شاهه جي شيدائين جا ڪم
ميان فقير محمد ويهڙائي چانڊيا قبيلي جو چشم وچراغ هو. هي بزرگ سنڌ جي تاريخي شهر ٽلٽيءَ جي ڀرسان ڳوٺ ويهڙ شريف ۾ 1270هه ۾ ڄائو. علم معرفت جي تلاش ۾ سائين مخدوم ميان غلام محمد جن وٽ دست بيعت ٿيا. جتان کين روحاني سبق مليو ۽ کين حڪم ٿيو ته باغن جا سير ڪندا رهو ۽ رياضت ڪندا رهو. پوءِ حضرت شاهه عبداللطيف جي درگاهه تي رياضت لاءِ حاضر ٿيا ۽ روزانو مراقبا ڪندا هئا. حضرت سخي سرور نوح جي درگاهه تي به رياضت ڪندا هئا. چاليهه سالن جي عمر ۾ زبردست جفاڪشيءَ سان مڪمل روحاني فيض حاصل ڪري ورتائون. کين عشق جي آتش سبب ٿڌي پاڻيءَ سان غسل ڪرڻو پوندو هو ۽ ڄميل پاڻي سيني تي مليندا هئا. آخر گرميءَ جي شدت کان مجبور ٿي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪراڙ ڍنڍ ۾ وڻ جي ڄار ۾ هٿ وجھي پاڻيءَ ۾ رياضت ۽ مراقبو ڪندا هئا. سندن وصال آچر جي ڏينهن فجر نماز کان پوءِ 12 جمادي اول 1380هه ۾ ٿيو.
هڪ ڀيري اڪبر کي سنڌي مارئي داستان ٻڌڻ جو شوق جاڳيو، درٻاري ڳائڻن وڏا وس ڪيا، پر هو مارئيءَ جو داستان ٻڌائي نه سگھيا. آخر مرزا جاني بيگ اهو داستان ٻڌائي واهه واھه ڪرائي ڇڏي. جنهن تي اڪبر ڏاڍو خوش ٿيو. ائين هڪ دفعي اڪبر پنهنجي خاص درٻاري راڳي تان سين کي مرزا جاني بيگ ڏانهن ڳائڻ لاءِ موڪليو. چون ٿا ته تان سين اڳ ۾ راجا بير بل وٽ هوندو هو. جتان اڪبر کيس زوريءَ پاڻ وٽ گھرايو هو. اڪبر ڏانهن اچڻ وقت راجا هن جي پالڪيءَ کي ڪلهو ڏئي کانئس موڪلايو هو. تان سين ايڏي عزت افزائي ڏسي راجا سان وعدو ڪيو هو ته مون ساڄي هٿ سان توکي سلام ڪيو آهي. اهو هاڻي ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ يا بادشاهه کي سلام لاءِنه کڻندس. اڪبر وٽ اچڻ کان پوءِ به تان سين هن کي کاٻي هٿ سان سلام ڪندو هو. اڪبر کي اها ڳاهه نه وڻندي هئي. پر ڪڇندو نه هو. مرزا جاني بيگ سياڻو ماڻهو هو. سو هو سمجھي ويو ته اڪبر کي ان سان پنهنجي ذلت ۽ رسوائي محسوس ٿئي ٿي. تان سين جڏهن راڳ ختم ڪيو ته، مرزا جاني بيگ اٿيو ۽ چيائين ته ”اي راڳي، مان ته مفتوح آهيان، تنهن ڪري تو تي نثار ڪرڻ لاءِ جو ڪجھه منهنجي دل چوي ٿي. اهو ڪونهي، پر ها، مان پنهنجو پاڻ تو تي نثار ڪيان ٿو.“ ائين چئي مرزا جاني بيگ اٿيو ۽ تان سين جي چوڌاري طواف ڪري ست چڪر ڏنائين. اهو ڏسي تان سين جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ اٿي ساڄي هٿ سان جھڪي سلام ڪندي چيائينس ته ”اي سردار مان به اڄ تائين ڪنهن کي ساڄي هٿ سان سلام ناهي ڪيو، پر اڄ توکي انهيءَ ڪري سلام ڪيان ٿو، جو تون ئي ان جو حقدار آهين.“ محقق امام راشدي. حوالو، ڪاوش دنيا پهرين جون 2014ع.
شاهه جي شيدائي استاد خان صاحب منظور علي خان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪر آءُ حضرت شاهه عبداللطيف، حضرت سچل سرمست، بيدل ۽ حمل فقير کي نه ڳايان ها ته اڄ استاد ڪونه سڏجا ها. ان ڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته سنڌ جو مون تي ٿورو آهي. سچل ۽ شاهه جو احسان آهي، جو آءُ هن منزل تي پهتل آهيان.
شاعر محمد نوشه گنج بخش قادري جي اردو ۽ پنجابي ڪلام ”گنج شريف“ ۽ شاهه سائين جي گنج شريف ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. محمود شبتري جي سوالن تي قائم ڪيل يا ٺاهيل موضوعن جي آڌار تي شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به ساڳيا موضوع ملن ٿا.
