ٻاراڻو ادب

اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

ھن ڪتاب ۾ ڏهن سالن کان سورهن سالن جي ٻارن لاءِ 27 اخلاقي(Ethical)  ۽ علمي(Educational)  مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي.

Title Cover of book اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

اول الله عليم

اَوَلِ اَلله عَلِيم، اعليٰ، عالَمَ جو ڌڻي،
قادِرُ پنھنجي قُدرت سين، قائم آهِ قَديِم،
والِي، واحِدُ، وَحدَہ، رازِقُ، رَبُ رَحيِم،
سو ساراھہ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪري پاڻ ڪَرِيم، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
(1-1 ڪلياڻ، شاھہ لطيف)

سڀ تعريف ان ربَ پاڪ کي ئي جڳائي، جيڪو هن عالم جو ڌڻي ۽ مالڪ آهي. جنھن جي قدرت ۽ ڪبريائي بيان ڪرڻ انسان جي وس کان مٿي آهي. هو زمين، آسمان بلڪہ ڪل ڪائنات جو مالڪ آهي. هن نہ ڪنھن کي ڄڻيو آهي ۽ نہ ئي هن کي ڪنھن ڄڻيو آهي. سڄو قرآن پاڪ خدا پاڪ جي عظمت جو بيان آهي. صرف سورة ”اخلاص“ ۽ ”الحمد شريف“ جي معنيٰ تي صحيح نموني غور ڪريون تہ معلوم ٿئي ٿو تہ ربَ پاڪ جي عظمت اعليٰ ترين آهي. قرآن پاڪ ئي هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ڌڻي سڳوري انسانن جي رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ رسول پاڪ صلعم جن تي نازل ڪيو ۽ اسان کي انھيءَ کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ تعظيم ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هڪ هڪ لفظ مبارڪ سچو سون آهي، جيڪڏهن اسين دِل سان هنڊايون ۽ عمل ڪريون. قرآن ۾ ڪيترين ئي جڳھين تي الله تعاليٰ جي عظمت ۽ ڪبريائيءَ جا مثال بيان ڪيل آهن. رب پاڪ اڪيلو آهي ۽ قائم دائم آهي. وڻ، ٽڻ، گل ڦل، سج، چنڊ ۽ هي ڪل ڪائنات سندس تابع آهي. هو پروردگار، قادر، عليم، خبير، حڪيم، حليم، قدير، سميع، بصير، حافظ، وهاب، ستار، جلال، غفار، قهار، عزيز، باسط، قوي ۽ نہ ڄاڻ ڪيترين صفتن ۽ خوبين وارو آهي. الله تعاليٰ جا 99 نالا قرآن پاڪ ۾ آهن جن کي ”اسماءَ الحسنيٰ“ چئجي ٿو. هر نالو سندس صفت جو مظھر آهي، هن واليءَ واحد جي وحدانيت جي واکاڻ ڪرڻ جو نہ فقط رب جو حڪم آهي، پر انھيءَ جي تعميل انسانذات کان سواءِ سندس خلقيل هر مخلوق ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. خدا پاڪ جو حڪم آهي تہ، ”سڄيءَ دنيا جا وڻ قلم ٿي وڃن ۽ سمنڊ مس ٿي وڃن تہ بہ ربَ پاڪ جون ڳالھيون ختم نہ ٿين“. انھيءَ ڪري اسان کي ڄاڻڻ گهرجي تہ ايمان جي پختگي ئي اڻ ڏٺي تي ايمان آهي. ضروري آهي تہ اسين دليلن ۾ منجهڻ جي بدران يقين جي قوت سان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي مٿس ايمان آڻي ڪلمي تي قائم رهون ۽ دل ۽ دماغ سان اهو مڃيون تہ بيشڪ رب پاڪ ئي وحدہ لاشريڪ لہ آهي ۽ اها ايمان جي قوت ئي آهي جيڪا ٻانھي ۽ ربَ جي رشتي کي مضبوط بنائي ٿي.