لطيفيات

پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي سوانح حيات، سفر ۽ همعصر بزرگن سان ملاقاتي بيتن ۾ ڦير ڦار ڪري مختلف روايتن سان پنهنجي نموني بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ روايتن جي آڌار تي شاھہ سائينءَ جي همعصر بزرگن ۽ فقيرن جي ولادت ۽ وصال جا سن بہ مختلف ڏنا آهي.ڪتاب ۾ شاھہ جي شيداين جي ڪم، شاھہ سائين تي ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊِ ٿيسز جا تفصيل، شاھہ جي سوانح ۽ شاعري بابت سايع ٿيل ڪتابن ء ۽ رسالن جا تفصيل پڻ ڏنا ويا آھن.

Title Cover of book پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

ڀٽ تي سماع جي سلسلي جو مختصر احوال

شاهه سائين جن اندازن سن 1142هه ۾ موجوده ڀٽ کي وسايو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق 1140هه، 1142هه (28-1727ع، 30-1729ع) ڌاري شاهه لطيف ڪجهه فقيرن سان گڏ ڀٽ تي سڪونت اختيار ڪئي ۽ پوءِ جايون ٺهرائڻ شروع ڪيائون. سيد محمود شاهه ان وقت اميري ترڪ ڪري پاڻيءَ جو ڪوزو کڻي اچي سندن پھريون مريد ٿيو ھو. ڀٽ تي شاهه سائين جي فقيرن جو تعداد وڌنڌو ٿي ويو ته تمر فقير کي ڀٽ تي لٺ (ڪاٺيءَ) سان جاءِ ليڪي ڏنائون ۽ ڪجهه فقيرن جي مختلف ڪم ذمي لڳايائون.
سال 1144هه ۾ ڀٽ تي سماع، ذڪر ۽ راڳ جو ادار قائم ڪيائون. سماع ۽ ذڪر جو اڳواڻ پنهنجي ماسات ۽ وڏي خليفي محمد عالم ڏيرو کي مقرر ڪيائون ۽ راڳ جو اڳواڻ تمر فقير کي ڪيائون. شاهه صاحب جي وقت ۾ جيڪو پهريون دنبورو ٺهيو، سو پڻ تمر فقير وارو ”يڪ ڀانڊيو“ دنبورو هو. ڀٽائي صاحب جي وقت ۾ ٺٽي ننگر مان موتي ۽ گوپال نالي سوٽهڙ آيا، جن ڀٽ تي ويهي ڦاڪدار دنبورا ٺاهيا. تمر فقير واري دنبوري کان پوءِ ٻه ٻيا دنبورا ٺهيا، هڪ خليفي محمد عالم ڏيري جو ۽ ٻيو تمر فقير جي ڪنهن ساٿيءَ لاءِ ٺاهيو ويو. ڀٽ تي خليفي محمد عالم ۽ تمر فقير سان گڏ ميين ولي محمد، سيد نقي فقير، ميان هاشم علي ريحان پوٽو، عرس فقير ساند جنهن کي ڳائڻ جو داروغو چوندا هئا ان کي شاهه سائينءَ جو سڄو رسالو ياد هئو. اهي فقير سماع ۽ راڳ چوندا هئا.
خليفو محمد عالم ولد رب ڏنو ڏيرو سماع لاءِ مچ ٻاريندو هو جنهن جي اتر طرفان خليفو پاڻ ۽ سندس ساٿي ۽ سامهون ڏکڻ طرفان تمر فقير ۽ سندس ساٿي بيهندا هئا. ان بعد شاهه صاحب ايندو هو، پهريائين هو اَلو جون ٽي تسبيحون ٿينديون هيون. ان کان پوءِ خليفي محمد عالم جي ٽولي جو فقير بلاول يا ڌناسري جي سُرن مان بيت ڏيندو هو ۽ پهرين سٽ آلاپڻ بعد خليفو محمد عالم ”اَلقارعَة