لطيفيات

پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي سوانح حيات، سفر ۽ همعصر بزرگن سان ملاقاتي بيتن ۾ ڦير ڦار ڪري مختلف روايتن سان پنهنجي نموني بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ روايتن جي آڌار تي شاھہ سائينءَ جي همعصر بزرگن ۽ فقيرن جي ولادت ۽ وصال جا سن بہ مختلف ڏنا آهي.ڪتاب ۾ شاھہ جي شيداين جي ڪم، شاھہ سائين تي ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊِ ٿيسز جا تفصيل، شاھہ جي سوانح ۽ شاعري بابت سايع ٿيل ڪتابن ء ۽ رسالن جا تفصيل پڻ ڏنا ويا آھن.

Title Cover of book پير پروڙي کڻ (لطيفيات)

شاهه لطيف ۽ ميون شاهه عنات رضوي جي ملاقات بابت مختلف روايتون

سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مشهور شاعر جنهن جو مڪمل رسالو ملي ٿو اهو شاهه عنات رضوي آهي، جنهن کي ليکڪن شاهه عنات، مييون شاهه عنايت ۽ شاهه عنايت الله به لکيو آهي.
شاهه نصر الدين چار شاديون ڪيون جن مان ڪمال الدين دل جي نياڻي بيبي حنيفه جي پيٽان شاهه عنات الله ڄائو، شاهه عنات ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو ٿيو ته سندس والد وفات ڪئي، پوءِ سندس سنڀال وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه ڪئي. شاهه عنات نصرپوري جيئن جيئن جوانيءَ کي رسيو ته الله لوڪ انسانن جي ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ لڳو ۽ کيس راڳ ٻڌڻ جو به شوق هو. ان کان سواءِ پاڻ ڀلن گھوڙن ۽ گھوڙين جو شوقين هو، اٺن جا وڳ ۽ ماهيو مال به گھڻو هئس. ڪجھه مال سندس مريدن وٽ چرندو هو. پنهنجي فقيرن ۽ مريدن ڏانهن ڀيرا ڪندو هو ۽ انهن جي سک سلامتيءَ لاءِ دعا به گھرندو هو. هي بزرگ پنهنجي دور جو بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه عنات جي شاعري عام سنڌي داستانن ۽ مشهور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل ۽ سر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل آهي. شاهه عنات جي رسالي جي مطالعي مان ڏسجي ٿو ته شاهه عنات سڄن 19 سرن ۾ ڪلام چيو آهي، جنهن جو مثال کانئس اڳ جي ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ ۾ نٿو ملي. شاهه عنات سنڌ جو پهريون شاعر هو جنهن شاعرانه ذوق کي وڏي بلند پيماني تي فروغ ڏنو. شاهه عنات جي شخصيت ۽ سندس پيدا ڪيل سالڪانه سنگت جو جيڪو اثر نئين نکڙندڙ نوجوان پاڙيسري عارف، شاعر شاهه عبداللطيف تي پيو هوندو سو يقيني گهرو ۽ گهاٽو هوندو. ڀٽائي صاحب جون شاهه عنات سان ملاقاتون ۽ صحبتون انهيءَ جي ساک ڀرين ٿيون ۽ ازانسواءِ ڀٽائي صاحب جو رسالو خواه شاهه عنات جو رسالو ٻئي انهيءَ حقيقت تي پڌرا شاهد آهن جو شاهه عنات جي رسالي ۾ ڪيترائي اهڙا بيت موجود آهن جيڪي شاهه لطيف جي رسالي جي نسخن ۾ به ڏنل