ٻاراڻو ادب

اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

ھن ڪتاب ۾ ڏهن سالن کان سورهن سالن جي ٻارن لاءِ 27 اخلاقي(Ethical)  ۽ علمي(Educational)  مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي.

Title Cover of book اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

والدين ۽ اولاد جي رشتي جي اهميت ۽ اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ والدين جو ڪردار

انساني سماج گروهن ۾ ورهايل آهي ۽ هر گروھہ ۾ مرد، عورتون، ٻار ۽ ٻُڍا شامل هوندا آهن. مرد ۽ عورت جي تعلق يعني شاديءَ سان اولاد جنم ٿو وٺي ڌيءَ ۽ پٽ جي صورت ۾ پيدا ٿيل اهو اولاد ماءُ جي تہ جگر جو ٽڪرو آهي ئي آهي، پر پيءُ جي بہ اکين جو ٺار آهي، محنت ڪندڙ پيءُ سڄي ڏينھن جو ٿڪ ۽ تڪليف پنھنجي ٻچڙن جي شڪل ڏسي محسوس بہ نہ ڪندو آهي. جيڪڏهن سندس اولاد مان ڪو بہ ڪنھن مشڪل ۾ ڦاٿل آهي تہ سندس راتين جي ننڊ ۽ ڏينھن جي بُک اڏامي ويندي آهي. انساني اخلاقي قدرن ۾ والدين ۽ اولاد جي رشتي جي عزت ۽ محبت جي وڏي اهميت آهي.
والدين ۽ اولاد جو رشتو اڻ ٽُٽ آهي، جنھن جي محبت جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ڳالھہ ڪندا آهن تہ هڪ لڱا ڪنھن بادشاھہ پنھنجي شيدي غلام کي حڪم ڪيو تہ، ”دنيا جي پياري ۾ پياري شيءِ مون وٽ حاضر ڪر“! شيدي غلام اهو حڪم ٻُڌي پريشان ٿي ويو، پر پوءِ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ هُو پنھنجو ننڍڙو پُٽ وٺي ٻئي ڏينھن محلات ۾ پھتو ۽ بادشاھہ جي حيران ٿيڻ تي ورندي ڏنائين تہ، ”قبلا سلامت! منھنجي نظر ۾ تہ دنيا جي پياري ۾ پياري ۽ سھڻي ۾ سھڻي شيءِ منھنجو پُٽ آهي“.
غلام شيديءَ ۽ بادشاھہ کان وڌيڪ تاريخ ۾ معتبر مثال اسان وٽ حضرت ابراهيم عليہ السلام (خليل الله) جو آهي، جنھن کي خدا پاڪ خواب ذريعي حڪم ڏنو تہ، ”اي ابراهيم! پنھنجي پياري ۾ پياري شيءِ الله پاڪ جي راھہ ۾ قربان ڪر“. ۽ حضرت ابراهيم سئو اُٺن جي قرباني ڏني ۽ ساڳي ريت ٻہ راتيون مسلسل خواب ڏٺائين ۽ اُٺ قربان ڪيائين، پر ٽين رات خواب ۾ کين اها پڪ ٿي تہ اهو اشارو پياري اولاد لاءِ آهي، سو پنھنجي فرمانبردار پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام (ذبيح الله) کي ٻُڌايائون. جنھن نہ فقط شفيق پيءُ کي پنھنجو پاڻ کي قربان ڪرڻ جي صلاح ڏني، پر خدا جي حڪم جي تعميل ۾ اڳڀرو رهيو. حضرت ابراهيم بسم الله ڪري تڪبير پڙهي، اسماعيل عليہ السلام جي گلي تي ڇُري رکي تہ غيب مان آواز آيو تہ، ”اي ابراهيم! بيشڪ تو پنھنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو“.
