لطيفيات

پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي سوانح حيات، سفر ۽ همعصر بزرگن سان ملاقاتي بيتن ۾ ڦير ڦار ڪري مختلف روايتن سان پنهنجي نموني بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ روايتن جي آڌار تي شاھہ سائينءَ جي همعصر بزرگن ۽ فقيرن جي ولادت ۽ وصال جا سن بہ مختلف ڏنا آهي.ڪتاب ۾ شاھہ جي شيداين جي ڪم، شاھہ سائين تي ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊِ ٿيسز جا تفصيل، شاھہ جي سوانح ۽ شاعري بابت سايع ٿيل ڪتابن ء ۽ رسالن جا تفصيل پڻ ڏنا ويا آھن.

Title Cover of book پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

شاهه لطيف جو مدن فقير سان بحث مباحثو

سنڌ جي عظيم انسانن ۾ صوفي سنت، مدن پٽ چيتن مل ڌنجاڻي (ڌنجي مل) جو جنم وسپت 12 جنوري 1667ع ۾ تعلقي هالا جي ويجھو ڳوٺ ڪوٽ ڪلاڻي ۾ ٿيو هو. ڪجھه عرصي بعد ڪوٽڙي مغل ۾ آباد ٿيا. (ڪوٽڙي مغل هاڻوڪي ڀٽ کان ڏکڻ طرف پنج ميل پري هئي اهو شهر هاڻي ڦٽي ويو آهي) ڪن مجبورين يا ٻوڏ سبب پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ٻن ڀائرن جن ۾ سڌن مل، ڳوٺ کنڊوءَ ۾ رهائش ڪئي، سندس آڪهه وارا سڌناڻي سڏجن ٿا ۽ ڌنجي مل جنهن ڀٽ شاهه تي رهائش اختيار ڪئي.ڌنجيءَ جو اولاد ڌنجاڻي سڏجن ٿا، ڌنجيءَ کي عام طور ”ڌنجي شاهه“ سڏيندا هئا. ڌنجي مل ننڍ پڻ ۾ ئي ماتا جي بيماريءَ سبب اکين کان ضعيف هو؛ جنهن ڪري رات ڏينهن ڌڻيءَ در وينتي ڪندي، عامل بڻيو پوءِ سندس شاهه حبيب سان به بيحد عقيدت ٿي. چيتن مل ڌنجاڻي کي ٻه پٽ ڄاوا جن ۾ هڪ سکيو ۽ ٻيو مدن جهڙو سدا ملوڪ نينگر پيدا ٿيس.
مدن ننڍپڻ کان ئي ماٺيڻو ۽ سلڇڻو ڇوڪر هو. پاڻ کي هڪ جيڏن ۾ ڪڏهن به هٺيلو ۽ معتبر نه پئي ڀانيائين؛ ويتر ڀٽ جي آس پاس ڳوٺن ۾ گهمندي ڦرندي صوفين ۽ سنتن جي صحبت مان ڪافي پرايو هئائين. فقير مدن، ”ڀڳت“ سٺي وجهندو هو. انهيءَ ڪري ”مدن ڀڳت“سڏبو هو. پاڻ شاهه عنايت رضوي جو بيحد عقيدتمند هو. اڪثر ڪري وٽس ڪچهري ڪري، شام جو گهر واپس ٿيندو هو. پاڻ وڏو داناءُ هو، جنهن ڪري اڳ پوءِ جي وڏي سوچ رکندو هو.ڪڏهن ڪڏهن گهرجي چوديواريءَ کان ٻاهر، جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. اڪيلائي پسند ۽ هميشه بندگيءَ ۾ رڌل رهيو.
شاهه لطيف جي جڏهن سيده بيگم سان شادي ٿي ته بيبي صاحبه کي ڪجهه خاص ماڻهو ڏاج سان گڏ مليا جيڪي شاهه حبيب جي خدمت ۾ رهيا. انهن ۾ چيتن مل ۽ مدن ڀڳت به شامل هئا ڇو ته اهي به مرزا مغل بيگ جي خاص ماڻهن مان هئا. چيتن مل سڄي حياتي پڇاڙيءَ تائين شاهه حبيب جي ئي خدمت ۾ رهيو. هن کانپوءِ وري سندس پٽ مدن فقير ڄڻ ته ڀٽائي صاحب کي تحفو ٿي مليو. جيئن ته مدن فقير ڀٽائي صاحب کان عمر ۾ وڏو هو، ان ڪري ڀٽائي صاحب، مدن فقير جو تمام گهڻو خيال ڪندو هو. ڀٽائي صاحب سان مدن فقير جو جوڙ ان وقت ٺهيو جنهن وقت ڀٽائي صاحب جي عمر 25 سال کن هئي. سندن ملاقات ڪوٽڙي مغل تورڪيءَ جي مقام ۾ ٿي جنهن کي مئين وهئين جو مقام به سڏين ٿا. جتي ڀٽائي صاحب جو سهرو مرزا مغل بيگ ۽ سندس ٻيا عزيز پڻ دفن ٿيل آهن. مدن فقير، لطيف سائينءَ سان ساهتيءَ واري سفر، هنگلاج، لاهوت ۽ ڪارونجهر وارن سفرن ۾ لڳاتار 3 سال ساڻ رهيو ۽ وفات تائين ڪچهرين ۾ به موجود رهيو. سفر جي مشاهدن سان گڏ هنن جي ڪچهريءَ جو مرڪز حيات ڪوريءَ وارو تڪيو يادگار طور موجود آهي. جتي مدن فقير شاهه عنايت رضوي ۽ ڀٽائي صاحب جون نصيحت آموز ڪچهريون عوام ۾ مشهور ۽ مقبول رهيون. جتي هنن ٽنهي شاعرن جا شاعراڻا مناظرا ٿيندا هئا. سندن انهن ڪچهرين وارا مناظرا هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويا. حيات ڪوريءَ وارو تڪيو هالا حويلي کان اوڀر طرف سڏ پنڌ تي موجود هجڻ ڪري انهن ڪچهرين جي يادگار طور موجود آهي. ڀٽائي صاحب مدن فقير جي درويشيءَ واري منزل کان بخوبي واقف هو انهيءَ ڪري مدن فقير کي ڀٽائي صاحب پنهنجي جوڙ ۾ ان ڪري کنيو ته سندس مريد ۽ فقير انهن نصيحت آموز گفتن مان لاڀ حاصل ڪن. مدن فقير شاهه لطيف جو همعصر ۽ دوست هو، شاهه صاحب سان بيتن ۾ سوال جواب ڪندو هو. شاهه لطيف سان بيحد محبت هيس ۽ شاهه لطيف به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هيو. سندن عظيم درس هيٺ بيان ڪجي ٿو.