آهن ۽ گمان غالب آهي ته انهن ۾ ڪي بالڪل شاهه عنات جا هجن ۽ ڀٽائي صاحب جن ڪن خاص موقعن تي پڙهيا هجن. ان کان سواءِ خود ڀٽائي صاحب جي رسالي (بمبئي نسخو) ۾ تقريبن چوڏنهن بيت ۽ هڪ وائي ”عنات“ جي نالي سان موجود آهي. جيڪي گهڻو ڪري شاهه عنات جا آهن ۽ سندس رسالي ۾ به قلمبند ٿيل آهن، چئي سگهجي ٿو ته، شاهه عنات جا اهي بيت ڀٽائي صاحب کي به پسند هئا ۽ پاڻ پڙهندا هئا ۽ انهيءَ ڪري سندن رسالي ۾ قلمبند ڪيا ويا. انهن بيتن مان ظاهر آهي ته شاهه عنات جهڙي بزرگ ۽ عمر رسيده شاعر جا اهي بيت ڀٽائي صاحب ڄڻ نموني طور ڪري ورتا. رسالي کان سواءِ سنڌ جي عام مشهور روايتن ۾ شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب جا هڪ ٻئي ڀران توڙي هڪ ٻئي سان تبادله خيالات ۾ چيل ڪافي بيت ملن ٿا. انهن مڙني ڳالهين کي مدِ نظر رکندي چئي سگهجي ٿو ته سلوڪ توڙي شاعريءَ ۾ ڀٽائي صاحب پاڻ کان هن وڏي عمر رسيده درويش ۽ شاعر سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪري گهڻو ڪجهه پرايو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته شاهه پور جو ڳوٺ جتي ميون شاهه عنات رهندو هو اتي اندازً سن 1120هه کان وٺي 1133هه تائين شاهه لطيف، شاهه عنايت سان رهاڻيون ڪيون.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته، هڪ ڀيري شاهه لطيف جو نصرپور وڃڻ ٿيو جنهن تي شاهه عنات رضوي، لطيف ڏانهن کير جو پيالو ڀري موڪليو تنهن تي شاهه لطيف ان ۾ گلاب جو گل وجھي موڪليس.
ٻئي ڀيري جڏهن شاهه عبداللطيف، ميين شاهه عنايت سان مليو ته پاڻ ۾ ڏاڍي دلچسپ ڪچهري ڪيائون ۽ پوءِ ميين شاهه عنات کيس شعر چوڻ جي ترغيب ڏني، جنهن تي نوجوان لطيف چيو ته: ”زمين سڄي کڙي پئي آهي، پوءِ مونکي ڪهڙو ٿا ڏس ڏيو.“ ميين شاهه عنات چيس ته: ”ابا ! تون وڃي سمنڊ کيڙ.“
هڪ دفعي شاهه عبداللطيف سوز ۽ درد واري حالت ۾ اهڙي وقت اچي پهتو، جو ميون شاهه عنات اندر حويلي ۾ هو ۽ ٻاهر ڪا پهر ڪانه هئي. در تي ڪا ٻانهي هئي، جنهن کي لطيف چيو ته اندر شاهه کي وڃي ٻڌاءِ ته ڪو ماڻهو آيو آهي. ۽ چوي ٿو ته وڃي اندر چئو ته:
در تي ڪري دانهن ، در تي ڪري دانهن.
ميون شاهه عنات پيرسن مڙس هو ۽ ستو پيو هو، اهو نياپو ٻڌي اٿيو ۽ عصا جي ٽيڪ تي در ڏانهن آيو ته عبداللطيف تي نگاهه پيس ۽ چيائينس ته: ڪلهي لائي ٻانهه، کڻي پرين ڪندس پانهجو.
هڪ ٻي مشهور روايت آهي ته هڪ ڀيري نوجوان عبداللطيف سوز ۽ درد واري حالت ۾ ميين شاهه عنات وٽ آيو ۽ اچي ساڻس حال اوريائين. جنهن تي ميين شاهه عنات رضويءَ کيس ڳرهاٽي ڏيئي دلداري طور هي بيت ڏنو ته:
پسي ڏونگر ڏار، جم هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
مجازاڻيون موٽيون سڻي پنڌ پچار،
تون پهري پائج پرين لئي حقيقت جو هار،
سگھي لهندئي سار، آرياڻي عنات چئي.
