پنهنجي رمز ۾ رهڻ!
فون تي گهڻو ڳالهائڻ مون کي ناهي وڻندو. سوچيندو آهيان ته، ڪنهن جي ڪال نه اچي ته سُٺو آهي. ڪي دوست چوندا آهن ته، ڳالهائڻ لاءِ وقت ناهي ڇا؟ پر منهنجي نظر ۾ انهي حوالي سان ڪيفيت وڏي معني رکي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن وقت هوندي به ڳالهائڻ تي دل ناهي چوندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وقت نه هوندي به دل ڳالهائڻ لاءِ چوندي آهي. سو ”ڪڏهن مَن ماڪوڙو، ڪڏهن ڪيهر شينهن“ يا وري ”ڪڏهن روح راڳن ۾ ته، ڪڏهن بيتن کان بيزار“.
بلڪل ساڳي طرح ڪنهن ٻئي کي فون ڪندو آهيان ته، پهرين اُن کان اجازت وٺندو آهيان ۽ چوندو آهيان ته، اوهان کي ڊسٽرب ته نه ڪيم؟ جيڪڏهن هُو اجازت ڏيندو آهي ته، اڳتي ڳالهائبو آهي. نه ته موڪلائبو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بيحد پياري دوست کي فون ڪيم ۽ کائنس ساڳي اجازت ورتم ته، چيائين يار تنهنجي فون جي ته انتظار ۾ هوندو آهيان ۽ چيائين ته تنهنجي انهي اجازت سان هڪ تاريخي ڳالهه ياد ٿي اچي، جيڪا دل چوي ٿي ته، توکي ٻُڌايان پوءِ باقي ڳالهيون ڪريون ٿا.
دوست ٻُڌايو ته، ديوان ڏيارام پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجو پاڻ سان اِهو وچن ڪيو ته، هاڻي خاموشي اختيار ڪرڻي آهي ۽ ڪنهن سان ناهي ڳالهائڻو. اُن جو سبب شايد دنيا جي نفسانفسي ۽ وٺ پڪڙ کان خائف ٿيڻ ٿي سگهي ٿو! سو، ديوان ڏيارام ته وڏو ماڻهو هو، اُن سان هر ڪو ملاقات ڪرڻ چاهيندو هو. هڪ ڀيري مهاتما گانڌي ساڻس ملڻ لاءِ آيو. جڏهن اِهو نياپو ديوان ڏيارام تائين پهچايو ويو ته، مهاتما گانڌي توهان جي در تي دستڪ ڏني آهي. ته ديوان صاحب ڪنهن ڪاغذ تي اِهو لکي موڪليو ته، مون پنهنجو پاڻ کي وچن ڏنو آهي ته، هاڻي ڪنهن سان به ملاقات نه ڪندس پر پوءِ به هڪ وڏو ماڻهو مهاتما گانڌي منهنجي در تي آيو آهي ۽ هُو حڪم ڪري ته، مان پنهنجو وچن ٽوڙي اچي ملاقات ڪيان. جڏهن اِهو نياپو مهاتما گانڌي تائين پهچايو ويو ته، پاڻ جواب ۾ چيائين ته ديوان صاحب کي چئجو ته سندن نياپو مليو ۽ سمجهو ته درشن ٿي ويو.
سو، ڪجهه ماڻهن لاءِ وچن به ٽوڙڻو پوندو آهي ته به دل رنج ناهي ٿيندي ۽ ڪجهه ماڻهو ڪيفيت کي سمجهندي پنهنجي حال تي ۽ پنهنجي رمز ۾ رهڻ ڏيندا آهن.