شاگرد جي زندگيءَ جو مقصد
هر هڪ شاگرد لاءِ شاگرديءَ جي عرصي ۾ اهو وقت ايندو آهي جو کيس پنھنجي ڪيريئر لاءِ راھہ کي چونڊڻو هوندو آهي. پوءِ جيڪڏهن هو پنھنجي ذاتي لاڙي هيٺ اها چونڊ ڪري ٿو تہ سندس لاءِ اها اختياري واٽ سڦل ۽ ڪامياب رهي ٿي. دنياوي طور پنھنجي زندگيءَ جو هڪ مقصد مقرر ڪرڻ ۽ ثابت قدم رهي ان کي حاصل ڪرڻ وارا نيٺ هن دنيا ۾ عزت جو مقام حاصل ڪندا آهن.
شاگردن لاءِ سڀ کان ضروري آهي تہ هو پڙهائيءَ سان گڏ پنھنجي ڪردار ۽ مزاج تي خاص ڌيان ڌرين. شاگرد آئيندي جا ابا آهن. قوم جو مستقبل هئڻ سان گڏ سڀاڻي پنھنجي گهر جا سربراھہ آهن، کين پنھنجو پاڻ ۾ اڳواڻيءَ واريون صلاحيتون پيدا ڪرڻ کپن. وٽن زندگيءَ جو حاصل زرو دولت جي بجاءِ پاڻ ۾ علمي صلاحيتون وڌائڻ جو هجي. قوم جي لاءِ قربانيءَ جو جذبو هجي. اڄ جون شاگردياڻيون صبح جو قوم جون مائرون ۽ بنيادي درسگاهون آهن. کين زندگيءَ گهارڻ جي طور طريقن سان گڏ زندگيءَ جي مقصد جي مڪمل سمجهہ هئڻ کپي تہ هو هڪ انقلابي ۽ شعوري طور پروان چڙهيل قوم ٺاهين، جنھن قوم جا نوجوان سمجهدار، باهمت، باشعور، نيڪ دل، محنتي ۽ هڏڏوکي آهن ۽ خلق جي خدمت سندن زندگي جو مقصد آهي تہ پوءِ هو ڪارائتا، ڊاڪٽر وڪيل، جج، انجنيئر ۽ سائنسدان هئڻ سان گڏ اڻملھہ انسان آهن.
اڄ جو شاگرد هڪ وڏي مقابلي جي دور مان گذري رهيو آهي. پر هيءُ هڪ اهڙو دور آهي جنھن ۾ ڪردار جي مڪمل تعمير ٿئي ٿي ۽ شاگردن کي سوچي سمجهي پنھنجي Career جو فيصلو ڪرڻو آهي. سر سيد احمد خان موجب ”اي نوجوانو! زندگيءَ جي هن پليٽ فارم تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي غور سان ڏسو. وقت جي رفتار ڪڏهن بہ نہ بيھندي. گهڙيال ۽ ڪئلينڊر کي غور سان ڏسڻو آهي. ڏينھن مھينن، موسمن ۽ سالن جي گذرڻ تي ڌيان ڌرڻو آهي. ايئن نہ ٿئي تہ وقت توهان جي هٿ مان نڪري وڃي انھيءَ ڪري آئيندہ زندگيءَ جي رستن مان صحيح رستي جي چونڊ ڪري محنت کي شعار بنائي ثابت قدميءَ سان حاصل ڪريو“.
شاگردن جي لاءِ اهو بہ ضرور آهي تہ هو پنھنجي مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ دعائن کي وسيلو بنائين. روحانيت جي تربيت ننڍي لاڪون ٻار لاءِ ضروري آهي. عبادت انسان جي اندر کي پرسڪون رکي کيس حوصلو، همت ۽ اميد ٿي عطا ڪري. ذاتي عبادت سان گڏ والدين، استادن ۽ وڏن جي عزت ۽ فرمانبرداريءَ جي ذريعي عام شاگرد بہ اوج تي پھچندا آهن. شاگردن کي هميشہ اهو سوچڻ گهرجي تہ هو محنت ڪري پڙهي رهيا آهن. نيڪ نيتي ۽ وقت جي پابنديءَ سان سندن لاءِ رستو آسان ٿيندو پر جيڪڏهن اتفاق سان ڪا بہ مشڪل اچي تہ کين همت هارڻي نہ آهي.
هيءَ زندگي هڪ امتحان آهي، جنھن ۾ انسان جو ڄمڻ گل جي ٽڙڻ وانگر آهي. موت اَوس اچڻي آهي. مرڻ کان نہ ڊڄجي بلڪہ اهو سوچجي تہ اهڙي حياتي گذارجي جيڪا فنا نہ ٿئي ۽ علمي ۽ نيڪ انسان مرڻ کانپوءِ بہ زنده آهي. موت بيشڪ ڏک جو سبب آهي ۽ جوانيءَ ۾ تہ انھيءَ جي سوچ بہ اڻ وڻندڙ آهي. ڇو جو هيءُ زندگيءَ سان پيار جو وقت آهي. پر زندگيءَ جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ موت جي اڻٽر هئڻ جو يقين خود ۾ قائم رکڻو پوندو. پوءِ ئي آدرشي اصولن واري مقصدي زندگيءَ جو تصور آسان ٿيندو. موت ۽ زندگيءَ جي ازلي ۽ ابدي حقيقت جي لاءِ شيخ اياز چوي ٿو:
”اهڙي ڪو ڪم ڪر جو ماري وجهي موت کي“
شاگردن کي گهرجي تہ ننڍپڻ کان ئي سچ، سونھن ۽ نيڪيءَ جي رستي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪن.