سڀني شين جي زيارت ڪئي اٿم. هڪ حمائل شريف، هڪ مولانا روميءَ جي مثنوي ۽ هڪ شاهه ڪريم جو رسالو به آهي. ان رسالي تي سيد محمد صلاح شاهه جا هي هٿ اکر لکيل آهن. حر ره الفقير محمد صالح بادشاهه حضرت قطب الوقت مرشدي مير صاحب حضرت شاهه عبداللطيف جو سلمھ الله تعاليٰ وابقاه. مطلب ته زماني جي قطب منهنجي مرشد حضرت شاهه عبداللطيف الله انکي سلامت رکي. (لطائف لطيفي، صفر 1407هه/ آڪٽوبر 1986ع صفحو 78.)
شاهه لطيف جا اڏيري لال ۾ تبرڪات: شاهه سائين، اڏيرو لال ۾ بيبي لال (لعل) وٽ ايندا هئا پوءِ بيبي لال، شاهه سائينءَ جون هي شيون سنڀالي رکيون. جتي مبارڪ، چمڙي جو ٻٽون جنهن ۾ قرآن جا هٿ اکر چند ورق پيل آهن، جنهن کي حمائل شريف چئبو آهي. چمڙي جو وڏو ٻٽون. جنهن ۾ ڪڪڙ جي چوسيل هڏي جيڪا شاهه لطيف جي اوبر ڪيل محفوظ آهي. انکانسواءِ ٿالهي، وٽي، ننڍڙي دٻلي، عطر مشڪ، ڍاڪونءَ جو ڍڪ ۽ هڪ پتل جو چمچي نما تنبوري جو ماڊل، ڄار جي پاڙ جو ڏندڻ، ڪاٺ جي سرمي داڻي جو ڍڪ، ڪارا ڌاڳا. اهي شاهه جي هٿن جون ڪجهه شيون محمد شاهه ڄاموٽ (1927ع ـ 2003ع) جي پوئنيرن وٽ اڏيرو لال ۾ رکيل آهن. انهن مان ڪجھه زبون ٿيل آهن.
تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل شاهه لطيف جي هٿن جون شيون: ڀٽ شاهه تي تمر فقير جي اوطاق تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هٿن جون ڪافي شيون موجود هيون. جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مصلو، جنڊ، اَن رکڻ جي لاءِ ڪچي مٽيءَ جي گندي، ڪاٺ جو گلدان، پاڻيءَ جون ناديون وغيره موجود هيون. انهن مان ڪي شيون زبون ٿي ويون آهن. اهي شيون مير عبدالحسين سانگيءَ پنهنجي دور ۾ ڏٺيون هيون.
عبدالرحيم گرهوڙي ڏانهن موڪليل تبرڪات: هڪ دفعي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجن فقيرن کي چيو ته امانت آيل آهي، هلو ته ڪڍي ڏياري موڪليون. پوءِ فقراء سان گڏجي هڪ کوهه تي ويا. ڏسن ته کوهه جو پاڻي مٿي آيو ۽ مٿانئس جمني (پيالي) پئي تري جا ڪڍرائي شيخ عبدالرحيم ڏانهن ڏياري موڪليائون. جمنيءَ ڪڍڻ کانپوءِ کوهه جو پاڻيءَ صفا هيٺ تر ۾ لهي ويو. شاهه صاحب نه رڳو جمني ڏياري موڪلي پر ان سان گڏ هڪ لٺ ۽ ترار به تحفي طور شيخ صاحب ڏي عرضي خاصخيلي هٿان موڪلي ڏنائون. مهاڏيو جي مڙهيءَ تي حملي ڀيريءَ عرضي خاصخيلي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان گڏجي ويو هو، پر کيس شهادت نصيب ڪانه ٿي ۽ پاڻ زندهه موٽي آيو ۽ پاڻ سان اهي ٽيئي شيون به کڻي آيو، جي پشت بپشت سندس پوئين وٽ رهنديون آيون. عرضيءَ جي پٽ موسى خاصخيلي جي گهر کي اوچتو اچي باهه لڳي ته جمني ۽ ترار ڪڍي ورتائون، باقي لٺ نڪري نه سگهي جو باهه چوڌاري ويڙهي وئي هيس. پوءِ لٺ سڌو گهر جي ڇت مان ڀڙڪو کائي مٿي هلي وئي. حوالو: شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو، مؤلف، ڪلام گرهوڙي، ڇاپو چوٿون، روشني پبليڪيشن، سال 2011ع، ص: 38.