مسٽر عبدالله چنه 1927ع کان 11 سال مختيارڪار رهيو ته ميرپورخاص ۾ به ڊيوٽي ڪري آيو. هڪ دفعي کيس زينت چنه چيو ته موهن جي دڙي جي پنج هزار سال تهذيب جا کوهه ڳولي لڀجن ٿا ته پوءِ مارئيءَ جو کوهه ڇو نه ٿو ڳوليو وڃي. تون ٿر ضلعي جو دفتردار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر به ٿي رهيو آهين، تون مارئيءَ جي کوهه جي ڳولا ڪر. پوءِ خان صاحب عبدالله چنه، نواب مير الهه داد خان لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ ۽ قاضي نور محمد چيف آفيسر ۽ قاضي دين محمد سومرو لوڪل بورڊ جي اڪائونٽنٽ سان خط وسيلي مارئيءَ جي کوهه جو ذڪر ڪيائين. پوءِ قاضي دين محمد کوهه جي ڳولڻ جي ڳالهه لوڪل بورڊ جي ميٽنگ ۾ ڪئي ۽ ڪجهه عرصي بعد پئسا منظور ڪرائي ڀالوا ۾ مارئيءَ جو کوهه ۽ ڇيلڙن کي پاڻي پيارڻ واري ڀڳل ڪونڊي ڳولي لڌائون. مسٽر عبدالله چنه 1940ع ۾ کوهه جي چڱيءَ ريت مرمت ڪرائي ۽ ڀڳل ڪونڊيءَ کي ٺاهي راس ڪرايو. پوءِ چنه صاحب پٿر تي سر مارئيءَ جو بيت لکڻ لاءِ اخبارن ۾ ليک ڏنا ته ان جي جواب ۾ ٻه ٽن اديبن مسٽر چنه جي دل وارو بيت اخبار ۾ ڏنو. پوءِ سنگمرمر جو پٿر چار فوٽ ڊگهو ۽ ٽي فوٽ ويڪرو مسٽر عبدالله چنه ڏانهن حيدرآباد موڪليو ويو ته ان پٿر تي چنه صاحب مارئيءَ جو هي بيت.
عمر آئين اوچتو ڪهڙي هاج حمير،
تو ڏٺي مون ڀؤ ٿئي، سنڪو منجهه سرير،
ميان منجهه ملير، اڳ نه ڏٺين ڪڏهن.
بيت سان گڏ لکائيو ويو ته ضلعي لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي خرچ سان هي مشهور مارئيءَ جو کوهه کوٽرائي ۽ ڪونڊي جي مرمت ڪرايل آهي ۽ مسٽر عبدالله چنه جي ڪوشش سان ٺهيو آهي پوءِ اهو پٿر چنه صاحب ميرپور موڪليو ۽ پٿر کوهه تي لڳايو ويو. سال 1949ع ۾ جڏهن مسٽر عبدالله چنه ڊائريڪٽر لئنڊ رڪارڊس ۽ ڪمشنر سروي ٿيو ته ننگرپارڪر تعلقي جي اوڀر واري حد جي حد بنديءَ لاءِ ويو ته پٿر کوهه تي لڳل ڏٺائين (حوالو، نئين زندگي آگسٽ 1977ع). تنهن کان پوءِ مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر 1956ع ۾ ان جي ٻيهر چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي بعد ۾ 6 مارچ 1967ع ۾ اتي ميلو لڳرايو. ان ميلي مان ئي مراد فقير، مائي ڀاڳي، علڻ فقير جهڙا راڳي اڳتي آيا ۽ مشهورٿيا. مير شير محمد ٽالپر 1967ع ۽ 10 مارچ 1968ع ۾ مارئي جو ميلو ڀالوا ۾ لڳرايو. ان ميلي ۾ وڏن اديبن جن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد عثمان ڏيپلائي، سرگواسي رائچند هريجن، ڪامريڊ غلام محمد لغاري شامل هئا ۽ انهن اتي پنهنجا مقالا پڙهيا. ان کان پوءِ ريڊيو حيدرآباد جي ڏنل سوال مطابق 1996ع ۾ مارئي جو ٻيو ڀيرو ميلو لڳو. جيڪو غلط ٻڌايو ويو آهي. ۽ 1997ع ۾ انفارميشن آفيسر درمحمد ڪمال جي ڪوششن سان هڪ ئي سال ڀالوا ۽ مٺيءَ ۾ مارئيءَ جو ميلو لڳو. ان کان پوءِ 1998ع ۾ ٿر جي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت مارئي جوميلو ڀالوا ۾ ملهايو. مارئي ادبي ڪانفرنس ۾ ٻين اديبن جي مقالن کان پوءِ جڏهن فقير محمد عرف مقيم ڪنڀار کي اسٽيج تي سڏ ڏنو ويو ته هن پنهنجي جتي اسٽيج کان هيٺ لاهي پوءِ تقرير جي شروعات ڪئي. پنهنجي تقرير ۾ هن چيو ته ”مارئي ٿر جي ستي ساوتري هئي انهيءَ ڪري ٿر جي هن عظيم ڪردار تي جتي پائي ڳالهائڻ مناسب نٿو سمجهان“. اهڙي نموني 1999ع ۾ به ٿر جي ماڻهن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڀالوا ۾ مارئي جو ميلو لڳرايو. بعد ۾ 2003ع ۾ ثقافت کاتي پاران ميلو لڳايو ويو. ڪجھه سالن بعد ٿر جي عظيم ڪردار مارئيءَ جو ميلو ڀالوا ۾ لڳو ته ان جو افتتاح ڇنڇر 3 مئي 2008ع مطابق 26 ربيع الثاني 1429هه تي منجھند جو ٿر جي لوڪ راڳين موهن ڀڳت جي فرزند شنڪر ڀڳت، ايشور ڀڳت سان گڏ ڪريم فقير ۽ هاشم فقير، موهن ڀڳت جي ڳايل وائي ”لڳي ڏکڻ جي هير مارو منهنجا مير“ ان وائيءَ جي گونج ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو صاحبه ميلي جو افتتاح ڪيو. ادبي ڪانفرنس درٻار هال ۾ منعقد ٿي. ان ۾ مهمان خاص ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. ان ڪانفرنس ۾ جناب شوڪت حسين شورو، تاج جويو، امر سنڌو، ارباب نيڪ محمد، آغا سليم، نور محمد جنجھي، آپا نظير ناز، ياسر قاضي ۽ ٻين خطاب ڪيو. پهريون مارئي ايوارڊ 2008ع ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير کي ڏنو ويو. جيڪو پي.