هڪ ڀيري فقيرن ڀٽائي سرڪار کي عرض ڪيو ته، سائين توهان ته سيد ۽ اسان جا مرشد آهيو، پر مدن هڪ واڻيو. اهو توهان سان گڏ اٿي ويهي ٿو. اسان کي مناسب نه ٿو لڳي. لطيف سائين پنهنجي فقيرن، مريدن کي چيو ته ”ابا هي منهنجون ڳجهارتون ڀڃندو آهي ان ڪري هن کي ساڻ کڻندو آهيان“ فقيرن عرض ڪيو ته سائين ڳجهارتون اسان به ڀڃي وينداسين. ڳجهارت ڏئي ته ڏسو، پوءِ سهڻي لطيف پڇيو ته ”ابا الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي ذات پسند آهي؟“ هڪ شخص چيو ته سائين هن ڪائنات جا شهر الله سائين کي سڀ کان وڌيڪ پيارا ۽ پسند آهن، ٻئي مريد چيو ته الله سائينءَ کي شربت ۽ کيرَ سڀ کان وڌيڪ پسند آهن ۽ وري ٻين مريدن بنا سوچ ۽ ويچار جي وراڻيو، ته ”قبلا! مرشد جي ذات“. سهڻي لطيف چيو ته ”ابا مريدن کي مرشد تي ناز نه ڪرڻ کپي“ پوءِ شاهه لطيف فرمايو ان جو صحيح جواب توهان کي مدن فقير ڏيندو ان کان پڇي اچو. فقيرن شاهه صاحب وارو سوال مدن فقير کي ٻڌايو پوءِ مدن جواب ۾ وراڻيو، ته الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ ”گڏهيون“ پسند آهن. ڀٽائيءَ جا فقير اهو جواب ٻڌي مٿس تپي باهه ٿي ويا ۽ شاهه سائينءَ کي پڻ اهڙي اڍنگي جواب ٻڌائڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. پر پوءِ اخلاقي قدرن کي آڏو رکي، منجهانئن هڪ فقير اُٿي، مدن جو جواب، شاهه سائينءَ کي ٻڌايو. شاهه صاحب جواب ٻڌي خوب خوش ٿيو ۽ چيائين ابا مدن بلڪل صحيح پيو چوي. فقيرن ۽ مريدن جون وايون بتال ڏسي، شاهه صاحب کين واضع ڪندي فرمايو، ته ”ابا! رب سان گڏ ”هِيون“ يعني (گڏ، معنيٰ ساڻ) (هيئون، معنى دل) الله تعاليٰ سان جيڪو دل ڳنڍيندو ۽ رات ڏينهن ان جو ذڪر ڪندو اهوئي ڀلو ۽ بهتر آهي. اهو ئي الله سائينءَ کي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. هن درويش ڪيڏي نه سهڻي نصيحت ۽ هدايت ڪئي آهي. هي هر وقت اسان کي الله تعالى جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي ان ڪري آءُ هن کي ساڻ کڻندو آهيان. مدن فقير واڻيو ضرور آهي، پر الله سائينءَ کي تمام گھڻو پيارو آهي. الله تعاليٰ وٽ ذات پات جو ڀيد ناهي.
هڪ دفعي عيد جي موقعي تي شاهه سائين پنهنجن فقيرن کي تحفا آڻڻ لاءِ چيو ته، فقيرن شاهه صاحب وٽ اڳ ڀرائي حاصل ڪرڻ لاءِ سٺا سٺا تحفا آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ڪنهن فقير تسبيح، ڪنهن مصلو، ڪنهن چادر، ڪنهن شال آندي. مدن فقير وري ڀٽائي صاحب لاءِ ڏيڏر کڻي آيو. سڀئي فقير حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته هي به ڪو تحفو آهي؟ ڀٽائيءَ صاحب فرمايو ته ابا سڀني جي تحفن کان وڏيڪ سٺو تحفو مدن ڀڳت جو ئي آهي. جو هن اسان کي ڏيڏر يعني ڏي به ۽ ڏر (ڊڄ) به . ڪت به ڪنب به يعني عبادت ڪري ڏڪ به. الله جي راهه ۾ ڪجهه به ڏئي فخر محسوس نه ڪجي. هر ساعت سڀني انسانن سان نيازمنديءَ سان پيش اچجي ۽ الله جي عبادت ڪري انهيءَ جي ذات کان به ڊڄجي ته اها عبادت شل قبول پوي. توهان ته اجايو مدن کي گهٽ وڌ پيا چئو، وڃو ۽ وڃي کانئس معافي وٺي اچو!“. پوءِ شاهه سائينءَ هي بيت چيو:
ڪت ڪنبندي آءُ، اڳيان توريندڙ تکا ڌڻي،
اگهيئي ته پاءُ، نه ته مڻن کي به موٽ ٿئي.