سگھڙن جي روايت موجب ڀٽائي صاحب، شاهه عنات جي جواب ۾ وري هي بيت ڏنو ته:
پسي ڏونگر ڏاهه، جم هلڻ ۾ هيڻي وهين،
لانچي لڪ لطيف چئي، پٺيءَ ڪيچين ڪاهه،
پڇي پورج سسئي، بلوچاڻي باهه،
ان وڙائتي ور جو، آسر هڏ م لاهه،
جو اکنئون اوڏو آهه، سو پرين پراهون م چئو.
مٿين ٻن بيتن متعلق وفائي مولانا دين محمد، مصنف، ڪتاب، لطف الطيف، ڇاپو چوٿون، سال 1991ع، ص: 63 تي شاهه لطيف جي والد کيس سنڌ جي نامور صوفي شاهه عنايت الله شهيد جھوڪ واري سان ملاقات ڪرائي ته شاهه عنايت الله هيٺيون بيت فرمايو.
ڏسي ڏونگر ڏار، متان هلڻ هيري ٿئين،
ڪي مجازاڻيون موٽيون، سڻي پنڌ پچار،
پويون پائج پرين کي، حقيقي هار،
سگھي لهندي سار، آريچا عنايت چئي.
جواب ۾ حضرت ڀٽائي گذارش ڪئي ته:
پسي ڏونگر ڏاه، متان هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
پڇي پورج سسئي، مهندا بلوچاڻي باه،
ان وڙائتي ور جو، آسرو هڏ م لاه،
اکين اوڏو آه، پرين پراهون م چوين.
مولانا وفائي لکي ٿو ته، صوفي شاهه عنايت الله جھوڪ واري جي شهادت 1133هه ۾ ٿي.
احمد خان ڪيريو لکي ٿو ته، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جون شاعراڻيون محفلون وقت به وقت ٿينديون رهيون.
محقق احمد ڪيريو لکي ٿو ته، چون ٿا ته هڪ ڀيري ميئين شاهه عنات رضوي نفس بابت امتحان وٺڻ لاءِ هي بيت ڀٽائي صاحب کي چيو ۽ کانئس جواب جي طلب ڪئي.
ماري ماري مون وهٽ سان وس ڪيا،
سڌو سراڙو نه ڏئي، ڀورو مٿي ڀون،
ڪاتات سيکارينس تون، منهنجي سواريءَ سنؤن نه ڪيو !
جنهن تي شاهه سائين کين جواب ڏنو ته:
”اڌو ڳارو اَنَ جو ٿورو گاهه ڏئينس،
اٿي استغفارجو کرکرو هڻينس،
حقيقت هنو ڏيئي توڪل تل ڪرئينس،
ان الله مع الصابرين، اهو لغام لڳائينس،
”لاحول ولا قوة الا با الله“ چهبڪ چکائينس،
پنجئي ساز نياز جا وڃي پورا ڪرائينس،
محبت جي ميدان ۾ ٽهليو ٽهلائينس،
ايءَ ڀت سيکارئينس، ته سوڌو هلي سيد چئي.“
(مضمون، شاهه جا ملاقاتي شاعر، احمد ڪيريو، ڪتاب فڪر لطيف، تنظيم فڪر و نظر سکر، صفر1408هه/ آڪٽوبر1987ع، ص: 149 ـ 150.)
رخمان گل پالاري، مضمون ”ٻانهي خان شيخ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جي ٽن جلدن جو تنقيدي جائزو“ ۾ لکي ٿو ته، ڪوهستان واري پاسي هيٺيان ٽي بيت ڀٽائي گھوٽ ۽ سندس والد صاحب جي سوال ۽ جواب جي حوالي سان مشهور آهن. جن مان ٻه بيت ٻانهو خان شيخ صاحب پنهنجي ٽئين جلد جي صفحي 355 تي سر آسا ۾ ڏنا آهن. جيئن هيٺيون بيت ڪنهن رسالي ۾ ناهي ڀٽائي پنهنجي والد سان مخاطب آهي.
وهٽ اٿئي وجود ۾، جگر ساڻ جيري،
وٺيس ڪنهن وقوب سين، فڪر ساڻ ڦيري،
متان ڪڏي ۽ ڪيري، گڏهه هڻيئي گپ ۾.
