ٻارن جي تربيت ۾ سھڻي اخلاق جي ضرورت
اخلاق جي اهميت ۽ سماج ۾ انھيءَ سان ايندڙ هاڪاري تبديلين سان گڏ ايندڙ نسل جي تعليم ۽ تربيت ۽ رشتن ناتن تي سھڻي اخلاق جي اثرن لاءِ موضوع کي وڌيڪ کولي بيان ڪرڻ لاءِ اچو تہ ڏسون تہ ”اخلاقيات“ جي معنيٰ ڇا آهي ۽ اهي ڪھڙا ”اخلاقي قدر“ آهن؟ جن مطابق گهاريل ماڻھوءَ جي حياتي نہ فقط سدس پنھنجي لاءِ ڪارائتي آهي. پر هُو سماج جو بہ هڪ اهم ۽ ڪمائتو فرد ٿي گذري ٿو.
”اخلاقيات“ لفظ ”خلق“ جو جمع آهي. جنھن جي معنيٰ آهي”چڱا لڇڻ“ ”سٺيون عادتون، نيڪ ۽ چڱن عملن جو مجموعو ”حُسنِ اخلاق“ سڏجي ٿو. جن ۾ انيڪ خوبيون ۽ خاصيتون اچي وڃن ٿيون. جنھن سان ڪنھن انسان جي شخصيت ٺھي ٿي. نيڪ گُڻن جو دائرو تمام وسيع آهي. ڪجهہ خاص خوبيون جيئن صبر، همٿ، احسان، شفقت، رحمدلي، قناعت، سچ، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، شرم ۽ حيا، سخاوت، بھادري، پيار، عزم جي پختگي، پرهيزگاري، نياز ۽ نوڙت، حب الوطني، غيرت، فرض شناسي، امن پسندي، قرباني، مھمان نوازي، نيڪ نيتي، عبادت، علميت ۽ ٻيون خوبيون نيڪين ۾ڳڻجن ٿيون، تہ بي صبري، بي رحمي، سستي، تڪبر، ناشڪري، بي حيائي، بزدلي، بخل، فضول خرچي، لالچ، مايوسي، بي غيرتي، ارادي جي ڪمزوري ۽ ٻيون بداخلاقيون برين عادتن ۽ بڇڙن ڪمن ۾ شمار ٿين ٿيون. خراب گڻن وارا فرد بدڪردار ۽ بي عمل شمار ٿين ٿا. نيڪ اخلاق انسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو ۽ سندس شخصيت جي قوت آهن. جن جا اهم ترين ٿنڀا، سچائي، ايمانداري، پاڪائي، پريم ۽ ڀلائي آهن. هر چڱو گڻ انساني عظمت جو اهڃاڻ آهي. هر بُرو عمل ۽ بداخلاقي شيطاني قوتن جو عڪس آهي. نيڪ اخلاقن سان ماڻھوءَ جي سيرت ٿي گهڙجي ”دين“، ”حُسنِ اخلاق“ جو ئي نالو آهي“. (صحيح مسلم-ڪتاب الايمان، حديث نمبر 82)
”سھڻو اخلاق وزن ۾ سڀ کان ڳرو آهي. جهنم جي باھہ ان تي حرام آهي، جيڪو نرم خُو، نرم طبيعت ۽ نيڪ طبيعت هجي“ (حديث پاڪ)
”ايمان ان جو مڪمل آهي، جنھن جا اخلاق سھڻا آهن“ (حضرت علي رضي الله) اخلاق جي قوت ماڻھوءَ ۾ شخصي، انساني، مذهبي ۽ قومي فرضن جي ادائگيءَ لاءِ صلاحيتون پيدا ڪري ٿي. انساني زندگي هڪ فرد واحد جي ڪٿا ڪانھي، بلڪہ ڄمڻ کان مرڻ تائين ان جو هڪ هڪ پل ٻين سان جڙيل آهي. خليل جبران چوي ٿو تہ؛ ”زندگي عيش ۽ عشرت کي نٿو چئجي، پر مقصد ۽ ان جي امنگ جو نالو آهي. موت، فنا ۽ نيستيءَ کي نٿو چئجي، پر مقصد کان مايوسي ۽ نااميد ٿيڻ کي چئبو آهي“ ۽ اها مايوسي ۽ نااميدي فقط ڪمزور انسانن ۾ ايندي آهي. هتي ڪمزور مان مراد جسماني طور ڪمزور نہ، پر اخلاقي طور ڪريل ۽ ڪمزور انسان آهن، جيڪي ٺڳيءَ جي ٺاهَن تي ڀاڙي، کوکلي حياتي ڪٽي آخر اندران ٽُٽي ڪمزور ٿي ويندا آهن. آخر تہ دنيا فاني آهي ۽ هر ڪنھن کي فنا ٿيڻو آهي. جسماني طور فنا ٿيڻ کان اڳ هن دنيا ۾ زنده رهڻ لاءِ ضروري آهي تہ ڪم ڪيو وڃي ۽ اهڙو ڪم جيڪو ٻين جي لاءِ هجي، ٻين مان مراد هتي اهو ايندڙ نسل آهي، جيڪو اسان کانپوءِ هن زمين جو مالڪ بڻبو. اسان کي پنھنجي ايندڙ نسل جي مستقبل ۽ مستقل خوشين جي لاءِ هڪ مقصد مقرر ڪري مصروف رهڻ گهرجي، جو سڀاڻي جو نوجوان ايئن نہ چوي تہ اسان جي وڏن اسان لاءِ ڇا ڪيو؟