سر ڪاپائتي، شاهه جو گنج، مرتب: راهمون.
مدن ڀڳت جيتوڻيڪ هندو هو، پر پالڻهار کي پيارو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته رمضان مهيني ۾ هڪ ڏينهن مالها کڻي مسجد ۾ ويو ۽ ڪنڊ ۾ ويهي بندگي ڪرڻ لڳو. مڄاڻ جهرڪين ڇت ۾ آکيرو ٺاهيندي اتفاق سان مٿس ڪک ڪيرايا. ملا به قرآن پاڪ پڙهي رهيو هو، جنهن سموري ماجرا اکين سان پئي ڏٺي. ڪکن ڪرندي مدن ڇرڪ ڀريو ۽ مٿي نهاريو. خدا جي قدرت سان اُهو جهرڪ ۽ جهرڪي اچي پٽ تي پيا ۽ مري ويا. ملا کي اها ڳالهه البته ڏکي لڳي؛ جنهن ڪري خاموشي ٽوڙي، وات ڪري چيائينس، ته ”ابا ناحق ظلم ڪيو اٿئي هنن ساسين تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو“ تنهن تي مدن وراڻيو، ته ”مولوي صاحب! برابر جهرڪين ڪک اڇلايا، برابر مون به مٿي نهاريو ۽ برابر جهرڪيون به اچي پٽ پيون ۽ مري ويون، ان ۾ منهنجو قصور ناهي، اهو ضرور آهي، ته ڌڻي پنهنجن پيارن تي ڪک به نٿو سهي. اهو الله تعالى جي مرضيءَ مطابق ٿيو آهي. شايد مالڪ کي اها ڳالهه نه وڻي آهي، جو هي ڪم ٿيو آهي!“ بس، پوءِ ته ملا حيران ٿي، اچي مدن کي ڀاڪر پاتو ۽ معذرت ڪيائينس.
ڪارونجهر واري سفر ۾ مدن فقير به ڀٽائي صاحب سان گڏ هو، ڪارونجهر جبل جي هڪڙي غار ۾ ڀٽائي صاحب چلو به ڪڍيو هو. اُتي هڪ ننڍڙي کوهي به موجود آهي جنهن کي مقامي ماڻهو مدن مهتي جي ”واڙ، يا، واءِ“ سڏيندا آهن. چون ٿا ته چلي واري جاءِ ۽ مدن جي واءِ وارا آثار اڄ تائين موجود آهن. هن سفر ۾ مدن فقير هڪ چشمي وٽ پهتو ته هڪڙي مولويءَ ڪاوڙ مان مدن کي چيو پري ٿيءُ ته اسان وضو ڪيون. مدن فقير پري ٿي بيٺو ۽ هنن همراهن وضو ڪري بس ڪيو ته ڀٽائي صاحب به ڀر ۾ ئي عبادت ۾ مشغول هو اهو منظر ڏسي مولوين کي چيائين، ابا وضو ڪيوَ ؟ مولوين وراڻيو هائو سائين. ڀٽائي صاحب فرمايو ته ”ٻاهرين صفائي سان گڏ اندرين صفائي به ضروري آهي“ ۽ پوءِ ڀٽائي صاحب مدن فقير کي چيو ته ”پنهنجو اندر مولوين کي صاف ڪري ڏيکار“. مدن فقير بنا دير جي چشمي ۾ وات ڏنو ته پاڻي وات کان ٿيندو سندس پوئين پاسي حاجت واري جاءِ مان پيو نڪري ڀٽائي صاحب ڏسي مولوين کي چيو ”ابا اندر ايئن صاف ٿيندو آهي. جيئن الله جي ذات کي به چٽو ڏسي ۽ پسي سگهجي“. ابا هي هندو ضرور آهي مگر هن درويش جو اندر صاف آهي تڏهن خدا تعالى کي به ويجهو آهي اوهانجي هن کان نفرت ڪرڻ اجائي هئي. مولوي ڏاڍا پشيمان ٿيا ۽ مدن فقير کي ڀاڪر پائي پرچائي کانئس معافي ورتائون.