شاهه حبيب جو جوابي بيت:
ماري ڪٽي مون، هن وهٽ سين وس ڪيا،
سنئون سراڙو نٿو ڏي، ڀري مٿي ڀون،
ڪا تات سيکارينس تون، منهنجي سواريءَ نه سئون ڪئو.
ڀٽائي گھوٽ جو جواب وارو بيت، ان وجودي وهٽ جي سنوت لاءِ يا هٿ وس هلائڻ لاءِ هيٺين ريت هدايت ٿو ڪري.
اڌوکارو انَ سين، ٿورو گاهه ڏينس،
آڌي استغفار جو، کرڙو خاص هڻينس،
توبهه تل ٿاهر ٿڙا، حقيقت هنو توڪل تنگ ڪڍينس،
ان الله مع الصابرين ايءُ وات ڪرياڙي ڏينس،
لاحول ولا قوت الا باالله، ايءُ چهبڪ چکائينس.
واڌو سٽ: قل هو الله احد الله، ايءُ سبق سيکارينس،
محبت جي ميدان ۾، ٽوري ٽهلائينس،
انهيءَ حال هلائينس، ته سوڌو وڃي سيد چئي.
(حوالو، ڪلاچي، تحقيقي جرنل، جون 2002ع، ص: 74 ـ 75.)
مٿي ڄاڻايل وهٽ جي بحث مباحثي وارن بيتن ۾ احمد ڪيريو جي تحقيق اوائلي آهي پوءِ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. هنن بيتن تي نئين سر تحقيق جي ضرورت آهي. (مرتب، لاڙڪ)
هڪ دفعي ميين شاهه عنات محفل ۾ هيٺيون بيت پڙهيو ته:
”ڪر ڦل ڦوٽا پارچا، پاتائون پڙيون،
انهن کي عنات چئي، ڦير نه ڪن ڦڙيون،
جي ڇوهي منجھه ڇڙيون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھه سين.“
اهو بيت پڙهي، ميين شاهه عنات محفل وارن ڏي نهاريون پر ڪو به ڪونه ڪڇيو ۽ جڏهن شاهه لطيف ڏي ڏٺائين تڏهن شاهه صاحب هڪدم وراڻيو ته:
”ڪر ڦل ڦوٽا پارچا، پاڻيٺ پاتائون،
ڪوٺيون قيمت سنديون تر ۾ تاڪيائون،
لاڄن منجھه لطيف چئي، ٻيڙا ٻڌائون،
نظر نبي ڄام جو چڙهندي چيائون،
جي ڇوهي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھه سين.“
هڪ دفعي ميين شاهه عنات بيت پڙهيو ته:
”سره گڏ بئي سسئي سوڙهيءَ منجھه سهي،
طرح پڇندئي تڪڙي ٻاروچا ٻئي،
آڻي ڏيندئي هٿ ۾ ڪتابت ڪهي،
پنهنجي پاڻ هٿن سين واچيندينءَ وهي،
سمر جن صحيح، تن ڪونهي اوک عنات چئي.
مٿيون بيت ٻڌي لطيف سرڪار بروقت جواب ۾ چيو:
ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو،
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ،
ٿيندي روح رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي،
شاهه عنايت رضويءَ وارو بيت ”سره گڏ بئي سسئي سوڙهي منجهه سهي“ ان بيت کي ٿوري ڦير ڦار سان ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ڪتاب، سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو 2001ع، صفحي 66 تي عنايت ڏيرو ولد جاني ڏيري جو ڄاڻايو آهي. جيڪو شاهه لطيف جي مائٽن مان ۽ ڀٽائيءَ جو معتقد هو ۽ شاهه صاحب هن سان بيتن ۾ سوال جواب ڪندو هو. اهو بيت هيٺ ڏجي ٿو. ٿي سگهي ٿو هي بيت عنايت ڏيري جو هجي.
