استاد جي شفقت
اُستاد کي آهستي سِکندڙ شاگردن (Slow Learners) تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙا ٻار وڌيڪ پيار جا طلبگار هوندا آهن. سندن ڳالهين کي غور سان ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت هوندي آهي. اُستاد کي، پنهنجو پاڻ کي اِهڙن شاگردن جي جڳهه تي رَکي، سندن تڪليفن کي دل سان محسوس ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
اُستاد کي پنهنجي شاگرد کي هر ننڍي ڪوشش ۽ ڪاميابي تي همٿائڻ ۽ شاباش ڏيڻ گھرجي. ان سان گڏوگڏ شاگرد مان مثبت اميد رکڻ گهرجي ته، هي سماج جو هڪ سُٺو فرد ثابت ٿيندو. ممڪن ٿي سگهي ته شاگرد کي سندس اُن ننڍڙي ڪاميابي تي نوٽ بڪ، پين يا ڪنهن ڪتاب جي صورت ۾ ننڍڙو انعام به ڏيڻ گهرجي. اهي شاباشي جا ٻه لفظ، اهو ننڍڙو انعام شاگرد جي ذهن تي سُٺا اثر ڇڏيندو ۽ شاگرد وڌيڪ محنت ڪندو.
”اُستاد جي مار، ٻار جي سنوار“، منهنجي خيال ۾ اِن ڳالهه کي هاڻي ”اُستاد جي تربيت ۽ شفقت، ٻار جي سنوار“ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. ڪابه ڳالهه عزت ۽ پيار سان سُٺي نموني سمجهائي سگهجي ٿي، مار ڏيڻ سان نٿي سمجهائي سگهجي. مار ڏيڻ وارو عمل، ٻار ۾ به ضد ۽ ڪاوڙ سان گڏ انتقامي رَوَيي کي جنم ڏي ٿو. جيڪو ٻار جي ذاتي زندگي سميت اسان جي سڄي سماج لاءِ نقصانڪار آهي. جڏهن ته عزت، احترام ۽ پيار سان ماڻهو هڪٻئي جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ٿو. اِها عزت ۽ احترام، اسان کي هڪ فضيلت ڀريو سماج اڏڻ ۾ ضرور مدد ڪندي.