هڪ دفعي شاهه لطيف ۽ مدن فقير کيبرن جي ڳوٺ وٽ ڪنهن کوهه جي ڀرسان آستانو مچايو ويٺا هئا. ڀٽائي صاحب ان ڏينهن تسبيح سان ذڪر فڪر ۽ عبادت ۾ مشغول هو ته ان کوهه تي علائقي جون ڪجهه عورتون پاڻي ڀرڻ جي خيال سان بيٺيون، عورتن پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي چيو ته هن ڀيري تو لاءِ تنهنجو همراهه ڪهڙي سوکڙي آڻيندو؟ جواب ۾ عورت چيو ته سڳيون، چوڙيون ۽ ٻيا ڪي تحفا آڻيندو. وري هڪ عورت ٻي سهيليءَ کان پڇيو ته تون خاموش آهين تون ٻڌاءِ تو وارو يار تو لاءِ ڇا آڻيندو؟ تنهن تي ان عورت وراڻيو ادي ڪجهه آڻي يا نه آڻي يارن سان ڀلا ڪي ليکا ڪبا آهن. اهي لفظ ٻڌي ڀٽائي صاحب، فرمايو، ”دل بيار ودست بکار“ يعني ”دل يار سان ۽ هٿ حاج سان“، پوءِ شاهه صاحب تسبيح ڦٽي ڪئي ۽ هر ساعت الله هو، الله الله، هو هو، جي تسبيح پڙهندا هئا. مدن فقير عورتن واري گفتگو ٻڌي بي اختيار چئي ڏنو.
خبرون کيبري کوهه جون پئي لڳي آ پيهه،
ڀرڻ واريون ڀري وئيون باقي گدلين لاتي گيهه،
جن کي لڄ ناهي ليهه، سي کلن بيٺيون کوهه تي.
تنهن تي مدن فقير کي ڀٽائي صاحب چيو ته ابا ايئن نه چئو انهن عورتن جي گفتگو اسان کي وڏو سبق ڏنو آهي ته يار سان ڪوبه حساب ناهي رکبو. اسان حقيقي يار سان به ليکو پي ڪيو. هن جو ذڪر ڳڻي ڳڻي پئي ڪيو سين جڏهن ته عورت جو يار مجازي هو تڏهن به هن سان ليکو نه ڪيائين. اسان کي به پنهنجي يار سان بنا حساب محبت ۽ عبادت ڪرڻ گهرجي.
هڪ ڀيري ٺٽي جا وڏا عالم شاهه سائينءَ جي خدمت ۾ آيا، ٿوري ئي پل ۾ ديني ڪچهري ڇڙي ته شاهه صاحب کانئن سوال پڇيو، ته (ابا، الله جي گهر جو در ڪيڏو ٿئي ٿو؟) ”اهو در جو الله ڏانهن نئي سو ڪيڏو وڏو ۽ ڪشادو هوندو؟ هن سوال جي جواب ۾ انهن شخصن مان هڪ ڄڻي چيو ته ”ان در مان اُٺ به ٽپي سگهندو“ ۽ وري ٻئي چيو ته ”هاٿي به پالڪي سوڌو ٽپي سگهندو“ مطلب ته هر هڪ ان در کي ڏاڍو ڪشادو ۽ وڏو ٻڌايو. آخر ۾ شاهه صاحب اهو ساڳيو سوال پنهنجي دل واري دوست مدن واڻئي کان ڪيو. مدن جواب ڏنو ته ”سائين اهو در جو الله ڏي نئي اهڙو تنگ ۽ سوڙهو آهي جو منجهائس فقط اهي ٽپي اندر داخل ٿيندا جي نئڙي پاڻ کي هيٺ ڪري سِر نمائي هلن“. اهو معقول جواب ٻڌي ڀٽائي صاحب حاضرين کي چيو، ته ”ابا ڏٺو! اسان تڏهن ته مدن کي ڀائيندا آهيون!“
هڪ دفعي مدن فقير ۽ شاهه سائين سفر ڪري رهيا هئا ته ڪافي دير ٿي وين، شاهه سائينءَ کيس چرچي ۾ چيو، ته ”حشر ويل حساب ۾ ڪافر ڪندا ڪئن؟“ ٻي پڙهڻي ”محبت جي ميدان ۾، مهتا ڪندين ڪيئن“؟ مدن ان وقت ته بالڪل خاموش رهيو. آخر شاهه صاحب جي زور ڀرڻ تي جواب ۾ صرف ايترو عرض ڪيائين، ته ”سائين! انهيءَ جو جواب اوهان کي ڪنهن مناسب موقعي تي ڏيندس!“ ڪجهه ڏينهن بعد، درياه جي پتڻ تي سندن ملاقات ٿي. کين پار پهچڻو هو، پر جيئن ته ڪنڌيءَ کان پاتڻي پڳهه ڇوڙي پتڻ کان پرڀرو هاڪاري چڪو هو؛ جنهن ڪري ٻئي ڄڻا بي وس بيٺا هئا. کيس سڏ ته گهڻائي ڪيائون، مگر هن (پاتڻيءَ) وراڻين، ته ”ٿورو ترسو، ٻئي پُور ۾ توهان کي اڪاريندس“. مدن، نه ڪا ڪئي هم نه تم، کيسي مان ڪلدار روپيو ڪڍي، وڏي واڪي پاتڻيءَ کي هڪل ڪري چيائين ته ”ٻيلي! اسان ٻنهي کي هن ئي پتڻ ۾ کنيو هل! اسان توکي پهرين پُور ۾ پهچائڻ لاءِ ٻيڻو پتڻ ڏينداسين“ ٻيڻي پتڻ جي لالچ تي پاتڻي پٺتي موٽيو. پتڻ چڙهڻ وقت مدن، ڀٽائي صاحب کي کلي چيو، ته ”سائين! هينئر شايد توهان کي پنهنجي سوال جو جواب ضرور ملي ويو هوندو!“ شاهه سائين مشڪيو، جنهن تي مدن جي زبان مان آواز نڪتو، ته
”هٿ جنين جو هئن، سي پهرين پتڻ پار پيا“ ٻي پڙهڻي ”هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي چڙهيا.“
يعني جيڪي ڏاتار جي ڏني مان خلق خدا جي خدمت ڪن ٿا تن جو حشر ويل حساب سولو ٿي پوندو ۽ پاتڻي کي چيائين ته ادا ! شڪر ۽ قناعت سببان تون سکي رهندين. حرص ۽ حوس توکي دنيا تي چاڙهيندا من کي مطمئن رک ۽ نفس جي نفي ڪر.