پي جي ايم.اين.اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ انجنيئر ولي محمد راهمون وصول ڪيو. ٻن ڏينهن واري ميلي ۾ مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺندڙن کي ثقافت کاتي پاران بينظير اوارڊ ڏنا ويا جنهن ۾ بهترين راڳي جو اوارڊ ڪريم فقير، بهترين سگهڙ جو اوارڊ ملوڪ نهڙي، ملهه پهلوان جو اوارڊ سرداروڀيل ۽ اٺن جي ڊوڙ ۾ بهترين اٺ جو مقابلو کٽڻ تي عبدالغني کوسي کي ڏنو ويو. ڀالوا ۾ ثقافت کاتي پاران 2010ع ۾ مارئي جو ميلو ٽي ڏينهن لڳو جيڪو بهترين ميلو چيو وڃي ٿو. ان ميلي ۾ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو اعلان ڪيو ته، هر سال جنوري يا فيبروري ۾ مارئي جو ميلو ٽي ڏينهن لڳايو ويندو.۽ ڀالوا ڳوٺ کي بجلي ڏيڻ جو اعلان به ڪيو هو. ۽ ان کان پوءِ ثقافت کاتي 22 جون 2013ع تي جان ڇڏائي مارئي جو هڪ ڏينهن جو ميلو لڳايو.
شاهه لطيف سسئي پنهون جو ذڪر پنجن سرن ۾ ڪيو آهي. مولا بخش بڪڪ لکي ٿو ته سسئي جي قبر پٻني، تحصيل سون مياڻي ۾ آهي جيڪا سيٺ علي محمد بڪڪ دريافت ڪئي ۽ 1941ع ۾ ڪراچي کان پٻنيءَ تائين رستو ٺهرايائين ۽ ڪجهه عرصي بعد سسئي جي قبر کي پڪو ڪرايائين. پوءِ اسماعيل ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلو ڪجهه ڪم ڪرائي پنهنجي نالي جي تختي لڳرائي. سسئي جي مزار تي پهريون ميلو يعني ڪچهري 1962ع ۾ ضلعي لسٻيلي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ ڪرائي هئي (ڪاوش اخبار ـ ڊيلي شام). 1970ع کان پوءِ حاجي محمد الياساڻي سسئي تي ميلو لڳرايو. سسئي پنهون جي آڳند سنگهر پٽ ۾، ضلعي لسٻيلي جي ڊپٽي ڪمشنر نور احمد سمون پاران 49 ورهين کان پوءِ سسئي پنهون جي مزار تي ٻي مچ ڪچهري جمع 16 ڊسمبر 2011ع 20 محرم 1433هه ۾ ٿي. جنهن ۾ نامورن سگهڙن اديبن سسئي جي سرن مان بيت پڙهي داد حاصل ڪيو. سسئي پنهل پويان جبل جهاڳيا ته سندس پير پٿون ٿي پيا، شاهه جي سورمي سسئي جي پيرن وارو پٿر شهدادپور جي منظور خاصخيليءَ وٽ موجود آهي.حوالو، اخبار عوامي آواز، 7 جنوري 2018ع.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي ڪيل فيصلي مطابق، 2 جنوري 1932ع تي حيدرآباد جي ٿياسافيڪل هال ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائڻ جو انتظام ڪيو ويو. هن ورسيءَ جي صدارت سيٺ غلام علي چاڳلا ۽ سيد غلام مرتضى شاهه (جي.ايم سيد) ڪئي. ان موقعي تي ڪيترن عالمن ۽ اديبن پنهنجون تقريرون ۽ لکيل مضمون ۽ مقالا پڙهيا. سيد ميران محمد شاهه ”شاهه جي حياتيءَ“ تي عالمانه انداز ۾ روشني وڌي. سيد غلام مرتضى شاهه ”شاهه صاحب جو سوز“ جي عنوان تي رسالي مان بيت پيش ڪيا. لعلچند امر ڏني مل ”شاهه جي رسالي جو چونڊ ڪلام “ جي سري هيٺ شاهه جي آزاد خياليءَ ۽ وطن جي حب تي روشني وڌي. ڄيٺمل پرسرام ”شاهه صاحب جو ڪلام“ قرآن شريف ۽ مثنوي مولانا روم جي مطابق پيش ڪيو. ميان محمد بخش ”واصف“، ”شاهه صاحب ۽ شريعت جي پابندي“ جي عنوان سان هڪ مقالو پيش ڪيو. هن ورسيءَ جي موقعي تي شاهه جي فقيرن پنهنجي اصلوڪي پراڻي انداز ۾ شاهه جو ڪلام ڳائي ٻڌايو. اهڙي نموني سنڌ ۾ ”شاهه ڀٽائيءَ جي ساليانه ورسي ملهائڻ“ جو رواج پڻ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ جي طرفان شروع ڪيو ويو.
