لهندڙ سج ۽ جهڙالي شام
ڪالهه سڄو ڏينهن پنهنجي ٻَني تي گذريو. جتي گهمندي ڦِرندي فطرت سان ڪچهري جو موقعو ملي ويندو آهي. ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري، مال چاريندڙ ڌراڙ، وڻن تي ويٺل پکين جي ٻولين جا آواز، آسمان تي ڇانيل ڪارا ڪڪر، تيز هوائون ۽ وري جڏهن اهي هوائون وڻن جي پنن سان ٽڪرائي مڌر موسيقي کي جنم ڏين ٿيون ته اهي سمورا منظر اندر ۾ لهي ٿا وڃن. ماڻهو، ڪجهه گهڙيون هن نفسانفسي، وٺ پڪڙ ۽ گوڙ گهمسان کان ڪافي ڏور هليو ٿو وڃي ۽ دل چوي ٿي ته ائين ئي قدرتي نظارن جو لطف وٺندي، سموري زندگي گذاري ڇڏجي.
سج لٿي جو هاري ٻني جو ڪم ڪار مڪمل ڪري گهرن ڏانهن واپس هليا ويا، ڌراڙ مال ڪاهي واپس وٿاڻن ڏي وريا ۽ پکين به پنهنجا آکيرا وڃي وسايا. ان ويل آئون به انهن خوبصورت منظرن سان ڪچهري ڪندي واپس گهر آيس پئي ته ان وقت آسمان تي لهندڙ سج جي لالاڻ ۽ مختلف رنگن جي ڪڪرن جي پينٽنگ ٿيل هئي ۽ ان وقت ئي هلڪي بوند به وسڻ شروع ٿي. ان وقت، مون وٽ موجود ريڊيي تي استاد محمد يوسف جي سدا بهار آواز ۽ انداز ۾ تنوير عباسي صاحب جا هي ٻول وڄڻ شروع ٿي ويا...
”اوھان ناهيو ته پنهنجي دل، بهارن سان ٿا وندرايون.
اسان ڏي جي اوهان ايندئو، بهارن کي نه ڏسنداسين.“
اهڙي طرح، لهندڙ سج ۽ جهڙالي شام سان گڏ، آئون اِنهن خوبصورت نظارن ۽ استاد يوسف جي ڳايل اِن سدابهار گيت جي سحر ۾ گُم ٿي ويس...