ليکڪ سرمد چانڊيو، وري هن نموني لکيو آهي. شاهه لطيف چيو، پل صراط جي پتڻ تي ڪامل ڪندا ڪيئن؟
مدن فقير چيو: هٿ جني جو هيئن پهرين پتڻ سي ٽپن.
چانڊيو سرمد، ڪتاب، سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ، ڪنول پبليڪيشن 2017ع، ص: 36.
هڪ دفعي ڀٽائي سرڪار، مدن فقير کي مخاطب ٿي چيو ته:
چوڏهن ۽ چار ويندي ڏٺم واٽ سان،
قيمتي هين ڪپڙا، ويا دوستاڻي درٻار،
واڻيا ڪر ويچار، ته ڇا ڏسي مون چيو.
مدن فقير پنهنجي ڏاهپ موجب ڀٽائي صاحب کي چيو: سائين ان بيت جو جواب آءُ سڀاڻي هن ئي وقت تي اوهانکي ٻڌائيندس. ٻئي ڏينهن ان ساڳي جاءِ جو مدن فقير خوب جائزو وٺي ڀٽائي صاحب واري بيت جو جواب حاصل ڪيو ۽ ڀٽائي صاحب کي جواب ڏيندي مدن فقير چيو:
چوڏهن ۽ چار ارڙهن هئا اڙٻنگ،
قيمتي هين ڪپڙا ميرا نه تن جا انگ،
ڏٺا اٿوَ ڪنگ جيڪي اڏري اولهه ڏي ويا.
لاکيڻي لطيف چيو واهه فقير واهه بلڪل صحيح پيو چئين.
هالا حويلي ڳوٺ کان اوڀر طرف سڏ پنڌ تي لطيف سائين جي فقير حيات ڪوريءَ جي تڪيي تي مدن فقير، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف رهاڻ ڪري رهيا هئا، قبر جي پڇاڻي بابت جا گفتگو ڪئي هئائون. سا هن ريت آهي. شاهه عنايت رضويءَ چيو قبر جي مشڪل آسان ڪرڻ لاءِ ثمر ضروري آهي. پوءِ فقير مدن، تون اتي منڪر ۽ نڪير کي ڪهڙو جواب ڏيندي؟ پوءِ بيت ڏيندي شاهه عنات چيو ته:
سرهه گڏ بئي سسئي سوڙهي منجهه سهي،
طرح پڇندءِ تڪڙي ٻاروچا ٻئي،
آڻي ڏيندءِ هٿن ۾ ڪتابت ڪهي،
پنهنجي پاڻ اکين سان واچيندينءَ وهي،
ثمر جن صحيح، تن ڪونهي اهک عنات چئي.
مدن چيو:
ميان پرائي ملڪ ۾، گهڻي بَڪَ مَ بڪُ،
اڳيان رائر وٺندءِ روڪڙو، حاڪماڻو حق،
تڏهن مدن چوي مرڪ، جڏهن کنڌو ڏيئي خلاص ٿين.
ڪتاب: سنڌ جي هندن جي تاريخ، سال 2006ع، ص: 335.
بيت جي ٻي پڙهڻي:
ميان سندءِ ملڪ ۾ اهڙي بات نه بڪ،
اڳيان راول وٺندءِ، روڪڙو حاڪماڻو حق،
مدن تڏهن مرڪ، جڏهن ليکو لاهي لال ٿئين.

ڪتاب: مونا طور سينا، ڇاپو مئي 2019ع، ص، 78 تي بيت هن نموني آهي.
مدن پرائي ڏيهه ۾، بڪ نه اهڙي بڪ،
راوڙ وٺندئي روڪڙو، حاڪماڻو حق،
”مدن“ تڏهن مرڪ، جڏهن کرو کڻي خلاص ٿئين.
آخر ۾ ڀٽ ڌڻيءَ کين پختي يقين سان چيو ته:
ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو،
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ،
ٿيندي ريجهه رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي،
هڪ دفعي شاهه صاحب، شاهه عنايت ۽ مدن مل ٽيئي جوان ڪچهريءَ ۾ محو هئا، ڳالهين ڪندي مدن فقير انهن بزرگن کان دوزخ جي باهه کان نجات پائڻ جي واٽ پڇي هئي ۽ جيڪا صلاح ڀٽائي صاحب ۽ شاهه عنايت کيس ڏني هئي اها هن ريت آهي.
مدن مل: ڀٽائي ڀر جھلا، اجھا عنايت،
سا ڪا سيکاءِ تات، جو باهه کان بچان.
شاهه عنات: مون، تون، آئون، اسين اهي چارئي چتان لاهه،
ته سندي دوزخ باهه، تؤ اوڏيائي نه اچي.