مرد گڏ بئي سسئي سوڙهي منجھه سهي،
طرح پڇندءِ تڪڙي ٻاروچا ٻئي،
پنهنجي پاڻ هٿن سان واچيندينءَ وهي،
ثمر جن سهي، تن ڪو اهک عنايت چوي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته، حڪايت مشهور آهي ته شاهه عنات ساري ڄمار مارئي جا بيت چوندو هو ۽ ان کي زياده ترجيح ڏيندو هو ۽ سسئي جي باري ۾ چوندو هو ته: ”جيڪا ستر ڇڏي جهنگن ۾ ڪاهي پئي تنهن کي ڪهڙو ساراهبو“. اها خبر جڏهن ڀٽائي صاحب کي پئي تڏهين ”تمر فقير“ کي چيائين ته: شاهه عنات وٽ هلنداسين ۽ جڏهين اسين پاڻ ۾ گڏجئون تڏهين اسان جو فلاڻو بيت ۽ پنهنجا فلاڻا بيت پڙهجانءِ چونٿا ته ملاقات جي موقعي تي جيئن شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب گڏيا ته ”تمر فقير“ اول ڀٽائي صاحب جو هي بيت پڙهيو:
ڪڙي ۽ رڙي، پر پٺ پير پنهون جا،
سڪ ٻڌائين سندرو جانب ڪاڻ جڙي،
لڪن ساڻ لطيف چئي، مر منڌ پاڻ مڙهي،
عمر ائين ڪڙهي، ته به پلڪ پريان جي نه پري.
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، مضمون، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف، ڪتاب ياد لطيف، 1953ع، ص: 12 تي مٿئين بيت جي ٻي پڙهڻي.
ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر پٺ پير پنهون جا،
سڪ ٻڌائين سندرو جانب ڪاڻ جڙي،
لڪن منجھه لطيف چئي، جھيڙي ۽ جھڙي،
پڻي تان نه پڙي، جي عمر سڀ ائن ڪري.
ان بعد تمر فقير پنهنجا هيٺيان ٻه بيت ڏنا. راقم الحروف جڏهن ڪتاب ”تمر فقير جي شاعري“ جو مطالعو ڪيو ته ان ۾ هيٺيون پهريون بيت تمر فقير جي ڪلام ۾ نه هئو. جيئن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق سبب تمر فقير جو هيٺيون پهريون بيت عوام تائين رسيو. اهي ٻئي بيت هيٺ ڏجن ٿا.
1. ٿي پيادي پٽ ۾ جتن ڪارڻ جوءِ
ڪي هلي، ڪي هٿ کڻي، ڪي رڙهي، ڪي روءِ
طالب کي ”تمر“ چئي، ڏس ڏيرن جو پوءِ
ڪيچان اور ڪوءِ، ڪجئين غور غريب جو
2. ڪجئين غور غريب جو موٽي مان ميان،
پير نه ڇڏيان پرينءَ جو جا سين ٿي جيان،
سسي ساهه ڏيان، پنهونءَ ڪارڻ پٻ ۾. (اضافي سٽ، ڪتاب تمر فقير جي شاعري)
ان ملاقات تي نئين تحقيق ڪري، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ميين شاهه عنات جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع، ص: 69 تي لکي ٿو ته شاهه عنايت سان گڏجڻ وير تمر فقير پهرئين شاهه سائينءَ جو بيت ڏنو ۽ پوءِ پنهنجو بيت ڏنائين.
1ـ ڪڙي ۽ رڙي، پرپٺ پير پنهون جا،
سڪ ٻڌائين سندرو، جانب ڪاڻ جڙي،
لڪن ساڻ لطيف چوي، مر منڌ پاڻ مڙهي،
عمر ائين ڪڙهي، ته به پلڪ پريان جي نه پري.
2ـ پرينديئي پنڌ ٿي، جتن پٺيءَ جوءِ،
واڪا ڪيو ويڙهين ۾، ريهون ڪيو روءِ،
طالب کي تمر چوي، ور ڏس ڏيرن جو پوءِ،
ڪيچان اوري ڪوءِ، من ٿئي غور غريب جو.