۽ اسماعيل عليہ السلام جي بدران خدائي حڪم سان گهيٽو ليٽيل هو، جنھن کي ابراهيم عليہ السلام ذبح ڪيو، پر سندن سچي نيت، عمل جي پختگي، الله جي راھہ ۾ جان جي قربانيءَ جي همت کي هميشہ لاءِ اسلام جي اهم رُڪنن يعني حج جي ادائيگيءَ ۾ تہ مقرر ڪيو ويو پر مسلمانن جي لاءِ عيد الضحيٰ جي خوشي ۽ قربانيءَ کي سنت طور قائم رکيو ويو آهي. اهڙي فرمانبردار اولاد ۽ ثابت قدم والد سان ئي اسلام جو نالو روشن ٿيو آهي.
اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ والدين جو ڪردار اهم آهي، سماج ۾ اولاد جي تعليم ۽ تربيت والدين جي لاءِ ٻوجهہ ۽ جوابداري نہ پر هڪ فرض آهي. ڪو بہ مائٽ تيستائين اولاد جو سڄڻ ۽ گهڻ گهرو چوائڻ جو مستحق نہ آهي جيستائين هو پنھنجي ٻچڙي جي تعليم ۽ تربيت تي نظر نٿو رکي. ڌيءَ توڙي پٽ اولاد جي حيثيت ۾ مائٽ لاءِ ٻئي برابر آهن. ڌيءَ جو پڻ تعليم حاصل ڪرڻ جو ايترو ئي حق آهي، جيترو پُٽ جو آهي.
عورت هن سماج جي هڪ ڪارآمد شھري آهي. مرد ۽ عورت حياتيءَ جي هن وهنوار ۾ برابر جا ڀاڱيوار فرد آهن. سماج ۾ عورت جي عزت، اهميت ۽ حيثيت مٿانھين هئڻ گهرجي، ڇو جو هوءَ نہ فقط هن دنيا جي واڌ ويجهہ کي تخليقي قوت سان عمل ۾ آڻي ٿي، پر ماءُ جي حيثيت ۾ سندس هنج ئي آهي، جنھن مان نئون نسل وڌي وڏو ٿئي ٿو. ان ڪري عورت جي تعليم ۽ تربيت تي سماج جو دارومدار آهي. حديث پاڪ آهي تہ، ”علم جي طلب هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي“. سماج ۾ عورت جي ڪردار جي خاص اهميت آهي. تعليم يافتہ ۽ سڌريل عورت بھترين ماءُ، ڌيءُ، زال، ننھن ۽ سَسُ تہ ٿيندي آهي پر سندس چڱن گُڻن ۽ خوبين سان گهر گلدستي وانگر پيو واسبو آهي، هوءَ سلجهيل، سمجهہ واري ۽ سليقہ پسند هجي ٿي. پڙهيل لکيل، مھذب عورتون گهڻي ڀاڱي فضول خرچيءَ کان پڻ بچنديون آهن. غير ضروري خرچن کان پاسو ڪري اهي بچت ڪري. گهر جي اهم ضرورتن جو پورائو ڪن ٿيون. جنھن سان ملڪ ۾ معاشي معاملن ۾ فائدو ٿئي ٿو. اولاد ۾ بچت جي عادت پوي ٿي، ٻي ڳالھہ تہ نياڻيءَ جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. حديث آهي ته”نيڪ اولاد، نفعو ڏيندڙ علم ۽ جاري ٿيندڙ دين جو ڪم جاري رهندڙ صدقو آهي. “
ڏٺو وڃي تہ پڙهيل لکيل ماءُ پنھنجي ٻچي کي سُٺي تعليم ۽ تربيت ڏئي جاري رهندڙ صدقي جا ٻہ اهم ڪم ڪري ٿي. جيڪو هڪ احسن ترين عمل آهي. مطلب تہ اولاد جي تعليم ۽ تربيت ماءُ ۽ پيءُ ٻنھي جي مڪمل طور گڏيل جوابداري آهي. رسول پاڪ ﷺ جن فرمايو آهي تہ ”پيءُ جو پٽ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪو بہ عطيو ڪونھي تہ هُو ان کي عمدي تعليم ۽ تربيت ڏئي“ (حديث نبوي)