ڀٽائي صاحب: الف رک اندر ۾، ميم محمدا،
جڻيا ٻيڙا جان تان، لطفا لاهه،
ته سندي دوزخ باهه، تؤ اوڏيائي نه اچي. (حوالو: ڪتاب، لطيفي گل).
هڪ دفعي مدن ۽ شاهه عنات جو ڏاڍو سٺو مشاعرو ٿيو، ٻنهي جو نبيرو شاهه لطيف ڪيو موالين جي ڪرت ڏسي مدن ڪچهريءَ ۾ بيت ڏنو ته: ملان ۽ موالي اُٿن اسر جو، ڪن ساراهه سبحان،
ملان قربئون کڻن ڪرن کي موالي خاشا پڇن خان،
ملان پاڻي وجهن پيرن تي، موالي صافا کڻن سلطان،
ملان ٻانگ چڙهيو ڏين ٻانگون، موالي ڪن عليءَ کي اعلان،
ملان نيتن نماز کي موالين جو وزم ٿيو نان،
موالي رهن مجلس ۾، هو ڪامل پڙهن قرآن،
مدن چوي مان، مهندان ٿيندو ڪن جو،
جنهن تي شاهه عنات چيو ته: ملن ۽ موالين ۾ وڏو آهي فرق،
جو ڏيندو دنيا کي ترڪ، تنهن کي ملندو مان عنايت چئي
ٻنهي جا خيال ٻڌي جواب ۾ شاهه سائينءَ فرمايو ته
ملان ۽ موالي ٻئي خلقيا خلقڻهار،
سيد چئي سڀن کي دان ڏنا ڏاتار،
صاحب رب ستار، دان ڏيندو دلين تي.
ڀٽائي سرڪار جي جواب تي سڀ خاموش ٿي ويا ۽ واهه واهه ڪرڻ لڳا. ان ڏينهن شاهه عنات جي ڪچهريءَ مان مدن کي ايترو ته مزو آيو جو سج لهڻ جو به پرو نه پيس. پوءِ ته اونده ٿينديئي، جان کڻي ڳوٺ ورڻ لاءِ سنبري نڪتو ته، شاهه عنات چرچي طور چيس، ته ”مدن! تنهنجي ڳوٺ واري جهنگ ۾ شينهن ٿو رهي، تون هن ڪمهلي وقت نه وڃ، اڄ رات رهي پؤ ته ڪي روح رهاڻيون ڪريون!“ مدن، جيڪو روز جو هيراڪ هو؛ سو ڪٿي ٿو آرام اچيس. هلڻ کان اڳ چيائين، ته: ”جنهن جي رات تنهن جو ڏينهن ـ جنهن جو مدن تنهن جو شينهن“
هڪ دفعي شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجن مريدن کان پڇيو، ته”آءُ ڇا آهيان؟ ۽ مدن ڇا آهي؟“ مريدن وراڻيو، ته ”قبلا سائين! توهان مرشد آهيو ۽ مدن واڻيو آهي!“ معقول جواب نه ملڻ تي کين مدن ڏانهن موڪليائين. مدن کان ته هو اڳ ئي عاري هوا، مگر مرشد جو چوڻ موٽائي نه سگهيا پوءِ جيئن تيئن ڪري کانئس سوال جو جواب پڇيائون، ته ”لطيف ڪير آهي؛ ۽ تون ڪير آهين؟ مدن ٺهه پهه جواب ۾ چين ته ”لطيف، ”ڌوڙ“ آهي ۽ مان ”ڇائي“ آهيان!“. اهو جواب ٻڌي مريد گستاخي سمجهي مٿس ڏمريا. مگر ڪن سنجيده ماڻهن جهيڙي جي نوبت ٽاري کين ڀٽائيءَ تائين موٽائي آندو. جڏهن ڀٽائي صاحب کي مدن وارو جواب ٻڌايو ويو ته ڀٽائي صاحب مسڪرائي حاضرين کي چيو ته ”ابا! مدن برابر سچ چيو آهي، ڇاڪاڻ جو منهنجو جسم آخر مٽيءَ (ڌوڙ) ۾ لٽبو ۽ مدن جو بت خاڪ (ڇائي) ٿي پوندو!
