شاهه لطيف جو ڪوٽيسر ڏانهن سفر بابت مختلف روايتون
اندر نه ساهه سڪائيين، ٻهر سڪايين ٻانهون،
مٺا مٺئي پاڻ کي، چئين آديسي آئون،
او پنڌ پراهون، جتي نظر نات جو. (سر رامڪلي)
هنيون نه سڪائين هوت لئي، ٿو سڪائين ٻانهون
ڏيکارين ٿو ڏيهه کي دتا ڪيو دانهون
پاڻهين مٺيءِ پاڻ کي ته ڪو آديسي آئون
اي پنڌ اڳاهون، ڪي ڪاهي رسيا ڪاپڙي.
(محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڪتاب: شاهه عبداللطيف)
اندر نه ريڌءِ، رام سين، ٻاهر ٻڌين ٻانهون،
مٺا مٺين پاڻ کي، راهه پڇين راهون،
لاهي ڇڏ لطيف چئي، ويراڳي سڀ واهون،
اوءِ پنڌ آڳاهون، جت نانگا گڏيا ناٿ کي.
راهمون محمد قاسم، مرتب، شاهه جو گنج، 2011ع، سر رامڪلي، ص: 504.
فقير امداد علي سرائي، ڪتاب قدم ڪاپڙين جا، ۾ لکي ٿو ته شاهه سائين کيس چيو ته،
اندر نه ريڌءِ رام سان ٻاهر سڪائين ٻاهون،
مٺا مٺئي پاڻ کي ٿو چايئن آديسي آئون،
لاڙي ڇڏ لطيف چئي، ٻوڙا ٻئي ٻاهون،
او پنڌ آڳاهون، جت نانگا گڏيا ناٿ کي.
مطلب ته اندر مان غير گمان، گيرب ۽ گاءِ ڪڍي پالهو ٿي. پوءِ ڪاپڙي، شاهه لطيف کي چوڻ لڳو ته ٻيهار اچي مون کي ڏسجو ته، توهان جي امر ۽ طعني جو مون تي ڪهڙو اثر ۽ روحاني واڌارو ٿئي ٿو. پوءِ ان ڪاپڙيءَ هڪ سوپاري زمين تي رکي، سجدو ڪري همشيھ لاءِ اونڌو ٿي ڪري پيو، تمام گھڻي تپسيا ڪيائين. ٻئي سال جڏهن ڀٽائي گھوٽ ان جوءِ ۾ آيو، چيائين ته: ”مون کي هڪ قطب جي سرهاڻ اچي رهي آهي“. ڀٽائي، جوڳي کي جس ڏيندي فرمايو ته: رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اُٻاٽجن اوءِ.
ان سچي سامي، شاهه جي ڏسيل سُواٽ تي هلي، معرفت ماڻي سندس شڪر نڀايو ۽ پنهنجي پريتم جي پرٿوي پسڻ بابت، شاهه صاحب جي چيل سٽ جي موٽ ۾ هيئن چيو:
مئي پڇاڻان ميت سين جا پرهندو ڪن،
سا پر سپرين، مونسين جئري ڪئي جھان ۾.
هن کاهوڙيءَ وصيت ڪئي ته مون هندو ڌرم مطابق پاڻ کي جيئري ساڙيو آهي، هاڻي مونکي ڌيڻو ڌر جبل تي دفن ڪجو.
نارائڻ سر ۽ ڪوٽيسر مندر:
ڪڇ جي قديم تخت گاهه لکپت جي ويجھو مشهور تاريخي مندر ڪوٽيسر ۽ نارائڻ سر ۾ ڀٽائيءَ بادشاهه جو ٻه ڀيرا وڃڻ ٿيو.
ڪوٽيسر جي ڪنڊ ۾ رهيو آهي رام،
جن سناسين سيويو تن اندر ڪيو آرام،
ڪروڌ ڪو ڪام، ويو ويچارن وسري.