نيڪ اولاد ئي اڳيان هلي نيڪ والدين ٿي سڌريل سماج جو بنياد مضبوط ڪندا آهن. والدين کي پنھنجي اولاد سان محبت، پيار ۽ نرميءَ سان هلڻ گهرجي. هيءُ اعتبار ۽ اعتماد جو رشتو آهي. جنھن جي ٽُٽڻ سان گهرن جا گهر نہ فقط تباھہ ٿي وڃن ٿا، پر بدنصيبين جو راڄ قائم ٿي وڃي ٿو. اولاد لاءِ اطاعت ۽ فرمانبرداري ۽ والدين جي اولاد لاءِ محبت ۽ شفقت ۽ وقت سر سمجهاڻي ضروري آهي.
اڄ والدين ۽ اولاد ۾ جنريشن گيپ وڌندو ٿو وڃي. مائيٽ پنھنجي دور جي فرمانبرداري، علميت ۽ عبادت جي زعم ۾ آهن تہ اولاد هن ظاهري مھذب ۽ پُر آسائش دور (مادي طور) ۾ روحانيت کان وانجهيل هئڻ سبب نہ سندن نظر ڏي ٿو نھاري ۽ نہ ئي دل سان کين پنھنجو دوست ۽ هڏڏوکي ٿو تسليم ڪري اها دوري ۽ اهو ويڇو نئين نسل جي تربيت ۾ رُڪاوٽ آهي. والدين کي گهرجي تہ جديد تقاضن کي سمجهي، وقت جي ضرورت تي ڌيان ڏين. پنھنجي ٻچڙن کي پنھنجو ڪل سرمايو ڄاڻي، سندن تعليم ۽ تربيت کي سُٺو بڻائڻ لاءِ ويچار ڪن، موجودہ زماني جي تعليم سان روشناس ڪرائڻ سان گڏ کين مذهبيت ۽ روحانيت سان لاڳاپين، هيءُ دور نہ نصيحتن جو آهي، نہ واعظن جو، نہ گار گند جو آهي نہ مار موچڙي جو، ٻار تہ معصوم، پاڪ ۽ گلن جهڙا آهن، جيڪي اسان کان فقط پيار، توجھہ، وقت، عزت ۽ شاباس ٿا گهرن، هُو ٿوري تي خوش ٿيڻ وارا آهن. اڄ جنھن مھل اولاد فارغ آهي تہ والدين مشغول آهن ۽ جيڪڏهن والدين واندڪائيءَ ۾ آهن تہ اولاد وٽ وقت ڪونھي، حقيقت ۾ اهو وقت ئي آهي. جنھن تي اسان کي گرفت مضبوط ڪرڻي پوندي. ڇو جو ائين نہ ٿئي تہ اهو وقت واريءَ جي ذرن جيان اسان جي هٿن جي وٿين مان نڪري وڃي ۽ اسين هٿ مليندا رهجي وڃون. اولاد کي پنھنجي زماني جي چال چلن تي هيرائڻ جي بجاءِ اسين سندن اصلاح سندن ئي زماني جي طور طريقن سان جيڪڏهن ڪنداسين تہ موجودہ ترقي يافتہ ۽ ميڊياجي مضبوط دور ۾ هُو اسان کي سمجهندا بہ ۽ ويجها بہ ٿيندا. پنھنجي ان فرض ادائيءَ ۾ اجائي ڳڻتيءَ جي بجاءِ عملي طور سندن سکيا ڪجي. نتيجو رب تي ڇڏي ڌڻيءَ در دُعاڳو ٿجي. هو هادي حڪيم ڪُلَ جهان جون جوڙون جوڙ بنائڻ وارو آهي. مرزا قليچ بيگ صاحب هن موضوع تي پنھنجي لکيل هڪ غزل بعنوان ”والدين جي ڳڻتي“ ۾ لکي ٿو تہ،
ڏي ڀلي تعليم علم ۽ عقل جي، جا ٿي سگهيئي،
۽ هنر سيکار پڻ، صحبت سان ڪر تن کي سليم،
پنھنجي قسمت ۽ لياقت پوءِ انھن کي ايندي ڪم،
قسمت ۽ دولت، هدايت، هٿ رکي پنھنجي حڪيم.
(مرزا قليچ بيگ)

جيڪي ”باادب“ آهن سي وڏي واڪي پنھنجي ايندڙ نسل کي چئي سگهن ٿا تہ،
جيئن چنڊ چمڪائي ٿر جي ڀٽن کي،
او تنوير! جڳ تيئن اجاري ڇڏيوسين.
(تنوير عباسي)