جبل مٿي جُهڙ!
• عجيب اتفاق آهي، ڪلهه مون شمشيرالحيدري صاحب بابت لکيل مضمونن جو هڪ ڪتاب پئي پڙهيو ۽ اُن وقت تيز برسات شروع ٿي وئي. مونکي اُن وقت ئي برسات بابت شمشير سائين جو لکيل گيت ”جبل مٿي جهُڙ“ ياد اچي ويو. جيتوڻيڪ ڀٽائي جي سُر سارنگ جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا خوبصورت گيت آهن، جن ۾ برسات جو ذڪر آهي پر شمشير سائين جو هي گيت ”جبل مٿي جهُڙ“ هڪ الڳ قسم جو رومانس رکي ٿو. وري جڏهن انهي ئي خوبصورت گيت جا هي ٻول:
”جهونو ڙي ڇنوڙي ٽميو ڙي مانجو
سنهڙو چولو ڀنو ڙي مانجو
هيڪلي هنڌ ۾ سيءُ مران جو
تون ئي ته اجهو اوڇڻ مانجو
ٿوهر ڪهڙو ٿڙ ڙي جاني
جبل مٿي جهڙ“
ذهن تي تري آيا ته جيجي زرينه بلوچ جو خوبصورت آواز ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، جنهن انهي گيت کي ڏاڍي رومانٽڪ انداز ۾ ڳايو آهي. ساڳئي گيت جا هي ٻول ته وري محبوبه جي ياد ڏيارڻ لڳا، جيڪا جهڙ ڏسي جهري پوي ٿي. جيڪا پنهنجي محبوب کي هينئن ٿي چوي ته؛
”جهڙ ته مان کي جھوري ڙي سڄڻ
وار ته ڇڏيم ڇوڙي ڙي سڄڻ
مند ڏسي تون مڙ ڙي جاني
جبل مٿي جهڙ.“
سو اهڙا خوبصورت گيت برسات جي مزي کي واقعي وڌيڪ خوبصورت بڻائين ٿا.
• برسات ۾ وڻ ٽڻ، جانور، پکي پکڻ سڀ وهنجي، ڌوپجي، صاف ٿي وڃن ٿا. بس رڳو اهي سڀ مخلوقون انسان کان بچي پون. انسانن جي وڍ ٽُڪ ۽ شڪار ئي انهن کي ماري تباهه ڪري، فطرت کي ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
• برسات جو ذڪر ٿئي ۽ ٿر جو ذڪر نه ٿئي، اِهو ممڪن ئي ناهي. ٿر هميشه اڃارو ئي رهيو آهي. بس رڳو سندس اڃ کي ڪير محسوس ڪري سگهي!
• انهي ٿر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيترن ئي هرڻن کي ظالمن ماري ڇڏيو. سچ پُڇو ته مون جڏهن سوشل ميڊيا تي اُنهن هرڻن کي مئل حالت ۾ ڏٺو ته آئون پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيس. انسان وحشت جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.
• بي زبانن کي مارڻ ۾ انسان هميشه اڳڀرو رهيو آهي ۽ اهڙي طرح هُو پنهنجو ڳلو پاڻ پيو ڪپي. جڏهن به هُو ڪنهن وڻ کي وڍي ٿو، جانور يا پکي کي ماري ٿو ته سمجهو هُو پنهنجو پاڻ کي ماري پيو.
• اهڙن ئي ماڻهن جي ڪري هي ڌرتي هاڻي ڪاوڙ ۾ اچي وئي آهي ۽ هاڻي ماڻهن جو جيئڻ به تنگ ٿيندو پيو وڃي. ڇو ته ماڻهن ظلم جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.
• چارلي چپلن جهڙي مشهور ماڻهو به برسات بابت چيو ته: ”مونکي برسات ۾ هلڻ پسند آهي، ڇو ته برسات ۾ ڪير به منهنجا ڳوڙها ڏسي نه سگهندو.“
• برسات جي موسم ۾ ڪتاب جهڙي خوبصورت دوست جو گڏ هجڻ به ضروري آهي.
• ماڻهو جو مزاج به برسات جهڙو ٿي پوي ته واهه واهه ٿي وڃي. برسات بنا ڪنهن فرق جي هر ڪنهن مٿان وسي ٿي. ڪاش ماڻهو به ايئن ٿي پوي.
• جيئن برسات کانپوءِ سج نڪري ٿو، تيئن ئي زندگي ۾ به مختلف ڪيفيتون اچن ٿيون. ماڻهو ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن من ماڪوڙو، ڪڏهن ڪيهر شينهن!