شاهه عنات اهي بيت ٻڌي چيو ته ابا عاشق الله جا ”سسئي ته ڪا سوئن مان سئي هئي. هاڻي اجازت ڏيو ته آءُ به سسئي ڳائيان“ پوءِ شاهه عنات، ڀٽائي کي چيو ته سسئي جي ڳالهه تو ڪيئن ٻڌي؟ تڏهن سيد شاهه عبداللطيف ساري ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌايس. پوءِ ڀٽائي صاحب وري شاهه عنات کي چيو ته مهرباني ڪري مارئي جي ڳالهه سڻائينم ۽ موڪل ڏينم ته آءُ به مارئيءَ جا بيت چوان. پوءِ شاهه عنات ساري ڳالهه مارئي جي ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته جي دل چوئي ته ڀلي مارئي جا بيت ڏي. ڀائنجي ائين ٿو ته هنن بزرگن شايد هن موقعي تي هڪ ٻئي کي ڄڻ انهن سرن ۾ مهارت ڏيئي ڇڏي، ڇو ته سندن ڪلام ۾ سندس سر سسئي اتم آهي. ايترو جو خود ڀٽائي صاحب به انهي مان ڪن بيتن جي ڀران پنهنجا بيت چيا آهن. ٻئي طرف وري ڀٽائي صاحب پنهنجي گنج ۾ سر مارئي ۾ ئي سنڌي زندگي ۽ سنڌ جي جذبات ۽ احساسات جو روح پيش ڪيو آهي.
روايت آهي ته هڪ دفعي سيد حبيب شاهه ۽ شاهه عنات ڏٺو ته شاهه لطيف ستو پيو آهي پوءِ شاهه عنات مٿان بيهي فرمايو ته:
ستا اٿي جاڳ ننڊ، نه ڪجي ايتري
تو ڀانيو ساڻيهه، سو اٿئي مانجهاندي جو ماڳ
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه لهي
انهيءَ جي جواب ۾ ڀٽائي صاحب فرمايو ته:
تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن
تندون جي طلب جون وحدت سر وڄن
قل هوالله احد الله، اهو راڳ رڳن
موتوا قبل انت موتوا اها لرز لڱن
في الافاق وفي انفسڪم اها هاج هٿن
لتنذر قوماَ ما اهو پهه پيرن
سڀ عضوا عبداللطيف چئي پرين لئي پُرجهن
ستا سي سونهن ننڊر عبادت جن جي.
(مٿيون اضافي سٽن وارو بيت حوالو، بلوچ نبي بخش خان، ڪتاب، شاهه عبداللطيف، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پهريون، 1990ع، ص: 95. تي ڏنل آهي.)
هڪ دفعي ڀٽائي صاحب، مدن فقير ۽ شاهه عنات گڏجي ولهار واري ايراضيءَ ۾ ڳاڙهي صدر ولد ڪيوڙو اوٺو جي مرقد تي پهتا ته کين اتان جي وڻڪار وڻي وئي، انهن وڻن جي ڇانو ۽ بهاريءَ جو ذڪر شاهه عنات هن طرح ڪيوآهي.
ٿڌا وڻ ولهار جا، جتي صدر سونهارو،
اکڙين آرو، اوڏانهين عنات چوي.
اتي هڪ ڪنڊو ڍوري جي ڪناري تي اڄ به موجود آهي. جنهن وقت اهو ڍورو هوندو هو، ته ان وقت منجھس ٻيڙيون به هلنديون هيون ۽ انهيءَ ڪنڊي وٽ پتڻ به هو، ٻيڙين کي لنگر انداز ڪرڻ لاءِ انهيءَ ڪنڊي سان ٻڌو ويندو هو، جنهن تي اڃا تائين سنگھرن جا نشان چٽا بيٺل آهن. شاهه سائين سر ڏهر ۾ 18 ڀيرا ڪنڊيءَ جي وڻ سان مخاطب ٿي کانئس ماضيءَ وارا واقعا معلوم ڪيا ۽ سندس احوال پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيائين.
