پنھنجي پاران:
احساسن، جذبن ۽ زندگيءَ جي مختلف ڪيفيتن کي قلم کڻي ڊائري تي لکڻ سان مونکي سُڪون جو احساس ٿيندو آهي. زندگيءَ ۾ انسان مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو. ڪڏهن سردي ته ڪڏهن گرمي، ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سُک....! ايئن سلسلو هلندو ٿو رهي. انسان هر پَل، هر ورتاءُ، هر لقاءُ توڙي هر منظر مان گهڻو ڪجهه سِکندو رهي ٿو ۽ اِهو سِکڻ جو عمل به زندگي ڀر جاري رهي ٿو.
اڄ منهنجو چوٿون ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. جنهن جو موضوع ”ڊائري جا ورق“ آهي. ڪو به ليکڪ جڏهن پنهنجي احساسن کي لکت جو روپ ڏئي ٿو ته پوءِ اُها لکت، اُهي لفظ ڪيترن ئي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪندي نظر ايندا آهن.
مون به پنهنجي لکڻين ذريعي هميشه اِها ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي سماج جي نمائندگي ڪجي، سماج جي ڏکن سورن جو نه رڳو ذڪر ڪجي پر اُن جي سببن تي به سوچجي ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم به کڻجن.
هن وقت اسانجو سماج گهڻ رخي بحران جو شڪار آهي. گهر کان وٺي تعليم، صحت ۽ ثقافت تائين هر ادارو تباهه ٿيل آهي. ماڻهو ماڻهو جو ويري بڻيل آهي. ساڙ حسد ۽ ڪينو عروج تي آهي... ڪائو ڪچ اگهائجي پيو، ماڻڪن موٽ ٿئي پئي... سڀ ڪجهه ڏسون پيا، سَهون پيا، سمجهون پيا... حال سارو اڳتي وڌڻ جي به ڪوشش ڪريون پيا. ظلم تي لکت جي صورت ۾ احتجاج ڪريون پيا. حرامخوري جي نندا ۽ هر چڱائي جي آجيان ڪريون ٿا... اهڙي طرح ئي اسان هڪ بهتر سماج جوڙي سگهون ٿا... هي ڪتاب بس اهڙن احساسن جو ئي اولڙو آهي. منهنجا لفظ، منهنجا احساس پڙهندڙن جي امانت آهن. اُهي انهن سان پيار به ڪن ٿا ۽ عزت به ڪن ٿا.
ڳالهيون ته ڪيتريون ئي آهن پر هتي بس قصو مختصر ڪندي، انهن دوستن جا ٿورا ضرور مڃيندس، جن مونکي هي ڪتاب لکڻ لاءِ اتساهيو. محترم غلام نبي سومرو صاحب منهنجو محسن آهي. هُن مونکان هي ڊائري جا ورق وٺي همسري مئگزين ۾ شايع ڪيا. اُن سان گڏ محترمه زاهده ابڙو صاحبه جي به مهرباني، جنهن جي ايڊيٽر شپ ۾ هي مئگزين شايع ٿئي ٿو. مونکان لکڻ ۾ سُسُتي ٿيندي هُئي ته غلام نبي سومرو صاحب ڪال ڪري يادگيري ڏياريندو هو ته ”ڊائري جا ورق“ نه پهتا... اهڙي طرح ڊائري جا ورق سلسلي لاءِ ٻن سالن تائين همسري ۾ مستقل طور لکندو رهيس...
هِن ڪتاب جو مهاڳ ۽ بئڪ ٽائيٽل نوٽ اهڙن ماڻهن لکيو آهي، جن سان آءٌ بيحد پيار ڪريان ٿو. هڪ مونکان عمر ۾ وڏو آهي، ٻيو مونکان عمر ۾ ننڍو آهي. اُن ڪري ٻئي منهنجي دل کي ويجها آهن. مهاڳ منهنجي محسن سائين هيري مل صاحب لکيو آهي، جيڪو نه رڳو هڪ عظيم استاد آهي پر هڪ عظيم انسان به آهي. سائين جهڙا ماڻهو جديد سنڌ جا رول ماڊل آهن، جيڪي لِڪا ڀُڻنِ لوڪ ۾... هڪ ڪُنڊ وٺي پنهنجي حصي جو ڪم بخوبي ڪري رهيا آهن. سائين مونکي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو آهي.
مون زندگيءَ ۾ تمام ٿورن ماڻهن سان حجتون ۽ انگل ڪيا آهن، سائين هيرو مل به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي. سائين منهنجي هر حجت ۽ انگل کي هميشه مان ڏنو آهي ۽ جيئن مون چيو آهي تيئن ڪيو آهي. سو، سائين جا ٻه اکر مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهن. بئڪ ٽائيٽل نوٽ منهنجي ننڍڙي ڀاءُ هالار کوسي جو لکيل آهي. هالار لاءِ مون مٿي لکيو آهي ته مونکان عمر ۾ ننڍو آهي پر عقل، فهم، فڪر ۽ مزاج جي حساب سان مونکان گهڻو وڏو آهي. مونکي هميشه پيار ئي آڇيندو رهيو آهي. جيڪا سندس وڏائي آهي. ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهڻ لاءِ پياري نعيم ديسوالي ۽ ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ مُرڪ پبليڪشن ڪراچي جي سموري سٿ، خاص طور تي پياري مرتضيٰ لغاري جي تمام گهڻي مهرباني. جنهن هر وقت محبتن جي موٽ ۾ محبتون ئي ڏنيون آهن.
مونکي اميد آهي ته منهنجا مانوارا پڙهندڙ منهنجي اڳ وارن ڪتابن وانگر هن ڪتاب کي به ساڳي محبتن ۽ پيار سان نوازيندا، جيڪو مون لاءِ ڪنهن انعام کان گهٽ ناهي...!
ساٿ سلامت سنڌ سلامت
سرمد کوسو
ڳوٺ ڊاڪٽر سومار کوسو، ضلعو بدين
8 نومبر، 2022ع جي ٿڌڙي شام.
پَنو سو پڙھن