1953ع کان سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي طرفان شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي ڪتاب شايع ڪرائڻ شروع ٿيا. 1953ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ جناب مرحوم عبدالستار پيرزاده، شاهه سائين جي سالانه عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جي افتتاح جي موقعي تي ”شاهه جي حب الوطني“ جي عنوان سان تقرير ڪيائين. پيرزادي صاحب، شاهه سائين جي 201 ميڙي جي موقعي تي سنڌ صوبي ۾ پهريون ڀيرو 15 آڪٽوبر 1954ع ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو. 31 آگسٽ 1958ع ۾ ڀٽائيءَ جي ميلي تي شام جو ساڍي ستين وڳي موسيقيءَ جي پروگرام ۾ جناب عبدالستار پيرزادي صاحب آسا راڳ مان وائي ”منهنجو ملڪ ملير“ ڳايائين.
1961ع ۾ بزمِ نصيرآباد ۾ ذوالفقار راشديءَ مقالو ”شاهه جي شاعري“ پڙهيو، پاڻ ان مقالي ۾ سسئي جي سڪ ۽ سهڻي جي ميهار سان لنئون ۽ دليريءَ تي خيالن جو اظهار پيش ڪيو.
”لطيف ۽ جديد سائنس“ جي عنوان تحت ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور ”پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس، شاهه عبداللطيف سيشن اسلام آباد ۾ 31 مئي 1979ع ۾ تقرير ڪئي.
شاهه لطيف بابت پهريون انگريزي ڪتاب ”لائيف آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ مرزا قليچ بيگ لکيو. سڀ کان پهرين شاهه سائين جي زماني جو پس منظر مغربي عالم ايڇ. ٽي. سورلي ڏنو ۽ شاهه سائين کي ڪلهوڙن جي دور جو گوهر سڏيو. سڀ کان پهريائين مير عبدالحسين سانگيءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح عمري جي حوالي سان تحقيق ڪئي. سڀ کان پهرين ”شاهه لطيف ۽ ڪلهوڙا دؤر تي تحقيق“ غلام حيدر چنه ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ سڀ کان پهرين شاهه سائين جي واين تي ڊڪشنري، مشهور اديب ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ تيار ڪئي. سندس ولادت پهرين مئي 1928ع ۾ ڪراچي ۾ ٿي ۽ وفات 27 مئي 2008ع قاسم آباد ۾ ٿيس. سڀ کان پهريائين شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل علامتن کي جديد مغربي معيارن موجب پرکڻ جي روايت مشهور محقق ڊاڪٽر تنوير عباسي وڌي. سڀ کان پهريائين ديوان ليلا رام خاڪيءَ شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ لکي هئي. مراٺي زبان ۾ شاهه صاحب جي زندگي، فلاسافي ۽ لوڪ قصن کي وڌ ۾ وڌ شري تولا رام رهيجا پونا واسيءَ ليک لکيا آهن. جن ۾ ”سؤراجيه“ مراٺي هفتيوار 4 جون 1966ع ”مها ڪوي شاهه لطيف“ لوڪ مت هفتيوار جي جون 2008ع قابلِ ذڪر آهن.
ڏوڪري شهر جي رهواسي استاد طالب حسين چني ۽ سندس ڀيڻ مشهور شخصيتن جي نالن کان علاوه، سڀ کان پهرين شاهه سائين جا بيت رنگين ڌاڳي سان پنڊي يعني دٻڪي تي لکيا. تنهن کان پوءِ پنڊين تي شاهه لطيف جي بيت جي سٽ بعد قرآن شريف جون آيتون، چوڻيون ۽ پهاڪا به لکجڻ عام ٿي ويا آهن.
