هلندڙ لاري مان ڪِري پيل چپل جو ڏُک!
اڄ صبح ڊيوٽي تي ويندي، رستي تي منهنجي نظر ڪنهن ٻارڙي جي ڪريل چپل تي پئي. مان، بائيڪ تي هُئس ۽ اُتان گذري ڪجهه اڳتي هليو ويس پر اِها چپل منهنجي ذهن مان نه نڪتي ۽ ڪيترائي سوال ذهن ۾ اُڀاري وئي. مون، بائيڪ کي واپس موڙيو ۽ وري اُن ڪريل چپل وٽ پُهتس، ڪجهه منٽ اُن کي ڏسندو ئي رهيس ۽ سوچيم ته هي ڪنهن سُپر هاء وي تي ڪريل ڪنهن امير ماڻهو جي ٻار جو مهانگو بوٽ ناهي پر ڪنهن پورهيت جي بُکن ۾ پاهه ٿيل، بيمارين ۽ محرومين جي ماريل ڪنهن معصوم ٻالڪ جي مٽي سان ڀريل هڪ سادي چپل آهي، جيڪا ڀڳل ٽٽل روڊ تي تڏهن ڪِري پئي هوندي، جڏهن اُهو ٻار، پنهنجي امڙ جي هنج ۾ سُتل هوندو ۽ بيماري سبب ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ويندو هوندو! يا وري اُهو ٻار ڪنهن بس، سوزوڪي يا چنگچي تي لڙڪي اسڪول ويندو هوندو ۽ واٽ تي سندس چپل ڪري پئي هوندي! ۽ سندس دانهون ڪرڻ تي به اُهو گاڏي وارو نه بيٺو هوندو، جو هُو چپل کڻي سگهي. هِن سخت سردي ۾ اِها چپل به ڪري پوڻ ڪري اُن ٻار جا ڪهڙا احساس هوندا؟ اِها اُن غريب کي ئي خبر هوندي.
هلندڙ لارين مان گُلن جي ڪرڻ جو ته درد آهي پر هلندڙ لارين مان ڪرندڙ چپل جو به پنهنجو ڏُک آهي. خبر ناهي ڇو مون کي انهي ٻار جو ڏک پنهنجو ڏک محسوس ٿيو، مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي چپل ڪٿي ڪري پئي آهي يا ڪٿي گُم ٿي وئي آهي!
آئون ڪيترائي سوال ذهن ۾ کڻي، اُتان هليو ويس...!