سڌريل قومن پنھنجي جيون جي سھڻي جياپي لاءِ ڪجهہ ماپا ۽ ملھہ قدرن جي صورت ۾ قائم ڪيا آهن، جيڪي پنھنجي طور سماج جي فردن جي سُٺي سٻنڌ ۽ ان سماج جي ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪارگر آهن. هونئن بہ ڏٺو وڃي تہ ڪو بہ ماڻھو اڪيلي سر حياتي نٿو گهاري سگهي. سماجي تبديلين جو اثر بہ انفراديت کان اجتماعيت تي پوندو آهي. ماڻھن جا شخصي عمل سماج جي اجتماعيت تي اثرانداز ٿيندا آهن. اهڙن عملن جي ڄاڻ ان سماج جي سڌريل انسانن جي علم ۽ ادب مان پوندي آهي. سڌريل انساني قدرن ۾ ”تھذيبي ۽ ثقافتي قدر“، ”معاشي قدر“، ”مذهبي قدر“، ”علمي قدر“، ”اخلاقي قدر“ ۽ ٻيا قدر آهن، جن جو مجموعو ماڻھوءَ جي شخصيت جي مڪمل تعمير آهي پر ڏٺو وڃي تہ سڀئي قدر هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن. هتي ”اخلاقيات ۽ قدر“ جي موضوع مطابق انساني اخلاقن جي ان گلدستي تي روشني وجهجي ٿي، جنھن جي هر هڪ پنکڙي سماج جي هر شخص جي فطرت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي سڀ چڱا گُڻ جن سان هڪ باعمل ۽ بااخلاق انسان جو وجود ٺھي، سي سماج جي هر هڪ ماڻھوءَ ۾ واسجي وڃن تہ هيءَ دنيا جنت ۽ زمين جو هڪ هڪ ذرو گلستان بنجي وڃي.
مٿي ڄاڻايل اخلاقي خوبين کان سواءِ ٻيون پڻ ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاصيتون آهن، پر هتي چند اهم خوبين تي جدا جدا نظر وجهنداسين تہ جيئن شاگردن کي موضوع سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ۽ گڏوگڏ اهو بہ ڄاڻايان ٿي تہ اڄ جيتري ضرورت هن مشيني دور ۾ انھن اخلاقي قوتن ۽ خاصيتن جي آهي، ايتري ڪڏهن بہ نہ هئي. ۽ انھن خوبين جي غير موجودگيءَ سان آهستي اهستي معاشرو ڪيئن هيٺانھين طرف مڙي رهيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان ڪيئن هٿراڌو ۽ هٿ ٺوڪين قدرن جاءِ والاري آهي، جن جو نہ اسلام جي دينَ سان واسطو آهي ۽ نہ ئي اهي ڪنھن بہ ريت ڪنھن سٺي سماج جي اوسر ۾ ڪارائتا آهن. مضبوط ارادو، مسلسل جدوجھد ۽ محبت دنيا کي فتح ڪن ٿا ۽ انسان جي وجود جي جنگ لاءِ، اهي ئي هٿيار اهم آهن. قائد اعظم محمد علي جناح قوم کي ”يقين محڪم عمل پيھم ۽ محبت فاتح عالم“ جھڙو اهم سخن حياتيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڏسيو آهي.
ڏٺو وڃي تہ يقين جي قوت ۽ مضبوط ارادو ماڻھوءَ جي ڪنھن ۾ ڪم ڪرڻ جي شروعات ۽ بنيادي ڏاڪو آهي. ماڻھن ۾ طاقت جي گهٽتائي نہ هوندي آهي. پر ارادي جي قوت ۾ ڪوتاهيءَ جي ڪري هو مقصد حاصل ڪري ڪونہ سگهندا آهن. هڪ انگريزي چوڻي آهي تہ؛
“If we thing, we can we can”
سو جيڪڏهن اسين پنھنجي خوفن ۽ وهمن کي ختم ڪري يقين جي قوت کي ساٿ بنائي فقط اهو سوچينداسين تہ اسان کي هيءُ ڪم ڪرڻو آهي تہ پوءِ اسين بلڪل اهو ڪم ڪري وينداسين، باقي جيڪو شخص صرف خيال ٿو پچائي، پر عمل نٿو ڪري، سو پنھنجي لاءِ تڪليفن ۽ رڪاوٽن جو ٻج ٿو ڇَٽي. اها بہ هڪ اهم چوڻي آهي تہ؛ “light comes from faith” سو يقين حياتي گهارڻ جو هڪ ناياب جذبو آهي ۽ گڏ مضبوط عمل محنت ۽ محبت فتح جي نشاني آهي. انسان خود عظيم نہ هوندو آهي، بلڪہ هن جا عمل ۽ ڪرداري خوبيون کيس عظيم بنائيندا آهن. سچي انسان جي زندگي اصولن جي، تہ ڪوڙي انسان جي زندگي مفادن جي تابع هوندي آهي.