لطيف جو پارکو ۽ رسالي جي حافظ، سگھڙ فقير محمد جمن مڱڻهار جمعي جي ڏينهن 5 مئي 2010ع ۾ عبرت اخبار ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته 1989ع ۾ فقير سرائي امداد علي ۽ محمد خان مجيدي سان گڏ شاهه جا اڻ ڇپيل بيت انڊيا جي راجستان ۽ ڪڇ ڀڄ واري علائقي مان هٿ ڪياسين. وڌيڪ ٻڌائيندي چيائين ته، هڪ سؤ کان وڌيڪ بلوچي ۽ بروهي ٻوليءَ ۾ شاهه جا بيت مون وٽ موجود آهن. 23 آڪٽوبر 1954ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ”پوئٽري آف شاهه عبداللطيف“ جي عنوان سان اي.ڪي.بروهيءَ تقرير ڪئي هئي.
1966ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ اسلامي قدر“ جي عنوان تي مذاڪرو ڪيو ويو. 1969ع ۾ ايم. اي. فائنل جي پيپر ۾ بعنوان ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ تي مضمون لکڻ لاءِ ڏنو ويو. 18 اپريل 1985ع تي شاهه عبداللطيف ڪانفرنس جو افتتاح صدر جنرل ضياءَالحق ڪيو.
تنظيم فڪر و نظر سکر سنڌ پاران 1. ڪل سنڌ شاهه لطيف ڪانفرنس 1982ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 2. 1985ع کان سالانه ڪل پاڪستان شاهه عبداللطيف ڪانفرنس سکر ۾ ٿي. 3. شاهه لطيف عالمي ڪانفرنس 1986ع ۾ سکر ۾ ٿي. 4. چوٿين ڪل پاڪستان شاهه عبداللطيف ڪانفرنس 14، 15 آڪٽوبر 1988ع ۾ ٿي. انهن ڪانفرنسن ۾ شاهه جي شيدائين مقالا پڙهيا هئا.
مضمون، سنڌ جي صوفي دانشورن جو سنيهو، ڪريم بخش خالد، هفتيوار صداقت، جيڪب آباد 14 آگسٽ 1955ع. اردو مقالو، خطبات لطيف (شاهه جو رسالو مين ڀنڀور ڪا مذڪور) ڪريم بخش خالد، ڀنڀور ضلعي ٺٽي ۾ منعقد ٿيل ڀنڀور بين الاقوامي سيمينار جي موقعي تي 28 اپريل 1983ع ۾ پڙهيو. اردو مضمون شاهه جو رسالو مين سنڌي ڪلچر ڪَي مظاهر، ڪريم بخش خالد، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پاران منعقد يوم لطيف جي موقعي تي10 ڊسمبر 1983ع 4 ربيع الاول 1404هه ۾ پڙهيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي عنوان سان مظهرالحق صديقيءَ ”پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان ڪوٺايل لطيف ڪانفرنس“ جي موقعي تي 29 نومبر 1983ع تي افتتاحي تقرير ڪئي.
مضمون، شاهه لطيف ۽ سنڌي ثقافت، مير غلام علي جمالي، 31 مارچ 1984ع تي لياقت گورنمينٽ ڪاليج ملير، طرفان هوٽل جبيس صدر ڪراچي ۾ ملهايل يومِ لطيف ۾ پڙهيو هو.
مشهور محقق، آرٽسٽ ۽ شاهه لطيف جي شيدائي، بدر ابڙي 1985ع ۾ ڀٽ ڌڻي جو ٺاهيل مجسمو لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل لاءِ تحفو ڏنو. لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي آرٽ گيلري ۾ اڱارو 29 ڊسمبر 2015ع ۾ مجسمي جي نقاب ڪشائي جي پُروقار تقريب ٿي. ان موقعي تي بدر ابڙي صاحب چيو ته 1978ع ۾ مون کي ڀٽائيءَ جو مجسمو ٺاهڻ جو خيال آيو. پوءِ خبر پئي ته لطيف سائينءَ جو سندس حياتيءَ ۾ مجسمو ٺاهيو ويو هو. جيڪو ڀٽ شاهه جي هالا حويليءَ ۾ پيل آهي، پوءِ اتي ويس جنهن کي ڏسڻ جي اجازت نه ملي. بعد ۾ ڀٽائيءَ جي ويجھن ساٿين کان ڄاڻ وٺي، هي مجسمو 1985ع ۾ ٺاهي مڪمل ڪيم. ابڙي صاحب، شاهه سائين جي بيت ”جوڳيءَ کي جڳ ٿيا اڀي ئي پيرين، اکيون الک سامهون ڀونءِ ڏي نه ڀيري.“ کي سامهون رکي ڀٽائيءَ جي مجسمي جو تصور ان تي بيهاريو. پوءِ لاڙڪاڻي واسين ۽ ساڃاهه وندن تقريب ۾ سندن ٿورا مڃيا.