ڀٽائي سرڪار جي جُتي، ٽوپي ۽ مڻڪو: شاهه سائين تعلقي ٽنڊي آدم جي يوسي ماڻڪ ٿهيم، ديهه وداداڻي تپي ڀٽ ڏني ۾ موجوده ڳوٺ غلام علي نظاماڻي وارن جي تر ۾ پنهنجي مريدن فقيرن وٽ ايندو هو. ان وقت ان ڳوٺ جي مريدن شاهه سائين کي پهريل جُتي ۽ ٽوپيءَ کي پراڻو محسوس ڪندي. پوءِ پنهنجي طرفان هڪ جُتي ۽ ٽوپي پيش ڪئي. پوءِ شاهه سائين پنهنجي استعمال جون اهي شيون جتي، ٽوپي ۽ مڻڪو کين ڏئي ڇڏيون. پوءِ شاهه سائينءَ جن سندن پيش ڪيل جُتي ۽ ٽوپي پهري، ان جوءِ ۾ مختلف ماڳن جو سير سفر ڪيو. ٽوپي هيٺان کان گول مٿي سوڙهي محراب وانگر، سائي ڪپڙي مٿان پيلن ڌاڳن جي خوبصورت برٿ سان ڀريل آهي. جُتي ننڍي ۽ سنهي آهي. ان کان سواءِ هڪ انچ جيترو تيز سائي ۽ ناسي رنگ جو مڻڪو به کين تبرڪ طور ڏنائين. اهي سڀ شيون ولي محمد ولد گلڻ خان ولد علڻ خان نظاماڻيءَ جي گھر ۾ رکيل آهن. (ڪتاب، نواز ڪنڀر، ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، ثقافت کاتو، ڇاپو پهريون ڊسمبر 2014ع، ص: 29 ـ 30 ـ 31.)
شاهه لطيف جا، مخدوم صابر ولهاريءَ جي خاندان وٽ تبرڪات: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي مشائخ هوٿي جي مزار تي ويندو هو. هڪ ڀيري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي مشائخ هوٿيءَ جي قائم ڪيل مدرسي ۾ آيو ۽ اتي سندس ملاقات مخدوم صابر ولهاريءَ سان ٿي. ٻي روايت مطابق شاهه لطيف مييون صابر ولهاريءَ سان سندس درسگاهه ۾ ملاقات ڪري روانو ٿيو ته مخدوم صابر پنهنجن شاگردن کي چيو ته ”وڃو شاهه صاحب کي وٺي اچو“ طالبن ڀٽائي صاحب کي چيو ”سائين استاد صابر توهان کي سڏي ٿو“. ڀٽائي صاحب ڇوڪرن کي پنهنجو سامان هڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڏئي ڇوڪرن کي چيائين ته ”هي سامان کڻي هلو آءُ اچان ٿو“. پوءِ ڀٽائي جھنگ ۾ ويو اتان گم ٿي ويو. ڇوڪرا ڀٽائي صاحب جو انتظار ڪري موٽي اچي اهو سامان ميان محمد صابر وٽ کڻي آيا. ميين صاحب چيو ته ”ابا شاهه سائين جن سوکڙي ڏئي هليا ويا آهن، سا سنڀالي رکبي“. اهو سامان اڄ تائين مشائخ هوٿيءَ جي پوٽن وٽ موجود آهي. جنهن مان الفي تمام گھڻي زبون ٿي وئي آهي، باقي ڪشتو ۽ قرآن شريف صحيح حالت ۾ پيل آهن.
بڪار جاگير جي ڳوٺ ڦلڊ هو ۾ شاهه سائين جا تبرڪات: ڳوٺ ڦلڊهو ۾ شاهه سائين، سيد غلام نبي شاهه وٽ مهمان ٿيو هو ته کين تبرڪات ڏنائين، جن ۾ هڪ ڪاٺ جي مشعل داني ۽ دنبورا موجود آهن. دنبورا لطيف سائين جا فقير هر سال ڀٽ شاهه مان اچي وڄائيندا آهن.
ڪتاب، فڪر لطيف، تنظيم فڪر و نظر سکر، 1986ع، ص:67. ٽه ماهي رسالو تخيُل.
کاهي راهو ۾ شاهه سائينءَ جا تبرڪات: شاهه سائينءَ جي همعصر قاضي محمد ڪامل اول سان شاهه سائينءَ ٻه ڀيرا ملاقات ڪئي. روايت مطابق شاهه سائينءَ قاضي محمد ڪامل کي ڀلي پار جون سوکڙيون پليٽ، پوتي (رئو)، هڪ عدد مڻڪو تحفي طور ڏنو. ان مڻڪي سان ڪنهن به شخص کي پيٽ ۾ سور ٿيندو هو ته اهو مڻڪو پيٽ تي رکڻ سان سور ختم ٿي ويندو هو. قاضي محمد ڪامل ثاني جي روايت مطابق شاهه لطيف سندن وڏي ڏاڏي کي ڀلي پار جي سوکڙي سندس خاندان لاءِ ڪپڙي جو تاڪيو ۽ بادشاهه پير جو شجرو تحفي طور ڏنو هو. مڻڪو ۽ بادشاهه پير جو شجرو هن وقت به موجود آهي. باقي ٻيا تبرڪات ضايع ٿي ويا آهن.