ڏُکن جا ڏينهن!
گذريل چار ڏينهن دوران وڇڙيل تمام وڏن ماڻهن ۽ اديبن محترم آصف اسلم صاحب، عطا محمد ڀنڀري صاحب ۽ تاج بلوچ صاحب جي وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.
انهن سان سلهاڙيل ڪجهه مختصر يادون
1. آصف اسلم صاحب
آصف اسلم صاحب سان منهنجي ملاقات سال 2004ع ۾ ڪراچي ۾ يونيسيف جي آفيس ۾ ٿي هئي. اُن وقت بابا به يونيسيف ۾ ڪم ڪندو هو ۽ آصف اسلم سندن هيڊ هو. اسان رات جي ماني گڏجي کاڌي هُئي، انهي دوران سندس ورتاء تمام پيار ڀريو ۽ گفتگو جو انداز وڻندڙ لڳو هو. جڏهن ته آئون اُن وقت يونيورسٽي ۾ پڙهندو هُئس ۽ انگريزي اخبار ڊان جي هفتيوار ايڊيشن books and authors ۾ سندس ليک پڙهندو رهندو هُئس، جڏهن مون کيس پنهنجي سامهون ڏٺو ته، تمام گهڻي خوشي ٿي هُئي. اُن کان پوءِ کين ڪجهه ادبي ميلن ۾ مختلف سيشنز دوران علمي گفتگو ڪندي ڏٺو هو. سندس وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.
2. عطا محمد ڀنڀرو صاحب
عطا محمد ڀنڀري صاحب سان ته، ڪافي ملاقاتون هيون. آئون جڏهن ننڍڙو هُئس ۽ اسان حيدرآباد ۾ رهندا هئاسين ته، اُن وقت بابا اڪثر سائين عطا محمد صاحب وٽ ڪچهري تي ويندو هو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. سائين جي پيار ۽ پنهنجائپ جو ته ڪو ثاني ئي ناهي. ساڻس آخري ملاقات جنوري، 2019ع ۾ ٿي هُئي. جڏهن بابا ۽ آئون سندس طبيعت پُڇڻ ويا هُئاسين. طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري سائين ويهي به نه پئي سگهيو پر اُن باوجود سائين زنده دلي سان مليو ۽ ويهي اسان سان ڪچهري ڪيائين. هميشه وانگر سندن ڪچهري جو موضوع سنڌ هو. سائين جا ڪتاب، ترجما ۽ تحقيق تمام وڏي اهميت وارا آهن. سائين پنهنجي ساهه جي آخري گهڙي تائين علم جي خدمت ڪندو رهيو. هِن مدي خارج نظام ۽ روايتن جو سخت مخالف هو. مون کي ياد آهي ته، هڪ ڀيري ساڻن ڪچهري ڪندي ڪنهن ڳالهه تي اسان جي هڪ دوست چيو ته وري به صبر ڪرڻ گهرجي ته، سائين کيس سختي سان چيو ته صبر جام ٿي ويو، هاڻي صبر جي ڪا ضرورت ناهي، هر ڳالهه جي هڪ حد هوندي آهي. سائين سان آخري ملاقات کانپوءِ موڪلائڻ مهل سائين مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري مٿي تي چمي ڏني هئي. اِهو مان پاڻ لاءِ وڏو اعزاز ۽ خوش نصيبي ٿو سمجهان. سائين عطا محمد صاحب جو وڇوڙو به بيحد ڏکوئيندڙ آهي.
3. تاج بلوچ صاحب
تاج بلوچ صاحب سان ته منهنجي روبرو ڪا ملاقات نه هُئي پر سندن لکڻين، سوجھرو رسالي ۽ فون تي هڪ ٻه ڀيرا ڳالهه ٻولهه ذريعي ملاقات هُئي. مون کي ياد آهي ته، ڪافي سال اڳ پنهنجي محسن محترم غلام نبي سومري صاحب سان ڪچهري ۾ تاج بلوچ ۽ سوجھرو رسالي جو ذڪر نڪتو هو. اُن کان پوءِ غلام نبي سومري صاحب مون کي تاج بلوچ صاحب جو فون نمبر ڏنو هو ۽ چيو هُئائين ته، تاج صاحب سان رابطو ڪري سوجھرو رسالو گهرائي پڙهجئين ۽ چيائين ته، مان تاج صاحب کي توهان جي باري ۾ ٻُڌائي ڇڏيندس. مون ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شام ڌاري تاج بلوچ صاحب کي فون ڪئي ته فون نه اٽينڊ ڪيائين. مون سوچيو شايد مصروف هوندو، پوءِ مون وري فون نه ڪئي. رات جو دير سان مون کي بئڪ ڪال ڪيائين. مون جڏهن ساڻس ڳالهايو ته، بلڪل ائين محسوس ڪرايائين جيئن اسان جون اڳ ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون آهن ۽ اسان هڪٻئي کي سڃاڻون ٿا. مون کي ياد آهي ته، گفتگو جي شروعات ٽهڪ سان ڪئي هُئائين ۽ چيو هُئائين ”يار وڏي حياتي اٿئي، غلام نبي سومري سان ڪجهه دير اڳ تنهنجو ئي ذڪر ٿيو پئي ۽ تو به ياد ڪيو. يار تو فون ڪئي هئي جنهن نمبر تي سو بليڪ بيري فون ۾ آهي، سو جڏهن ٻاهر نڪرندو آهيان ته گهر ڇڏي ويندو آهيان، هتي چور ڪنهن کي به بخش نٿا ڪن.....“ ۽ پوءِ وڏو ٽهڪ ڏنائين. مون جڏهن کين سوجھرو رسالو موڪلڻ لاءِ چيو ته، چيائين”جي پُٽ مان رسالو ضرور موڪليندس“ ۽ پوءِ تاج صاحب سوجھرو ايستائين موڪليندو رهيو جيستائين سوجھرو شايع ٿيندو رهيو. سوجھرو رسالي جو ادبي ڪارج ۽ اُن جي اهميت کان ته هر ادب دوست واقف آهي پر سوجھرو رسالي جا ٽائيٽل به ڏاڍا آرٽسٽڪ هوندا هئا. اڄ تاج بلوچ صاحب به هن دنيا ۾ ناهي رهيو.
موت ته هڪ ڏينهن سڀني کي اچڻو آهي پر ٻه چار ڏينهن ۾ تمام وڏن ادبي ۽ ڪارائتن ماڻهن جي وڇوڙي تي دلي صدمو پهتو آهي ۽ هر شي ڇَسي ٿي لڳي.