پي ٽي وي ڊراما سيريل ”ماسوري“ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اداڪاره زيبا بختيار جي ڊائريڪشن ۾ ڊراما سيريل ”ماسوري“ ملائيشيا ۾ تيار ڪيو ويو. ساگر انٽرٽينمينٽ جي ان سيريل جو پروڊيوسر برڪت صديقي ۽ ليکڪ ظفر معراج آهي. سيريل ۾ 10 گانا شامل ڪيل آهن. جيڪي عابده پروين، عامر جمال، ٽينا ثاني ۽ مظهر جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهن. سيريل ملائيشيا سان لاڳاپيل ”ماسوري“ جي ڪردار جي سلسلي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ”ماسوري“ جي روحانيت جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ روحاني عشق حقيقي کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. سيريل جي ڪاسٽ ۾ جيڪي فنڪار شامل آهن. انهن ۾ سعديه امام، فيصل قريشي، ثمينه پيرزاده، ساجد حسن، شبنم نواز، جانان ملڪ، غزاله ڪيفي ۽ طاهر رضوي شامل آهن. سيريل جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سلمان گھانچي آهي.اهو ڊرامو ڊسمبر 2004ع ۾ ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو.
10جولاءِ 2004ع تي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ اديبن ”شاهه لطيف سنڌي ٻولي ۽ سماج“ موضوع تي مقالا پڙهيا. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران شاهه لطيف سيمينار 2005ع ۾ 25 اپريل تي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي اور عورت ڪي عظمت“ جي سري هيٺ اديبن مقالا پڙهيا. ڊاڪٽر غفور ميمڻ 8 جنوري 2005ع ۾ شاهه لطيف چيئر پاران ڪرايل سيمينار ۾ مقالو ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جا تحقيقي رخ“ پڙهيو هو. 19 مارچ 2006ع ۾ سنڌي شعبي پاران سنڌالاجي جي راشدي حال ۾ موضوع ”تصوف ۽ شاهه لطيف“ ان موضوع تي ليڪچر، مقالن ۽ مضمونن جو پروگرام منعقد ڪيو ويو.
22 مارچ 2006ع ۾ سنڌالاجي جي راشدي حال ۾ موضوع ”شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ غم جو فلسفو“ ان موضوع تي ليڪچر پروگرام رٿيو ويو.
ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي 267 هين عرس جي موقعي تي 15 جنوري کان 21 جنوري تائين ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه پاران شاهه لطيف جو هفتو ملهايو ويو. جنهن ۾ ڪيترائي اهم پروگرام نشر ڪيا ويا، جن ۾ برک دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، آغا سليم ۽ ٻين شخصيتن جا تاثرات ۽ پيغام نشر ڪيا ويا. شاگردن وچ ۾لطيف بيت بازي، لطيف ڪوئز، ”شاهه لطيف جو نوجوانن لاءِ پيغام“ جي عنوان سان تقريري مقابلا ڪرايا ويا.
2010ع ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان ”مومل راڻي“ کي ڪلاسيڪل نموني جاري ڪيو ويو. جنهن کي مڪمل طور شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه وارن فقيرن طرفان پيش ڪيو ويو هو. ان موقعي تي شاهه جي راڳي فقير جمن چيو ته ان اسٽوڊيو شاهه لطيف کي بين الاقوامي طور متعارف ڪرايو آهي. حوالو، ڪاوش دنيا 2018ع. ريڊيو پاڪستان جي قومي نشرياتي رابطي تي اردو پروگرام ”شاهه عبداللطيف محبتون ڪا سفير“ 7 جولاءِ 2010ع تي نشر ٿيو. ان پروگرام ۾ نصير مرزا، تاج جويو، سحر امداد ۽ جامي چانڊيو شرڪت ڪئي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر 7 جولاءِ 2013ع تي آچر ڏهاڙي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي سهڪار سان هڪ ڏهاڙي ٻه ويهڪي ڪانفرنس ڪوٺائي. هن ڪانفرنس ۾ پهرين ويهڪ جو موضوع ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ فطرت جا رنگ“ هو. هن ويهڪ جو مهمانِ خاص سعيد احمد اعواڻ سيڪريٽري ثقافت ۽ صدارت پروفيسر ڊاڪٽر پيرزاده قاسم رضا صديقي ڪئي. پروفيسر محمد سليم ميمڻ تجويز پيش ڪئي ته شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي هر سال شاهه لطيف ڏيها ڏيهي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ به ڪوٺائي وڃي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. ان کانپوءِ شاعر اياز جاني، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين پنهنجا مقالا پيش ڪيا.