حضرت شاهه عنات ۽ ڀٽائي صاحب ڪنڊيءَ کي مخاطب ٿي چيو ته:
ڪنڊا ڪڄاڙئا، اڀو آهين ريل ۾،
پرينءَ پڄاڻئا، سڪي بانکو نه ٿئين. (شاهه لطيف)
شاهه عنات ساڳئي ڪنڊي کي لوئيندي هيئن چيو:
ڪنڊا تو ڪيهي ڪئي، پر ڀونءِ منجھه پرت،
ري ساڻيهه سيد چوي، تون ڪيئن گھارين هت،
نگاهه ڪج نرت، متان وڍي ڏينئي واڙ ۾.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي مضمون ”شاهه عبداللطيف جي سوانح تي روشني“ ۾ لکي ٿو ته ڀٽائي صاحب، ميين شاهه عنايت رضوي کي پڇڻ ويو، ميين شاهه عنايت جي اها آخري بيماري هئي جنهن ۾ وفات ڪيائين. ڀٽائي صاحب جڏهن ٻاهر آيو ته فقيرن کانئس پڇيو، تڏهن چيائين:
اُٺ نه اوڳارين، ڏاگهن ڏيهه چتائيو،
ڪريو مهاڙ ملڪ ڏي، نرتئون نهارين،
سفر ٿا سارين، ڪيچ آڳاهون پنڌڙو.
حوالو: بخاري سيد قادن شاهه، مؤلف، ڪتاب، تمر فقير جي شاعري، ناشر، دي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، ڇاپو پهريون مئي 1970ع، ص: 99 ـ 100. ساڳئي ڪتاب جي ص: 27، 41، 42. تمر فقير جي ولادت 1150هه وفات 1227هه . تمر فقير ولد صحبت فقير سالارو، اصل هالا قوم ڳوٺ بلند شاهه سالارو، نزد کنڊوءَ جو رهواسي هو. شاهه لطيف جي وفات وقت تمر فقير پندرهن سالن جو هو. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو لکي ٿو ته تمر فقير جي ذات لنجواڻي جت هئي. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ڪتاب سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1978ع، ص: 186. تمر فقير جي ولادت اندازن 1120هه وفات 1181هه .(تمر فقير جنم 1735ع وفات 1814ع حوالو مضمون، ٽنڊي قيصر ۾ شاهه لطيف جو اوتارو، ليکڪ عبدالحفيظ نظاماڻي، روزاني ڪاوش اخبار 27 مارچ 2010ع.) لغاري ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي، سال 2001ع، ص: 44 تي شاهه عنايت جي ولادت 1030 هه، وصال 1120 هه . بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، تحقيق ۽ تصحيح، ميين شاهه عنات جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2010ع، ص: 68، 69 تي شاهه عنات رضوي جي ولادت اندازن 1035،1030هه، وصال اندازن سن 1125،1120هه ) ميمڻ قربان علي، مرتب، فڪر لطيف، فڪر و نظر پبليڪيشن سکر، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 1987ع، ص: 149 کان 156. خانائي ڊاڪٽر قريشي حامد علي مصنف، تاريخ نصرپور، سهيڙيندڙ ۽ سنواريندڙ بشير احمد هيسباڻي، ڇاپو پهريون 2014ع، ص: 202. سيد عنايت الله شاهه رضوي عرف ميون شاهه عنات رضوي ولادت اندازي موجب 1030هه / 1621ع ۽ 1035هه / 1626ع جي عرصي دوران ٿي ۽ وفات هڪ اندازي مطابق 1120هه/ 1708ع ۽ 1125هه/1713ع ۾ ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محقق ۽ شارح، ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سوانح حيات، فڪر ۽ عرفان، مرتب، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، نوادرات کاتو، سال 2013ع، ص: 32 تي ميين شاهه عنات جي وفات جو صحيح سال 1133هه آهي. ڪتاب، سنڌ جي سڳنڌ، ڇاپو پهريون 2015ع ص 94 تي شاهه عنايت رضويءَ جي ولادت 1630ع ۽ وصال 1735ع.