شاهه لطيف ٻارنهن مهينن کان پوءِ ڪنهن سفر تان موٽي نصرپور آيو ته اتان جي مريدن فقيرن عرض ڪيس ته سائين اڃان توهان هن واڻئي کي گڏ گهمايو ٿا وتو؟ ڀٽ ڌڻيءَ فقيرن کي چيو ته، ابا ان ڪري جو هي فقير منهنجو سودو سامان آڻيندو آهي ان ڪري آءُ هن کي ساڻ کڻندو آهيان. فقيرن مان هڪ عرض ڪيو ته سائين مون کي ڏيو پئسا آءُ ٿو سودو آڻيا. شاهه لطيف پنهنجي فقير کي چيو ته اچي وٺ ٽي روپيا پوءِ ”هڪ روپيو هِت، ٻيو روپيو هُتِ، ٽيون روپيو هِت نه هُت جو سودو ڪري آ“. فقير عرض ڪيو ته مرشد سائين اهو سودو ته تمام سولو آهي، پوءِ فقير ويو ۽ دڪاندار کي چيائين ته، روپيو وٺ هِت ڏي، دوڪاندار چيس ته فقير ڇا ڏيانءِ، ڇا پيو چئين، فقير چيس هِت نه ٿو ڏين ته ڀلا روپئي جو هُت ڏي. دوڪاندار سان ان فقير جو بحث جاري هو ته ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو ته، دوڪاندار ماڻهن کي چوڻ لڳو ته ڀٽائيءَ جي فقير کي سمجهايو چريو ٿيو آهي ڇا ؟ چئي ٿو سودو هِت ڏي يا هُت ڏي. ان کان پوءِ فقير کي دڙڪا ڏئي واپس ڪيو ويو پوءِ فقير هٿين خالي موٽي آيو ۽ ڀٽائي سرڪار کي عرض ڪيائين ته سائين دوڪاندار کي چيم ته سودو هِت ڏي يا هُت ڏي، توهان جو نالو به کنيم پوءِ به دوڪاندار نه سمجهي سگهيو ۽ سودو نه ڏنائين ۽ پنهنجي جان بچائي آيو آهيان. پوءِ سهڻي لطيف چيو ته اهو سودو مدن ڪري ايندو. پوءِ مدن ٽي روپيا کڻي هڪ ڳوٺ ۾ ويو اتي هڪ روپيو هڪ ايماندار ماڻهوءَ کي امانت طور ڏنائين، ٻيو روپيو هڪ نابين کي الله سائين جي نالي ڏئي آيو ۽ ٿورو اڳتي هلي ڳوٺ جي چوراهي تي ڏٺائين ته هڪ ناچڻي ماڻهن جي هجوم ۾ نچي پئي پوءِ ٽيون روپيو ان کي ڏئي آيو. فقيرن مريدن مدن کي پري کان هٿين خالي ڏٺو ته چوڻ لڳا ته سائين مدن ته هٿين خالي پيو اچي. مدن فقير ، لطيف سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿي چيو ته سائين توهان وارو سودو ڪري آيس. هڪ روپيو هڪ ايماندار وٽ رکيم ۽ ٻيو روپيو نابين کي ڏنم ۽ ٽيون روپيو چوسول تي ناچڻي نچي پئي ان کي ڏئي آيس. فقيرن ۽ مريدن چيو مدن واهه جو سودو ڪري آئين اهو وري ڪهڙو سودو آ ؟ سهڻي لطيف پنهنجي فقيرن، مريدن کي سمجهائيندي چيو ته ابا ”مدن جو پهريون روپيو هِت جو سودو جيڪو ڪيڏي مهل به واپس وٺي سگهجي ٿو. ٻيو روپيو هُت جيڪو الله جي نالي ڏنائين ان جو اجورو آخرت ۾ ملندو. ٽيون روپيو ناچڻيءَ کي ڏنائين جيڪو نه هِت نه هُت ڪنهن به ڪم جو نه ٿيو ويتر گناهه ۾ شمار ٿيو. فقيرن عرض ڪيو ته سائين توهان جا عجيب ۽ روحاني سودا آهن اهي راز واقعي مدن ئي سمجهي سگهي ٿو. هاڻي اسان کي هن درويش تي ڪوبه اعتراض ناهي. پوءِ شاهه سائين فرمايو ته ابا ”ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي“
هڪ دفعي ڀٽائي صاحب ميين محمد امين ڊاسوڙيءَ واري وٽ آيو ته مدن مهتي کانسواءِ هڪ ٻيو فقير به ساڻس گڏ هو، ميين محمد امين، شاهه سائين توڙي فقيرن جي چڱيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪئي ۽ کين پنهنجي اوتاري ۾ ويهاريو. ڪچهريءَ گذرندي ڪيڏي مهل، مدن ڀڳت ٻئي فقير کي ڪن ۾ آهستي چيو ته ”ڏس ميين وارا ڪهڙا نه سادا آهن، سندن گهر به ڪکاوان آهن، ميين امين وارا برابر فقير آهن“. سندن مطلب ڪو ميين محمد امين جي گهرن تان کلڻ جو ڪونه هو پر هنن فقيرن سندن سادگي پئي بيان ڪئي. انهيءَ ساري ڳالهه جي ميين محمد امين کي ڪشف جي ذريعي پروڙ پئجي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ مدن ڀڳت ۽ اهو فقير پيشاب جي خيال کان ٻاهر نڪتا، ميين امين جي انهيءَ اوتاري جي آمهون سامهون هڪ وڏي کڏ هئي جيڪا هن وقت ته لٽجي چڪي آهي. انهيءَ کڏ ۾ ماڻهو پيشاب وغيره ڪندا هئا. هنن ٻنهي فقيرن پيشاب ڪري جيئن وٽ چيٺڻ لاءِ ڀتر کنيا ته اهي سون جا ٿي پيا، ائين نيٺ فقير پنهنجا ڪپڙا پليت ڪري اچي ڪچهريءَ ۾ ويٺا. ٿوري دير کانپوءِ ماني آئي جا هنن کاڌي، ماني کائي بس ڪيائون ۽ ڪچهري وري شروع ٿي. تڏهن ميين محمد امين، مدن مهتي کي مخاطب ٿي چيو ته ”ابا آزمودو ورتوَ؟ اسان لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، اسين جيڪڏهن گهرون ته سٺيون جايون به جوڙائي سگهون ٿا“. پوءِ مدن ڀڳت ميين امين کان معافي ورتي.