ڪانفرنس جي ٻي ويهڪ جي صدارت سنڌ جي نامور اديب محقق آغا سليم ڪئي، سڀ کان پهريائين نوجوان محقق سڪندر ساگر پنهيار ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي پرڪاش راڳن جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان سان پنهنجو مقالو پيش ڪيو. ان کانپوءِ تاج جويو، پنهنجو مقالو ”ديوانِ علي ۽ شاهه لطيف جو تقابلي جائزو“ جي عنوان سان پيش ڪيو. پروفيسر ڪنعيا لال ناگپال تقرير ڪندي چيو ته ”گروگرنٿ صاحب به شاهه لطيف جي شاعريءَ جيان راڳن تي ٻڌل آهي. شاهه لطيف جي سموري شاعري سرن تي ٻڌل آهي ۽ اهي سر اصل ۾ راڳ ئي آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسِٽي ۽ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران 10 ڊسمبر 2014ع تي نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي آڊيٽوريم ۾ ”ڏيها ڏيهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس“ ٿي. هن ڪانفرنس ۾ اردو سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ مقالا پيش ڪيا ويا. ڪانفرنس جي صدارت آغا سليم ڪئي تنهن بعد ڊاڪٽر فاطمه حسن چيو ته ”شاهه لطيف جي شاعري احساسن سان ڀريل آهي. شاهه جي شاعري انسانن کي محبت جو معراج ڏيکاريو آهي“. شاهه جي راڳ تي تحقيق ڪندڙ البرٽا يونيورسٽي ڪئناڊا مان آيل شمائلا هيماڻي چيو ته ”شاهه سائينءَ جي راڳ ۽ موسيقيءَ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ هيل تائين شاهه جي رسالي جي ان پهلوءَ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي“. برطانيا مان آيل روز ميريءَ چيو ته ”شاهه جي ڪلام ۽ پيغام کي عام ڪرڻ جي گهرج آهي هن نفسه نفسيءَ جي دور ۾ شاهه جو ڪلام اسان لاءِ واٽ ۽ لاٽ جو ڪم ڏئي ٿو“. بلوچستان مان آيل نور خان محمد حسنيءَ جي مقالي جو عنوان هو ”دهشتگرد سماج ۾ لطيف جو جواز“ . ان موضوع تي مقالو پڙهيو. گلگت بلتستان مان آيل احسان شاهه پنهنجو مقالو پڙهيو ۽ ٻين ۾ سليم راز، سيد مظهر جميل، امر سنڌو، اختر رضا سليمي، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، زاهده حنا، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
ڇنڇر 28 نومبر 2015ع بمطابق 15 صفر 1437هه تي ثقافت کاتي پاران شاهه سائينءَ جي 272هين عرس مبارڪ جي ”عالمي لطيف ادبي ڪانفرنس ايڪسيلينس سينٽر ڀٽ شاهه“ ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ دهلي کان آيل اديب هيرو ٺڪر، گجرات احمد آباد کان آيل ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊينمارڪ کان آيل صدف مرزا، بهاولپور کان آيل ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، ڀٽ جو گادي ڌڻي سيد وقار حسين شاهه، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ۽ ميزبان منظور ڪناسرو شامل هئا. انهن اديبن شاهه سائينءَ جي فن فڪر ۽ ڪلام تي تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ ثقافت کاتي پاران لطيف سرڪار تي ڇپايل نَوَنِِ ڪتاب جي مهورت ڪئي وئي. انهن ۾ منظور قناصرو جو ترتيب ڏنل ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ همت ۽ جستجو“ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو رسالو ”ڳجھارت“ رکيل مورائي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه لطيف هڪ تحقيقي ۽ تخليقي اڀياس“ ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”محزن شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ منظور احمد قناصري جو ”ڪوڙين ڪايائون تنهنجون“ محمد عثمان ڏيپلائي جو ”شاهه جو رسالو“ منظور احمد قناصري جو انگريزي ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”دي ميسيج آف اسٽرگل آف لطيف پوئٽري“ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جو ڪتاب ”آڇيندي لڄ مران“ ۽ ذوالقرنين شاهه جو ڪتاب ”رهبر ڀٽ شاهه“ شامل آهن.
ثقافت کاتي اپريل 2015ع ۾ شاهه سائين جون 18 وايون سينيئر ۽ جونيئر فنڪارن کان نئين انداز ۾ نون سازن سان رڪارڊ ڪرايون. ڊي.جي.ڪلچر منظور احمد ڪناسري صاحب سال 2015ع ۾ سيڪنڊري ڪلاس جي شاگرد لاءِ موضوع ”شاهه جي شاعريءَ ۾ همت ۽ جستجوءَ جو پيغام“ هاير سيڪنڊري جي شاگردن لاءِ موضوع ”شاهه جي شاعريءَ ۾ انساني قدر“ جي عنوان سان مقالي جي دعوت ڏني. پوءِ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.
جمع 6 مئي 2016ع تي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻِي پاران ٽي روزه جشن لطيف ملهائڻ جو سلسو شروع ٿيو. پهرين ڏينهن ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ حب الوطني“ جي عنوان سان مقالو پڙهيو. ڊاڪٽر احسان دانش ”سنڌي سماج ۾ شاهه جي ڪلام بابت فڪري ۽ نظرياتي تضاد“ عنوان سان مقالو پڙهيو. غلام نبي سڌايو ”شاهه سائين جو اجتماعي شعور“ عنوان سان مقالو پڙهيو. بشير احمد شاد ”شاهه جي ڪلام ۾ لفظ ۽ معنوي ندرت“ عنوان سان مقالو پڙهيو.