مَا القارعَة (قرآن شريف جي سورة جا الفاظ) جي ضرب هڻندو هو. ان بعد سامهون تمر فقير وارا ساڳي سٽ پڙهي به ضربون هڻندا هئا. ساڳئي وقت فقير مچ جي چوڌاري بالڪل آهستي پير پير ۾ ڏيئي ڦرندا هئا. اهڙيءَ طرح جو سَوا ڦيري ۾ سڄي سماع ختم ٿئي. آخر ۾ مچ جي الهندي طرفان سڀ ويهي گڏجي ذڪر ڪندا هئا ۽ ذڪر ۾ پڻ سُر سان بيت پڙهندا هئا. پڇاڙيءَ ۾ دعا گُهري اُٿندا هئا. شاهه صاحب سماع جا ٻه سلسلا شروع ڪيا هئا هڪ اويسي ۽ ٻيو قادري طريقو. (محقق ـ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ).
مير عبدالحسين سانگي ڪتاب لطائف لطيفي ۾ لکي ٿو ته، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽ تي پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بَلڙيءَ واري جي طريقي کي جاري رکندي ذڪر جون ٽي تسبيحون فجر ۽ ٻِين وقتن تي مقرر فرمايو هيون. (1) ”الله هو“ (2) ”الله، الله“ (3) ”هو هو“. مطلب ته ذڪر ۾ ”لا“ نفي جي آهي. جيڪڏهن ڪو طالب نفي ڪندي ساهه ڏئي ته اهوتوحيد جو انڪار ٿيو. انڪري گھرجي ته، اثباتي ذڪر ”الله“ ڪجي، جو ذڪر ڪندي موت اچي ته، ذڪر اثباتي قائم رهي. شاهه سائين پنهنجي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم وارو ذڪر جو طريقو جاري رکيو ۽ نئون سلسلو صادر نه ڪيائون.
سرمد چانڊيو لکي ٿو ته، راڳ ويراڳ جو پهريون مکيو ويراڳي فقير شاهه سائين پاڻ هو. سندس کاٻي پاسي کان ٽيپ واري تار جو پاسڙيو فقير اسماعيل فقير کاهوڙي هو، کاهوڙي فقير جي ڀر ۾ کاٻي پاسي وارو ٻيو پاسڙيو ڇيڙ جي تارن واروفقير، کلڻ فقير هو. شاهه سائين جن جي ساڄي پاسي کان گھور جي تار وارو ويراڳي تمر فقير هو، تمر فقير جي ڀر ۾ ٻيو پاسڙيو ويراڳي محڪم الدين سيلاني هو، اڌڪ وارو ٽيون ساڄڙيو ويراڳي محبت فقير هو. اڌڪ وارو وڄتو ويراڳي خالي تار واري ضرب پنهنجي آڱرين سان معنيٰ چئني آڱرين سان تنبور جي تنبي تي لڳائيندو آهي. راڳ ويراڳ ۾ ڳايل پهرئين وائي جيڪا شاهه سائين جن، شاهه حبيب سائين جي درگاهه تي ڳائي اها هيءَ آهي.
اچي، لالڻ لٽ ميان! مي جو لوڙهه لڪن ۾،
هو خان کٿوري هيرئون، مون ۾ صابڻ ڇٽ،
آرياڻي اچي ڪري، ڪا گھڙي مون وٽ جٽ،
کٿوري خوشبوءِ سين، هاريائون هٽ هٽ،
درد منهنجي دل جو، ڪامل اچي تون ڪٽ،
اديون عبداللطيف چئي، سر تائين آهي سٽ.
اڳتي هلي اهڙو وقت به آيو جو هڪ ڏينهن ڀٽائي صاحب بيمار ٿي پيو ته تمر فقير پڇڻ آيس، ان موقعي تي ڀٽائي صاحب تمر فقير کي جواب ڏيندي هي بيت پڙهيا:
اڄ نه من قرار، پيو سونچو ساٿ ۾
نيهي وهندم بار، مٿي ساڻيهه سپرين.