ڪڇي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ماڌو جوشي ”اشڪ“ وٽان محترم تاج جويي کي پهرين سيپٽمبر 2015ع تي احمد آباد انڊيا ۾ هڪ رهاڻ دوران هيٺيان ٽي نوان بيت مليا.
1ـ نائي نارائڻ سر، سانڍي منجھئين ساهه،
اوڏو آهي الله، ڪوٽيسر جي ڪنڊ تي.
2ـ ڪوٽيسر جي ڪنڊ تي رهيو آهي رام،
جنين سناسين سَمريو، اندر ٿيو آرام،
ڪروڌ ۽ ڪام، ويا وجودا نڪري.
3ـ ويا وجودان نڪري، ان کي واحد وڏائي،
ثابت ٻڌيو سندرو، منجھه ماڻن مٺائي،
انين کي آئي، لذت شاهه لطيف چئي.
(انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ڏهون، ش 1، 2016ع، ص: 71، 72 .)
نارائڻ سر مندر ۾ لطيف سرڪار پنهنجن سچن سامين ۽ ساڌوئن، سنگتين سان ڪجهه وقت رهيو هو. پر پوءِ اتي هڪ ڪُپر ڏسي، گامو سچار ٿي اُتان جي ”مها گرو“ کي سچ چئي، وِرچائي وڌائين. ايئن نه سوچيائين ته پرائي مندر ۾ اڌارو رهيو پيو آهيان ۽ پنهنجي دال روٽي جو به خيال نه ڪيائين، چون ٿا ته نارائڻ سر مندر ۾ ان وقت رواج هوندو هو ته، جڏهن ڪو هندو پاپ ڪري پهچندو هو ته، مندر ڌڻي ان کي پويتر يا پاپن کان آجو ڪرڻ لاءِ سندس مٿي جا وار، ڀرون، ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ نارائڻ سر ۾ سنان ڪرائڻ بعد مٿس ڪجھه پڙهي واڌائي ڏيندو هوس ته، تنهنجا پاپ ڌوئجي ويا. هاڻي تون هليو وڃ، جو تون پاپن کان پالهو ۽ پويتر آهين. ڀٽائي صاحب حق گوءِ ۽ وڏو سچارشخص هو، ان مندر جي اندر مهراج جي اها ڪُپر، کجت ۽ کيچل ڏسي سهي نه سگھيو ۽ سندس اندر جي قاضي ان ڪپت کي پسي، سچ چوڻ تي مجبور ڪيو ۽ هڪل ڪري انهن ياترين جي سامهون ٻائي ڏي نهاري هي بيت چيائين.
بِنا جنهن جي بڇڙي اصل کان ايهي،
تنهن کي سهسين سنان ڪرايئين پاڻي ۾ پيهي،
منڊو من ڪترايئين نارائڻ سر نيئي،
جي گڏهه گنگا ويئي، ته ڪو تيرٿ چئبو تنهن جو.
مندر جي ٻائي صاحب کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته، هي ڪير ٿيندو آهي، جو منهنجي ڪمائي جو ذريعو بند ٿو ڪري۽ اسان جي چيلن کي ٿو کاري. تنهن اڃان ڪجھه شاهه جي خلاف قدم کڻڻ جو سوچيو ته، هن ملوڪ مڙد روحاني طاقت جي زور تي سندس اندر۾ جھاتي وجھي، هن جي ڪاوڙ ماٺي ڪرڻ لاءِ، مسلمانن لاءِ پڻ اهڙي مشابهت وارو بيت چئي، معراج کي مرڪائي ڇڏيو ۽ خود چيلا ۽ ياتري، شاهه جي اهڙي گفتي تي من مان مَٺيان ۽ گمان ڪڍي، سرها ٿي سندس سپت ۽ سچائي جا قائل ٿي ويا.
(حوالو: سرائي فقير امداد علي، ليکڪ، قدم ڪاپڙين جا، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سال 2003ع، ص:97، 98، 179.)