خيمس 10 نومبر 2016ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ”حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۽ پيغام ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڪردار“ جي سري هيٺ 10 کان 17 نومبر تائين هفتو ملهائڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل افتتاحي تقريب جي سيمينار کي مهمانِ خاص ڊي سي ڄامشورو منور علي مهيسر خطاب ڪندي چيو ته، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام واضع ۽ چٽو آهي. شاهه لطيف جي شاعري ۾ ڪيئي اهڙا نقطا آهن، جن کي سمجھڻ جي ضرورت آهي. سينيئر صحافي نياز پهنور چيو ته ريڊيو حيدرآباد ۾ ڀٽائي جي مختلف رخن جي حوالي سان وڏو ڪم ٿيو آهي. ان موقعي تي نصير مرزا، ريجنل ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ، تاج جويو، زيب سنڌي، سينيئر صحافي ناز سهتو، پروفيسر نظير قاسمي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، عشرت علي خان، شاهه لطيف جي ڪلام، فن ۽ فڪر تي روشني وڌي ۽ ان سيمينار جي ڪمپيئرنگ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جي پروگرام مئنيجر علي اڪبر هنڱورجي ڪئي. هن وقت علي اڪبر هنڱورجو صاحب اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي.
پهرين نومبر 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ نامياري اسڪالر احمد سليم”موجوده دور جا مونجهارا ۽ شاهه لطيف“ موضوع تي ليڪچر ڏنو.
2016ع ۾ شاهه سائين جي 273 هين عرس جي موقعي تي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران اديبن کي هيٺين عنوانن تي مقالن لکڻ جي دعوت ڏني. (1) شاهه جي شاعريءَ ۾ امن. (2) شاهه جي شاعريءَ ۾ عالمگيريت. (3) شاهه جي نظر ۾ محبت. (4) شاهه جو آدرشي انسان.
شاهه سائين جي عرس جي موڪل باوجود سگا جي عهديدارن ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ 14 سفر 1439هه مطابق ڇنڇر 4 نومبر 2017ع تي ٻارڙن پهريون ڀيرو ڀٽائي جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو. جن ۾ انوشا ميمڻ، فائقه ۽ غفران، ڀٽائي سرڪار جي شاعري ۽ ان جي پيغام بابت تقريرون ڪيون. جڏهن ته غزاله، عاصف، پيڪر فاطمه، اُم فروه ۽ ٻين پڻ ڀٽائيءَ جا بيت پڙهيا.
شاهه سائينءَ جي 275هين عرس مبارڪ جي مناسبت سان وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيمينار 2018ع ۾ ڪوٺايو ويو جنهن جو موضوع هو ”سسئيءَ جو ڀنڀور کان ڪيچ مڪران تائين سفر ۽ شاهه لطيف“. ان سيمينار ۾ نالي واري محقق گل حسن ڪلمتيءَ، ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌ شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي مقالا پڙهيا. ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ءَ چيو ته مون ۽ گل حسن ڪلمتيءَ سسئي جي سفر وارن لڳ ڀڳ 35 ماڳن جو سفر ڪيو. اهو سيمينار مستاگ فائونڊيشن جي سهڪار سان منعقد ٿيو هو.
شاهه سائين جي ڪلام ۾ ميون عيسو جو اسم يعني ان جي نالي وارا ڪنهن ليکڪ هڪ بيت ڄاڻايو ۽ محمد ابراهيم سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ مرد ڪردار“ ۾ ٻن کان ٽي بيت عيسيٰ جي نالي وارا ڄاڻايا آهن. ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ ڇهه بيت عيسيٰ جي نالي وارا ڄاڻايا آهن. شاهه سائين جي وڏي همعصر ميين عيسيٰ جي مزار ملاڪاتيار ڀرسان خيرواهه ۽ درياهه جي بند جي ٻيڪڙ ۾ آهي.
جمع 18 جنوري 2019ع تي ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ۽ اردو جي نامياري ليکڪ ۽ پروڊيوسر محمد قاسم حيدر پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ تي اردو ۾ ٺاهيل ڊاڪيومينٽريءَ جي افتتاحي تقريب ٿي. ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ڊاڪيومينٽري جي پروڊيوسر محمد قاسم حيدر چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ ۾ هيءَ ڊاڪيومينٽري متعارف ڪرائي پئي وڃي. جنهن ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو شامل ڪيو ويو آهي. نوي منٽن تي مشتمل هن ڊاڪيومينٽري جي رڪارڊنگ سنڌ، بلوچستان، هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪئي وئي آهي. هن ڊاڪيومينٽري ۾ ناليوارن اديبن جا تاثر، مشهور فنڪارن جي آوازن ۾ ڳايل ڪلام، دنبوري جي ايجاد، رسالي جي تحقيق، ڀٽائيءَ جيڪي سفر ۽ ماڳ مڪان ڏٺا ۽ ان وقت جو سياسي پسمنظر ۽ ٻين موضوعن تي ڄاڻ ڏني وئي آهي ان موقعي تي سينٽر جي باني پروفيسر مختيار احمد سمون چيو ته ”ڀٽائيءَ جي شاعري جو پيغام آفاقي آهي جيڪو عالمي امن پيار ۽ رواداري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو.“