مدن فقير ۽ شاهه لطيف ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ نڪرڻ وقت بار بار هي راز جي ڳالهه ڪندا هئا، مدن فقير، ڀٽائي سرڪار کي چوندو هو ته ”سائين پهرين اوهان پوءِ آءُ“ جواب ۾ ڀٽائي سرڪار چوندو هو ته ”نه پهرين تون پوءِ آءُ“. پوءِ واقعي ٿيو به ائين جو مدن فقير جو چالاڻو ٿيو. انهيءَ راز کي ڀٽائي صاحب ثابت ڪري ڏيکاريو، ٿيو ائين جو پهرين مدن فقير آرتوار 29 نومبر 1744ع تي پرلوڪ پڌاريو ته ڀٽائي سرڪار هن درويش جي مڙهيءَ کي پنهنجي قبر واري مقرر جاءِ جي پيرانديءَ کان دفن ڪرايو، انهيءَ ڪري ته سندس مريد ۽ فقير درگاهه تي حاضري ڏيڻ وقت پهرين مدن فقير جي مڙهيءَ کي اورانگهي پوءِ اچي سندس حاضري ڏين. شاهه سائينءَ جي فقيرن مان ايتري ويجهڙائپ ڪنهن ٻئي فقير کي نصيب نه ٿي آهي. 1754ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، شاهه عبداللطيف جو مقبرو جوڙايو ته مدن جي قبر ديوار ۾ اچي وئي. روايتن مطابق 1974ع تائين مدن جي نالي واري سر شاهه سائينءَ جي روضي جي پيرانديءَ کان لڳل هئي.
سنڌ جي هن سگهڙ، سنڌي ۽ هندي زبان جي نامور شاعر مدن فقير جا ظريفاڻه، اصلاحي ۽ پرولين وارا بيت ڪافي تعداد ۾ مشهور آهن تن مان ڪجهه نارو ڀڳت ۽ ٻين ڀڳتن به ڳايا آهن انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي. مدن فقير جا ڪجهه ٻيا بيت هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن واقعي تي چيل آهن.
گل چرڻ گيهل ڪرڻ، ايءُ نه ڪنواٽن ڪم،
مهند جو مدن چوي ٿا گورا رکن گم،
ويندئي ڇڏي وهم، جڏهن وٺي ايندين وڳ مان.

ڀلا نه ڀيلين، مر ڀڻا گھمن باغ ۾،
موڙي مڃر ٽاريون، تن کي تسيا ڏين،
اهڙا جي آهين، سي بازي کٽن باغ مان.

محبت مٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،
ڇا ڄاڻي لوڪ، قدر ان ڪيميا جو.

ڪالهه پڻ ڪالهه هئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو،
مڙهيءَ ۾ مدن چوي ويهي ڪانگ ويو،
جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو.
شاهه لطيف ۽ مدن جي محبت کي مدِ نظر رکندي ڀٽ شاهه تي هندو برادريءَ لاءِ هڪ گرد ئارو جوڙايل آهي. گردواري جو مک سنڀاليندڙ مدن ڀڳت جي خاندان مان گاگن داس مدناڻي آهي. ان کانسواءِ ڀائي ارشد جيت سنگهه، ڀائي نول ڪمار، ڀائي ونود ڪمار، ڀائي پرسومل، ڀائي وينسي مل، ڀائي پرڪاش سنگهه به هن گرد واري تي ايندڙ ڀٽائيءَ جي پانڌيئڙن ۽ غريب ماڻهن جي سيوا ڪن ٿا. گرد واري جو افتتاح سيد وقار حسين شاهه لطيفيءَ 4 سيپٽمبر 2015ع تي ڪيو.
مددي ڪتاب: سنڌي ميمڻ عبدالغفور، عظيم سنڌي انسان 1998ع، ص: 328، 329، 327 تي مدن پٽ چيتن تولاڻي، ص ـ330 تي مدن فقير جي مڙهي يادگار طور ڀٽ شاهه ۽ ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن وچ ۾ اتر طرف اڄ به قائم آهي. عبدالواحد حاجي احمد ڀٽي آدم سيلاني، لطيفي گل، نيو سنياسي پبليڪيشن هالا 1959ع، ص: 39، 40، 41. ڪريم بخش خالد، مرتب، ذڪرِ لطيف، محڪمه اطلاعات ڪراچي 1984ع، ص: 50. لغاري ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي ڇاپو ٻيو 2001ع ص: 65، 66 تي بيت ”سرهه گڏ بئي سسئي سوڙهي منجهه سهي“ عنايت ڏيرو جو لکيل آهي. ميمڻ قربان علي، مرتب، فڪر لطيف، تنظيم فڪر و نظر سکر، اپريل 1986ع، ميمڻ قربان علي، مرتب، فڪر لطيف، تنظيم فڪر و نظر سکر 1987ع، ص: 151. آڏواڻي ڀيرومل مهرچند، سنڌ جي هندن جي تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع، ص: 334. يوسفاڻي معمور، شاهه لطيف جا ٿر تان ڀيرا، مهراڻ اڪيڊمي 2001ع، ص: 97. مخزن لطيف 1969ع. حميد سنڌي، مرتب، سر گهاتو، سال 1987ع. وفائي مولانا دين محمد، لطفِ لطيف 1950ع. بدر ابڙو، سنڌ جو شاهه 2000ع. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه عنايت رضويءَ جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2010ع. ڪلاچي مارچ 2002ع، ماهوار نئين زندگي 1962ع، لطيف سالگره مخزن 1968ع. سليم ڀٽو لطيفي، مقالو، لطيفي ماڳن جي سار سنڀار. عبرت مئگزين.