ڀٽائي سائين جو مطالعو!
• ھر روز مطالعو ڪرڻ منهنجي عادت ۾ شامل آهي. ڪجهه ڏينهن کان هر روز ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين شاهه سائين جي رسالي کي پڙهي رهيو آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته، شاهه جو رسالو ڀلي ڪيترا ڀيرا به پڙهيل هُجي پر هر ڀيري توهان کي نئون لڳندو.
• رسالي مان هر ڀيري اوهان کي نئون فڪر ۽ فهم ملندو. شاهه سائين جا بيت پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي جو ماڻهو هڪ الڳ دنيا ۾ هليو ويو آهي. هر هڪ لفظ جو ايڏو اثر ٿيندو آهي جو ماڻهو ڪنهن گَهري سوچ ۽ لوچ ۾ گم ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو روئي به پوندو آهي ۽ انهي روئڻ کان پوءِ اندر جو بار هلڪو محسوس ٿيندو آهي.
• رسالو پڙهندي سنڌي ٻولي جا اهڙا اهڙا سهڻا لفظ سامهون ايندا آهن، جيڪي افسوس ته هاڻي اسان وٽ استعمال نٿا ٿين. انهن لفظن کي اُچارڻ ۾ ڪيڏو نه ميٺاج آهي، ڪاش اها ڳالهه ڪو دل سان محسوس ڪري سگهي.
• مون ذاتي طور تي اِهو محسوس ڪيو آهي ته، اڪثر ماڻهو ڀٽائي جي بيتن کي ياد ته ڪندا آهن ته اُنهن کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو ناهن بڻائيندا. منهنجي خيال ۾ ڀٽائي کي ياد ڪرڻ کان وڌيڪ سمجهڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
• اسان جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌي مضمون جي ڪتاب جي شروعات حمد سان ٿيندي آهي، جيڪو ڀٽائي سائين جو لکيل هوندو آهي. اِها سُٺي روايت آهي پر انهي کان سواءِ به ڀٽائي سائين کي اسان جي درسي ڪتابن جو حصو بڻايو وڃي ته جيئن اسان جو نئون نسل پنهنجي ٻولي سان به جُڙيل رهي ۽ ڀٽائي سائين جي فڪر کي سمجهي، اُن کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو بڻائي.
ڪتابن سان پيار ڪندڙن جو ڏينهن!
• اڄوڪو ڏينهن ڪتابن سان پيار ڪندڙن جي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. اِهو ڏينهن اسان کي ڪتابن سان پيار جو احساس به ڏياري ٿو ته، انهي جي اهميت بابت به باخبر ڪري ٿو. انهي سان گڏ ڪيترائي سوال به کڻي ٿو اچي.
• اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، انهي ۾ ڪتابن جي ڪيتري اهميت آهي؟ اسان ڪتابن سان ڪيترو پيار ڪريون ٿا؟ اسان ڪيترو وقت ڪتاب پڙهڻ کي ڏيون ٿا؟ انهي سان گڏ ٻيا به ڪيترائي سوال ذهن ۾ اچن ٿا.
• هڪ ڀيري هڪ پڙهيل لکيل شخص کان پُڇيم ته، هن وقت ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟ جواب ڏنائين ته: مان ڪو واندو آهيان ڇا، جو ويٺو ڪتاب پڙهان. ڪنهن وٽ وقت آهي جو ويٺو ڪتاب پڙهي. ڪمال ٿو ڪرين يار...!
• مون کي ڪتاب پڙهڻ سان سُڪون واري ننڊ ايندي آهي.
• اسان وٽ ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ کي ڪو ڪم ناهي سمجهيو ويندو، بس انهي کي واندڪائي جي وندر ئي سمجهيو ويندو آهي.
• وڏن وڏن اديبن کي تحفن ۾ ملندڙ ڪتاب اڪثر ڪري ردي جي دڪانن تي پيل ملندا آهن.
• اڄ جو ماڻهو جديد ٿي ويو آهي، ان ڪري موبائيل ۽ ٻين شين ۾ مصروف آهي، کيس ڪتاب پڙهڻ جو وقت ناهي. هونئن عام طور تي اِها ڳالهه نؤجوانن لاءِ چئي ويندي آهي ته، اڄ جو نؤجوان ڪتاب نٿو پڙهي. پر آئون چوندس ته نؤجوان نٿو پڙهي ته پوڙها وري ڪهڙو مطالعو ٿا ڪن؟
• گهڻن ماڻهن کي اِها شڪايت هوندي آهي ته، ڪتاب مهانگا آهن. انهي ڪري خريد نٿا ڪريون. پر اُهي ساڳيا ماڻهو مهانگا جوتا، ڪپڙا يا ٻيون شيون خريد ڪندي ناهن ڪيٻائيندا.
• اسان جو سماج جيترو ڪتابن، علم ۽ ادب کان پري آهي، اوترو ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي.