ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ شخصيت ۽ فن
اسان جي هن لائق فائق استاد، اديبہ، پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ۽ سماج سڌارڪ مثالي عورت بہ پنھنجون نور ڀريون اکيون سال 1958ع ۾ ڏيپلي شھر جي معزز شخص محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ کوليون، پرائمري تعليم مٺي، عمرڪوٽ، ماتلي، ٺٽي ۽ ڏيپلي ۾ پڙهي سيڪنڊري تعليم سانگهڙ، ڏيپلي ۽ ميرپورخاص مان ورتائين، ان جو سبب سندس مختيارڪار پيءَ جون سرڪاري بدليون هيون.
ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪرڻ بعد 1991ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري ليڪچراري ماڻيائين ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي مان مرتبي تائين پھتي، الله تعاليٰ کيس سندس علمي، ادبي، سماجي ۽ تدريسي خدمتن جو موقعو ايترو تہ گهڻو ڏئي جو خود ڏيپلو هن جو نالو کڻي پنھنجي سڃاڻپ ايئن ڪرائي تہ آئون اهو شھر آهيان، جنھن ۾ پروين موسيٰ مميڻ ڏيا، ڏيا ٻاري ڏيپلي کي ڏيئن (علم جي جوت) جو شھر بنائي ڇڏيو آهي، 54 سالن جي عمر ۾ هن همت ۽ محنت سان 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جو امتحان پاس ڪري ورتو، پروين کي پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ 08 سال محنت ڪرڻي پئي، جيڪا ڳالھہ ثابت ڪري ٿي تہ هيءُ عورت هجڻ جي باوجود انتھائي حوصلا مند ۽ ثابت قدم آهي، سندس ننڍپڻ جي تعليم کان وٺي هيل تائين هوءَ مسلسل جاکوڙ ڪري سنڌي ادب جي لاءِ پنھنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪندي پئي اچي.
پروين جي 19 سالن جي عمر ۾ پنھنجي پڦي جي پٽ انجنيئر انور خان سان سال 1976ع ۾ شادي ٿي کيس هڪ نياڻي نالي ثمر رفيق الرحمان ڊاڪٽر آهي، پٽ ياسر رضا ڊاڪٽر (Dentist) آهي، ٻنھي ڌيءَ ۽ پٽ جي شادي ڪرائي ڇڏي اٿس، جيڪي ماشاءَ الله صاحب اولاد بہ آهن. سندس ننڍو پٽ محمد مجتبيٰ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهي NED يونيورسٽيءَ مان انجنيئر ٿيو آهي. سندس پٽ ڊاڪٽر ياسر رضا بہ پيٽارو ڪاليج مان پڙهيو تہ سندس گهروارو انجنيئر انور خان بہ پيٽارو مان پڙهي نڪتو هو، پروين جا ڀائر، ڀائيٽيا ۽ ڀاڻيجا بہ گهڻي ڀاڱي پيٽارو ڪاليج مان پڙهي وڏن وڏن عھدن تي وڃي پھتا آهن. ايئن هيءَ گهراڻو پاڻ کي ”پيٽارين“ سڏائيندي فخر محسوس ڪري ٿو. ڪجهہ حوالن مان معلوم ٿيو تہ پروين ۽ سندس گهر واري نہ رڳو پنھنجي اولاد پر ڀائرن ۽ ڀينرن جي اولاد لاءِ بھتر تعليم ۽ تربيت جو ماحول پيدا ڪيو.
پروين موسيٰ ميمڻ باقاعدہ 2004ع کان پنھنجي علمي ۽ ادبي پورهئي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ شروع ڪيو، سندس لکڻ جي شروعات ڪھاڻين ۽ مضمونن جي صورت ۾ 1980ع کان ٿي جنھن مان ڪھاڻي ”چري“، ڪھاڻي . ماءُ جو دِلاسو“ ۽ ڪجهہ مضمون چند رسالن ۾ ڇپيا، 2004ع ۾ ئي سندس پھريون ڪتاب، ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۽ ”وکر سو وهاءِ“ ڪتاب 2008ع ۽ 2011ع ۾ هائر ايجوڪيشن اسلام آباد مان شايع ٿيا. پروين جا ٻيا ڪتاب ”اٿي رائو ريل“، ”سون ورنيون سوڍيون“، ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ ۽ ٻيا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا، کيس سال 2009 ۾ ڪتاب ”اٿي رائو ريل“ تي سنڌي ادبي سنگت طرفان بھترين تحقيق ۽ تنقيد جو ايوارڊ مليو ۽ ”اخلاقي قدر“ کي ٻاراڻي ادب ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران بھترين ڪتاب جو سرٽيفڪيٽ مليو، پي ايڇ ڊي جي تحقيقي مقالي تي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران بھترين تحقيق جو ايوارڊ ڏنو ويو. سندس هڪ ضخيم ڪتاب ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“، سي ايس ايس جي 2015ع جي نئين نصاب مطابق ڇپيو، چوٿون ڇاپو 2020ع ۾ آيو آهي جيڪو لاهور، اسلام آباد، ڪراچي ۽ سنڌ جي وڏن شھرن جي بڪ اسٽالن تي موجود آهي تہ سي ايس ايس اڪيڊمين ۾ بہ پڙهايو وڃي پيو. ۽ اڃا بہ ڏهن ڪتابن کي مڪمل ڪرڻو اٿس، جيڪي بہ انشاءَ الله ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچندا.
پروين موسيٰ ميمڻ هڪ استاد جي حيثيت ۾ پنھنجي زندگي جي سڦلتا وارو سفر شروع ڪيو ۽ علم جي مشعل کي اجهامڻ نہ ڏنو، هن هڪ عورت هجڻ جي ناتي عورتن جي ڀرپور نمائندگي ڪندي پنھنجي پي ايڇ ڊي جو عنوان چونڊيو، ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو 1985ع تائين تحقيقي اڀياس“ رکيو، سندس پسند جا راڳي آهن، علڻ فقير، جيجي زرينہ بلوچ، سرمد سنڌي ۽ لتا منگيشڪر ۽ جيڪي شاعري ۾ کيس گهڻو متاثر ڪري ويا اهي آهن شاھہ لطيف، شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، فيض احمد فيض ۽ پروين شاڪر.
ڊاڪٽر پروين ميمڻ جي ڪتابن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ داڪتر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ٻين ادب دوستن، اديبن ۽ دانشورن تمام گهڻو ساراهيو آهي ۽ حقيقت ۾ ڊاڪٽر پروين جو اهو حق بہ آهي تہ ڏيپلي جي هيءُ ڏياٽي ڏيھہ پرڏيھہ ۾ روشني جو ايئن شماءُ ٿي نڪري نروار ٿي آهي جيئن سامونڊي جهازن لاءِ ٽاور آف لائيٽ هوندي آهي. منھنجي دعا آهي تہ الله تعاليٰ کيس هميشہ خوش ۽ چاڪ چڱو ڀلو رکي، جيئن هوءَ اڃان وڌيڪ علم، ادب ۽ ڏاهپ جي جوت جلائي، سنڌي ادب جو ديس پرديس تائين پيغام رسائي انسان ذات جي خدمت ڪندي رهي. آمين ثم آمين.
هاڻي اچو تہ سندس ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪتاب ”اخلاقي قدر“ مان ڪي ڪارائيتيون ڳالھيون ڪي گلن جون ڪليون، ڪن گلن ڦلن جي سونھن ۽ سُندرتا ڏسون ۽ معصوم ٻارن جيان مُرڪي سُرهاڻ ۽ خوشبوءَ سان واسجي وڃون، ها تہ اچو هاڻ هي ”اخلاقي قدر“ کولي ڏسون تہ هن ۾ ڪھڙو انمول خزانو آهي.
”اخلاقي قدر، ڪتاب جو نالو ئي ٻڌائي ٿو تہ ليکڪا پنھنجي عمر، مطالعي، مشاهدي ۾ ڄاڻ جي کاڻ آهي. ڇو تہ هن ڪتاب ۾ آيل سڀئي مضمون انسانذات جي چڱاين سان لاڳاپيل آهن، هيءَ دنيا چڱن عملن جي ڪري ئي پر امن خوشحال ۽ ترقي يافتہ ٿي سگهي ٿي، ڇو تہ چڱا عمل ئي اخلاقي قدرن کي جنم ڏين ٿا ۽ اخلاقي قدر قبيلن، قومن، ملڪن ۽ کنڊن جي تاريخ تھذيب، تمدن، امن، خوشحاليءَ ۽ ترقي جا امين هوندا آهن.
مضمون، ”سھڻا اخلاق“ ۾ موضوع تي ڀرپور لکندي ليکڪا، قرآن شريف جون ننڍيون آيتون، شاھہ لطيف جا بيت، مرزا قليچ ۽ تنوير عباسيءَ جي شاعري، رابندر ناٿ ٽئگور ۽ علامہ اقبال جا چيل قول ۽ هڪ ڏاهي جي قول کي لکي، ٻارن کي آسان ۽ سولي انداز سان ڄاڻ ڏئي ٻُڌايو آهي تہ، سھڻا اخلاق ايمان جي مضبوطي آهي، مضمون، استاد ۽ شاگرد جو تعلق ۾ شاگرد جو با ادب هجڻ ۽ استاد جو مان ۽ مرتبو بلند ڄاڻايل آهي. دوستيءَ جي موضوع تي تمام سٺو لکيو ويو آهي، استاد بخاريءَ جي شعر هن مضمون ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن ۽ هڪ انگريزي قول ڏئي دوستيءَ ۾ معاف ڪرڻ جي خصلت کي سامھون آندو ويو آهي، ٻارن جي تربيت ۾ سھڻن اخلاق جي اهميت تي مضمون، حُسن اخلاق جي تعريفن ۽ خصلتن سان ڀرپور آهي، سمجهاڻيءَ طور حوالا ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي قول جو ذڪر ڪري مانواري ليکڪا ٻارن لاءِ سھڻي اخلاق کي انتھائي اهم قرار ڏنو آهي. قائد اعظم ۽ ٻين جا حوالا بہ هن مضمون جي اهميت وڌائن ٿا. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ انتھائي اهم موضوعن تي مضمون آيل آهن.
ڊاڪٽر پروين جو ڪمال آهي تہ هن وڏي محنت سان موضوعن تي لکيل شعر ۽ انھن بابت قرآن ۽ حديث منجهان حوالا ڳولي ٻارن کي مختصر لفظن ۾ تمام وڏي معلومات مھيا ڪئي آهي.
هن ڪتاب جي خوبي اها آهي تہ هي ڪتاب بين الاقوامي ٻارن جو ڪتاب آهي، هن کي جنھن بہ زبان ۾ ترجمو ڪيو ويندو تہ ان ملڪ جي ٻارن لاءِ مروج ڄاڻ جا موضوع اهي ئي ساڳيا هوندا، جن ۾ قرآن ۽ حديث کان وٺي دنيا جي وڏن شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جا حوالا تمام گهڻو نظر ايندا.
ڇو تہ دنيا جو هر ٻار جڏهن بہ پنھنجي ٻوليءَ ۾ پڙهندو تہ کيس مٿيان موضوع نوان يا اجنبي نہ لڳندا، اها ئي هن ڪتاب جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي، جنھن لاءِ ڊاڪٽر صاحبہ جي مضمونن واري چونڊ بہ علمي دنيا واري ئي آهي. شاگرد تہ ڇا پر وڏا بہ هن ڪتاب ۾ آيل مختصر مضمونن مان وڏو لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبہ پنھنجي هن ننڍڙن مضمونن واري ننڍڙي ڪتاب ۾ تمام وڏا ۽ اهم موضوع ڏئي انھن کي سمجهائڻ لاءِ حوالا بہ تمام وڏا ڏنا آهن، جي هن ڪتاب جي سونھن، ساڃاھہ ۽ سوچ کي اهميت ڏين ٿا. دعا ٿو ڪريان تہ شل الله تعاليٰ ليکڪا جي قلم ۾ اڃان بہ وڌيڪ ترقي ڏئي کيس انھيءَ صدقہ جاريا، جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين ثم آمين.
سليم چنا
قاسم آباد، حيدراباد
2016-09-23