پبلشر نوٽ:
سنڌ جي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي شعور، توڙي سنڌي ادب کي نئين اڳواڻي جي ضرورت آهي، نئين ليڊر شپ جي ضرورت آهي، نئين جدوجهد جي ضرورت آهي، جيڪڏهن انهن مڙني شعبن ۾ميريٽ تي چونڊ ڪجي ته ليکڪ، استاد ۽ باشعور نوجوانن ۾ سرمد کوسو پڻ اچي وڃي ٿو.
سرمد کوسو بهترين انسان، ڪچهرين جو مور، ماٺيڻو ۽ محبتي ماڻهو آهي. اخلاقيات سندس زيور آهي، ان کان وڌيڪ اڻڳڻيا ڳُڻ اٿس.
سرمد کوسو نه رڳو سُٺو ۽ محنتي استاد آهي پر هو بهترين ليکڪ پڻ آهي. هن ٿورڙي عرصي ۾ گهڻو ۽ سُٺو لکيو آهي. سندس حصي ۾ اڄ تائين چار ڪتاب اچي چڪا آهن. هو نظم به لکي سگهي ٿو پر نثر ڪمال جو اٿس، سندس لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي مهارت، خوبصورت رواني آهي، هو هن خطي جي مڙني مسئلن کي سمجهي ٿو، پر سندس فوڪس تعليم ۽ ادب آهي.
سرمد جو هي چوٿون ڪتاب ”پنو سو پڙهن“ سندس ڊائري جا ورق آهن. هن پنهنجي ڊائريءَ تي جيڪو لکيو آهي، اُهو نه رڳو سندس ڊائري آهي پر اُهو ادب آهي، جنهن مان نئين نسل لاءِ هڪڙو پيغام آهي. هنن ڊائريءَ جي ورقن ۾ به ڪيتريون ئي امُلهه ڳالهيون آهن، جن جي مطالعي سان نه رڳو سندس شخصيت، صحبت، سنگت ۽ فطرت جي پرک پوي ٿي پر هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ پراوا خيال ۽ احساس به اُڻيا آهن. سرمد جي هنن ڊائريءَ جي ورقن ۾ ڪُل ڪائنات آهي، ڪائنات جون ڳالهيون آهن، تيز، تلخ تجربا ۽ حقيقتون آهن، اُنهن تجربن جي آڌار تي انهن جا حل به آهن.
سرمد کوسو جيتوڻيڪ نوجوان ليکڪ آهي، پر سندس ليک سنجيده ۽ وڏ ماڻهپي وارا آهن، اُهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪتابن کي وڏي پذيرائي ملي ٿي، نوجوان ۽ شاگرد طبقو سندس ڪتاب پڙهي ٿو. ان کان وڌ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سندس چئن ڪتابن ۾ ٽي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي شايع ڪيا آهن. هي خوبصورت ڪتاب اوهان جي هٿن تائين رسائيندي اميد اٿئون ته پڙهي پنهنجي قيمتي راءِ ضرور ڏيندا.
مرتضيٰ لغاري