ڪو جو لڳي واءُ جنهن ڀر ڊڄن ناکئا
ورتن ونجھه ڦٽا ڪيا، اپر ٿي اونداهه
ناکئن نياءُ ٿيو گوندر گاڏئون.

لوڊاڻي تان لطيف چئي کٽون کنيائون
حيلا جي هتي جا سي پڻ پليائون
مومل ماڻيائون، وڃي آسڻ آرامي ٿيا.
بيت جي ٻي پڙهڻي:
لڊاڻيا لطيف چئي، کٽون کنيائون،
آڻي ڪاڪ ڪنڌيءَ لڏا لاٿائون،
ميرا لاھي ڪپڙا اڇا اوڍيائون،
چارئي چني پاندڙا، ڇوڙي ڇڏيائون،
ڌڱ لٽيائون ڌوڙ ۾، لڱ نه لوڏيائون،
ڇڏي حيلا ھليا، مومل ماڻيائون،
ڀيرو ڀڳائون وڃي آسڻ آرامي ٿيا.
شاهه صاحب زندگيءَ جا پويان ويهارو سال گھڻي قدر ڀٽ تي فقيرن ۽ طالبن جي روحاني تربيت ڪئي ۽ سماع وراڳ جو طريقو جاري ڪيائين. زندگيءَ جي آخري ڏينهنِ ۾ ڪارو ويس ڍڪي ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ماتم ۾ سُر ڪيڏارو چيائين. جيڪو سندس آخري ڪلام هو، هڪ روايت مطابق شاهه صاحب پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ سُر سهڻي جي هي وائي چئي هئي.
ٿلهه: ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري،
1. گولي ڀڄ گناهه کان ڪونهي سُول ثواب.
2. نڪي تقاوت ۾، نڪي منجھه رباب.
3. خوديائي خوب ٿئي، لائي جي لعاب.
4. پليتي پاڪ ٿئي، جنبو منجھه جناب.
5. سو نه ڪنهن شيءِ ۾، جيڪي منجھه تراب.
6. هوءِ جي جرڪيا جر تي، سي تان سڀ حباب.
7. هاديءَ سين هن پار ڏي، رڙهين ساڻ رڪاب.
8. چنبو وجھي چور کي، آءُ چڙهي، عقاب.
9. ديد وڃاءِ مَ دوست جو، هلي منجھه حجاب.
10. ڪثرت آهي قرب ۾ ، ادغام ۾ اعراب.
11. فنا وجھي فهم ۾، ڪارڻ ٿيءُ ڪباب.
12. ڏي طهورا تن کي، جي سڪن لاءِ شراب.
13. مُٺيءَ ڪيا مرض ۾، جاوا سڀ جواب.
سندن آخري وقت آيو ته پورا ايڪيهه ڏينهن خلوت اندر رهيا. انهي ساري عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائون. جڏهن ٻاهر نڪتا، ته هڪ سو (100) گھڙن پاڻيءَ سان غسل ڪري چادر اوڍي، مراقبي ۾ ويهي، فقيرن کي سماع سرود جو اشارو ڪيائون. ٽي ڏينهن برابر سماع پئي هليو. آخر راڳ بند ڪري، فقير شاهه جي ويجھو وڃي ڏسن، ته شيءِ وڃي ڌڻيءَ کي پهتي آهي. اها سن 1165هه مطابق 2 جنوري 1752ع صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ ۽ آچر جو ڏينهن هو. سندس جسم کي غسل آخوند ميين نور محمد ڀٽيءَ جي فرزند ميين ولي محمد ڏياريو. سندس وصيت موجب کيس مخدوم محمد الزمان لنواريءَ واري جي ڏنل چادر (اجرڪ) ڪفن طور اوڍائي وئي. شاهه صاحب جو جسم مبارڪ سندس وصيت موجب محمود شاهه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. ستت ئي سندس تربت مٿان روضو حاڪمِ سنڌ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي مڪمل ڪرايو. جيڪو زمين کان نيل تائين 67 فوٽ مٿي آهي. سندس روضو سکر بکر جي عيدن رازي 1167هه ۾ مڪمل ڪيو. روضي لاءِ رقم غلام شاهه ڪلهوڙي فراهم ڪئي. شاهه لطيف جي وفات بعد درگاهه ڀٽائيءَ جو پهريون سجاده نشين سيد جمال شاهه (وفات 1204هه) ٿيو. ڪجهه عرصي بعد مير نصير خان جي ٻن سؤٽن مير نور محمد درگاهه اڳيان وڏو کوهه کوٽرايو، جيڪو اڄ به موجود آهي ۽ مير محمد خان ٽالپر اوڀر ۾ چانديءَ وارو دروازو نصب ڪرايو جيڪو پڻ اڃان تائين موجود آهي. حوالو:بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، شاهه عبداللطيف، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 1990ع، ص:31 تي تمر فقير وارا بيت. سرائي فقير امداد علي،مصنف، ڪستي منجهه ڪڻان، هيرآباد حيدرآباد، آگسٽ 1995ع، ص: 45. حوالو: سرمد چانڊيو، ڪتاب، سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ (شاهه جو سنگيت نامو)، ڪنول پبليڪيشن قمبر، نومبر 2017ع ص:50. جي-ايم سيد، ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون وايون ۽ ڪافيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1991ع ص: 53. (ڪتاب ـ شاهه عبداللطيف جون وايون ۽ ڪافيون، مرتب: جي ايم سيد).