مون ڪتابن ۾ پناهه ورتي آهي!
پنهنجو پاڻ جي ڳولا به ڏاڍي اذيتناڪ هوندي آهي. اُنهي ڳولا ۾ اسان هِتي هُتي ڀٽڪندڙ وجود ئي آهيون. مون کي خبر ناهي ڇو ميلن ۾ به تنهائي محسوس ٿيندي آهي. رستن، روڊن، بازارن ۽ شهرن ۾ ماڻهن جي نالي ۾ حيوان ڇڙواڳ گھمندي نظر ايندا آهن. ڪنهن به محفل ۾ ويهو ۽ اُتان اوهان کي ڏُک نه ملي، ائين ٿي نٿو سگهي. اڄ جو ماڻهو پنهنجي زبان سان ته ضرور ڏنگيندو. اُن ڪري مون کي محفلون به ناهن وڻنديون. جتي لفظن جو فضول استعمال هجي، ماڻهو اِن ڳالهه کان بيخبر هُجن ته ڳالهيون ڇا پيا! اسان جي لفظن جو سامهون واري شخص تي ڪهڙو اثر ٿي رهيو آهي، ته پوءِ اِن حالت ۾ اسان جهڙن ماڻهن لاءِ خاموشي ئي بهتر آهي. پر خاموشي به ته ماري ٿي. منهنجي خيال ۾ وري به اِهو مرڻ ڀلو ئي آهي. جتي لفظن ۽ جذبن جو قدر نه هُجي، اُتي ڳالهائي ڇو پنهنجو پاڻ کي رُسوا ڪجي. مون کي اڪثر دوست چوندا ته ڪٿي نظر ناهيو ايندا؟ ڪنهن پروگرام، دعوت يا وري ڪنهن هوٽل تي شام جو چانهه پيئندي به نظر ناهيو ايندا؟ انهي سوال جي جواب ۾ سوچيندو آهيان ته، پروگرام ۾ ساڳين ماڻهن کان هر ڀيري ساڳيون ڳالهيون ڇو ٻُڌجن؟ چانهه ته گهر ۾ به ملي ٿي، هوٽل تي ويهي چانهه پيئندي ڪهڙا Creative Discussions ٿين ٿا؟ اِها هڪ ٻئي جي گِلا ۽ غيبت ڪجي ٿي ٻيو ڇا؟ نه ڪا سائنس جي ڳالهه، نه ڪا ادب جي ڳالهه، نه ڪا سماج جي حقيقي مسئلن جي ڳالهه، نه ڪو سِکڻ ۽ سيکارڻ جي ڳالهه! مون کان پنهنجائپ ۽ نفرت جي اداڪاري به ناهي ٿيندي. جيڪو به پنهنجو لڳندو اٿم، اُن کي منهنجي پنهنجائپ جي خبر هوندي ۽ جنهن کان نفرت ٿيندي اٿم، اُن کي به منهنجي نفرت جي خبر هوندي. محبتون، عزتون ۽ خلوص انهن اسان وارين ريتن رسمن جون محتاج ناهن هونديون. اُنهي ڪري اڪثر دوست مون لاءِ ائين چوندا آهن ته، مغرور آهي، وڏو ماڻهو آهي، تنهائي جو شڪار آهي، واندو آهي، سادو آهي، چريو آهي... وغيره وغيره. دوستن پاران مليل اِهي لقب به منهنجي اکين تي.
سو، مون اُنهن سڀني سُورن کان پناهه ڪتابن، موسيقي ۽ پنهنجي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ورتي آهي. جڏهن به زندگي ۾ ڪنهن ڏُکئي وقت مان گذريو آهيان، تڏهن وڌيڪ ڪتاب پڙهيا اٿم ۽ وڌيڪ لکيو اٿم. اِهو اڀرو سڀرو پڙهڻ لکڻ ئي منهنجو جيئاپو آهي.